ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار -1

گل حسن ڪلمتي

فارس، ڪيچ، مڪران، خضدار ۽ ٻين علائقن کان ايندڙ قافلا هتان حب ندي پار ڪري سنڌ ڏانهن ايندا هئا


قديم آثارن جي حوالي سان سنڌ، ڪوهستان کان سواءِ بلوچستان جو ضلعو لسٻيلو ۽ ٻيا علائقا بہ تمام گهڻا شاهوڪار آهن. هتي ڪيترن انوکن آثارن جو سلسلو موجود آهي. هي اهي علائقا آهن، جتي انساني ارتقاء بابت بنيادي سوالن جا جواب حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڪجهہ سالن کان سنڌ، ڪوهستان ۽ ضلعي لسٻيلي ۾ انساني چرپر ۽ دولت حاصل ڪرڻ وارين مافيائن پاران کوٽائيءَ جي ڪري، انهن آثارن کي تمام گهڻو خطرو درپيش آهي، جنهن ڪري امڪان آهي تہ انهن مان ڪيترا ئي اهڃاڻ مليا ميٽ ٿي ويندا.

انهن علائقن ۾ پراڻن قديم رستن، نَئيَن ۽ جبلن ۾ ڪيترائي قديمي ماڳ، پراڻيون قبرون، روهين جا دائرا (Stonehenge)، گبر بند، ڪرونڊڙي تدفين واريون قديم قبرون (Contracted Burial)، چٽساليءَ واريون قبرون، پٿري لٺ، حديرا، ماهيون، ڪوٽيرا (ڪوٽيڙا)، پاڻيءَ لاءِ انساني هٿن جا ٺاهيل پٿري نيسارا، پٿرن تي چٽسالي (Petroglyphs) انساني ۽ جانورن جي قدمن جا نشان، پراڻيون وسنديون ۽ ٻيا ڪيترائي سماجي ارتقاء ۽ ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي اوسر جا اهڃاڻ موجود آهن، جن تي ڪم ڪڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ ۾ بدر ابڙي، ڪليم لاشاري، مجمدار، حاڪم شاھ بخاري، ذوالفقار ڪلهوڙي ۽ ٻين محققن وڏو ڪم ڪيو آهي. سنڌ سان گڏ بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ بہ اهڙا آثار موجود آهن، جنهن تي ڪم تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي، تنهنڪري مون ضلعي لسٻيلي ۾ اهڙن آثارن بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪنهن حد تائين ڪم جي شروعات ڪئي آهي. اهڙن سفرن ۾ اڪثر ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، نواز علي خاصخيلي ۽ ايڊووڪيٽ غلام رسول اڱاريو جو مون سان ساٿ رهندو آهي. انهن جي سهڪار ۽ رهنمائيءَ سان اوهان پڙهندڙن آڏو ڄاڻ پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

نواز علي خاصخيلي اسان جي هن شوق کان واقف آهي، ڇاپرُو هئڻ ڪري هو ڇپر کان واقف آهي، تنهن ڪري هن اطلاع ڏنو ته، ”حب ڊيم جي ڇنڊڻ واري ڍوري لڳ لسٻيلي پاسي هڪ کتل روهيءَ جو ڏس مليو آهي، جيڪا ’راهو واري روهي‘ طور مشهور آهي.“
اهڙي اطلاع تي اسان؛ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، نواز علي خاصخيلي ۽ نالي واري شاعر انور بلوچ سان گڏجي حب ڊيم کان پوءِ ”ڪاروئي“ واري علائقي ۾ پهتاسين، جيڪو موضع لوهاراڻي ۾ آهي. روهي جي ڳولا لاءِ ڪاروئي ۾ علي محمد بنديجو ڳوٺ ۾ چاچا الله بخش ۽ ٻين سان ملياسين. راهو واري روهي تائين تہ نہ پهتاسين، پر هتان جي ماڻهن موضع پڻيو ۽ موضع مسافري ۾ پٿري لٺن (Monoliths) جو احوال ڏنو. اسان موڪلائي ٻيهر حب دريجي روڊ تي آياسين. اسان جو سفر حب چوڪيءَ ڏانهن هو.

ڪاروئي ڪوٽيرو:
حب ڊيم کان جيڪو رستو حب دريجي روڊ ڏانهن وڃي ٿو (شاھ نوراني ۽ سسئي پنهون درگاھ لاءِ اڪثر اهو رستو استعمال ڪيو ويندو آهي)، ان حب دريجي روڊ ۽ حب ڊيم کان ايندڙ روڊ جي گڏجڻ واري هنڌ، ساڄي هٿ تي هڪ ٻئي سان گڏ ڪوٽيرا/ ڪوٽيرڙا آهن. هي موضع لوهاراڻي ۽ ڪاروئي وارو علائقو آهي، تنهنڪري اسان هن ماڳ کي ”ڪاروئي ڪوٽيرو“ جو نالو ڏنو آهي. ٻئي ڪوٽيرا هڪ ٻئي سان گڏ آهن. ٻئي 20×20 فوٽ جا آهن. ٻنهي جا دروازا اوڀر پاسي آهن. ٻنهي جي اڏاوت ۾ وڏا ۽ ڳرا پٿر استعمال ڪيل آهن. هن ڪوٽيرو جي ويجهو ميلن تائين جبل نہ آهن. لڳي ٿو تہ اهي پٿر پٻ جي جابلو سلسلي کان کڻي هتي آندا ويا هوندا. پٻ جابلو سلسلو ڪاروئي جي اتر-اولھ ۾ آهي. اهي اڻ گهڙيل پٿر بنا ڪنهن مصالحي جي ٻن لائين سان ديوار ٺاهي، ڪاريگريءَ سان رکيا ويا آهن. گهڻا پٿر هيٺ ڪِريل هئا. اڃا بہ ٻن فٽن جي ديوار سلامت هئي. اندر ڪا اڏاوت نہ هئي ۽ نہ ئي ڇت جا ڪي آثار هئا. جيڪي ڪوٽيرا مليا آهن، لڳي ٿو اهي بنا ڇت وارا ئي آهن.

ڪاروئي ڪوٽيرو (تصویر: گل حسن ڪلمتي)

انهن ٻنهي ڪوٽيرن جي اوڀر اولهھ پاسي پٿرن جون ٻہ، ٻارنهن ٻارنهن فٽ ڊگهيون اجتماعي قبرون يا ديوارون آهن، جيڪي زمين کان هڪ فوٽ مٿي آهن. اهي پٿرن جي ٻن لائنن ۾ آهن. پٿر زمين اندر بہ پوريل هئا. هنن کي قبرون نٿا چئي سگهون، جو انهن جو رُخ ڏکڻ کان اتر پاسي آهي. هي پورو ماڳ هڪ ننڍي بُٺيءَ تي آهي. اهڙا ڪوٽيرڙا/ ڪوٽيرا گهڻو ڪري بٺين يا ننڍين ٽڪرين تي آهن. انهن جي آس پاس ٺڪراٽو پکڙيل هو.

ڪاروئي ڪوٽيرو سان گڏ آثار (تصویر:گل حسن ڪلمتي)

ڪاروئي جي علائقي مان وهندڙ ڍوري کي ڪاروئي چيو وڃي ٿو، جيڪو پٻ جابلو سلسلي مان وهي، ڪاروئي پٽَ مان ٿيندو ڪراڙو نئن ۾ وڃي پوندو آهي. حب جي ڇنڊڻ بہ ڪاروئي جو حصو آهي.

لنگهہ لوهار ڪوٽيرو:
ڪاروئي ڪوٽيرو ڏسڻ کان پوءِ اسان جو سفر دريجي حب روڊ تي حب چوڪي ڏانهن هئو. اڌ ڪلوميٽر تي پٻ کان ايندڙ ڪراڙو نئن پار ڪري اسان لنگهہ لوهار اسٽاپ تي آياسين، جيڪو اصل ۾ شير محمد بنديجو ڳوٺ آهي. ڪراڙو نئن کان پوءِ لوهاراڻي موضع جون حدون شروع ٿين ٿيون، جيڪي حدون حب نديءَ سان لڳن ٿيون. حب جي کاٻي پاسي سنڌ جون حدون آهن. لوهاراڻي، اصل ۾ لنگهہ لوهار آهي، جنهن ڪري موضع جو نالو ”لوهار“ ڪري لوهاراڻي رکيو ويو آهي. لنگهہ لوهار، حب پار ڪرڻ جو پراڻو لنگهہ (گذرگاھہ) آهي. ڪراچيءَ جي هڪ ديھ جو نالو ديھ ”لنگهہ لوهار“ (لوهارڪو لنگهہ) آهي. انهيءَ پاڻي جي لنگهہ جي ڪري حب نديءَ جي ٻنهي پاسي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ علائقن کي لنگهہ لوهار چيو ويندو آهي.

لنگهہ لوھار، لوهاراڻي ڪوٽيرو (تصویر:گل حسن ڪلمتي)

فارس، ڪيچ، مڪران، خضدار ۽ ٻين علائقن کان ايندڙ قافلا هتان حب ندي پار ڪري سنڌ ڏانهن ايندا هئا. هتي سنڌ جي پاسي اڄ بہ پٿر جو جوڙيل ڪمرو موجود آهي. ميرن جي دور ۾ محصول جو ٺيڪو الله رکيو لوهار وٽ هو، جيڪو انهيءَ علائقي جو هو. انهن لوهارن جي ڪري هي ”لنگهہ لوهار“ طور مشهور ٿيو.

حب ندي پار ڪرڻ جو ٻيو لنگهہ ٿورو اڳتي مهيو جبل (ڪراچي) کان ايندڙ رستي کان آهي، جنهن جي لسٻيلي پاسي ڊاسول وارو ڊيهہ آهي، جتي بابا حسن پير جي درگاھ آهي. محمد بن قاسم جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو، تہ هن لنگهہ لوهار کان حب کي پار ڪيو هو.

لنگهہ لوهار اسٽاپ کان اڌ ڪلوميٽر اڳتي، مُکيہ رستي جي کاٻي پاسي هڪ ننڍي بُٺِيءَ تي ٻہ اهڙا ئي ڪوٽيرا آهن، جن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان. هڪ ڪوٽيرو 25×25 فوٽ جو آهي، جنهن ۾ بہ وڏا پٿر ديوار لاءِ استعمال ٿيل آهن. ديوار وڏن پٿرن جي ٻن لائينن ۾ آهي. ٻنهي پٿرن جي ديوار اندر گنجائش چار فٽ آهي، جنهن تي پٿر استعمال ڪيل آهن. ديوار بنياد ۾ چار فوٽ موڪري آهي. بنياد ۾ بہ وڏا پٿر استعمال ٿيل آهن. هن وقت ٻہ کان ٽي فوٽ ديوار سلامت آهي، باقي پٿر هيٺ ڪِريل آهن. هن ڪوٽيرَي جو دروازو بہ اوڀر پاسي آهي. هن جي اتر پاسي بہ هڪ ننڍو ڪوٽيرو آهي، جنهن جي ڊيگهہ 10 فوٽ ۽ ويڪر 5 فوٽ آهي. هن جي اڏاوت بہ وڏي ڪوٽيرَي وانگر آهي. ڪاروئي ڪوٽيرو وانگر هتي بہ ٺڪراٽو پکڙيل هو. جيئن تہ هي ڪوٽيرو لنگهہ لوهار ۾ آهي، تنهنڪري هن کي اسان ”لنگهہ لوهار ڪوٽيرو“ جو نالو ڏنو.

ڪاوش دنيا ميگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان

 

ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار – 10

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close