علاج ڪرڻ جا دنيا ۾ انيڪ طريقا آھن، جن جا مختلف جسماني ۽ ٻيا نفعا ۽ نقصان آھن. انسان ھميشه بنا رڪاوٽ جي چڱ ڀلي ٿيڻ لاءِ وڏا وس ڪندو آھي. سنڌ جي ڪوھستان جا ماڻھو ھميشه کان دوائن کان پري رھي، آڍ مک ۽ جڙي ٻوٽين جي موسمي ڏُٿ ذريعي پنھنجي اگھائيءَ جي علاج کي بھتر سمجهندا آھن. ھتي ھر ان طريقي کي پسند ڪيو وڃي ٿو، جنھن ۾ وڍَ ڪُٽَ ۽ چيرڦاڙ بدران جسم جي آڍ مکَ (مالش) استعمال ٿئي. جيڪو عام ھڏ جوڙ يا ماس لاءِ فائديمند به آھي، جنھن کي اڄ ”فزيوٿراپي“ جو جديد نالو ڏنو ويو آھي.
ڪوھستان ۾ ٿڪاوٽ مان چُور جسم تي زور ڏيڻ کي ”ڀِيڻا ڏيڻ“ چون. ڀِيڻا مطلب ھٿن سان ٽَنگن، ٻانھن ۽ مٿي تي مالش ڪري سور لاھڻ، جيڪو ڪم اڪثر ڪري اولاد ڪري. جڏھن ڪوھستان ۾ ڪو پيءُ محنت يا مزدوري ڪري سامان جي ڀَري کڻي ٿڪي ٽُٽي گهر ۾ اچي ته اولاد يا سندس زال سڀ کان اڳ ان کي ويھاري ويساھين (ساھي پٽائين)، جنھن کان پوءِ پاڻي ۽ چانھن پياري پوءِ حال احوال ڪندي ڀيڻا ڏين. ڀيڻا ھَري ھَري ڏيڻ سينڀائيندا (آرام ڏيڻ) آھن.
مَردن سين گڏ اڄ ڪوھستان ۾ ڪي اھڙيون عورتون بہ آھن، جن جي ھٿن ۾ وڏي شفا ھوندي آھي. اھي ھڏ جوڙ جا علاج آڍ مَک ڪري ڪنديون آھن، پوءِ لِظ ٻار ھجي يا ڪو پَرڀَرو ٻار، نوجوان ھجي يا پوڙھو، جيڪو به وٽن اچي، ان جو بنا ڪنھن فرق ۽ بنا لالچ علاج ڪنديون آھن.
ھتي مرد يا عورت جو سندياس لاپرواھيءَ سين ڌڪ لڳڻ جي ڪري جي ھڏ ٽُٽُي پوي يا ھَٿَ يا چيلھ جي نَس مان سَٽَ پوي يا موچ اچي ته ان کي مِٺي تيل يا ڪنھن بام سان مالش ڪري آڍيو مَکِيو ويندو آھي، ته جهٽ ئي موچ ختم ٿي ويندي آھي ۽ ٽَريل نس واپس جڳھ تي اچيو وڃي.
چيلھ ۾ چُڪو پوڻ جو به ان آڍ مَک ذريعي ھونئن ته الاھي طريقن سين علاج ڪن پر ڪنھن اھڙي ڏندري عورت (جنھن تازو ٻار ڄڻي دنگ ڪيو ھجي ۽ ھاڻ ان کي ٻار نه ٿيندا ھجن) جو سڀني کان ننڍو (پڇاڙيءَ وارو) ٻار (آخري اولاد)، متاثر ماڻھوءَ جي چيلھ تي لتَ ڏئي ڀيڻا ڏي، ته به جلد چُڪ لھي ويندي آھي. اھڙي ٻار کي ھتي ”پيٽ ڌوئيندڙ ٻار“ چون.
ان کان علاوه چيلھ جي چُڪي ۾ وري پاڻيءَ جو شيشو کڻن، جنھن کي ٿورو سھسَندو يا گرم ڪري ان جڳھ تي ھلائينديون آھن تہ آزار ختم ٿيو وڃي.
مون ھتي ڪي اھڙيون مايون به ڏٺيون يا ٻڌيون آھن، جيڪي ڪنھن حادثي سبب ڪِريل ماڻھوءَ جي نِڪتل ھڏن کي جوڙڻ ۾ وڏو تجربو رکن ٿيون. اٺ تان يا ڪنھن گهر جي ڇت تان يا ڦَٽڦٽيءَ تان ڪِريل يا جُهرِيَل ماڻھوءَ جي ھڏيءَ کي زور ڏئي جهلي سڌو ڪنديون آھن، جنھن دوران اھي اندازو ھڻي ھڏن جا جوڙ ڪريو، مٿان ڪپڙو رکي ھڏي کي چڱي طرح ٻڌيو ڇڏين تہ جئين ان ھڏي جي چُرڦر نہ ٿئي ۽ ھڏ پانجي جڳھ تي لڳي وڃي. يقينن اھڙيون عورتون ھت جهنگ ۾ ڪنھن آزار جون دشمن ۽ انساني زندگي ۾ آڌي اسور وڏو ڏڍ آھن.
ننڍي ٻار کي ڄاپندي ئي ھتي جون مايون نڪ آڍينديون آھن، جنھن سان ٻار وڏو ٿي نڪَ ڊگهو خاشل لڳندو آھي. جيتوڻيڪ ان ۾ ھڏ جوڙ ناھي، پر سونھن خاطر آڍين ٿيون.
ساڳي ريت ٻار جي ھٿن، پيرن ۽ پٺن تي به وڏي آڍ مَک ڪن ۽ ڪچڙن ھڏن کي عادت ڏيو سٺو ڪن. اھڙي ريت ٻار وڏو ٿيو سٺو لڳي.
ٻار کي تنجڻ مھل روز آڍمک ڪن. کنگھ، زڪام ۽ ٿڌ لڳڻ مھل به ”ھٿ ھڻڻ“ جو رواج آھي، جنھن ۾ عورت ٻار کي آڍمک ڪرڻ سان گڏ بام، تيل سان سموري جسم جي مختلف عضون تي مخصوص علاج ڪرڻ جي طريقي سان آڍيندي آھي ۽ ٻار کي سينڀائيندو آھي، جنھن تي بار کي بيماري مان ڇوٽڪارو به ملندو آھي.
انسانن کان علاوه ھتي جون عورتون جانورن جون ڀڳل ٽٽل ھڏيون به جوڙينديون آھن. ننڍپڻ ۾ جڏھن منھنجي ڳوٺ مالماڙيءَ ۾ پاڻي جي اڻ ھوند ھئي ته اسين گڏھن تي پاڻي ڀريندا ھئاسين. ھڪ ڀيري ڪنھن جي گڏھ تي پاڻيءَ جو اجايو بار لڏڻ سبب گڏھ جون ٽنگون ڪمزور ٿي پيون ۽ ھيٺ وھي رھي ته ان تان بار لاھي، ھلڻ جھڙو ڪيوسين. اڳتي کڏي ۾ گڏھ ڪري پئي ته ان جي ٽنگ کي ڌڪ لڳو ۽ شايد ھڏي شينگھجي پئيس. اتي ھڪ عورت ان گڏھ کي بار کان آجو ڪري، گهر وٺي وئي، جتي آئون به وياس. عورت ان گڏھ کي کاڌو کارائي، ھڪ اڏيل مَنَھ (جانورن جو ڇانو خاطر اڏيل ڇاپرو) ۾ بيھاري، علاج ڪيو. کيس پاڻيءَ سين وھنجاري، ٽٽل ھڏي واري جڳھ تي آڍمَک ڪئي ته گڏھ ٽَونٽ (اِٽ) ھنئي، جنھن تي ٻين عورتن اچي ان کي قابو ڪيو، پوءِ آڍ مک ڪري، ٽنگ تي تيل ھڻي ھڪ وڏو ڪپڙو زور ڏئي ٻڌو ويو ۽ گڏھ کي منھ ۾ ٻڌو ويو. ٻن ڏينھن ۾ اھا گڏھ جيڪا پھرين ھلڻ ۾ پنگي (منڊڪائيندڙ گڏھ) ھئي، اھا ھلڻ لڳي. ان عورت کان تڏھن مون گهڻي معلومات نه ورتي، پر ان ٻڌايو ته ھوءَ اٺ، ڳئون ۽ ٻڪري سميت ھر جانور جون ڀڳل ٽٽل ھڏيون جوڙيندي آھي.
خود منھنجي ڏاڏي عنايت ٻائي به ننڍڙا ٻڪر ۽ گراڙيون (ٻڪريءَ جو ننڍڙو مادي ٻچو) تمام گهڻو پاليندي ھئي ۽ انھن جي ڀڳل يا ٽٽل ٽنگن تي ڪاڳر جا گٿا ھڻي، سڳي سين ٻڌي ڪري، ھڏ جوڙ ڪندي ھئي. ڳوٺ ۾ ڪنھن جي ٻڪري جون ھڏيون ٽٽي پونديون ھيون ته اھي کيس علاج لئہ وٺي ويندا ھئا.
ھڏ جوڙڻ ھڪ وڏو فن آھي، جنھن جون مٿي ذڪر ڪيل ڳالھيون، لوڪ ڏاھپ جا اعليٰ مثال آھن، جيڪي ڪوھستان جي ڪيترن ئي ڳوٺن سميت سموري سنڌ ۾ ڏسي سگھجن ٿا.
ھن مضمون ۾ مون صرف ڪوھستان جا چند مثال لکيا آھن. ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي وڏي کوٽ آھي.