در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط-9

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

ھوٽلن کان پوءِ ٻي تفريح سئنيما ھوندي ھئي، ان زماني ۾ فردوس ۽ نيو مئجسٽڪ سئنيما ۾ ھر آچر تي انگريزي فلم لڳندي هئي، جنھن جا ٽي ڏينھن شو ھلندا ھئا. فردوس سئنيما ۾ ٽي حصا ھئا، سڀ کان ھيٺ ھال ھوندو ھو، ان جي مٿان گئلري ۽ گئلري جي مٿان ھڪ ننڍي گئلري ھوندي ھئي. آچر واري ڏينهن صبح واري شو ۾ اڪثر شاگرد ھوندا ھئا. ڪيترائي سال آئون ھر آچر تي فلم ڏسڻ لاءِ فردوس يا نيو مئجسٽڪ سئنيما ويندو رھيس. فلمون پھرئين ڪراچي ۾ ھلنديون ھيون، ان ڪري ٻہ ٽي دوست ملي مھراڻ ريل ڪار ذريعي ڪراچي ويندا ھئاسين، مارننگ شو ڏسي، ٻنپھرن جي ماني ڪيفي جارج ۾ کائي پوءِ ميٽني شو ڏسندا ھئاسين ۽ شام جو مھراڻ ۾ واپس ايندا ھئاسين. جڏھن ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ بسون ھلڻ شروع ٿيون تڏھن آساني ٿي پئي. سئنيمائون دوستن ۽ فيملين لاءِ تفريح گاھ ھونديون ھيون، وي سي آر اچڻ کانپوءِ تفريح جو ھي واحد ذريعو بہ ختم ٿي ويو. 1952ع ۾ جڏھن حيدرآباد آياسين تہ شھر پنھنجي پراڻي حالت ۾ ھو، ان وقت تائين نہ نيون عمارتون ٺھڻ شروع ٿيون ھيون ۽ نہ ئي نيون ڪالونيون. موسم جي لحاظ کان پراڻا گھر ٺھيل ھئا، جن جون ڇتيون اونچيون ۽ ڀتيون ٿلھيون ھونديون ھيون، ڪمرن ۾ منگھ ٺھيل ھوندا ھئا، ان وقت گھرن ۾ پنکا نہ ھوندا ھئا. اولهندي کان لڳندڙ ھوائون منگھن وسيلي ڪمرن ۾ داخل ٿي ٿڌو ڪنديون هيون. جڏھن ماڻھو حيدرآباد ۾ آيا تڏھن اھي منگھ ڏسي پريشان ٿيا ۽ انھن کي تعجب لڳو تہ ھي ڪھڙي بلا آھي، ڪجھ ماڻھن ڪبوترن جون ڇٽيون سمجھڻ لڳا. بھرحال آبادي وڌڻ سان حيدرآباد ۾ تبديليون بہ اچڻ شروع ٿيون، ھاڻي عمارتون ڪنڪريٽ جون ٺھڻ لڳيون، ڇتين مان منگھ غائب ٿي ويا. آبادي وڌڻ لڳي تہ لطيف آباد ۾ نيون ڪالونيون ٺھڻ لڳيون شروع ۾ اتي وڃڻ لاءِ ڪير بہ تيار نہ ھو، ڇو تہ لطيف آباد شھر کان پري ھو ۽ ٻيو تہ سواري جو بہ ڪو بندوبست نہ ھو، پر مجبور ماڻھن اتي رھائش اختيار ڪئي. ھاڻي تہ لطيف آباد ھڪ الڳ شھر آھي، انکان علاوه ٻيون بہ نيون ڪالونيون ٺھيون جيڪي ھاڻ آباد آهن. پراڻين عمارتن ۾ تبديلين جي ڪري انھن جي خوبصورتي ۽ دلڪشي ختم ٿي وئي. دڪانن ۽ مارڪيٽن شھر جي حسن کي تباھ ڪري ڇڏيو. حيدرآباد جون راتيون ھاڻي بہ مشھور آھن، پر جڏھن شھر خلاصو ۽ صاف سٿرو ھو، باغ ھئا، ٽرئفڪ نہ ھئي، ان وقت رات جو حيدرآباد جي رستن تي ھلڻ ۾ جيڪو مزو ھوندو ھو اھو ھاڻي ڪٿي رھيو آھي. خاص طور تي ٿڌي سڙڪ جي ٻنھي پاسن کان وڻ ھوندا ھئا، ھتي پٿرن جو بينچون پيل ھونديون ھيون، جن تي ماڻھو آرام ڪندا هئا. اڳيان ھلي شھر جو مشھور راڻي باغ ھوندو ھو، ھتي ماڻھو تفريح لاءِ ايندا هئا پر ھاڻي راڻي باغ بہ ويران ٿي چڪو آهي. جڏھن حيدرآباد جي آبادي گھٽ ھوندي ھئي تڏھن شھر جا ماڻھو ھڪٻئي کي سڃاڻيندا هئا. جڏھن آئون گھر کان ڪاليج ۽ پوءِ يونيورسٽي ويندو ھئس تہ رستي تي ملندڙ ماڻھن سان دعا سلام ڪندو ويندو ھئس. جيڪڏھن حيدرآباد جو ڪو ماڻھو ڪراچي ۾ ڏسبو هو تہ وڏي حب مان ملبو ھو. حيدرآباد سان ان تعلق جي ڪري اڄ بہ ماڻھن ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ پنھنجون انجمنون ٺاھي ڇڏيون آهن. پر جيئن جيئن آبادي وڌي پئي، ماڻھن ھڪٻئي سان تعلق ۽ رابطا بہ گھٽ ڪري ڇڏيا آهن. ماڻھن جو شھر سان لڳاءُ بہ گھٽجي ويو آهي. جڏھن شھر کي پنھنجو ئي نہ سمجھبو تہ پوءِ ان جي خوبصورتي سان ڪھڙو غرض. اھو حشر حيدرآباد سان بہ ٿيو تہ ڪراچي سان بہ.

1960ع ۾ ڏھاڪي ۾ حيدرآباد ۾ ھر سال آل انڊو پاڪ مشاعرا ٿيندا هئا. انھن مشاعرن ۾ اسان جگر، جوش، فيض، جذبي ۽ ٻين کي ٻڌو، ماڻھو شاعري سمجھندا ھئا ۽ شاعرن کي داد بہ ڏيندا هئا ۽ ھوٽنگ بہ ڪندا هئا. جوش صاحب خاص انداز سان شعر پڙھندو ھو. ھڪ دفعي جڏھن شعر پڙھيائين اسٽيج تي ويٺل شاعرن مصرع نہ دھرايو تڏھن ڪاوڙ مان چيائين مردود مصرع تہ دھرايو. ھڪ دفعي برسات تي پنھنجي نظم ٻڌايائين ٻہ بند ٻڌائي چوڻ لڳو توھان ڇا سمجھندو، اھو چئي خاموش ٿي ويو ، ظاھر آھي يوپي جي برساتن ۽ سنڌ جي برساتن ۾ فرق آھي. ھڪڙي دفعي مونکي بہ مشاعري ۾ والينٽيئر ٿيئڻو پيو، اسان جي ڪاليج جو پرنسپال مرزا عباس عابد انچارج ھو، شاعرن کي سٽي ڪاليج ۾ ترسايو ويو ھو. اسان کي چيو ويو تہ شاعرن کي پان، سگريٽ ۽ چانھ مسلسل ملندي رھي. 1952ع ۾ جڏھن حيدرآباد آياسين تہ تڏھن سڀ کان وڏو مسئلو منھنجي داخلا جو هو، مون وٽ ڪنھن بہ اسڪول جو سرٽيفيڪيٽ نہ ھو، دراصل منھنجي والد اسان جي تعليم تي ڪو بہ ڌيان نہ ڏنو ھو، انڪري داخلا ۾ مشڪلات ٿيڻ لڳي. وڏي سفارش کانپوءِ خالد ميموريل اسڪول ۾ پنجين ڪلاس ۾ داخلا ملي، ھن اسڪول جو باني حيدرآباد جو ھڪ ھوميوپيٿڪ ڊاڪٽر ھو، ھن ھي اسڪول پنھنجي پٽ جي ياد ۾ قائم ڪيو ھو جيڪو دريا ۾ ٻڏي مئو ھو. ھن اسڪول ۾ ھن جا پنھنجا ٻار نہ پڙھندا ھئا، ھن جو تعلق ڪنھن زماني ۾ خاڪسار پارٽي سان رھيو ھو، انڪري شاگردن جي يونيفارم خاڪي ھئي. ڊرل جي پيرڊ ۾ ڪاٺ جي بندوقن سان فوجي تربيت ڏني ويندي هئي. اسڪول جي عمارت اڌ پڪي ۽ اڌ ڪچي ھئي، ھڪ ميدان جي چوڌاري ڪلاس ٺھيل ھئا، ڪمرن ۾ پنکا وغيره نہ ھئا، ميدان ڪچو ھو انڪري ھوائن لڳڻ سان ڪلاسن ۾ مٽي ايندي هئي. اسڪول ۾ نہ باٿ روم ھو ۽ نہ ئي پيئڻ جي پاڻي جو انتظام. پر ھڪڙي خاص ڳالھ ضرور ھئي ھن اسڪول ۾ پڙھائي تمام بھترين ھئي. سائين يعقوب صاحب اسان کي انگريزي پڙھائيندو ھو، جنھن کي سڀ بي اي صاحب چوندا ھئا. سائين ڪلاس ۾ پابندي سان ايندو هو ۽ محنت ڪري پڙھائيندو ھو. سائين وٽ ھڪ سائيڪل ھوندي ھئي،پر سائين کي ڪڏھن بہ ڪنھن سائيڪل تي سوار ٿيندي نہ ڏٺو، سدائين سائيڪل کي ھٿ سان ڏوريندو ھو. سائين شطرنج جو وڏو شوقين ھوندو ھو. سري گھاٽ جي ھڪ گھٽي ۾ گندي نالي وٽ ماڻھو صبح شام شطرنج کيڏندا رھندا ھئا، سائين شام جو اتي پابندي سان ويندو هو. آئون بہ ھڪ دفعي ويس تہ سائين اتي اچڻ کان منع ڪيو. ھي اھو وقت ھو جڏھن استاد سادگي سان رھندا ھئا. ٽيوشن پڙھائڻ جو رواج نہ ھو. استاد شاگردن کي ترقي ڪندي، ڏسندي خوش ٿيندا هئا. اھو ئي انھن جو انعام ھو. ھڪ ٻيو استاد جيڪو اسان کي حساب پڙھائيندو ھو، ان جو نالو فياض احمد خان ھو پر بينش سليمي جي نالي سان مشھور ھو. ان جو پھريون پيرڊ ھوندو ھو، جيڪو منھنجي لاءِ وڏو ڏچو ھوندو ھو، آئون شروع کان حسابن ۾ ڪمزور ھوندو ھئس، ان ڪري مار کائيندو ھئس، ھڪ غلطي ڪرڻ تي ھٿ جي تري تي ھڪ ڏنڊو ھڻندو ھو. جڏھن آئون پنجين ڪلاس ۾ پڙھندو ھئس تڏھن مون "خالد” رسالي ۾ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون. انڪري سائين ڏنڊا ھڻڻ سان گڏوگڏ طعنا بہ ھڻندو ھو، پٽ تون ڪھاڻيون لک، حسابن ۾ تنھنجو ڪھڙو ڪم. اڳتي هلي سائين سان دوستي ٿي وئي، شاعري سٺي ڪندو هو پر ٻڌائيندو گھٽ ھو، سندس ھڪ شعر ياد اچي ويو:
جب راستے میں آ ہی گیا ہے تو دوستو
کچھ دیر میکدہ کا سماں دیکھتے چلو۔
ٽيون استاد مولوي صاحب ھو، جيڪو فارسي ۽ اردو پڙھائيندو ھو سائين تمام گهڻو سخت ھوندو ھو، ڪنھن کي ڏھن رولن جي سزا ڏيندو هو تہ چوندو ھو جڏھن ڏھ ڏنڊا ھڻان تہ ھڪ ڳڻجان. شاگردن کي ڪڪڙ ٺاھي ڪلاس ۾ ھلائڻ ۽ ڊيسڪ تي بيهارڻ سندس پسنديده سزائون ھونديون ھيون. ڪلاس ۾ داخل ٿيندئي چوندو هو "گردان جا” يعني فارسي فعلن جا گردان ٻڌايو. سائين سان منھنجي ڪڏھن نہ لڳي. منھنجي اردو ۽ فارسي سٺي ھوندي ھئي انڪري سائين جي پادرن کان بچي ويس. استادن جي ان سختي جي ڪري اسڪول وڃڻ کان ڊپ لڳندو ھو، ان وقت سزائن کي ٻارن جي اصلاح لاءِ ضروري سمجھيو ويندو هو. ۽ اڄ بہ اھو ئي خيال آهي. اسڪول ۾ تقريري ۽ مضمون نويسي جا مقابلا ٿيندا هئا. پھريون ڀيرو مون اسڪول جي تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو، مونکي اڄ بہ ياد آهي جڏھن اسٽيج تي تقرير شروع ڪيم تہ منھنجون ٽنگون رڦڻ لڳيون، آواز صحيح طرح نہ پيو نڪري، اکين اڳيان اوندھ اچي وئي. پوءِ جڏھن اسٽيج تي بار بار اچڻ جو موقعو ملندو رھيو تڏھن وڃي حجاب ختم ٿيو، اتان ئي منھنجي لکڻ جي ابتدا ٿي، اسڪول جي رسالي "خالد” ۾ ڪھاڻيون ۽ مضمون لکيم، رسالي ۾ جڏھن منھنجو پھريون مضمون شايع ٿيو، ايڏي خوشي ٿي جو ڪيترن ئي ڏينھن تائين رسالو وھاڻي جي ھيٺيان رکي سمھندو ھئس. پاڪستان اچڻ کانپوءِ ٻہ ٽي سال ضايع ٿي ويا، اسڪول ۾ داخلا ورتم تہ پنجين ڪلاس ۾ ملي، انڪري جڏھن ڇھين يا ستين ڪلاس ۾ ھئس تہ مون سوچيو مئٽرڪ پاس ڪرڻ تائين منھنجي عمر ڪافي وڏي ٿي ويندي. ان وقت سنڌ ۾ مئٽرڪ جو امتحان يارھين سال ۾ ٿيندو هو. مونکي ڪنھن صلاح ڏني اديب جو امتحان ڏيئي صرف انگريزي ۾ مئٽرڪ ڪري سگھجي ٿو. انڪري مون اسڪول ڇڏي اورينٽل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ھي ڪاليج ھير آباد ۾ ھو، ان جي عمارت ورھاڱي کان اڳ سکن جو گردوارو ھوندو ھو. ان ۾ ٻہ ننڍا باغ ھئا، جيڪي زنانہ ۽ مردانہ باغ سڏبا ھئا. ورھاڱي کانپوءِ مردانہ باغ تي اورينٽل ڪاليج جي پرنسپال مخدوم امير احمد قبضو ڪري ڪاليج کوليو، زنانہ باغ تي شھر جي ھڪ سياستدان حاذق علي قبضو ڪري اسڪول کوليو. گردواري جي لئبريري اورينٽل ڪاليج جي حصي ۾ آئي. الماڙين کي تالا لڳل ھوندا ھئا ۽ ڪنھن کي ويجھي وڃڻ جي بہ اجازت نہ ھوندي ھئي. مون جڏھن ڪاليج ۾ داخلا ورتي باغ جي حالت تڏھن ڪجھ بھتر ھئي، لان، وڻ ۽ وچ ۾ ڦوھارو ھوندو ھو پر ھاڻي اھي ڳولئي بہ نہ ملنديون.

ھلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close