شھر ۾ سَڻڀي نوڪري ملڻ کان پوءِ الله بچايي ڳوٺ کي خير آباد چئي اچي شهر وَسايو. شھر جي راڪاس هن کي اهڙو وڪوڙيو، جو هن کان جنت کي قدمن هيٺيان رکندڙ مقدس هستي ۽ جنت جهڙو پُر سڪون ڳوٺ ئي مورڳو وسري ويو. هُو الله بچايي مان اي- بي صاحب بڻجي ويو.
ماءُ اڪثر فون تي ايلازَ ڪندي رهندي هئس، تہ ابا تنهنجي اُڪنڊَ بيمار ڪري وِڌو آھي.. اچ تہ توکي پَسي چڱي ڀلي ٿي پوان. تون جو اکين کان اوجهل آهين ته دارون دوا اثر ئي نٿا ڪن. هُو اچڻ جا انجام ڪري، ڳالھ کي اڪثر ٽاري ڇڏيندو هو. اي- بي صاحب پنهنجا اثاثا وڌائڻ جي فڪر ۾ ايترو فڪرمند هو، جو هن کي ٻئي ڪنهن فڪرَ جو فڪرِ ئي نہ هو.
هُتي ڳوٺ ۾ ماءُ پنهنجي لَختِ جگر جي فڪر ۾ بيمار ٿي بستري ڀيڙي ٿي ويئي. اي بي صاحب کي جڏھن ماءُ جي شديد بيماري جي پروڙ پئي، تہ لاچار ٿي اچي ڳوٺَ ڀِيڙو ٿيو. ماءُ هن کي پنهنجي اکين اڳيان ڏسي پنهنجي ناچاڪائي وساري ويٺي… پٽ کي نرڙَ تي چُمي ڏيندي چيائين ”ابا اولاد ڪيڏو بہ وڏو ٿي وڃي پر ماءُ جي ممتا پنهنجي ٻچن لاءِ ساڳي رهندي آھي“ هوءَ پٽ ڏي شفقت ڀريل نگاهن سان ڏسندي ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳي ”پٽ مون کي شهر وٺي هل. يا تون ڳوٺان تڪڙو ڀيرو ڀريندو ڪر.. توکان سواءِ منهنجو ساھ منجهڻ لڳندو آھي“
الله بچايي پنهنجي ماءُ جي ممتا جي مِٺاسَ کي نظر انداز ڪندي چيو ”امان هاڻي مان ڪو ننڍو ٻار ٿورئي آهيان جو تون منهنجي ڳڻتيءَ ۾ پئي ڳرين“
ماءُ پنهنجي پٽ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکندي چوڻ لڳي ”ابا اولاد ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي، پوءِ به ماءُ پنهنجي ٻچن لاءِ سدائين فڪرمند رهندي آھي“
اي – بي صاحب جي شهر ۾ ٻئي ڏينهن شام جو ڪا خاص ميٽنگ مقرر ٿيل هئي، سو هن کي شهر واپس ورڻ جي اُڻتڻ اچي ورايو.. هو پنهنجي سمارٽ فون ۾ ٽائيم ڏسندي ماءُ کي چوڻ لڳو ”امان هاڻي آئون هلان ٿو.. وري واندڪائي ملي ته ڳوٺان چڪر لڳائيندس. بابا کي چڱا خاصا پئسا ڏيو ٿو وڃان.. ٻه سِرَ آهيو، عيش سان کائو پيو.. سڪون سان رهو ۽ مو نکي بہ سڪون سان نوڪري ڪرڻ ڏيو“
ٿورو ترسي، وري ڪاوڙ کان نرڙ تي گهنج وجهندي چوڻ لڳو ”ننڍين ننڍين ڳالهين جي ڪري ايترو پري سفر ڪري ڳوٺ اچڻ ڏاڍو مشڪل آھي. ها پئسي پکي جي ضرورت پوي تہ فون ڪجو.. باقي ٺلھو فونَ ڪري هروڀرو پريشان نہ ڪجو..“
ماءُ لاءِ، پٽ جو چند گهڙين لاءِ اچي هيئن موٽي وڃڻ ئي جيءُ جهوريندڙ هو، پر پٽ جون اهي ڳالھيون ٻُڌي ويتر هانءُ ئي هڄي ويس… اداسي ۽ ملولائي وچان سندس نيڻ ڀرجي آيا ۽ هوءَ بنھہ دلگير ٿي پئي.. ٻه چار لُڙڪ نيڻن جا بند ٽوڙي ڳل آلا ڪندي جهولي ۾ ڪِري پيس..
سُڏڪن کي وڏي وَس کان پوءِ قابو ڪندي چوڻ لڳي ”پٽ.. اسان کي هنن آخري پَساھن ۾ پئسي کان گهڻو تنهنجي ويجهڙائپ ۽ سهاري جي گهرج آھي. تون اکين کان ڏور ٿيندو آهين، ته منهنجو ساھ مُٺِ ۾ اچي ويندو آھي“
ماءُ جون دُکدائڪ ڳالھيون هن کي پُراڻيون ديو مالائي ڳالھيون محسوس ٿيڻ لڳيون. هن تيز رفتار جديد دور ۾ ھن کي ماءُ جي سچي محبت ۽ ڪنھن سِڪَ مُدي خارج ريت جو تسلسل لڳو.
ڪار ۾ ڊرائيونگ سيٽَ تي ويهندي، شيشو هيٺ ڪندي ماءُ کي چوڻ لڳو ”دنيا چنڊ تي پھچي ويئي آھي ۽ اوهين ڳوٺاڻا اڃان تائين پنهنجن جي پيار ۽ سِڪَ جي ڌُٻڻَ ۾ ڦاٿا پيا آهيو.. مون هن ڌُٻڻَ مان مسَ مسَ جند آجي ڪرائي آھي“
ائين چئي گاڏي جي ٽائرن مان چيچراٽ ڪڍائيندو، هو ماءُ جي اکين کان اوجهل ٿي ويو….
ماءُ ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو ”دنيا چنڊ تي ته ڇا، پر ڀلي ستين آسمان تائين پُھچي وڃي… پر تڏهن بہ ماءُ جي ممتا ساڳي ئي رهندي…“
پاڻ کي سامت ۾ آڻي، عرش ڏانهن آلين اکين سان ڏٺائين ۽ سندس دل جي آکيري مان سفيد ڪبوترن جھڙا لفظ چپن جي ٽارين تان اڏامي عرش ڏي راهي ٿيا ”ابا.. سدائين سکيو هُجين… شلَ ڪو ڪوسو واءُ نه لڳئي.“