اچو تہ سموري سنڌ هُنن کي لکي ڏئي ڇڏيون!

محمد خان دائود

ھڪ افريقي گيت آھي
“جڏھن ھو اسان وٽ پھتا
تہ انھن جي ھٿن ۾ بس بائيبل ھو
۽ اسان وٽ افريقا جي سموري ڌرتي هئي،
ھاڻي جڏھن ھو وڃن پيا تہ
اسان جي ھٿن ۾ بائيبل آھي
۽ ھنن جي ھٿن ۾ سموري ڌرتي!“

جڏھن ملير تي والار پئي ڪئي ويئي، اسان تڏھن بہ خاموش ھُئاسين، ھاڻي جڏھن ھو سنڌ جي ڄام شوري تائين پھتا آھن اسان تڏھن بہ خاموش آھيون.. ۽ جڏھن ھو سڀاڻي اسان جي گھرن تائين پھچندا اسان تڏھن بہ خاموش ھونداسين..
ڇو تہ اھو سنڌ جو گڏيل قومي الميو آھي، تہ جڏھن ڪنھن ٻئي جو گھر سڙندو آھي يا جڏھن ڪنھن ٻئي جي ڳچيءَ ۾ ھٿ وڌو ويندو آھي يا ڪنھن ٻئي جي جيون کي سوڙھو ڪيو ويندو آھي، اسان اھو سمجھي چپ رھندا آھيون تہ اھو اسان سان تہ نہ پيو ٿئي.. اھو اسان جو معاملو تہ ناھي.. اسان جو ڇا وڃي ان ۾.. ۽ پوءِ ان ئي قومي مجرماڻي خاموشيءَ ۾ اھو سڀ ڪجھ ٿي ويندو آھي، جيڪو نہ ٿيڻ گھرجي.

جئين تہ اسان قومي مجرم آھيون، اسان سنڌ جا قومي مجرم آھيون، اسان اٻوجھ سنڌي قوم جا مجرم آھيون. اسان خاموش رھياسين ۽ ملير جو نوي سيڪڙو علائقو بحريا نالي قبضا گير جي ھٿ ۾ ھليو ويو. اتي بہ اسان جو ڪردار اھو ئي مجرماڻو رھيو تہ اسان جو ڇا وڃي.. اسان جا گھر گھاٽ، ڳوٺ ڳليون، گس پيچرا ، ٻنيون ٻارا ۽ ميدان مقام تہ محفوظ آھن.. جڏھن تہ اسان جو ڪجھ بہ محفوظ نہ پھرين ھو، نہ ھاڻي آھي!
جڏھن ملير جي نوي سيڪڙي تي قبضو ھُجي، تہ اسان جي ھٿن ۾ ڇا رھندو؟ اسان جي تہ پيرن هيٺان ڌرتي ئي ناهي رهي¡
پر اسان ان خوش فھميءَ جا شڪار رھياسين يا اسان ڄاڻي ٻجهي قومي غفلت ڪئي، جو اڄ ملير وٽ ڪجھ بہ ڪونھي!
ان قومي ڏوھ ۾ بس اھي شامل ناھن، جيڪي ملير جي سادي ماڻھوءَ کان ووٽ وٺي ھڪ پاسي ٿي ويا اھن.. قومي ڏوھاري اھيو ڀلجي ويا ھُئا تہ اھي محفوظ آھن، پر اھي بہ محفوظ ناھن رهيا. ھا، ائين ٿي سگھي ٿو تہ وھندڙ گنگا ۾ ھٿ ڌوئڻ سان انھن پنھنجي ڪنھن ٻئي جاءِ تي ٺاھوڪا محل اڏي ڇڏيا ھجن ، ٺاھوڪا گھر ٺاھي ڇڏيا ھجن.. پر اھي ھنڌ ھر گز محفوظ ناھن، جن ھنڌن تي اھي ڄاوا، نپيا ،پليا ،جوان ٿيا. انھن ھنڌن جا تہ مقام بہ محفوظ ناھن.
ان ڪري ان قومي ڏوھ ۾ بس اھي ڀاڳي ڀائيوار ناھن، جيڪي اھو سمجھندا رھيا تہ اسان جو ڇا آھي.. حالانڪ انھن کي اھا خبر ھُئي تہ اھي گس ، پنڌ، گهيڙ، گھاٽ سڀ بند ٿي ويندا جتان اھي روز گزرن ٿا.. ان جي باجود اھي پنھنجي گھرن ۾، اکين تي پٽي ٻڌي خاموش ويٺا رھيا.. ھاڻي تہ اھي سمورا گس ، پنڌ گهيڙ گھاٽ بند ٿي چڪا آھن، جتان انھن قومي مجرمن جو روز گذر ھوندو ھو. ھاڻي ھڪ ٻئي جا ٻوٿ ڏسن ٿا، پر ھاڻي تہ تمام گھڻي دير ٿي چڪي آھي..

ھڪ اھي قومي مجرم آھن، جيڪي اسان جي سادڙن، اٻوجھ ، معصوم ملير واسين کان ووٽ تہ وٺي ويا پر نہ واپس مڙيا، نہ لڙيا، نہ وڙھيا، نہ خطري کان خبردار ڪيائون.. بس ووٽ وٺي وڃي انھن ٺيڪيدارن سان ملي ويا، جن ٺيڪيدارن ھاڻي ملير واسين جا گس بہ بند ڪري ڇڏيا آھن. ھاڻي اھڙن قومي مجرمن کي ڇا ڪجي؟

ھڪڙا اُھي قومي مجرم ھُئا، جن کي ھن سموري راند جي خبر ھُئي، پر جن اڳتي وڌي انھن بدمعاشن جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي تہ انھن کي ڊڄاريو ويو ٿي تہ اھي ظالم آھن، پئسي وارا آھن، انھن وٽ ٿاڻا ڪچھريون آھن، پوليس آھي، جيڪڏهن تو وٽ بہ ڪو زمين جو ٽڪر آھي، تہ اھو بہ انھن کي ڏئي ڇڏ، توکي سُٺا ڏوڪڙ ملي ويندا.. پوءِ اھو ٿيو تہ گھر تہ گھر، ڳوٺ تہ ڳوٺ، پر اھي مقام بہ وڪجي ويا يا قبضي ھيٺ اچي ويا، جن مقامن ۾ ملڪ رياض جي پڙ ڏاڏي جي عمر جا ملير واسي پوريل ھُئا پر انھن پراڻين قبرن مٿان بلڊوزر ڊولاڙيا ويا، پويان بس پراڻي قبرن مان پراڻي ھڏين جا ٽڙڪاٽ ھُئا!

ھڪ اھي قومي مجرم ھُئا، جن جي ھٿن ۾ دانش ، عقل، فھم جو سڳو ھو. اھي قوم کي سجاڳ ڪري پئي سگھيا، اھي پنھنجي قلم ۽ پنھنجي لکڻين جو منھن ان طرف ڪري پئي سگھيا، جتان ملير تي ملڪ رياض جي والار ھُئي پر اھي ان وقت بہڪارن زلفن، لال لبن، اڀريل ارهن، ڳورين ڳچين ۽ سنھڙي چيلھ جو ذڪر ڪندا رھيا ۽ سموري قوم انھن جي اھڙي لفاظيءَ تي واھ واھ ڪندي رھي، پويان ملير بي نام ٿيندو رھيو!

ھڪ اھي قومي مجرم آھن جن جي ھٿن ۾ سموري سنڌي قوم جون واڳون آھن، ڀلي انھن جا نالا ٻيا، ٽيا ھجن پر اھي تہ پاڻ کي سنڌي قوم جا يسوع ٿا سمجھن. ڀلي انھن جي منشور ۾ ڪجھ ٻيو لکيل ھُجي، ڀلي انھن جي ھٿن ۾ پڪڙيل جھنڊا ڪنھن ٻئي رنگ جا ھجن ۽ ڀلي انھن جي مٿي تي پاتل ٽوپيون ڪھڙي بہ رنگ جون ھجن، پر اھي تہ پاڻ کي سنڌي قوم جا مسيحا سڏرائيندا رھيا آھن، انھن ڇا پئي ڪيو جڏھن ملڪ رياض ڳريون مشينون کڻائي ضلعي ملير ۾ پھتو ھو، تڏھن اھي يسوع ڪردار ڪٿي گم ٿي ويا ھُئا؟

ھن قومي ڏوھ ۾ اھي بہ برابر جا شريڪ آھن، جن جي ھٿ ۾ قلم آھن، جن جا لکيل ڪالم ھر روز ڪنھن نہ ڪنھن اخبار جي زينت بڻجن ٿا، اھي لفظن جا جادوگر آھن اھي الفاظن جا سامري، اهي اکرن جو کٽيو کائيندڙ ان وقت خاموش رھيا، قومي ڏوھ ڪندا رھيا، جيستائين ملير جي نصيب ۾ راڪاس جھڙو بحريا ٽائون جُڙي راس ٿيو، تڏھن اھي قومي دانشور ڪٿي ھُئا؟

سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا بہ قومي ڏوھاري آھي، ڪجھ کي ڇڏي ڪري باقي سنڌي پرنٽ ميڊيا پنھنجي وس کان وڏيڪ ڪيو آھي، اڄ بہ سنڌي پرنٽ ميڊيا اھو ڪجھ ڪري رھي آھي، جنھن سان فرشتن جا پر سڙي وڃن ٿا، پر سنڌي الڪيٽرانڪ ميڊيا قومي ڏوھاري آھي، ان کي جيڪو ڪجھ ڪرڻ گھرجي ھا، ان اھو نہ ڪيو ۽ ان جو نتيجو اھو نڪتو تہ اگر ملڪ رياض ٻہ ايڪڙ خريد ٿي ڪيا، تہ ڏھ ايڪڙن تي ولار ٿي ڪئي!

ھاڻي اھو قبضو ملير کان نڪري وڃي، ڄام شوري تائين پھتو آھي، جتي ھڪڙو ڪردار ملڪ اسد سڪندر آھي تہ ٻيو ڪردار ڌرتيءَ جو عاشق يگانو طالب پالاري موري جو خالق رھندو ھو.
موري جي خالق کي پنھنجي ڪوھستان سان محبت ھُئي، جڏھن تہ ملڪ اسد سڪندر کي ڏوڪڙن سان محبت آھي! پر ڪوئي تہ پُڇي ان اسد سڪندر کان تہ ڪيترا اسد آيا، ڪيترا سڪندر ويا.. اڄ انھن کي ڪير ٿو ياد ڪري؟
ھاڻي تاريخ فيصلو اسد سڪندر تي ڇڏيو آھي، تہ اھو تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ گم ٿيڻ لاءِ تيار آھي يا ڌرتي جو پٽ ٿي پنھنجو وارو ملاھڻ لاءِ؟ ڇو تہ جن بہ دلالن ۽ وڏيرن ملير جي ماءُ جھڙي ڌرتي کپائي، اڄ انھن قومي ويرين کان ڪو بہ واقف ناھي، جڏھن تہ ڌرتيءَ جي پٽ فيض محمد گبول کي ملير ڇا، پر ڌرتيءَ تي وسڻ وارا انسان سڃاڻن ٿا.

جيڪڏهن اسان پنھنجي ان قومي زميواري کان واقف ناھيون، تہ اچو اسد سڪندر سان گڏجي سموري سنڌ ۽ ڪوھستان انھن کي لکي ڏيون، جيڪي ٻاھران آيا ۽ اڄ سموري سنڌ جا وارث ٿي پيا آھن ۽ اسان سنڌ واسين جي حالت اھڙي آھي جھڙو اھيو افريقي گيت، تہ

جڏھن ھو اسان وٽ پھتا
تہ انھن جي ھٿن ۾ بس بائيبل ھو
۽ اسان وٽ افريقا جي سموري ڌرتي هئي،
ھاڻي جڏھن ھو وڃن پيا تہ
اسان جي ھٿن ۾ بائيبل آھي
۽ ھنن جي ھٿن ۾ سموري ڌرتي!“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close