فردوس سئنيما جي مٿان ڪينٽين ھوندي ھئي، جتي ڪنھن زماني ۾ يونيورسٽي جي شاگردن جو ٺڪاڻو هوندو هو. انھن شاگردن ۾ اڪثريت سي ايس ايس جي تياري ڪندا ھئا ۽ گھڻا تہ پاڻ کي وقت کان اڳ آفيسر سمجھڻ لڳا ھئا ۽ بعد ۾ انھن مان آفيسر ٿيا. ھتي ھر ڪنھن جي اھا ڪوشش ھوندي ھئي تہ بل ٻيو ڪو ادا ڪري. بابو جيڪو ويٽر ھوندو ھو، سمجھي ويو هو تہ ڪير بل ڏيئڻ وارو آھي ۽ ڪير مفت خور. ان زماني ۾ صولت نالي ھڪ شاگرد جنھن وٽ خبر ناهي ڪٿان پئسو آيو هو، رات پيٽ ۾ امير ٿي ويو ھو، ان راز جي اڄ ڏينھن تائين خبر نہ پئي آھي. صولت يونيورسٽي ۾ ٽانگي تي ايندو هو ۽ واپسي تائين ٽانگو انتظار ۾ بيٺو ھوندو ھو. اھو مفت چورن جو سربراھ ھوندو ھو. ماني، چانھن ۽ سئنيما تي فلم ڏيکارڻ صولت جي بلي ھوندو ھو پر صولت کي جڏھن اھا خبر پئي تہ سندس مفت خور دوست کائن بہ ٿا ۽ گلا بہ ڪن ٿا تڏھن ھن انھن مفت خورن کي انڊس ھوٽل وٺي ويو، خوب کارايائين ۽ ڪو بھانو بڻائي ھوٽل مان کسڪي ويو، مفت خور ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ ڦوڙي ڪري ھوٽل جو بل ادا ڪيائون. سلطان ھوٽل ان وقت شاعرن، اديبن ۽ فلمي دنيا ۾ دلچسپي رکندڙن جو مرڪز ھوندي ھئي. ھي ھوٽل ھاڻي گاڏي کاتي ۾ واقع آهي. پر ھاڻي ھي ھوٽل پراڻي سڃاڻپ وڃائي ويٺي آهي. ان وقت ھيٺين حصي ۾ ماني ۽ چانھن سستي ھوندي ھئي جڏھن تہ مٿيون حصو مھانگو ھوندو ھو. شام ٿيندئي مٿين حصي ۾ شاعر، اديب ۽ صحافي پھچي ويندا هئا، ھتي ويھڻ لاءِ ڪيبن ٺھيل ھوندا ھئا. ھر ڪيبن ۾ تصويرون ٺھيل ھونديون ھيون. ڪنھن تصوير ۾ ٽارزن ۽ شينھن ھڪٻئي سان مقابلو ڪندي ڏيکاريل ھوندا ھئا تہ ڪنھن ۾ ھاٿي تي سوار بھادر شخص شينھن جو شڪار ڪري رھيو ھوندو ھو. ڪيبن جي ڀتين تي ٺھيل تصويرون بدلبيون رھنديون ھيون. ھوٽل جي ڀتين تي لکيل ھوندو ھو تہ ھتي سياست تي گفتگو ڪرڻ سخت منع آهي. پر پوءِ بہ ماڻھو سياست تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا ھئا. ڪو بہ ان نصيحت کي کنگھندو بہ نہ ھو ۽ نہ ئي ھوٽل جي مالڪ ايئن چيو تہ بابا ھتي سياست متعلق گفتگو ڪرڻ منع ٿيل آھي. جڏھن اختر انصاري ۽ اڪبرآبادي حيدرآباد آيا تہ انھن پنھنجو رسالو "نئي قدرين” ڪڍڻ شروع ڪيو، رسالي جي آفيس سلطان ھوٽل ۾ ھوندي ھئي، بعد ۾ جڏھن ھو غزنوي ھوٽل ۾ ڪرائي جو ڪمرو وٺي رھڻ لڳا تہ ماني گاڏي کاتي جي ھوٽلن ۾ کائيندا هئا. بقول اسان جي ھڪ دوست جي تہ گاڏي کاتو انھن جو ڊائننگ ھال ھوندو ھو، سڀ کان مشھور جڳھ يونيورسٽي جي ڪينٽين ھوندي ھئي، جتي ھڪ چانھ وٺڻ تي ٻہ يا ٽي ڪوپ ملندا هئا. ھتي صبح کان شام تائين شاگردن جا ميڙا متل ھوندا ھئا. آئون جڏھن شاگرد ھوندو ھئس پئسن جو وڏو مسئلو ھوندو ھو. ان ڪري ڪينٽين يا ھوٽل ۾ ماني يا چانھ پيئڻ کان پھرئين کيسي ڏي ڏسندو ھئس. ٻي طرف اھڙا ماڻھو بہ ھوندا ھئا جيڪي ھوٽل ۾ ڪو سڃاڻو ڏسندا ھئا سلام ڪري وڃي پاسي ۾ ويھندا ھئا بنا ڪنھن حجاب جي چوندا ھئا ادا چانھ تہ پيارجو. جڏھن حيدرآباد ۾ ھوٽل ۽ ڪينٽين کلي تہ واندن کي ويھڻ لاءِ ھڪ سٺي جڳھ ملي وئي. ھي ايئرڪنڊيشن ھوٽل ھئي، ان ڪري حيدرآباد وارن لاءِ ھڪ نئون تجربو ھو. بعد ۾ فاران نالي ھڪ ٻي بہ ايئرڪنڊيشن ھوٽل کلي. پر حيدرآباد جي پراڻي ۽ روايتي ھوٽل رٽز ھئي، ھتي ماڻھو چانھ پيئڻ نہ پر ماحول مان لطف اندوز ٿيئڻ ايندا هئا. ھوٽل جو ھال گھر جو ڊرائينگ روم لڳندو هو. ھتي اسان ايندا ھئاسين، ڪافي دير ويھڻ کانپوءِ بہ ڪير چانھ جو آرڊر وٺڻ نہ ايندو هو، آخر مجبور ٿي پاڻ وڃي چوندا ھئاسين پوءِ بہ ڪافي دير کان پوءِ چانھ ملندي هئي. ھوٽل جي ٻاھران ھڪ لان ھوندو ھو جتي ڪرسيون پيل ھونديون ھيون. شام جو لان ۾ ويھي حيدرآباد جي ٿڌي ھوا کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. ھاڻي ان ھوٽل جو نقشو بدلجي ويو آهي. لان ۾ دڪان ٺھي ويا آهن ۽ ھوٽل جي اڳئين حصي ۾ بہ مارڪيٽ ٺھي وئي آھي. 1960ع جي شروع ۾ ڄامشورو ۾ غلام محمد بئراج (جيڪو ھاڻي ڪوٽڙي بئراج جي نالي سان مشھور آھي.) وٽ المنظر نالي ھوٽل کلي تہ تمام گھڻي مشھور ٿي. ماڻھو اتي وڃڻ چاھيندا ھئا پر سواري جو وڏو مسئلو ھوندو ھو. ان وقت ڄامشوري وڃڻ لاءِ صرف ھڪ بس ھوندي ھئي، جنھن جو بہ ڪو وقت مقرر نہ ھو، پر المنظر جي چانھ پيئڻ بہ ضروري ھئي ھڪ ڏينھن بس ۾ دوستن سان گڏ المنظر تي چانھ پيئڻ ھليا وياسين، ڏاڍو مزو آيو. خاموشي ۾ درياھ جو گوڙ ۽ تيز ھوا سڄو ٿڪ لاھي ڇڏيو. جڏھن حيدرآباد جي ھوٽلن جو ذڪر نڪتو آهي تہ ڇوٽي گھٽي ۾ واقع ڊي پيرس ھوٽل جو ذڪر ڪرڻ بہ ضروري آهي. ھتي اسان ڪاليج مان واپس ايندي چانھ پيئڻ ويندا هئاسين. صاف سٿري ھوٽل ھئي، ھن جو ڪچن گھڻي صفائي جي ڪري چمڪندو رهندو هو. ھتي اڪثر شاھي بازار جا دڪاندار ايندا هئا جيڪي ڪرسين تي پير رکي ويھندا ھئا ۽ چانھ ساسر ۾ لاھي جلدي پيئي ٻاھر نڪرندا ھئا، جيڪڏهن ڪو گراھڪ پندرهن منٽن کان وڌيڪ ويھندو ھو تہ پنکو بند ڪري ڇڏيندا هئا. مارڪيٽ ۾ گھنٽا گھر جي ويجھو ٻہ ھوٽلون ھونديون ھيون جتي چانھ ۽ ماني سستي ملندي هئي. ھوٽلن ۾ وڏي آواز سان فلمي گيت وڄندا رهندا هئا، آئون جڏھن بہ ھنن ھوٽلن جي ڀرسان گذرندو ھئس تہ ڪنن تي ھٿ ڏيندو ھئس. ڪجھ فلمي گيت ھاڻي بہ ٻڌندو آھيان تہ اھي ھوٽلون ياد اچي وينديون آهن.جڏھن ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪيسٽون آيون تہ ننڍيون ننڍيون ھوٽلون کلڻ شروع ٿيون، ھتي گھڻا ماڻھو چانھ پيئڻ جي بھاني گيت ٻڌڻ ايندا هئا. انھن ھوٽلن حيدرآباد جي ثقافتي ۽ سماجي زندگي تي گھرو اثر وڌو. ھوٽلن جي اھميت ان ڪري وڌي ڇو جو گھر ننڍا ۽ انھن ۾ ڊرائنگ روم نہ ھوندا ھئا. انڪري نوجوانن جا ٽولا گھرن جي ڏاڪڻين تي يا گھٽي ۾ ڪچھري ڪندا هئا. جيڪڏھن پئسا ھوندا ھئا تہ ھوٽل تي ويھي ڪچھري ڪندا هئا. مھمان جي خاطر تواضع بہ ھوٽل تي ڪئي ويندي هئي. ايرانين جون ھوٽلون سستيون ھجڻ ڪري غريب ماڻھو گھڻو ويندا هئا. ھوٽلن ۾ ويھي آزادانہ گفتگو ڪري سگھبي ھئي. ھوٽلن جي اھميت ان ڪري بہ ھئي ڇاڪاڻ تہ غريبن لاءِ نہ ڪلب ھئا ۽ نہ وري تفريح جو ٻيو ڪو ذريعو، ان ڪري ھوٽلون ئي ماڻھن جي ڪچھري ۽ ملڻ جلڻ جو ذريعو ھونديون ھيون، اڪيلي ماڻھو جو بہ سٺو وقت گذري ويندو هو. انھن ھوٽلن تي حيدرآباد جا شاعر، اديب ۽ فلمن جا شوقين ويھندا ھئا، ھڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا، ڪچھرين ۾ ئي اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو هو ۽ انھن ھوٽلن ئي حيدرآباد مان مشھور شاعر، فلمي اداڪار، صحافي ۽ بيوروڪريٽ پيدا ڪيا. ھاڻي حيدرآباد ۾ ھوٽلن جو اھو ڪلچر ختم ٿي ويو آهي، سڀ ايراني ھوٽلون بند ٿي ويون، ھاڻي خبر ناهي نوجوانن جون ڪچهريون ڪٿي ٿينديون آهن ۽ شاعر اديب ۽ دانشور ھڪٻئي سان ڪٿي ملندا آهن. عام طور تي ھڪ شي ختم ٿيندي آھي تہ ان جو نعم البدل ضرور پيدا ٿيندو آھي. شايد انھن ھوٽلن جو متبادل نہ ٿي سگھيو.
ھلندڙ
One Comment