روس يوڪرين جنگ: آمريڪا جي آشيرواد سان عالمي دنيا تباهي طرف

غضنفر سولنگي

عالمي دنيا ڏانهن نظر ڦيرائي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته هڪ طرف آمريڪا ڪيپيٽلزم خيالن جو بهادر سپر پاور ملڪ آهي ته وري ٻئي پاسي ڪميونزم خيالن وارو روس بيٺل آھي. هن وقت کي وري دنيا (Bi pollar) چوندي رهي روس ۽ آمريڪا آمهون سامهون ”ڏاڍو سو گابو“ ٿي وهڻ لڳا هيا۔ اها آزادي جي صدي هئي، هر آزاد ٿيندڙ ملڪ هنن ٻنهي ملڪن آمريڪا يا روس مان هڪ طرف ٿي بيٺو هيو۔ پاڻ واري ملڪ آمريڪا کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي پاڙيسري ملڪ روس سان الحاق ڪيو۔ اهو اھڙو دور هيو جو تنظيمون ٺاهي هڪ ٻئي جا پير پوئتي ڪيا ويا آمريڪا روس جي خلاف دفاعي معاهدا SEATO سيٽو 1954 ، CENTO سينٽو 1955 ۽ NATO نيٽو 1949ع ۾ ٺاهيا، روس وري آمريڪا جي خلاف ورسا معاهدو ڪيو۔ پاڪستان جيئن تہ آمريڪا جو پاسي هيو، تنهن ڪري انهي جي دفاعي معاهدي سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر ٿيو. پاڻ کي ته ڪو خاص فائدو ڪونه ٿيو پر آمريڪا ميدان ماري ويو هيو۔

1945ع کان 1990ع تائين Cold war رهي ”سون، تيل، گيس ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالا مال، سوويت يونين، گورباچوف جي سرمائيدارانه سوچ ۽ پاليسيءَ سبب، ڪيترن ئي سياسي ۽ معاشي مسئلن جو شڪار ٿيو. 1989ع ۾ اوڀر جرمنيءَ واري اشتراڪي رياست، اولھ جرمنيءَ ۾ ضم ٿي، پنهنجو وِجود وِڃائي ويٺي ۽ بَرلِن شهر کي ورهائيندڙ ”دِيوارِ بَرلِن“ مِسمار ڪئي وئي. تڏهن آمريڪي صدر ريگن، سموري عالمي اشتراڪي تحريڪ جي ڪا به مدد نه ڪرڻ ۽ ماٺ ۾ رهڻ تي، گورباچوف جو شُڪريو ادا ڪيو ۽ پوءِ آمريڪا طرفان، گورباچوف کي، عالمي امن جو نوبل انعام ڏياريو ويو.

ريگن کان پوءِ بُش پڻ ساڳيو ڪردار ادا ڪندي، سوويت يونين جي وفاقي حڪومت ۽ سوويت رياستن جي وِچ ۾ اختلافن ۽ ويڙھ کي وڌايو. آمريڪا ڪارا باخ واري علائقي واري معاملي کي، سوويت يونين جي وفاقي حڪومت سان ٻن سوويت اشتراڪي رياستن، آزربائيجان ۽ آرمينيا کي ويڙهائڻ ۾ ڪم آندو. انهيءَ صورتحال کي سُلجهائڻ خاطر گورباچوف ڪو به مثبت ڪردار ادا نه ڪيو.

سن 1989ع ۾ سوويت يونين ۾ شامل بالٽِڪ سوويت رياستن ۾ پڻ علحدگيءَ جون تحريڪون شِدت اختيار ڪري ويون هيون ڇو ته ڪيوبا، ويٽنام ۽ اتر ڪوريا کان سواءِ، باقي سمورين اشتراڪي رياستن ۾ ڪميونزم دشمن ۽ علحدگي پسند تحريڪن ۽ تنظيمن کي، آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ سموري سرمائيدار دُنيا جي مڪمل حمايت ۽ گهُرج کان به وڌيڪ مالي ۽ عسڪري مدد مُلي هُئي. تنهن ڪري 1990ع ۾ ڪيترين ئي سوويت رياستن، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ضابطي جي خلاف، سندن اسيمبلين ۾ خود مُختياريءَ لاءِ قانون تشڪيل ڏنا ۽ ڪيترن ئي وفاقي صنعتي ادارن کي سندن رياستن جي قبضي هيٺ آندو ۽ سوويت يونين جي وفاقي/ مرڪزي سرڪار کي مَٿن واجب ٽيڪس ۽ روينيو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. تڏهن گورباچوف، ڪنفيڊريشن جھڙي ”سوويت يونين“ قائم ڪرڻ جي دلاسي طور، هڪ خود ساخته مفروضي ”تشڪيل نو“ جو شوشو ڇوڙيو، جنهن ۾ شامل رياستن کي آزادي ۽ خود مختياري حاصل هوندي، البت چند نُڪتن تي يُونيئَن / وفاق قائم هوندو.

انهيءَ سلسلي ۾ مارچ 1991ع ۾ سمورين سوويت رياستن ۾ راءِ شماري ڪرائي وئي. تنهن ۾ بالٽڪ رياستن، اِسٽونيا، ليٽويا، لِٿوئانا ۽ ڪاڪيسُسِ واري علائقي جي جارجيا ۽ آرمينيا سوويت رياستن علحدگي لاءِ راءِ ڏني ۽ نوَنِ (9) رياستن، جھڙوڪ: روس، بائلوروس، يوڪرين، آزربائيجان، تاجڪستان، ترڪمينستان، اُزبڪستان، قزاقستان ۽ ڪِرعيزستان جي ستر سيڪڙو ووٽرن يونين ۾ شامل رهڻ جي راءِ ڏني. عوام جي انهيءَ راءِ کي جيڪڏهن مان ڏنو وڃي ها ته شايد سوويت يونين ترت ڪا نه ٽُٽي ها. شامل رهڻ جي راءِ ڏيندڙ نَوَنِ مان اٺ رياستن يونين ۾ شموليت جي دستاويز تي صحيحون ڪيون، باقي يوڪرين ڪجهہ تحفظات سبب صحيح ڪا نه ڪئي هئي.

ڪميونزم جي حقيقي خيرخواه نمائندن، انهيءَ صورتحال کي سوويت يونين جي خاتمي لاءِ کنيل قدم قرار ڏنو ۽ گورباچوف کي سندس گهر ۾ نظربند ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو۔ انهي نرم گرم حالات جي مڪ مڪا ۾ مارجي روس ويو، جنهن پنهنجا ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيا هيا۔
سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا ۽ مغربي يورپ جا مفاد ڏينهون ڏينهن وڌيڪ وسيع ٿيندا ويا ۽ سرد جنگ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن جي اڳيان ڪا به اهڙي طاقت باقي نه رهي جيڪا ان سان مھاڏو اٽڪائي سگهي. روس جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالت وڃي اهڙي رهي جھڙي سندس بادشاهن زار جي آخري ڏينهن ۾ هئي.

ولادي مير پيوٽن، جنھن آمريڪا سان حالات بهتر ڪرڻ لاء وسا ناهي گهٽايو. يوڪرين جا نيٽو فوجي اتحاد ۾ ميمبر ٿيڻ جا سانباها وڃي جنگ تي پهتا جنهن ۾ يوڪرين جا سوين فوجي ۽ عام شهري اجل جو شڪار ٿيا آهن

عالمي دنيا کي ٻيا ته ڪيترائي انيڪ مسئلا آهن، پر اسان هتي صرف اهي مسئلا بحث هيٺ آڻينداسين جيڪي آمريڪا سرمائيدار ۽ موجوده روس جي وچ ۾ رهندا پيا اچن. اسان سمجهون ٿا ته اهي ٻئي سپر پاور ملڪ هميشه کان جمهوريت کي ٽين دنيا جي عوام مٿان هٿرادو مڙهي غربت، کي عام ڪيو ۽ غريب کي سرمائيدارن جو سرمايو سمجهي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي گهليو ۽ دنيا جي مارڪيٽ تائين پنهنجن مالن کي رسائي ڏئي، دنيا مٿان پابنديون مڙهي پنهنجا رستا صاف ڪندا پي ويا. جيڪڏهن هنن کي هٿيار هلائڻا هوندا آهن ته اهي به وڃي عراق، افغانستان، شام، يمن، فلسطين ۽ يوڪرين ۾ استعمال ٿيندا. عالمي دنيا وڏي تباهي جي منهن ۾ وڃي رهي آهي معشيت کي تباه ڪري دنيا ۾ بک بدحالي کي عام ڪيو ويو آهي۔

ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن روس آمريڪا ڇڪتاڻ وڌي وئي ته يقنن اهو دنيا جي پٺتي پيل ملڪن جي لاء سٺو سوڻ نه هوندو، خاص ڪري ٽين دنيا جون رياستون ان جو شڪار ضرور ٿينديون۔ انهي لاء اها وقت جي اهم ضروت آهي ته ترقي پذير ملڪ انهي طرف سوچي سمجهي پنهنجا قدم توري تڪي کڻن ۽ عالمي ملڪ به حالات کي بهتر بڻائڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close