سنڌي جاڳو سنڌ بچايو
سنڌي جاڳو سنڌ بچايو، وارو ڪِيو،
ڌرتيءَ ماتا آهي سڏايو، وارو ڪِيو!
سازش پويان سازش ٿئي پئي سنڌ خلاف،
تِن کي اڄ ناڪام بڻايو، وارو ڪِيو۔۔
چوڌاري گهيري ۾ آهيون غَيرن جي،
جُوٺِين مان بَس جِندُ ڇڏايو، وار و ڪِيو۔۔
سنڌ سڄيءَ ۾ لوڌِ وڌي وئي ڌارين جي،
ڀُونءِ سڄيءَ مان سا ڀڄايو، وارو ڪِيو۔۔
غَير ته آهن غَير، انهن سان گڏجي پر،
پنهنجن ڀي آ خُوب لڄايو، وارو ڪِيو۔۔
مَزاحمت جي مَهل مَفاهمت بيغيرتي،
ويڙِھ سوا نه واھ واجهايو، وارو ڪِيو۔۔
نَنگَن ۽ دَنگَن تي دودا وڙهندا هن،
سِرَ لُڻو يا ڪَنڌ ڪَپايو، وارو ڪِيو۔۔
توڙي اڳيان ٽينڪ اچن يا بم گولا،
پوءِ به اڳتي وکّ وڌايو، وارو ڪِيو۔۔
ڌرتيءَ دشمن سان وڙهندي جي موت اچي،
مُرڪي موت کي سِيني لايو، وارو ڪِيو۔۔
وقت اچي وِيو آهي هِڪَ هِڪاڻيءَ جو،
’ساقي‘ چَئي سڀ سَندرا ساهيو، وارو ڪِيو۔۔
⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛
رڳن ۾ رتُ آ جيسين
وطن جي لاء وڙهنداسين،
رڳن ۾ رتُ آ جيسين۔۔!
حقن خاطر ٻَڌي سَندرا،
لُٽيرن ساڻُ لڙنداسين،
رڳن ۾ رتُ آ جيسين۔۔
ڀلي حِيلا هلايو لک۔
تڏهن به ڪِين مُڙنداسين،
رڳن ۾ رتُ آ جيسين!
پِٿُون ڀل پيرَ ٿين پنهنجا،
اڃان اڳتي پِيا وڌنداسين،
رڳن ۾ رتُ آ جيسين۔۔
سنڌُوءَ جي سُونهن تي سهڻا،
غزل ۽ گيت لکنداسين،
رڳن ۾ رتُ آ جيسين۔۔
ڀلي جان آزمائي ڪو
قدم پُٺتي نه هٽنداسين،
رڳن ۾ رتُ آ جيسين۔۔
ڀلي سينگارجي ’ساقي‘
ڪُڏي سُوليءَ تي چڙهنداسين،
رڳن ۾ رتُ آ جيسين۔۔
⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛
سڀ سنڌ لئہ
منهنجي دل جون دلبريون سڀ سنڌ لئہ،
۽ هَڙئي همدرديون سڀ سنڌ لئہ۔۔
سنڌ ئي محبوب سنڌ معشوق آ،
محبتون ۽ عاشقيون سڀ سنڌ لئہ۔۔
سنڌ مون کي ساھ کان وڌ آ مِٺي،
گهورَ هن سَوَ زندگيون سڀ سنڌ لئہ۔۔
سڀ هڻُون نعرو ٿا سنڌ ۽ قوم جو،
ڇو نه پوء ٿا گڏ ٿيون سڀ سنڌ لئہ۔۔
سنڌ جي دعاگو ڀٽائيء گهوٽ تي،
مون اٿم دعائون گهريون سڀ سنڌ لئہ۔۔
سنڌ لئہ ’ساقي‘ جِيئان سنڌ لئه مران،
۽ سَهان ڀل سختيون سڀ سنڌ لئہ۔۔
⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛
غزل
محبتن جا معيار مَٽجي ويا،
چاهتن جا معيار مَٽجي ويا۔
پيار بي لوث اڄ رهيو ناهي،
قُربتن جا معيار مَٽجي ويا۔
عشق رُسوا ٿئي ٿو ڪَنڃريءَ جان،
اُلفتن جا معيار مَٽجي ويا۔
ڪنهنجو ڪردار ڪو ڏِسي ئي نٿو،
نفرتن جا معيار مَٽجي ويا۔
صِرف پئسو ئي معتبر ٿو ڪري،
عزّتن جا معيار مَٽجي ويا۔
بنا ڪنهن غرض ٿئي نٿي خدمت،
رِياضتن جا معيار مَٽجي ويا۔
وڏائپ جا به نَڪِي رهيا ماپا،
شفقتن جا معيار مَٽجي ويا۔
رُڳو بس جَنّتن جي لالچ آ،
عبادتن جا معيار مَٽجي ويا۔
اَڃان ’ساقي‘ رکين ٿو تَوقع تون،
مُروّتن جا معيار مَٽجي ويا۔
⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛⊛
غزل
بيوفا سان وفا ڪري ڪوئي،
پاڻَ سان هي جفا ڪري ڪوئي۔
مون ته سَنگدل سان دِل لڳائي آ،
مون جِيان ڀِي خطا ڪري ڪوئي۔
درد آهي وڌي ويو دل جو،
دردِ دل جي دوا ڪري ڪوئي۔
ٻاٽَ ۾ لاٽَ جي ضرورت آ،
ظُلمتن ۾ ضِيّا ڪري ڪوئي۔
حُسن مَقتل سجايون ويٺو آ،
جانِ پنهنجي فدا ڪري ڪوئي۔
سُونهن سامهون هجي ته پوءِ ’ساقي‘،
ڪِيئن سجدو قضا ڪري ڪوئي۔
غزل
دِليون دونهانٽيل آهن،
ذِهن ڪاراٽيل آهن!
سڀئي چھرا ڏسان ٿو ڄڻ،
گلّ ڪوماٽيل آهن۔
غور ڪنهن ۾ رهيو ناهي،
فِڪر ڦيراٽيل آهن۔
محبّت ماڻهپو ميرو،
چاھَ چِيڀاٽيل آهن۔
نڀاڳيءَ نظر نِرڌَن ڪِيو،
ڀاڳ ڀانواٽيل آهن۔
اڄوڪي دور ۾ ’ساقي‘
رُوحَ ٻُوساٽيل آهن۔