مرد جي نفسيات

شبير احمد قريشي

ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺯﺍﻝ ۽ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮔﺎڏﻱ عام طور تي ﺗﺠﺮﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ڪﻢ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ. ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮔﺎڏﻱ ﭜﻠﻲ ﻣﺰﺩﺍ 1979 ماڊل بہ ﻫﺠﻲ، تڏهن بہ ﭘﺠﺎﺭﻭ ﻟﮙﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ. ﺍﺳٽﻴﺌﺮﻧﮓ ﭔﻨﻬﻲ ﻫﭥﻦ ﺳﺎﻥ ﭘڪڙﻳﻞ، ﻧﻈﺮ ﺳﺎﻣﮭﻮﻥ، ﻣڪﻤﻞ ﮄﻳﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﺭﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻧﮕﺎھ…
ﭘﻮﺀ جيئن جيئن ﺗﺠﺮﺑﻮ ﻭﮄﻧﺪﻭ ، تہ ڌيان ڊﺭﺍﺋﻴﻮﻧﮓ ﺗﺎﻥ ھٽي، ﭘﺎﺳﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﮔﺎڏﻱ ﺗﻲ اچي ويندو ، ﺍﺳٽﻴﺌﺮﻧﮓ ﻫڪ ﻫﭣ ﺟﻲ ﺗﺎﺑﻊ ﭤﻴﻨﺪﻭ. ڊﻳﻨٽ بہ ﭘﻮﻧﺪﺍ، تہ ﺧﻴﺮ ﺁﻫﻲ.. ﭘﺮ ﮔﺎڏﻱ ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻮ سليقو ﺍﭼﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ. ﺍﻫڙﻱءَ ﻃﺮﺡ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺯﺍﻝ ﺟﻬڙﻱ بہ ﻫﺠﻲ، ﻓﻲ ﺍﻟﺤﺎﻝ ﺗﻪ ﻫﻴﺮ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﻱ! ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ پنج ڏھ ﺳﺎﻝ ﺗﻪ ﻧﮕﺎھ ﺋﻲ نہ ﻫٽﻨﺪﻱ . ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮﻥ ﺳﭛ ﺣﻤﺎﻗﺘﻮﻥ، ﭼﺮﻳﺎﺋﭗ، ﺟﺬﺑﺎﺕ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺯﺍﻝ ﺑﺮﺩﺍﺷﺖ ڪﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺗﺮﺑﻴﺖ بہ ﺍﺗﻲ ﻣڪﻤﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﻣﺎﻟﻲ، ﺍﺧﻼﻗﻲ ﻃﻮﺭ مضبوط ڪﺮﻱ ﭤﻲ. ﺟڏﻫﻦ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﺯﺍﻝ ﺭﮐﮡ ﺟﻮ ﺳﻠﻴﻘﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﻭﭸﻲ، تہ ﻣﻐﺰ ۾ ڪﻴڙﻭ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ، تہ ﺯﺍﻝ بہ ڪﺎ ﺭﮐﮡ ﺟﻲ شيء ﺁﻫﻲ..!؟

ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺍﻫﺎ ﺳﻤﺠﮫ ﺍﭼﻲ ﭤﻲ، ﺗﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ٽﻲ ﭼﺎﺭ ﭔﺎﺭ ﭤﻴﻮ ﻭﭸﻦ..
ﮐٽ ﭘٽ ۾  ماڻھو ﭼﺎﻟﻴﮫ ﭘﻠﺲ ﭤﻴﻮ ﻭﭸﻲ.
ٻاويھ ٽيويھ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﺩﻱءَ وارن جا تہ ﭔﺎﺭ بہ اچيو ڪﻠﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﻦ.
ﺯﺍﻝ ﺑﻪ ﺍﻳﺰﻱ ﭤﻴﻮ ﻭﭸﻲ تہ ﻫﺎﮢﻲ ﻣڙﺳﺎﻟﻮ ڪﻴڏﺍﻧﻬﻦ ﻭﻳﻨﺪﻭ؟
ﻣڙﺳﺎﻟﻮ، ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﺮﻏﻲ ﺩﺍﻝ ﺑﺮﺍﺑﺮ!
ﻣﺮﺩ ﭘﺎڙﻱ ﺟﻮ ﻣﺮﻏﻮ.
ﻋﻮﺭﺕ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﻓڪﺮ ۾ ﻏﺮﻕ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎﮠ ﮐﺎﻥ ﻏﺎﻓﻞ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭠﺎﮪ ﭠﻮھ کان بي اوني..
ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ﻭﻗﺖ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ، ﺟﻮ ﻣڙﺳﺎلي ﺗﻲ ﭔﻲ ﺷﺎﺩﻱ ﺟﻮ ﺩﻭﺭﻭ ﭘﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ.
ﻫﻲ ﺩﻭﺭو چاليھ ﮐﺎﻥ پنجاھ ﺳﺎﻟﻦ جي ﻋﻤﺮ ﻭﭺ ۾ پوندو آهي، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ Over Forty Syndrome
ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ۽ اڪثر تہ ﭼﺮﻳﺎﺋﭗ ﺟﻲ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ هڪ اندازي موجب 90 سيڪڙو ﻣﺮﺩ ﭘﻼﻧﻨﮓ بہ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ، ﭘﺮ ڪﻨﻬﻦ نہ ڪﻨﻬﻦ ﺳﺒﺐ ﮐﺎﻥ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﭸﻦ.
جڏهن تہ 99  سيڪڙو ﻣﺮﺩ اهڙي ﺳﮅ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ۽ صرف هڪ سيڪڙو ڪﺎﻣﻴﺎﺏ بہ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ.
ﻣﺮﺩ ﻣﺎﻟﻲ ﻃﻮﺭ ﺧﻮﺷﺤﺎﻝ ﺁﻫﻲ، تہ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺯﺍﻝ ﺟﻲ ﺣﻖ ۾ ﺑﻬﺘﺮ ڪﻮﻧﻬﻲ. ﭔﺎﺭ ﻭڏﺍ ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﺶ ڪﺮﻱ ﻭﭠﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ، ﻋﻮﺭﺕ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ تہ ﺁﻫﻲ تہ ﻣﻨﺰﻝ ويجهي ﺁهي، ﺟڏﻫﻦ تہ ﻣﺮﺩ ﻓﺮﻧٽ ﺳﻴٽ ﺗﻲ ﭔﻲ ﺳﻮﺍﺭﻱ ﻭﻳﻬﺎﺭﮠ ﺟﻲ ﭼڪﺮ ۾ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ. ﺯﺍﻝ ﭔﺎﺭﻥ ﭔﭽﻦ ﺟﺎ ﺭﺷﺘﺎ ﭘﺌﻲ ﮘﻮﻟﻴﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﻣﺮﺩ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﺷﺘﻲ ﺟﻲ ﭼڪﺮ ۾ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ. ﺟڏﻫﻦ ﮔﻬﺮ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﻮ ڌيان ﭤﻮﺭﻭ ﮔﻬٽ ﭤﻴﻨﺪﻭ آهي ۽ ﭔﺎﻫﺮﺍﻥ ﻟﻔٽ ملندي آهي تہ ﻣﺮﺩ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﺷﻬﺰﺍﺩﻭ ﺳﻠﻴﻢ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ.
ﺍﻧﻬﻲ ﭼڪﺮ ۾ ﻓﻄﺮﺕ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ڪﻢ ڪﺮﻱ ﭤﻲ، ﻗﺪﺭﺕ ﻳﺎﺩ ڪﺮﺍﺋﻲ ﭤﻲ تہ ﻏﺎﻓﻞ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻫﻮﺷﻴﺎﺭ ﭤﻲ!
ڪﭥﻲ ﺷﮕﺮ، ڪﭥﻲ ﺩﻝ ﺟﻲ ﺗڪﻠﻴﻒ، ڪﭥﻲ ﮔﻮڏﺍ ﺧﺘﻢ، ڪﭥﻲ ڪﺎﺭﻭ ﭘﺎﮢﻲ، ڪﭥﻲ ﻓﺎﻟﺞ، ڪﭥﻲ ﮔﺮﺩﻱ ﺟﻲ ﭘﭥﺮﻱ… ﺳﭟ ﺟﻲ ﻗﺮﻳﺐ ﻭﺭﻱ ﻣڙﺱ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻤﺴﻔﺮ ڏﻱ ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ ﻭﭸﻲ، ﮀﻮ تہ ﺟﻮﺍﻥ ﺍﻭﻻﺩ ﻭٽ ﮬﻤﻴﺸﮧ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ڪﻤﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ.
ﺍﺋﻴﻦ ﺳﮅﻭﻥ ڪﻨﺪﻭ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺻﻞ ﻃﺮﻑ ﺭﺟﻮﻉ ڪﺮﻱ ﭤﻮ
ﺟﺘﻲ دِي ﮐﻮﺗﻲ، ﺍﺗﻲ ﺁﮠ ﮐﻠﻮﺗﻲ!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close