زندگيءَ جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-16

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

18- شاديءَ جو ڏينھن

مون فيصلو ڪري ڇڏيو تہ ٿيڻ واري زال کي منھنجي ڄمڻ کان وٺي هيستائين مون سان جيڪو ڪجهہ وھيو واپريو آھي، سڀ ٻڌائيندس.

آغا جيءَ جي ۽ امان جي وفات کان پوءِ پنج ڀائرن ۽ ڇھ ڀينرن جي اڳيان منھنجي حيثيت ماءُ پيءُ واري ٿي وئي ھئي. انھن جو خيال رکڻ مون تي فرض بنجي چڪو هو. فلمي مصروفيتن باوجود ڀائرن ڀينرن جي لاءِ وقت ڪڍڻ، انھن لاءِ ڪپڙا ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ، منھنجي لاءِ وڏو سڪون ھوندو ھو، انھن جا ڪپڙا بہ آئون سبرائيندو ھئس. ڀينرن جي ڪپڙن ۽ شين وغيره جي خريداري لاءِ مسز محبوب خان منھنجي مدد ڪندي ھئي. بمبئي کان ھڪ سؤ ڪلوميٽر پري ھڪ جابلو علائقي لونا والا ۾ موڪلون گذاريندا ھئاسين، اتي اسان ھڪ سٺو گهر ڪرائي تي ورتو هو. جتي ننڍا ڀائر ۽ ڀينرون ايترا خوش ٿيندا هئا جو بمبئي واپس اچڻ تي دل ئي نہ چوندي هئي. مون سڀني کي سندن خواھش مطابق تعليم ڏياري. جيڪڏهن ڪنھن ٻاھرين ملڪ وڃڻ جي خواهش ڪئي تہ ان کي بغير ڪنھن دير جي پورو ڪيم. مختصر اھو تہ مون پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ سڀ سھولتون ۽ خوشي ميسر ڪرڻ پنھنجو نصب العين ٺاھي ڇڏيو هو.

ھڪ ڏينھن آئون ۽ سائرا سمنڊ تي ويٺا ھئاسين، ان کي مون پنھنجي ڪنواري رھڻ جو سبب ڀائرن ۽ ڀينرن جي تربيت ٻڌايو. منھنجي زندگي مڪمل طور تي انھن جي ڪنٽرول ۾ ھئي. ھر لحاظ کان ھو منھنجا مالڪ ھئا. ھي مون کي اڪيلو يعني غير شادي شده يا پاڻ سان گڏ ڏسڻ چاھيندا ھئا. آسمان کان منھنجي لاءِ ڪا حور بہ اچي، ان کي بہ قبول نہ ڪندا. ھو مون کي پنھنجي ملڪيت سمجهن ٿا ۽ ھو مون کي ڪنھن سان بہ گڏ ڏسڻ نہ ٿا چاھين. تنھنڪري توکي منھنجي زال طور قبول ڪرڻ انھن لاءِ مشڪل ھوندو. ھتي غير شادي شده ڀينرون بہ رھن ٿيون ۽ ٻي طرف شادي شده ڀينرن جو اچڻ وڃڻ بہ آھي. گڏ رھڻ سان ڪيترائي مسئلا ٿي سگهن ٿا، شادي ڪرڻ کان پوءِ اسان کي الڳ رھڻو پوندو. سائرا اھو سڀ ڪجهہ تحمل سان ٻڌو ۽ چيائين آئون پاڻ ھڪ ننڍڙي خاندان جو حصو آھيان، پنھنجي ماءُ، ناني، ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سان پيار ڪيان ٿي ۽ اھي بہ مون سان تمام گهڻو پيار ڪندا آهن. ان صورتحال کي سمجهان ٿي، تنھنڪري توکي پنھنجين ڀائرن ۽ ڀينرن کان الڳ نٿي ڪرڻ چاھيان. تنھنجي جدا رھڻ واري ڳالھ بلڪل غلط آھي. ھن پنھنجي ڀاءُ جي باري ۾ ٻڌايو تہ ھن ھڪ سال پھريان شادي ڪئي هئي ۽ اڃا تائين سڀ گڏ رھندا آھن. سائرا مون کي چيو تہ شادي ڪرڻ کان پوءِ اسان جدا رھنداسين تہ غلط تاثر جڙندو. سائرا منھنجي خاندان سان گڏ رھڻ جو فيصلو ٻڌايو. مون سائرا سان شادي ڪرڻ جي باري ۾ صرف ناصر کي ٻڌايو ھو، مون سوچيو تہ ادي سڪينہ کي آگاھ ڪيان پر ان جي ممڪنہ ناگوار ردعمل کان مون کي پريشاني ٿي رهي هئي، ڇو تہ ھوءَ ناصر کي ھر وقت ھڪ اداڪارہ سان شادي تي ٽوڪيندي رھندي ھئي. بھرحال ھڪ ڏينھن مون اديءَ کي سڀ ڪجهہ ٻڌائي ڇڏيو، سائرا سان شادي جي خبر ٻڌي ھوءَ ڏاڍو مايوس ٿي. آئون اھو چوندو رھندو ھئس تہ ھڪ فلمي اداڪاره سان ڪڏھن بہ شادي نہ ڪندس، ان ڳالھ جو حوالو ڏيندي ادي مون کي چيو تہ تو ھڪ اداڪارہ سان شادي جو فيصلو ڪري ورتو؟ جيڪا تو کان ڄمار ۾ بہ ڪافي ننڍي آھي. مون ادي کي ٻڌايو تہ شادي جو فيصلو جلد بازي ۾ ڪيو اٿم، پر منھنجن ٻين ڪيل ارادن وانگر گهڻو سوچ ويچار ڪيو اٿم، ڪنھن فلمي شخصيت سان شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ان ڪري ترڪ ڪيم ڇو تہ سائرا جو خاندان ھڪ سٺو خاندان ھو. ھن جو ڏاڏو خانبهادر محمد سليمان خان دھلي ميونسپل ڪارپوريشن جو چيف انجنيئر رھي چڪو هو، ھن ئي وائسراءِ ھائوس، وزيراعظم ھائوس، ڀارتي ايوان صدر، پارليامينٽ هائوس ۽ ٻيون عمارتون ٺاھيون ھيون. سائرا جو پيءُ محمد احسان لنڊن ۾ وڏو ٿيو ۽ اتي ئي پڙھيو ۽ پوءِ مشھور فلم پروڊيوسر ٿيو. نسيم بانو خوبصورت ۽ حسين، پھرين درجي جي ھيروئين، وڏي شھرت جي مالڪہ سائرا جي والده ھئي. ھن جي ناني شمشاد بيگم عبدالوحيد خان ھڪ مشھور ڪلاسيڪل گلوڪاره ھئي. ھوءَ آل انڊيا ريڊيو تي براهِ راست پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندي ھئي. سائرا ۾ اھو سڀ خوبيون موجود هيون، جن جي مون کي تلاش ھئي. اھو ئي سبب آهي جو مون ادي سڪينہ جي اڳيان ڪابہ وضاحت ڪرڻ ضروري نہ سمجهو ۽ مون ان کي صرف ايترو چيو تہ بھتر فيصلو ڪيو اٿم، جنھن تي مون کي خوشي آھي. ادي سڪينہ منھنجو جواب ٻڌي خاموش ٿي وئي، ھن مونسان ڪوبہ بحث نہ ڪيو، ھن منھنجي پڪي ارادي کي سمجهي ورتو هو.

2 آڪٽوبر 1966ع تي اسان جي مڱڻي جي خبر پوري انڊيا ۾ پکڙجي وئي، ميڊيا تي ڀرپور ڪوريج ڏني وئي، ريڊيو جي ھر بوليٽن ۾ اسان جي مڱڻي جي خبر شامل ھوندي ھئي. بمبئي ۾ تہ ھڪ جشن جو ماحول ھو، ٻين شھرن ۾ بہ اسان جي مداحن جشن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون ھيون، ھر ھنڌ لائوڊ اسپيڪرن تي اسان جي مشھور فلمن جا گيت ھلايا پئي ويا. مڌو بالا کان تعلق ٽٽڻ کان پوءِ منھنجا مداح سمجهندا ھئا تہ آئون ڪڏھن بہ شادي نہ ڪندس. منھنجي ويجهن دوستن کي بہ منھنجي فيصلي تي حيرت ٿي. راج ڪپور، ھتين چوڌري، بلراج، پران، ستيش ڀالا سميت، سڀ دوست حيران ھئا تہ اھو سڀ ڪجهہ ڪيئن ٿيو.

نسيم آپا مون کي ٻڌايو ھو تہ منھنجي رضامندي کان پوءِ سائرا ڏاڍي خوش ٿي هئي ۽ انتھائي خوشي ۾ پنهنجي شادي جي تيارين ۾ مصروف ھئي.

مڱڻي جي ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ھڪ ڏينھن آئون فلم سنگھرش جي لوڪيشن طئہ ڪرڻ لاءِ ڪلڪتہ وڃي رهيو ھئس، سائرا ۽ ان جي ماءُ نسيم آپا کي بہ فلم جُھڪ گيا آسمان جي شوٽنگ لاءِ اوڏانهن وڃڻو ھو. اسان گڏ وياسين. مختلف تقريبن ۽ ريلين ۾ مون ڪيترائي ماڻھو ڏٺا آهن، پر ان ڏينھن جڏھن اسان ڪلڪتہ ايئرپورٽ تي لٿاسين، ماڻھن جو سمنڊ ڏسي سچ پچ حيران ٿي ويو ھئس. ڪيترائي ماڻهو ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي ھوندي بہ اسان جي جھاز جي دروازي تائين پھچي ويا هئا، ڪافي جدوجهد ۽ مشڪلاتن کان پوءِ اسان ڪار تائين پھتاسين. ماڻھن اسان سان ھڪ عجيب طريقي سان محبت جو اظهار ڪيو. اسان جي ڪار کي ماڻهن کڻي ورتو هو ۽ اسان ڪار ۾ ئي ھئاسين. ھر طرف کان مبارڪن جون صدائون اچي رھيون ھيون. اسان جي رھائش جو بندوبست ھوٽل گرينڊ ۾ ٿيل ھو. جيئن تيئن ڪري اسان ايئرپورٽ کان ھوٽل تي پھتاسين. اتي سيڪيورٽي اهلڪارن اسان کي ڪِچن واري رستي کان ڪمرن تائين پھچايو. ٿوري ئي دير گذري ھئي تہ اسان جي ڪمري جا در کڙڪڻ لڳا ھئا. پرستار سڀ رڪاوٽون ٽوڙي ھوٽل جي اندر پھچي ويا هئا، پر انھن کي اسان جي ڪمرن جي خبر نہ ھئي. ان ڪري ھو سڀني ڪمرن جي دروازن کي کڙڪائي رھيا ھئا. صبح جڏھن اٿياسين ۽ ڪمرن جي درين مان ٻاھر ڏٺوسين تہ ھوٽل جي سامھون وارو ميدان جنگ جي ميدان وانگر ڏيک ڏيڻ لڳو، ھر طرف جوتا، ٽوپيون، ڇٽيون، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ٽڙيو پکڙيو پيو ھو، شايد پوليس ماڻھن تي لاٺي چارج ڪري ڀڄايو ھو. سائرا جي شوٽنگ ملتوي ڪرڻي پئي، لوڪيشن تي پھچڻ ان جي وس ۾ نہ ھيو، اسان جي شاديءَ جي خبر ٻڌندي ئي مداحن اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. ماڻھو کي اسان جي شاديءَ جي جلدي ھئي. منھنجي بہ اھا خواھش ھئي تہ شادي جلدي ٿيئي. مون پنھنجي راءِ کان نسيم آپا کي آگاھ ڪري ڇڏيو هو. بمبئي ۾ سائرا جي ڀاءُ سلطان کي بہ آگاھ ڪري ڇڏيو ھئم تہ اسان ھاڻي ڪلڪتي واپس اچون پيا. مون چند ڏينھن ۾ سادگيءَ سان شادي ڪرڻ جو طئي ڪري ڇڏيو هو. زندگي جي اھم ترين فيصلي متعلق مون ادي سڪينہ، وڏي ڀاءُ نور صاحب ۽ ان جي زال عقيلہ ڀاڄائي کي آگاھ ڪيو، مون انھن سڀني کان اجازت گهري. منھنجو ھڪ ڀاءُ اسلم آمريڪا ۾ رھائش پذير ھو. ٻين ڀائرن ۾ ناصر ۽ احسن کان علاوه ڀينرن تاج، سعيدہ ۽ فوزيہ کي بہ آگاھ ڪيم. منھنجي ڀيڻ اختر آصف سان ڀڄي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي هئي، تنھنڪري ان سان اچڻ وڃڻ ختم ڪري ڇڏيو ھئم. منھنجو ارادو ھو تہ قاضي کي گهرائي صرف نڪاح ڪيو وڃي ۽ کارڪون ورھايون وڃن. سائرا ۽ آئون روزمره زندگيءَ ۾ بھترين لباس پائيندا ھئاسين. شادي تي اسان فقط اھو پائي سگهياسين، جيڪو نسيم آپا ھنگامي بنيادن تي تيار ڪرائي سگھي ھئي. سائرا جي ڪپڙن جي چونڊ ان جي ماءُ ڪندي ھئي، ان لحاظ کان نسيم آپا جي چونڊ باقاعده فيشن ٿي ويندو هو. ماڻھن کي انتظار رهندو هو تہ سائرا پنھنجي فلمن ۾ ڪھڙا ڪپڙا پھريندي؟ سيپٽمبر 1966ع ۾ جڏھن مون ۽ سائرا شاديءَ جو فيصلو ڪري ورتو هو، تڏھن اسان جو گهڻو وقت گڏ گذرندو هو. ھڪ مھيني کانپوءِ 2 آڪٽوبر 1966ع تي اسان جي مڱڻي ٿي، 11 آڪٽوبر 1966ع تي اسان جي نڪاح ۽ شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي. اھڙي طرح شاديءَ جي مختلف رسمن جي ڪري اسان کي ھڪٻئي سان ملڻ کان منع ڪيو ويو. اسان تہ گڏ رھڻ جا عادي ٿي ويا هئاسين، اسان جي ملڻ تي بندش ڪنھن امتحان کان گھٽ نہ ھئي. جيڪڏھن نسيم آپا سان ڪو ڪم ھوندو ھو تہ ٻاھر بيھي رھندو ھئس، ان موقعي تي سائرا دريءَ مان بيھي مون کي تنگ ڪندي ھئي.

ادي سڪينہ جي اڳواڻيءَ ۾ عورتون ميندي جو ٿالھ کڻي سائرا کي ميندي ھڻڻ ويون، اھڙي طرح سائرا جي گهر مان نسيم بانو جي اڳواڻيءَ ۾ عورتون مون کي ميندي ھڻڻ آيون.

دلیپ ڪمار ۽ سائرا بانو جي شاديءَ جي يادگار تصوير

ماڻھو اڪثر مون کان شادي جي ڏينهن بابت پڇندا آھن تہ مون کي ڪيئن لڳو؟ طويل عرصي تائين ڪنواري رھڻ کان پوءِ شادي ۾ قيد ٿيڻ ۾ مون کي ڪا پريشاني تہ نہ ٿي؟ ان جو جواب آھي نہ، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ سڪون مليو، ڇو تہ شادي کان پوءِ ھڪ اھڙي عورت منھنجي زندگي ۾ اچڻ واري ھئي، جيڪا منھنجو ھر طرح سان خيال رکندي، ھو منھنجا ڪپڙا، جوتا ۽ ٻيون شيون سنڀالي رکندي. گهر ۾ ڀينرون ضرور ھيون پر منھنجي روزمره جي ضروري شين تي ڪير بہ توجھ نہ ڏيندو هو.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

  6. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6

  7. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)

  8. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 8)

  9. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 9)

  10. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 10)

  11. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-11

  12. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-12)

  13. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-13

  14. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-14

  15. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-15)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close