برسات، رومانويت ۽ مست توڪلي

رياض بلوچ

مست توڪلي پنهنجي دوست بهادر هان (خان) سان گڏ رستراني جي اوچن جبلن ۾ سئر ڪري رهيو۔ مند ملوڪ هئي، هلڪي برسات وسي رهي هئي۔ جهنگ ۾ موريل مختلف گل ٻوٽن جي خوشبو ۽ مِٽيءَ جي مهڪ حواسن تي ڇائنجي رهي هئي، وڻ ڌوپجي چهچ ساوا ٿيا هئا.. اوچتو کنوڻ ۽ گجگوڙ سان وڏ ڦڙو مينهن وسڻ لڳو، مست ۽ سندس دوست برسات کان بچاء لاءِ پناهگاه ڳولڻ لڳا۔ هلندي هلندي کين ڪجهہ گدان (بلوچي جهوپڙا) نظر آيا۔۔ پري بيهي سڏ ڪيائون ته هڪ پوڙهي مائي ٻاهر نڪتي ۽ مهمانن کي پنهنجي جهوپڙن کان ٿورو پرڀرو هڪ جهوپي ۾ ويهاريائين.

هاڻي اونداهي ڇائنجي وئي ۽ برسات سان طوفاني هوائون گهلڻ لڳيون۔۔ ميزبانن جي جهوپڙن مان هڪ نوجوان عورت ٻاهر نڪتي ۽ خيمي جا رسا مضبوط ڪرڻ لڳي۔ هوا جو زوردار جهوٽو لڳو ته سندس رئو اڏامي ويو ۽ وار وکرجي ويا۔ ان دوران کِنوڻ کِنوي آڪاس ۽ ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيو ته ان پري زاد جي حسن جي تجلي پري کان نظارو ڪندڙ مست تي وڄ جيان ڪِري ۽ سندس هوش حواس کي ڀسم ڪري ڇڏيائين! اها پري زاد سمو هئي..

مست توڪلي جي زندگيءَ مان سڀ ڪجهہ ميٽجي ويو ۽ فقط سمو ۽ سمو ئي رهجي وئي.

ميزبان مرد مال ڪاهي موٽيا ته مهمانن کي کاڌو ۽ هنڌ آڻي ڏنائون پر مست توڪلي نه ماني کاڌي ۽ ننڊ ڪيائين۔۔ سندس دوست هر هر کانئس پڇندو رهيو پر ھن هڪ لفظ به نه ڳالهايو ۽ ٽڪ ٻڌي ان جاءِ ڏانهن ڏسندو رهيو، جتي سمو کي ڏٺو هئائين۔ سڄي رات گذري صبح ٿيو بهادر هان پريشانيءَ ۾ کائنس ٻيهر پڇڻ شروع ڪيو، گهڻين ايلازن کان پوءِ، ھن نيٺ ان هڪ جملو ڳالهايو:
منءَ تہ زالا کُشتہ من کارا شتغاں
(مون کي مائيءَ ماري ڇڏيو.. آئون ڪنهن ڪم جو نه رهيس)

ان کان پوءِ سڄي حياتي هر هڪ شيءِ ۾ کيس سمو نظر ايندي هئي۔۔ هو سمو جي درد کي وسارڻ لاءِ ڪوهلو کان وٺي مڪران ۽ سنڌ کان وٺي ديري غازي خان تائين رلندو رهيو.

مست جي سڄي شاعري جو محور سمو آهي۔۔ ان پنهنجي شاعريءَ وطن، وطن جي ماڻهن، خدا، نبي صلي الله عليه وسلم ، امامن ۽ ولين جو ذڪر ڪيو ته هر جاءِ سمو جي ساراه ڪيائين

بمبوئیں جاد گوں بارغیں سِرینا
تُرنداں چو آمڑ داثغیں تیغاں

(سنهي چيلھ تي وکريل ڪارا وار
زهر ۾ ٻڏل تکي ترار مثل آهن)

چار دھی ماہے آسی ژہ کوھ بارغاں
دوست منی درینے کوشتی مں شریں کوکراں
کیث پہ آسمانا ہر گرہ ڈیھ ایں مائخاں
چلیکاں جنت چو ساؤنڑیں آبندیں جڑاں

(هوءَ جبل جي چوٽيءَ تان ليئا پائيندڙ چوڏهين جو چنڊ آهي
هوءَ آڪاس تي اڀريل انڊلٺ آهي..
هوءَ جڏهن آسمان تي اڀري ٿي ته چارئي پاسا روشن ڪري ٿي
هوءَ ساوڻ جي بادلن ۾ چمڪندڙ وِڄ آهي۔)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close