هڪ سوشل ويبسائيٽ تي ڪنهن پوسٽ تي ڪمينٽس ڪندي هن سان رابطو ٿيو. ڪيمنٽس ۾ ته بس رڳو حال احوال ورتو سين پوءِ مون هن کي چيو ته هي هڪ پبلڪ پوسٽ آهي ۽ هتي هر ماڻهون اسان جي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه آرام سان پڙهي سگهي ٿو ته ان تي هن وراڻيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ مون چيو اگر اوهان کي بهتر لڳي ته اسين انباڪس ۾ ڳالهائي سگهون ٿا. جنهن تي هن وراڻيو ته اهو وري ڪيئن مون ته انباڪس ڪڏهن يوز ئي ناهي ڪيو… مون چيو ته پوءِ ٺيڪ آهي اوهان جي مرضي، مان هتي نه هن پوسٽ تي نه ٿو ڳالهائي سگهان. ائين چئي مان ان پوسٽ تان پنهنجا ڪمينٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا ۽ اسان جي وچ ۾ هڪ هفتي تائين ڪابه ڳالهه نه ٿي.
هڪ هفتو گذريو تہ هن جو ڪمينٽ منهنجي پرسنل پوسٽ تي آيو ته اوهان ڪيئن آهيو، مون دل ۾ بگولي هڻندي خوش ٿيندي جواب ڏنو ته مون کي ڇا ٿيندو مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان، اوهان وري ڪٿان ظاهر ٿيا.. مون سمجهو اوهان بس هليا ويا.. هن وراڻيو نه مان ته هي سائيٽ اڄ ئي آن ڪئي آهي ڇو ته مون وٽ پنهنجي موبائيل نه آهي ۽ نه ئي مون کي ڪا انهن ويبسائيٽن جي ڪا ڄاڻ آهي مان جتي ڊيوٽي ڪندي آهيان اتي منهنجي دوست آهي، ان جي هي موبائيل آهي ۽ آئي ڊي به ان جي آهي.
مون پڇو ڪهڙي ڊيوٽي ڪندا آهيو ته هن چيو مان هڪ پرائيويٽ هاسپيٽل ۾ نرس آهيان. مون ماشاءالله ڪندي پڇو توهان جي تعليم ڪيتري آهي؟ هن چيو مون ميٽرڪ ڪئي آهي ۽ نرسنگ ۾ ڊپلوما آهي مون مرڪندي چيو ته پو باقي ڊاڪٽر ڇو نه ٿيون؟ ان تي هن پنهنجي دل کي غمگين ڪندي چيو ته شوق ته ڏاڍو آهي پر دعا ڪيو ته ڊاڪٽر ٿي وڃان. مون جواب ڏيندي چيو ته ها ڇو نه اگر اوهان سچي دل سان ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيو ٿا ته ضرور ٿيندئو پر ان لاءِ اوهان کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. ھن وراڻيو مان محنت ڪري سگهان ٿي ۽ پڙهائي ۾ ماشاالله مان تمام بهتر آهيان. مون چيو ته پوءِ ٺيڪ آهي اوهان هي ڊيوٽي ڇڏيو ۽ پنهنجي پڙهائي کي اڳتي لاءِ شروع ڪيو. ھن چيو اگر مان ڊاڪٽر ٿي وڃان ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ مون مذاق ۾ مرڪندي کيس چيو اگر اوهان ڊاڪٽر ٿي ويا ته پاڻ شادي ڪنداسين…
مون کي خبر نه هئي ته اهي لفظ هن جي اندر کي وڪوڙي ويندا ۽ هو ڪو ايڏو سوچي سگهي ٿي.. هن اچرج ۾ ايندي مون کان پڇو اگر مان سچ ۾ ڊاڪٽر ٿي وڃان ته اوهان موسان شادي ڪندئو؟ واعدو ڪيو..
اهي لفظ ٻڌي مان ته صفا سن ٿي ويس. ڪافي دير تائين مون هن کي ڪوئي جواب نه ڏنو ۽ دل ۾ سوچيندو رهيس ته هڪ نئين شروعات ٻيو زندگي جو ايترو وڏو فيصلو مان هڪ پل ۾ ڪيئن ٿو ڪري سگهان.. ته مون هن کي جواب ڏيندي چيو ته اسان هڪ ٻئي کي ڏٺوئي ناهي پو هي فيصلو ڪيئن ٿا ڪري سگهون. ته هن جواب ڏيندي چيو اوهان جيئن آهيو مون کي ڏسڻ جي ضرورت ناهي پر توهان مون کي ڏسڻ چاهيو ٿا ته مان توهان کي پنهنجي تصوير موڪليان ٿي پو اوهان فيصلو ٻڌايو…
هن جو ايترو انڌو يقين مون کي سمجهه نه ٿي آيو پر ڪجهه ئي دير ۾ هن پنهنجي تصوير مون ڏانهن موڪلي. جيئن مون تصوير کولي ته منهنجي اکين جا تارا ائين لڳو ڄڻ ٻاهر نڪري آيا هجن.. پر ڇا ته خدا هن کي ٺاهيو ھو.. جھڙو هن جو حسن هو ماشاالله ۽ جھڙي هن جي چهري تي معصوميت هئي ته مان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته هوءَ ڪا ايتري حسين ڇوڪري ٿي سگهي ٿي.. مان ڪافي دير تائين هن کي پئي ڏٺو پر منهنجي اکين کي ٿڪ ڪانہ ٿيو..
هن مون کان سوال ڪندي چيو ته مان ايتري سٺي ناهيان شايد اوهان کي پسند نه آئي هجان.. مان هن ڪاڪ محل جي راڻي کي ڪيئن ٻڌايان ته هو مومل جي محلات ۾ رهڻ واري راڻي آ پر مان هن کي جواب ڏنو ته توهان تمام گهڻا سهڻا آهيو، پر مان توهان سان شادي نه ڪندس. هن معصوميت مان سوال ڪيو پر ڇو.. ڇا ٿيو؟ مون چيو مان توهان کي نه ڪا خوشي ڏئي سگهان ٿو نه ئي ڪي محل ماڙيون.. ھن وراڻيو ، ها مان نئين دور جي ڇوڪري ضرور آهيان پر نئين دور جھڙي ڇوڪرين جي خواهشمند ناهيان مون کي ڪجهہ به نٿو گهرجي سواءِ هڪ سٺي انسان جي ۽ سٺي ساٿي جي…
مون کي خبر نه هئي ته ڪا هو محبت جي بکايل معصوم جذبن واري راڻي آ.. مون هن کي چيو مان واعدو ٿو ڪيان اوهان ڊاڪٽر ٿيو اسان شادي ڪنداسين.. اهو ٻڌي هن جي خوشي ماپڻ کان وڌيڪ هئي ۽ ان محل کان هو خوابن جي دنيا ۾ هلي وئي ۽ هن چيو اگر اوهان چاهيو ته پنهنجي تصوير ڏيکاريو مون هن کي پنهنجي تصوير موڪليندي کلندي چيو ته ڏسو پر ائين نه ٿي جو وري ڳالهائڻ ختم ڪري وڃو.. هن چيو اگر شڪل جي ڪري ايئن ڪيان ها ته مان اوهان کي زندگي جو فيصلو نه ڪرڻ ڏيان ها توھان ماشاالله تمام پيارا آهيو.. پر هاڻي منهنجا آهيو ياد ڪجو واعدو پنهنجو ۽ منهنجو واعدو آ مان اوهان کي ڊاڪٽر ٿي ڏيکاريندس ائين چئي هن جي دوست هن کان واپس وٺڻ لڳي هو آخر ۾ پنهنجو خيال رکجو چئي هلي وئي..
جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو تيئن منهنجي دل ۾ به هن لاءِ مقام ٺهندو ويو پر هن کان گهٽ ڇو جو منهنجي هو آخري محبت هئي ۽ مان هن جي پهرين محبت هئس. هن جي بي پناه محبت جي لذت ڏسي منهنجي دل ۾ هن لاءِ محبت جا انبار ٿيندي پئي نظر آيا.. هن جي معصوميت منهنجي وجود کي ول جيان وڪوڙي چڪي هئي ايتري تائين اسان جي وچ ۾ لڳ ڀڳ ٻه مهينن جو وڇوڙو رهيو منهنجي بيچيني هن لاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وئي. اسان جا شهر هڪ ٻئي کان ايترا پري هئا جو ملڻ اسان جي نصيب ۾ نه هيو. هن جو نه ڪوئي پتو هو نه ڪوئي رابطي ڪرڻ لاءِ ڪو ذريعو هو پر هن وٽ منهنجو موبائيل نمبر هو. جنهن تي مون کي يقين هو ته هو مون سان رابطو ضرور ڪندي. ان انتظار کي مان بيان نه ٿو ڪري سگهان ته مان ڪيئن سڄي رات موبائيل هٿ ۾ کڻي سمهندو هئم ته هن جي ڪال يا ميسج نه اچي وڃي. هر نماز ۾ اها دعا هوندي هئي ته الله سائين هڪ ڀيرو منهنجي معصوم پرين جي ڪا خبر آڻ.. ايئن ڪندي هن جي يادن جي تڙپ کي ٻه مهينا گذري ويا ٻه مهينا گذرڻ کان پوءِ منهنجي سيني جي مٿان پيل موبائيل رات جي پوئين پهر ۾ وڄڻ لڳي.. ايئن محسوس ٿيو جيئن منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي هجي ۽ منهنجي ڪنن جا پردا خشڪ ٿي ويا هجن. جيئن اک کلي ته منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳا شايد رات جا 3 ٿي رهيا هئا ۽ هوءَ تھجد پڙهڻ لاءِ اٿي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جو موبائيل کڻي وڏو دل ۾ حوصلو رکي ڳالهائڻ آئي.. پر هو مون سان ڳالهائي نه سگهي هن جي سڏڪن جو آواز ڄڻ منهنجي دل ۾ گهيرو ڪري ويا هجن صرف هن جي سڏڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نه ٿي آيو.. هو نه ڪجهہ ڳالهائي رهي هئي نه ئي ڪجهہ ٻڌائي رهي هئي.. نيٺ هوءَ پنهنجي روئڻ کي دل ۾ قابو ڪري مون کان پڇڻ لڳي اوهان ڪيئن آهيو خوش آهيو ۽ مان اوهان سان ڪيل واعدو پورو ڪرڻ لاءِ جتن پئي ڪيان.. شروعات ڪري چڪي آهيان مون ڪاليج ۾ داخلا ورتي آهي ۽ شام جو ڪوچنگ سينٽر ڏانهن ويندي آهيان ته جيئن اوهان سان ڪيل واعدو وفا ڪري سگهان.. جئين اوهان چيو هو بلڪل ايئن رهندي آهيان با وضو.. پنج وقت نماز، تھجد ۽ پنهنجي پڙهائي.. اوهان جي ياد روز سيني ۾ وڍ وجهندي هئي پر پاڻ کي هميشه دلاسا ڏيندي هيس ته محنت ڪريان پو سڄي عمر توهان مون سان هوندئو.. ان ڪري في الحال جدائي تڙپ هجي ته جيئن مان وڌيڪ محنت ڪري سگهان
ڪائي خبر نه پئي ايتري ۾ فجر جي نماز جو وقت ٿي ويو ۽ هو خداحافظ، پنهنجو وڌ کان وڌ خيال رکجو چئي هلي وئي
وقت جي رفتار ايتري تيز هئي جو ڪائي خبر نه پئي هن کي ڊاڪٽري ۾ پڙهندي ٻه سال ٿي ويا ۽ هو هاڻي ٽين سال جي پيپرن جي تياري ڪري رهي هئي هن سان گهڻي ٽائيم تائين رابطو نه ٿيندو هو.. 3 کان 4 مهينا به گذري ويندا هئا ته اسان جي وچ ۾ ڪائي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي هئي پر اسان جي دلين ۾ هر وقت هڪ ٻئي سان ڳالهه ٿيندي رهندي هئي ڪڏهن خوابن ذريعي ملاقاتون ته ڪڏهن وري خيالن جي ذريعي پئي دل کي ريجهايو.. جيئن ئي هن ٽين سال جا پيپر ڏنا ته هن جو رابطو مون سان ٿيو هن جي ساه ۾ اهائي اُڪير ۽ دل ۾ اهوئي سڪ جو سوز.. زبان تي ڄڻ ڪو تالو لڳل هجي پر هو الائي ڇو ڪجهہ ڳالهائي نه سگهندي هئي، ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ هن جي زبان سان گڏ هن جو پورو جسم ڏڪي ڦڙڪي رهيو آهي پر ٻاهر زبان تي نه پئي آيو. هو هميشه جيان آواز ٻڌي پنهنجي نيڻن جي برسات کي روڪي نه سگهي ۽ ڪال بند ڪري وئي.. ڪجهه وقت کان پوءِ وري هن جي ڪال آئي ته سائين اوهان ڪيئن آهيو ايئن ڪندي هڪ ٻئي کان حال احوال ڪري هو پنهنجي ڳالهه طرف آئي ته منهنجي پڙهائي به هاڻي باقي ٿوري آهي هاڻي اسان کي پنهنجو رشتو مضبوط ڪرڻ گهرجي. مون وراڻيو مضبوط ناهي ڇا، ته هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو سائين منهنجو مطلب هاڻي پاڻ مڱڻي ڪيون باقي پڙهائي کان پوءِ شادي مون چيو ٺيڪ آهي اوهان پنهنجي فيملي سان ڳالهايو ته پوءِ جيئن چون هن چيو ته مان فيملي کي ٻڌايو آهي ڪجهه ڏينهن ۾ اوهان کي ٻڌايئندم..
ايئن ڪندي اسان جي ڳالهه کي 2 مهينه گذري ويا اسان جي وچ ۾ ڪو رابطو نه ٿيو نه ئي هن جي ڪا خبر آئي مون وٽ لفظ نه آهن جو مان پنهنجي ڪيفيت بيان ڪري سگهان نومبر مهيني جي موسم جو ٿڌڙيون هوائون ۽ رات جو 12 لڳي 3 منٽن تي مان رات جو ڪراچي کان واپسي اچي رهيو هئس ته هڪ نئين نمبر تان ڪال آئي جيڪا مون اٽينڊ نه ڪئي پر وري ٻيهر ڪال آئي مون اٽينڊ ڪري، هيلو ڪئي ته منهنجي خوابن جي راڻي جي سڏڪن جي آواز مون کي جهوري ڇڏيو ۽ منهنجي اندر ۾ وڍ وجهي ڇڏيا . هن جي ساھ جو سڳو جيئن ٽٽڻ تي هجي ۽ منهنجي ساھ ۾ سڪرات اچي وئي هجي منهنجي زبان نه اٿلي سگهي هن ڪجهه ڳالهايو پر مون کي هن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ماڻهن جي شور ۽ گاڏين جي آواز جي ڪري مان هن جي ڳالهه صحيح طرح سان ٻڌي ۽ سمجهي نه سگهيس، بس آخري لفظ سمجهه ۾ آيا، جنهن ۾ هن وڏي درد ۽ لڙڪن جي سمنڊ سان چيو ته سائين مون کي معاف ڪري ڇڏجو.. ان کان پوءِ ڪال بند ٿي وئي مان بار بار ڪال ڪندو رهيس پر 8 مهينا گذري ويا اهو نمبر ڪڏهن کليل نه مليو…
منهنجا خواب دل ۾ دفن ٿي ويا… روئندي عمر گذاري، يار دي خبر نه ڪائي…..