ٽونڪ ۾ پٺاڻن جي اڪثريت ھوندي ھئي، ھي "چار بيت” (پٺاڻن جو ھڪ خاص قسم جو راڳ جيڪو دف تي ڳايو ويندو آھي.) جي روايت پاڻ سان گڏ کڻي آيا ھئا. شام يا رات جي خاموشي ۾ چار بيت ڳائيندا هئا تہ ماحول ۾ عجيب پراسراريت ڇانئجي ويندي هئي. مون ھي راڳ پھريون ڀيرو حيدرآباد سنڌ ۾ ٻڌو ھو. منھنجو چاچو اھو راڳ ڳائيندو هو، ھن جي ڳائڻ جو انداز تمام زبردست ھوندو ھو، منھنجو سؤٽ چار بيت راڳ لکندو هو. ٻين ڪيترن ئي روايتن وانگر ھي راڳ بہ ھاڻي ختم ٿيڻ تي آھي. شھر ۾ درٻار ھائي اسڪول جي نالي سان مئٽرڪ تائين ھڪ اسڪول ھو. اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھو علي ڳڙھ، الھ آباد يا ٻين شھرن ۾ ويندا هئا، شھر ۾ ديني مدرسا تمام گھڻا ھئا، جتي حديث، عربي، فارسي جي تعليم ڏني ويندي هئي. منھنجي شروعاتي تعليم قرآن شريف ناظرہ پڙھڻ کان ٿي. والد کي اسان جي تعليم ۾ گھڻي دلچسپي نہ ھئي، ان نہ ڪڏھن اسان کي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني ۽ نہ ئي ڪڏھن پڇيائين تہ ڇا ٿا پڙھو. ٿيو ايئن جو ھڪ ڏينھن منھنجي پڦاٽ مونکي دارالعلوم خليليہ ۾ داخل ڪرايو، ھتي استاد قرآن مجيد جو درس ڏيندا هئا. منھنجي استاد جو نالو بنني خان ھو، جيڪو تمام گهڻو سخت ۽ ظالم ھو، اسان جو ڪلاس ھڪ دالان تي ٿيندو هو، جتي اسان سڀ شاگرد ٻن قطارن ۾ ھڪٻئي جي آمھون سامھون ويھندا ھئاسين ۽ سيپارن کي رحل تي رکي وڏي آواز ۾ سبق ياد ڪندا ھئاسين. حافظ صاحب جي ھٿ ۾ ڏنڊو ھوندو ھو ۽ ان جي پاسي ۾ اٺ ڏھ شاگرد ويٺل ھوندا ھئا جيڪي قرآن شريف حفظ ڪري رھيا ھوندا ھئا. ھو خاموشي سان ڪنڌ ھيٺ ڪري انھن کي ٻڌندو رھندو ھو. جنھن ٿوري بہ غلطي ڪئي ٺڪاءُ ڏنڊو ڪندو هو. جيڪي شاگرد سبق ياد نہ ڪندا هئا انھن کي سخت سزائون ملنديون هيون ، موڪل بند ڪرڻ سان گڏ ماني بہ نہ ڏني ويندي هئي. ان وقت ڪيترائي استاد شاگردن کي پيرن ۾ زنجيرون وجھي گھرن ۾ قيد ڪندا هئا. انڪري ننڍپڻ ۾ ئي مدرسي جو تصور ٽارچر سيل يا جيل ھو. صبح جڏھن حافظ بنني خان گھر کان ايندو هو تہ ان سان گڏ چار يا پنج شاگرد ھوندا ھئا، جيڪي رستي ۾ سبق ٻڌائيندا ايندا هئا، ان سان حافظ صاحب جي شھرت ٿيندي هئي، حافظ صاحب کي ڏسي ٻين استادن بہ ايئن ڪيو. رمضان شريف ۾ تراويح پڙھائڻ لاءِ حافظ سڄي ھندستان ۾ پکڙجي ويندا هئا. عيد کان پوءِ واپسي تي رقم تحفا کڻي ايندا هئا، اھڙي طرح تراويح پڙھائڻ گھڻن لاءِ زريعہ معاش ھو ۽ جنھن سھاري ھو سڄو سال گذاريندا هئا. دارالعلوم خليليہ جو نالو ٽونڪ جي نواب ابراھيم خان جي نالي تي رکيو ويو، جنھن جو تخلص خليل ھو. بانين ۾ حڪيم برڪات احمد ھو، جيڪو پنھنجي زماني ۾ ھڪ جيد عالم سمجھو ويندو هو، ان جي شخصيت جي ڪري نہ صرف ھندستان مان بلڪہ افغانستان ۽ وچ ايشيا مان به ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا.غيرملڪي شاگردن جي وڏي تعداد جي رھائش ۽ کاڌي جو انتظام ڪرڻ ھڪ مشڪل ڪم ھو، ان لاءِ ھن ھڪ طريقو ڪڍيو، شاگردن کي صاحب حيثيت ماڻھن جي گھرن ۾ رھائيندو ھو، جيڪي شاگرد مدرسي ۾ رھندا ھئا، انھن جي ماني وري اتان گھرائيندو ھو. اسان جي گھر مان بہ ھڪ شاگرد ماني وٺڻ ايندو هو. مغرب مھل ھو گھر ٻاھران اچي وڏي آواز ۾ چوندو ھو "شاگرد جي ماني” ، گھر ۾ جيڪو ڪجھ تيار ٿيل ھوندو ھو، اھو ٽفن باڪس ۾ ڀري ڏبو هو. انڪري ننڍپڻ ۾ منھنجي ذھن ۾ شاگرد جو تصور گھر مان ماني وٺڻ وارو ھو. ھڪ دفعي ڪنھن مونکي شاگرد چيو تہ مون کي ڪاوڙ آئي، چيم مان شاگرد ناھيان. ھاڻي سوچان ٿو تہ لفظ ڪيڏا بہ خوبصورت ڇو نہ ھجن، انھن جي معني ڪيتري بہ سٺي ھجي پر استعمال سان انھن جو مفھوم بدلجي وڃي ٿو. جرمني ۾ غير ملڪي مزدورن لاءِ "مھمان مزدور” جو لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر جرمن ماڻھن ۾ غير ملڪي مزدورن لاءِ جيڪا نفرت آهي، ان ڪري ھي لفظ باعثِ ذلت بڻجي ويو آهي. جيستائين ڪنھن جو سماجي رتبو نٿو وڌي تيستائين لفظن ذريعي ان جي عزت نٿي وڌائي سگھجي. اسان وٽ پٽيوالي کي قاصد يا نائب قاصد ان جي سماجي حيثيت ھر سٺي لفظ جو مفهوم بدلائي ڇڏيندو. ان ڪري منھنجي ذھن ۾ شاگرد اھو ھو جيڪو سرحد يا افغانستان مان آيو ھجي، غريب ۽ مسڪين ھجي ۽ گھر گھر وڃي ماني پندو ھجي. مدرسي جي عمارت وسيع ۽ ڪشادي ھئي، ان جي ساڄي کاٻي پاسي وڏا دالان ھئا جنھن تي فراسيون وڇايل ھيون، لئبريري ھڪ وڏي ڪمري ۾ ھئي، جتي پٿرن جي سرن تي ڪتاب رکيل ھئا، گھڻا ڪتاب مذھبي موضوعن تي ھئا. جڏھن ڪو عالم مرندو ھو تہ ان جا وارث ڪتاب ردي ۾ ڏيندا هئا يا مدرسي ۾. ڪتابن جي ڪا باقاعده فھرست نہ ھئي. ٻڌڻ ۾ آيو هو تہ ھتي ڪجھ قيمتي ۽ ناياب ڪتاب ھئا، ڇو تہ ھڪ دفعي ھڪ مصري عالم ڪتابن جي ڳولا ۾ ھتي آيو هو ۽ ھن اسان جي سامھون ڪجھ ڪتابن جا فوٽو ڪڍيا ھئا. مدرسي ۾ غير نصابي سرگرمين ۾ صرف بيت بازي ٿيندي هئي، انڪري مون ڪيترائي شعر ياد ڪيا ھئا، جيڪي پاڪستان اچڻ تائين ياد ھئا ۽ پوءِ آھستي آھستي وسري ويا. گرمين ۾ صبح جو جڏھن مدرسي ويندو ھئس تہ ڪجھ ماڻھو بيل گاڏين ۽ گڏھن تي گدرا کڻي بازار ۾ وڪڻڻ ايندا هئا، بازار ۾ گدرن جي خوشبو پکڙجي ويندي هئي. ٽونڪ جا گدرا مشھور ھوندا ھئا.( شايد ھاڻي بہ ھجن) تمام سستا ھوندا ھئا ، امير توڙي غريب خريد ڪري سگھندا ھئا. غريب تہ گدرن سان ماني کائيندا هئا. صدر بازار جي ٻنھي پاسن کان دڪاندار گدرن جا ڍير لڳائي ڇڏيندو هو. گراھڪ گدرن کي سنگھي ان جي مٺاس جو اندازو لڳائيندا هئا. شايد گدرن جي مٺاس جو سبب بناس ندي جو پاڻي ھجي، ڇو تہ ھن ندي تي گدرن جون واڙيون ٿينديون هيون. منھنجي والد ھڪ دفعي سڀني مائٽن کي گدرن جي واڙي تي گڏ ڪيو ھو، مونکي اڄ بہ ندي جو صاف سٿرو پاڻي، ٿڌي واري، ھو ۽ گدرا ياد آهن. اھڙن موقعن تي عورتون صحيح معني ۾ تفريح ڪنديون هيون ڇو تہ گھر جي گھٽ ٻوسٽ واري ماحول مان انھن کي ٻاھر نڪرڻ جو تمام گھٽ موقعو ملندو هو. ڪڏھن ڪڏھن ٻارن ۽ وڏن ۾ گدري کائڻ جو مقابلو ٿيندو هو. گدرن سان گڏ ھنداڻا بہ ٿيندا هئا. راجسٿان ۾ ميوا تمام گھٽ ٿيندا هئا. زيتون ۽ ٻير وڏي تعداد ۾ ٿيندا هئا. ٻير ٻن قسمن جا ٿيندا هئا، ڪيلا، صوف ۽ انگور مھانگا ھوندا ھئا. انگورن جا ٻہ يا ٽي داڻا دٻن ۾ بند ڪيا ويندا هئا جھڙو ڪر قيمتي موتي ھجن. ميون جو استعمال ڊاڪٽر دوا طور ڪندا هئا. گرمين ۾ سڀ کان سستي برف ھوندي ھئي، جست جي نلڪين ۾ قلفيون ٺاھي ڪپڙن جي تھن ۾ ڍڪيون وينديون هيون. شھر جي صدر بازار ۾ پاڻي جون سبيلون ھونديون ھيون، سبيلن جو انتظام ھندو ڪندا هئا ، ڪوري مٽڪن ۾ ٿڌو پاڻي ڀريو ويندو هو. ھر خميس تي شھر ۾ ھڪ بازار لڳندي هئي، ان ڏينھن تي ماڻھو ڪٻاڙ جو سامان کڻي ايندا هئا، ھتان ڪڏھن ڪڏھن سستي اگھ تي ناياب ڪتاب بہ ملي ويندا هئا، شھر ۾ تازيون ڀاڄيون ويجھن ڳوٺن مان عورتون کڻي اينديون هيون.
ٽونڪ ۾ لغڙ اڏارڻ جو بہ رواج ھو، لغڙ اڏارڻ جي موسم ۾ ڇت تي چڙهي لغڙ اڏاريو ويندو هو، مانجھو وڏي محنت سان ٺاھيو ويندو هو، لغڙ اڏارڻ جا بہ ڪي اصول ھئا پر ماڻھو اصولن کي نظرانداز ڪري بي ايماني جو سھارو وٺندا هئا، ٻي جي لغڙ ڪاٽا ڪرڻ واري کي خراب سمجھو ويندو هو. مونکي جھرڪيون پالڻ جو شوق ھوندو ھو، رنگ برنگي جھرڪيون پنڃرن ۾ ٻوليندي ڏاڍيون سهڻيون لڳنديون هيون. پنڃري جو ھڪ حصو ٻين جھرڪين کي پڪڙڻ لاءِ ھوندو ھو. وڻ ۾ پڃرو لٽڪائبو ھو، پڃري ۾ موجود جھرڪيون ٻولينديون ھيون تہ انھن جي آواز تي ٻيون جھرڪيون ڦاسنديون ھيون. ان کانسواءِ منھنجو ٻيو شوق تتر پالڻ ھوندو ھو، ان جو شوق مونکي اسان جي ھڪ چاچي ڏياريو ھو، جنھن کي اسان ماما چوندا ھئاسين، ٻين جانور پالڻ جو شوق نہ ڪيم، ھاڻي مونکي اندازو ٿيو آھي تہ جانور ۽ پکي ضرور پالڻ گھرجن، ڇو تہ ان سان جانورن لاءِ دل ۾ محبت ٿيندي آهي ۽ ان جي ڏک جو احساس ٿيندو آھي. دعوتن ۾ ماني فرش تي ويھي کائبي هئي، ان لاءِ مٽي جا ٿانوَ تيار ڪرايا ويندا هئا، جنھن ۾ ھر ماڻھو کي الڳ ماني ڏني ويندي هئي، ٿانوَ جو استعمال ٻي دفعا نہ ڪيو ويندو هو. مٽي جي ٿانون ۾ کائڻ جو ھڪ الڳ ذائقو ھوندو ھو. پاڻي پيئڻ لاءِ بہ مٽي جا ڪٽورا ھوندا ھئا، اھڙي طرح ٿانوَ ڌوئڻ جو خفو نہ ھوندو ھو. ھڪ دفعي استعمال ڪرڻ کانپوءِ مٽي جي انھن ٿانون کي ضايع ڪيو ويندو هو. ننڍپڻ ۾ مونکي ھڪ شادي ياد اچي ٿي، شادي منھنجي والد جي ھڪ ھندو دوست جي ھئي، شادي ۾ شرڪت لاءِ اسان کي چاڪسو وڃڻو پيو، مسلمان ھجڻ ڪري اسان جو گھڻو خيال رکيو ويو.چاڪسو ۾ اسان جي رھائش ھڪ مندر ۾ ھئي. ڄڃ کي وڻن جي ڇانوَ ۾ ماني کارائي وئي، ماني وڻن جي پنن تي رکي ڏني وئي. اڪثر دعوتن ۾ مٺائي ھوندي ھئي پر ان سان گڏ پوريون ۽ کٽاڻ بہ ھوندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ناشتي جو رواج نہ ھو. منھنجو والد صبح نو يا ڏھ وڳي ماني کائي آفيس ويندو هو ۽ شام جو پنج يا ڇھ وڳي گھر واپس اچي ماني کائيندو هو. گرمين ۾ آئون ستو جو شربت پيئي مدرسي ويندو ھئس، چانھن فقط سردين ۾ پيئبي ھئي. گرمين ۽ سردين ۾ خوراڪ جو خاص خيال رکيو ويندو هو. مثلاً سردين ۾ تر جا لڏون ٺاھيا ويندا هئا ۽ ڳڙ گرم گھي ۾ وجھي ماني سان کائبو ھو.
ھلندڙ