در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط-6

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

بازار ۾ کائڻ پيئڻ خراب سمجھو ويندو هو انڪري ھر شيءِ گھر اچي کائبي هئي. ان وقت شھر ۾ ھڪ يا ٻہ ھوٽل ھوندا ھئا. ھوٽل ۾ ويھڻ واري کي خراب سمجھو ويندو هو. ننڍپڻ ۾ آئون ڪڏھن ڪنھن ھوٽل ۾ ويٺس نہ چانھ پيتم ۽ نہ ئي ڪڏھن ٻاھر ماني کاڌم. جيڪڏھن ڪو ٻار انھي روايت يا اصول کي ٽوڙي ھا تہ وڏو ضرور سختي سان تنبيھ ڪري ھا. وڏن جي اڳيان خاموش رھبو ھو، ڪير بہ بنا ڪنھن غلطي جي ڇڙٻ ڏيندو هو تہ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٻڌبو هو، ان ماحول ۾ ننڍن جو ڪو بہ احترام ۽ عزت نہ ھئي. وڏا ننڍن کي ڌڙڪا ڏيندا ۽ حڪم هلائيندا رھندا ھئا. مدرسن ۾ اھو تاثر ھو تہ ٻار صرف موچڙن جي ڪري پڙھڻ ٿا، انڪري سخت سزا جو رواج ھوندو هو. استاد ھڪ خونخوار جانور وانگر ھوندو ھو جيڪو ھميشہ پنھنجي شڪار جي تاڙ ۾ ھوندو ھو، ٻار مدرسي وڃڻ کان لنوائيندا هئا، اڪثر ٻار مدرسي مان ڀڄي ويندا ھئا ۽ ايترا تہ نود ٿي ويندا هئا جو پادرن کان بہ نہ ڊڄندا ھئا. ضد ۾ اچي پڙھائي ڇڏي ڏيندا هئا، اھڙي طرح ڪيترائي ھوشيار ٻار پڙھڻ کان رھجي ويا.

منھنجو خيال آھي تہ ٽونڪ ۾ ڪا بہ بئنڪ نہ ھوندي ھئي جتي ماڻھو پنھنجا پئسا رکن، ان ڪري اڪثر ماڻھو پنھنجو پئسو گھرن ۾ لڪائي رکندا هئا. ڪنھن زماني ۾ تہ زمين ۾ پوريندا ھئا جيئن چوري کان محفوظ ھجي. ٽونڪ رياست جي پنھنجي ڪرنسي ھوندي ھئي، رپئي جو وڏو مان ھوندو ھو. پيسن جي حساب سان شيون خريد ڪبيون ھيون، اڪٽر ڪوڙيون بہ ڪرنسي طور استعمال ڪبيون ھيون. بازار ۾ صرافن جا دڪان ھئا جتي چاندي جي پئسن جا ڍڳ ھوندا ھئا، ان ڍڳ جي پٺيان سيٺ ويٺل ھوندو ھو، روپيو بدلائڻو ھوندو ھو تہ ان سيٺ وٽ وڃبو هو. اھي وياج تي قرض بہ ڏيندا هئا. ان وقت چوري جو وارداتون نہ ٿينديون هيون، گھرن جا دروازا رات جو دير تائين کليل رھندا ھئا، جھيڙن ۾ چاقو يا ڇري جو استعمال ٿيندو هو يا ٿڦڙن تي جھيڙو ختم ٿي ويندو هو. جھيڙي جي باري ۾ ھڪ دفعي اسان جي ڏاڏي ٻڌايو ھو تہ سندس نناڻ سنڀل کان آئي، ان ڏينھن پاڙي ۾ جھيڙو ٿي پيو، ٿورو گھڻو گوڙ ٿيو، جڏھن مرد گھر آيا تہ انھن کان پڇيائين گھڻا ماڻھو زخمي ٿيا ۽ گھڻا قتل ٿيا؟ جڏھن کيس ٻڌايو ويو تہ خير ٿي ويو تہ انتھائي مايوسي مان چيائين ٽونڪ جي پٺاڻن جو ڇا ٿيندو صرف گوڙ ڪندا آهن، اسان وٽ سنڀل ۾ معمولي جھيڙي ۾ ٻہ چار ضرور زخمي ٿيندا آهن. ٽونڪ جو معاشرو ٻين علائقن وانگر مردن جو معاشرو ھو، ھتي عورتون ٻاھر نظر نہ اينديون هيون سواءِ ھندو عورتن جي. انھن جي تفريح جو واحد ذريعو خانداني تقريبون ھونديون ھيون. شادين جون تقريبون بہ مھينن جا مھينا ھلنديون ھيون، اھڙن موقعن تي پري جا مھمان ايندا هئا. عورتن جي ھڪ تفريح پڪنڪ بہ ھئي جنھن کي گوٽ چوندا ھئا، گوٽ لاءِ مناسب جڳھ يا بناس ندي يا نوگزي صاحب جي قبر وارو علائقو ھوندو ھو. مونکي ياد آهي تہ ھڪ دفعي نوگزي صاحب جي قبر تي وياسين، ھي قبر تمام ڊگھي ھئي، ان تي چادر پيل ھئي ۽ چوڌاري اگر بتين جي خوشبو ڦھليل ھئي، ان جي ويجھو ئي ندي وھندي ھئي، جنھن جو پاڻي جبلن مان ايندو هو، پاڻي ايترو تہ صاف۽ شفاف ھوندو ھو جو ان مان مڇيون بہ نظر اينديون هيون. منھنجي والده پنھنجن ڀيڻن سان ملڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ٽونڪ کان ٻاھر ويندي هئي، ان جي ھڪ ڀيڻ انياري ۾ رھندي ھئي، انياري ھڪ ننڍي رياست ھئي، ٻي ڀيڻ کاتولي ۾ جتي پٺاڻ رھندا ھئا جيڪي ھارپو ڪندا ھئا. جيستائين گاڏي شھر ۾ ھوندي ھئي تہ پردو ھوندو ھو، گاڏي جيئن ويراني ۾ ايندي هئي پردو ھٽايو ويندو هو. بيل گاڏي ڪچي رستي تي آھستي ھلندي ھئي، سفر اڪثر رات جو ڪيو ويندو هو، چانڊوڪي راتين ۾ سفر انتھائي وڻندڙ ھوندو ھو. رستن جي ٻنھي پاسن کان ساوا فضل نظر ايندا هئا تہ اڃا بہ دلڪش نظارو ٿي ويندو هو. ان موقعن تي اسان گاڏي مان لهي فصلن مان گل پٽيندا ھئاسين ۽ پوءِ ھلندي گاڏي ۾ ڊوڙندي سوار ٿيندا ھئاسين. ان کانسواءِ ٻيرن مان ٻير پٽيندا ھئاسين.انياري ھڪ ننڍي رياست ھئي جنھن جو راجا ھڪ ھندو ھو، ان ڪري اتي شڪار ڪرڻ سخت منع ھوندو ھو، ھتي مور تمام گھڻا ھوندا ھئا. اڪثر ڪري مور مست ٿي نچندا هئا ۽ انھن جو آواز شھر ۾ گونجندو رهندو هو. ھتي مسلمان ۽ ھندو ھڪئي رنگ ۾ نظر ايندا هئا، ھتان ٿي اسان کاتولي ويندا ھئاسين ھي ھڪ ننڍو ڳوٺ هو، پٺاڻن ھتي تلوار ڇڏي ھر ۾ ھٿ وڌو هو. زمينن جي وچ ۾ ڪچا پڪا گھر ٺھيل ھئا، گھرن ۾ ڍڳيون ۽ مينھون ھونديون ھيون. مرد شام جو چبوتري تي ويھي ڪچھري ڪندا هئا، ھتي عورتن کي ڪجھ آزادي مليل ھئي، اھي ھڪ گھر کان ٻي گھر تائين بغير پردي جي وينديون هيون. آئون والد سان گڏ منڊاور ويندو ھئس ھتي والد رياست طرفان ڍل وصول ڪرڻ ويندو هو، جنھن گھر ۾ اسان رھندا ھئاسين اھو مٿي اوچائي تي ٺھيل ھو. بابا ھيٺ فرش تي ويھندو ھو ۽ ھاري پئسا ڏيندا ويندا هئا، پئسن جو ڍڳ لڳي ويندو هو. ھي گھر سرڪاري ھوندو ھو ان ڪري ھتي مختلف وقتن تي ماڻھو اچي رھندا ھئا ۽ يادگار طور ديوارن تي قول لکي ويندا هئا. مون بہ ھڪ ديوار تي پنھنجو نالو لکيو هو. شايد ھاڻي اھو ڊھي ويو ھجي. آئون جڏھن گھر کان ٻاھر گھمڻ ويندو ھئس تہ ڪبوترن ۽ پاريھرن جو آواز ٻڌندو ھئس، حالانڪہ آئون غليل رکندو ھئس پر ڪڏھن بہ ڪنھن جو شڪار نہ ڪيم. شام جو جڏھن ڳوٺ وارا والد سان ملڻ ايندا هئا، ان وقت آئون ھمعمر ڇوڪرن سان پٽ تي ويھي تاش کيڏندو ھئس. ڳوٺ ۾ اسان جي پسنديده ڊش ماش جي دال ھوندي ھئي. والد کي شڪار جو وڏو شوق ھوندو ھو، ھو ھرڻ ۽ تترن جو شڪار ڪندو هو، جيڪڏھن شڪار گھڻو ٿيندو هو تہ رشتيدارن کي بہ ڏيندو هو. ان وقت ريفريجريٽر جي سھولت ھجي ھا تہ گوشت کي محفوظ ڪجي ھا. ٽونڪ ھڪ رياست جي حيثيت ۾ رھيو، ھتي امير خان جي خاندان جا ماڻھو نواب ٿيندا رھيا. وقت سان گڏ پنھنجي طاقت وڃائيندا رهيا. نواب جي خاندان جا مرد صاحبزادہ سڏرائيندا ھئا. ھاڻي اھو لفظ پنھنجي اصلي معني وڃائي چڪو آهي ۽ ھاڻي ان کي ناڪاره ۽ عياش سمجھو وڃي ٿو. انھن جو گذر سفر پنھنجن جائدادن تي ھوندو ھو، جيڪا خاندان جي وڌڻ سان گھٽجندي پئي وئي، ان ڪري حويلين جي حالت ڏينھون ڏينھن بدتر ٿيندي وئي. حالتن جي تبديلي انھن صاحبزادن کي پنھنجي لپيٽ ۾ اھڙو آندو جو اھي گم ٿي ويا ، تاريخ مان تمام گھٽ ماڻھن سبق سکيو ھوندو جيڪا مراعت ھڪ دفعو ملندي آهي ان جي آسري تي نہ ويھبو آھي، پر ان سان گڏوگڏ پنھنجي پاڻ کي تبديل ڪبو آهي. ھندستان رياستن جي حڪمرانن پنھنجي پاڻ کي وقت سان گڏ تبديل نہ ڪيو، انڪري جڏھن رياستون ختم ٿيون تڏھن انھن جا وظيفا بہ بند ٿي ويا. ننڍين رياستن جا خاندان پنھنجي سڃاڻپ وڃائي عوام سان رلي ملي ويا. ھن وقت جڏھن ھي سٽون لکي رھيو آھيان، ٽونڪ کي ڇڏيندي 48 سال گذري چڪا آھن پر مونکي 1952ع وارو ٽونڪ اڄ بہ ياد آهي. اڄ بہ رات جو اکيون بند ڪري سمھان ٿو تہ پوري شھر جو نقشو ذھن۾ اچي ويندو آهي. ايئن محسوس ٿئي ٿو اڄ بہ شھر پنھنجي اصلي حالت ۾ موجود ھجي. شايد زمانو اڳتي نہ وڌيو آهي. آئون ھر روز اکيون بند ڪري محسوس ڪيان ٿو تہ گھر کان ٻاھر نڪري آيو آھيان، رستي ۾ ھڪ
ماڻھو نظر اچي ٿو جيڪو چريو ٿي ويو آهي، ھو وڏي لٺ کڻي گھٽي ۾ بيٺو آهي، ڪنھن سان ڳالھائي نٿو بيٺي بيٺي ٿڪجي پوي ٿو تہ ٻي پاسي ھليو ٿو وڃي، ان جي سامھون گذرندي مونکي ڊپ ٿيندو آھي، انڪري آئون ان جي سامھون تڪڙو گذري ٿو وڃان، منھنجي ذھن ۾ اھو رستو اڄ بہ محفوظ آھي. جڏھن آئون اکيون کوليان ٿو تہ خيالن مان ٻاھر نڪري اچان ٿو. منھنجي دل چوي ٿي تہ ھڪ دفعو ٽونڪ ضرور وڃان پر سوچان ٿو تہ جيڪڏھن گھر ويس ۽ اتي امان کي رڌڻي ۾ ماني پچائيندي، بابا کي بستري تي ليٽي ڪتاب پڙھندي، ڏاڏي کي ھٿ ۾ لٺ کڻي گھمندي ۽ ڏاڏي کي ڪپڙا سبندي ۽ ناني جي گھر ناني کي مرثيا پڙھندي زارو قطار روئيندي ۽ مامي کي سائيڪل جي صفائي ڪندي نہ ڏٺم تہ آئون بي اختيار روئڻ لڳندس ۽ منھنجي ڳوڙھن کي ڪير روڪيندو.

ھلندڙ

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close