در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا جو سنڌي ترجمو) قسط-2

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

2- ٽونڪ

آئون ڪھڙي سال ۾ پيدا ٿيس؟ اھو ڏکيو سوال آھي.. مون جڏھن امان کان پڇيو تہ ٻڌايائين رمضان جو مهينو هو، ان ڏينھن تمام تيز برسات وسي رهي هئي. ھاڻي اھو مون تي ڇڏيل ھو تہ آئون پنھنجي پيدائش جي تاريخ جو اندازو ڪيان. اھڙي طرح جڏھن اسڪول جو فارم ڀريو ويو تہ مون 21 اپريل 1941ع لکي ڇڏي. ان ڳالھ سان ڪوبہ فرق نہ ٿو پوي آئون ان ڏينھن تي پيدا ٿيس يا نہ.. ھاڻي آئون پنھنجي جنم جي تاريخ اھا ئي سمجهان ٿو ۽ ان سان پنھنجي ڄمار ڳڻيان ٿو. بھرحال آئون پنھنجي پيدائش جي جڳھ نٿو وساري سگهان.

رياست ٽونڪ راجستان جي ھڪ رياست ھئي، جنھن جو پھريون نواب امير خان ھو. امير خان اوڻيھين صدي جي مشھور شخصيت ھئي، جنھن ڪرائي جي سپاھين تي ٻڌل ھڪ فوج تيار ڪئي ھئي ۽ انھن جو ڪم لٽمار ڪرڻ ھوندو ھو، جيڪي انھن کي پئسا ڏيندا هئا انھن لاءِ ھو وڙھڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويندا هئا. ھي مرھٽن سان بہ گڏ رھيا، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج سان بہ وڙھيا، پر جڏھن ڪمپني ھندستان جي سڀني طاقتن کي ھڪ ھڪ ڪري شڪست ڏني تڏھن ھنن بہ سمجهو تہ انگريزن سان وڙھڻ مشڪل آهي. ھيڏانھن انگريزن جي خواھش ھئي تہ ھو جنگ ڪن پر پوءِ ٻنھي ۾ ٺاھ ٿي ويو. ڪمپني ھنن کي راجستان جي ھڪ رياست ڏيئي ڇڏي، جنھن جو مرڪز ٽونڪ ھو.

جڏھن امير خان ۽ ان جي فوج ھتي آباد ٿي، ان وقت ھڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، بعد ۾ اھو ايترو ڪونہ وڌيو. فوج جي مختلف حصن پنھنجا پنھنجا پاڙا ٺاھيا، مثلاً ھڪ پاڙي جو نالو ’ڪالي پلٽن‘ ھو، ھن پاڙي ۾ ڪالي پلٽن جا ماڻھو آباد ٿيندا، بعد ۾ ٻيا پاڙا بہ آباد ٿيندا رھيا. انھن ئي پاڙن ۾ ھڪ پاڙو ’قافلہ‘ نالي ھو، جتي منھنجي ناني جي حويلي ھئي. ان پاڙي ۾ سيد احمد شھيد جا ساٿي بالاڪوٽ جي شڪست کان پوءِ آباد ٿيا هئا. ان ڪري ھن کي ’قافلہ‘ چيو ويو. سيد احمد شھيد نواب امير خان جي فوج ۾ نوڪري ڪئي ھئي، ان ڪري انھن جا ھڪٻئي سان واسطا ھئا۔ جڏھن ھو سرحد صوبي ۾ ويو تہ ٽونڪ مان ٿي پوءِ ويو هو. نواب ان جي مالي سهائتا بہ ڪئي ھئي. شايد ڪجهہ پٺاڻ بہ سندس فوج ۾ شامل ھئا، بعد ۾ سندس خاندان ۽ تحريڪ جا ٻيا ماڻھو ھتي اچي آباد ٿيا. ھي ماڻھو پنھنجي پاڻ کي وھابي سڏائيندا هئا، ان ڪري انھن پنھنجي الڳ مسجد ٺاھي ورتي، جتي انھن کان سواءِ ٻيا ماڻھو بہ نماز پڙھندا ھئا.

شھر ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ھيون، پر رش نہ ھوندي ھئي. جمعي جي نماز صرف جامع مسجد ۾ ٿيندي ھئي ۽ عيد جي نماز عيد گاھ ۾ ٿيندي ھئي. عيد نماز اسان جو استاد قاضي صاحب پڙھائيندو ھو، جيڪو پالڪي ۾ سوار ٿي، ڪارو لبادو ۽ عمامو پائي وڏي شان سان ويندو هو. ان وقت مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪر نہ ھوندا ھئا، ان ڪري رات جي خاموشي ۾ پري کان ايندڙ آذان جو ھڪ تاثر پيدا ڪندو هو. ان وقت مسجدن جي حيثيت خالص مذھبي ھوندي ھئي. شھر ۾ ھندن ۽ مسلمانن جا پاڙا الڳ بہ ھوندا ھئا تہ گڏ بہ.

منھنجي ڏاڏي جو ڀاءُ ۽ اسان جا ٻہ چاچا رجبن پاڙي ۾ رھندا ھئا. اتي مسلمانن جي آبادي گ گهڻي ھوندي ھئي. نواب جي حويلي سان گڏ جيڪا آبادي ھئي، ان کي ’شاگرد پيشا‘ چيو ويندو هو۔ جنھن پاڙي ۾ اسان رھندا ھئاسين، ان کي امير خان جي نالي پٺيان امير گنج محلو سڏيو ويندو هو. اسان جو گهر سڀني کان الڳ ھوندو ھو. اسان جي سامھون ننھي ميان جي حويلي ھئي، جيڪو پوءِ ٽونڪ جو آخري نواب بڻيو. ان حويلي جي چئني طرفن کان وڏيون وڏيون ديوارون ھيون، ان ۾ جيڪي ماڻھو رھندا ھئا، انھن سان اسان جو ڪڏھن بہ رابطو نہ ٿيو. اسان جي گهر جي پاسي ۾ جولاھن جو پاڙو ھو، جن پنھنجا گهر ڪجهہ اھڙي طريقي سان ٺاھيا ھئا، جو انھن جي پاڙي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ صرف ٻہ رستا ھوندا ھئا، باقي ٻين پاسن کان بند ھو.

اسان جي گهر جي پاسي ۾ جيڪو گهر ھو، ان جي ھڪ ڀت ۾ موکھا ٺھيل ھو، جتي ڪڏھن ڪڏھن منھنجي ڏاڏي وڃي پاڙيواري سان ڪچھري ڪندي ھئي. گهر جي ڪم ڪار کان واندي ٿيڻ کان ڏاڏي جو اھو واحد ذريعو ھوندو ھو. گهر جي پٺيان ھڪ ميدان ھوندو ھو، جنھن جي ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪ مزار ھوندي ھئي، جتي ھر خميس تي قوالي ڳائيندا هئا. ان جي پاسي ۾ لوھارن جو پاڙو ھوندو ھو، جتي انھن جا دڪان ھوندا ھئا ۽ دڪانن جي پٺيان لوھارن جا گهر ھوندا ھئا. ان ميدان تي لوھار گاڏين جي ڦيتن تي لوھ جو فريم چاڙھيندا ھئا. لوھ جو اھو فريم باھ ۾ گرم ٿي ڳاڙھو ٿيندو ھو، ان کي ڦيتي تي چاڙھي پاڻي وجهندا ھئا ۽ پوءِ ھٿوڙي سان ڦيتي ۾ فٽ ڪري ڇڏيندا هئا. آئون ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهر جي ڇت تي بيھي اھو منظر ڏسندو ھئس.

اسان جي گهر جي اتر ۾ رحمون جي مسجد ھئي، جنھن جي مؤذن جو نالو مسيتا ھو. وضو لاءِ مسجد ۾ ھڪ وڏو حوض ھوندو ھو، ان جو پاڻي ان وقت بدلي ڪيو ويندو هو، جڏھن گندو ڪارو ٿيندو ھو. مسجد جو دروازو ھر وقت کليل ھوندو ھو. اڪثر ڪري مسافر بہ اچي رھندا ھئا. رمضان ۾ پاڙي جا سڀ ماڻھو مسجد ۾ اچي روزو کوليندا ھئا. اسان جو گهر اڌ ڪچو ۽ اڌ پڪو ھو، ان وقت گهرن جي دروازي وٽ پردي واري ڀت ھوندي ھئي ۽ دروازو کليل ھوندو ھو، صرف رات جو بند ڪيو ويندو هو. ڪو مھمان ايندو هو تہ ھو وڏي آواز ۾ سڏ ڪندو هو. اسان جي گهر جو نقشو بہ ڪجهہ اھڙي قسم جو ھو، اڳيان ورانڊو ھوندو ھو ۽ ڇپرو ھوندو ھو، جيئن برسات جو پاڻي جمع نہ ٿي سگهي. اڳيون حصو پڪو ھو ۽ ان جي سامھون چبوترو/ٿَلھو ٺھيل ھو. گرمين ۾ گهر جا سڀ ڀاتي ورانڊي ۾ سمھندا ھئا. گهر جي ھڪ حصي ۾ رڌڻو ھو. ان وقت ٻارڻ لاءِ ڇيڻي جو استعمال ٿيندو ھو، ڇيڻن مان اڪثر ڪري وڇون ۽ ٻيا ڪيڙا ماڪوڙا نڪرندا رھندا ھئا. ان دور ۾ بجلي نہ ھوندي ھئي، گهٽين ۽ رستن تي گيس جا ليمپ ٻاريا ويندا هئا. گهڻو پوءِ بجلي اچڻ کان پوءِ گهٽيون ۽ رستا روشن ٿي ويا. گهرن ۾ روشني لاءِ لالٽين، ميڻ بتيون ۽ ڏيئا ٻاريا ويندا هئا. منھنجي ڏاڏي بچت ڪندي ھئي، گهٽي ۾ جڏھن بلب لڳو تہ ڏاڏي پنھنجو ڪم ڪار ان بلب جي روشني ۾ ڪرڻ لڳي.

جنھن وقت مون پنھنجي ڏاڏَي کي ڏٺو ھو، ھو ان وقت اکين جي روشني کان محروم ٿي چڪو ھو، بعد ۾ خبر پئي تہ ھن کي موتيو ٿيو ھو، صحيح علاج نہ ٿيڻ ڪري ڏاڏَي پنھنجون اکيون وڃايون ھيون. ڏاڏو قد جو ڊگهو ۽ مضبوط ھاٺي ھيس، ھو جئپور رياست ۾ پوليس جي نوڪري ڪندو هو، ان جو وڏو ڀاءُ بہ پوليس ۾ ھو. ھي ٻيئي ملازمت جي مدت پوري ڪري ٽونڪ ۾ اچي رھيا.

اسان جي خاندان جي تاريخ ڏاڍي دلچسپ آهي، اسان جو خاندان مغلن جي دور ۾ پشين کان ھندستان آيو هو، ان جو تعلق قبيلي ترين جي ھڪ شاخ سان ھو. پٺاڻن ھندستان ۾ ڪرائي جي فوجين طور ڪردار ادا ڪيو هو. ارڙھين ۽ اوڻيھين صدي ۾ جڏھن سياسي انتشار شروع ٿيو ۽ مغلن جي زوال جي ڪري ڪيتريون ئي رياستون ٺھڻ لڳيون، تڏھن پٺاڻ فوجين جي ضرورت پيش آئي. اسان جو خاندان ٻين خاطر وڙھندو، ڦرمار ڪندو، آخرڪار سرائي ترين تي اچي آباد ٿيو. ھتي پٺاڻ وڏي تعداد ۾ ھئا، جيڪي روزگار جي تلاش ۾ پوري ھندستان ۾ ڦرندا رهندا هئا. امير خان جيڪو بعد ۾ ٽونڪ جو نواب ٿيو، ترين نہ ھو پر ان جو گهر سرائي ترين ۾ ھو. جڏھن ھي نواب ٿيو ڪيترائي پٺاڻ خاندان سنڀل کان ٽونڪ آيا، انھن ۾ منھنجو ڏاڏو بہ ھو.

ڪجهہ روايتون اھي بہ آھن تہ اسان جو خاندان صرف هڪ نسل تائين ھڪ ھنڌ رھيو. منھنجو ڏاڏو سنڀل مان ٽونڪ آيو، منھنجو والد ٽونڪ مان حيدرآباد سنڌ ۾ آيو، آئون حيدرآباد ڇڏي لاھور ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ ھاڻي ڏسون تہ منھنجو اولاد ڪٿي ٿو رهي. ان ڪري اسان جي نہ برادري آھي، نہ وڏو خاندان ۽ نہ ئي ڪو اباڻو قبرستان…

اکين جي نرت وڃائڻ کان پوءِ ڏاڏَي جي زندگي معذوري واري ٿي وئي. ھو گهر ۾ ھڪ وڏي لٺ جي سهاري سان ھلندو ھو، گهڻو وقت سمھندي گذاريندو هو، جڏھن آئون وڏو ٿيس تہ ڏاڏي کي ڪھاڻين جا ڪتاب پڙھي ٻڌائيندو ھئس ۽ ھو مون کي پنھنجا پراڻا قصا ٻڌائيندو ھو. خاص طور تي ھڪ واقعو ڏاڍو سنسني خيز لڳندو هو، جڏھن ھن اڪيلي ڪنھن مشھور ڦورو کي پڪڙيو ھيو. ڏاڏي جي زندگي تمام سادي گذري، ھن نہ ڪا جائداد ٺاھي ۽ نہ ئي ڪا دولت گڏ ڪئي. ھن جي مقابلي ۾ ڏاڏِي وڏي ھوشيار ۽ زماني شناس عورت ھئي. ھو گهر جي خرچ ۾ وڏي بچت ڪندي ھئي، ھو ڪڏھن به ڪنھن تي بوجهہ نہ ٿي ۽ پنھنجو خرچ پاڻ برداشت ڪيو. ھو اسان سان گڏ پاڪستان آئي ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ ان جي وفات ٿي. مرڻ کان پوء ھن کان ڪيتريون اشرفيون نڪتيون، جيڪي ھن پاڻ وٽ وڏي حفاظت سان رکيون ھيون.

ھلندڙ


  1. در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا جو سنڌي) ترجمو قسط-1

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close