ڪتاب جي ٻين باب جو نالو Jinnah as an Indian Nationalist آهي. هن باب ۾ ليکڪ اسلام ۽ مسلمانن جي انڊيا ۾ اچڻ ۽ انهن جي حڪمراني ۽ پاليسين جو مختصر جائزو پيش ڪيو آهي. مسلمانن کان پوءِ انگريز واپاري ڪمپني جي هندستان تي قبضي ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪمپني 1757ع تي بنگال تي قبضي ڪرڻ سان پنهنجي حڪومت جي شروعات ڪئي. ڪمپني حڪومت خلاف لوڪل سپاهين پنهنجي گورن آفيسرن جي غيرورتاءُ ۽ سُوَرَ ۽ ڳئون جي چرٻي لڳل ڪارتوسن جي استعمال کان انڪار ڪرڻ سان 1857ع ۾ بغاوت ڪري ڇڏي. هندستان جي تاريخ ۾ انهي بغاوت جي وڏي اهميت آهي. ليکڪ 1857ع جي بغاوت کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي بيان ڪيو آهي. ڪمپني بغاوت کي پنجاب جي سک ۽ مسلمان سپاهين جي مدد سان ڪچلڻ ۾ ڪامياب وئي. بغاوت جو الزام فقط مسلمانن تي لڳايو ويو. آخري مغل بادشاھ بهادر شاھ ظفر کي رنگون ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. سندس اولاد ۽ ٻين مسلمانن کي بيدردي سان ماريو ويو. (1857ع ۾ هندستان اندر عظيم مغل بادشاهت صرف دهلي جي مشهور لعل قلعي تائين محدود هئي.) سر سيد احمد خان ڪمپني جي ملازم هوندي همت جو مظاهرو ڪندي هڪ پمفليٽ ”اسباب بغات هند“ 1858ع ۾ لکيو. جنهن ۾ ھن بغاوت جو ذميوار انگريز واپاري ڪمپني کي ٺهرايو. پوءِ انگريز سرڪار ڪمپني جي حڪمراني کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن کي 6 آگسٽ 1858ع تي عمل هيٺ آندو ويو.
انگلينڊ جي راڻيءَ 1 نومبر 1858ع تي پنهنجي هندستاني عوام ڏانهن هڪ فرمان جاري ڪندي عام معافي سان گڏ هندستانين کي سول، پوليس ۽ فوج ۾ سٺن عهدن تي نوڪري ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ هندستان جي ريتن ۽ رسمن جي پاسداري ڪرڻ جي زمانت ڏني. هن رياستن جي راجائن کي انگريز سرڪار جي وفادار ٿي پنهنجي رياست اندر حڪمراني ڪرڻ جي حق سان نوازيو. اهڙيءَ طرح سماج جي وچين ۽ هيٺين طبقي لاءِ سرڪاري نوڪرين جا موقعا پيدا ڪيا ويا. هندستان جي انگريزي پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس ۽ وڪيل برادري کي نئين سياسي نظام ۾ وڌڻ جو موقعو ملي ويو. جنهن سان هندستان اندر جديد قومپرستي جي شروعات ٿي.
هاڻي جديد تعليم يافتہ انڊين جن ۾ اڪثريت هندن جي هئي. جيڪي انگريزن جي سياسي نظام، قانون ۽ قانون جي حڪمراني کان واقف ٿي چڪا هئا. انهن پنهنجي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪري ڏنو هو. انهن کي پنهنجي نمائندگي ڪرڻ لاءِ هڪ منظم پليٽ فارم جي ضرورت محسوس ٿي. ڪيترائي انگريز لبرل خيال پڻ انهن جي آواز ٻڌڻ لاءِ اڳتي وڌي آيا. ايلن آڪٽيوين هيوم هڪ انگريز لبرل ۽ ريٽائر سرڪاري ملازم هو. جنهن ڪجھ هندن ۽ پارسين سان ملي 1885ع تي انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو. جنهن جي 28 ڊسمبر 1885ع جي پهرين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ 27 نمائندن مان صرف 2 مسلمان هئا. انگريز وفاداري جي بنياد تي ٺهندڙ هن جماعت سموري هندستاني ماڻهن کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. بمبئي سان تعلق رکندڙ بدرالدين طعيب جي ۽ رحمت الله ايم. سياني شروعاتي مسلمان ڪانگريس جا ميمبر هئا. سرسيد احمد خان ۽ سيد امير علي جيڪي انگريزن جا وفادار هئا. انهن مسلمانن جي ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ جي سخت مخالفت ڪئي. ابتدا ۾ ڪانگريس جي ميمبرن جي اڪثريت بمبئي جي هندن ۽ مسلمانن جي هئي. پر جڏهن گانڌي ڏکڻ آفريڪا ۾ وڏو وقت گذاري 1915ع تي هندستان موٽي آيو. تنهن کان پوءِ 1918ع ڌاري ڪانگريس جماعت برٽش حڪومت جي طاقت کي للڪارڻ شروع ڪري ڏني. پوءِ ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙا انگريز مخالف مسلمان ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويا. انهن ڪانگريس جي territorial nationalism جي حمايت ڪئي. سرحد سان تعلق رکندڙ خان عبدالغفار خان ۽ کاٻي ڌر جي ديوبند سني اسلام جا اڳواڻ شيخ السلام مولانا محمود الحسن ۽ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حسين احمد مدني ڪانگريس جي انڊين قومپرستي جي حمايت ۾ بيٺا.
ڪتاب جي ٽين باب جو عنوان Joining the Indian National Congress آهي. هن باب جناح جي پيدائش، خاندان، تعليم ۽ سياست بابت ٿيل آهي. جناح 25 ڊسمبر 1876ع ڌاري ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏن جو تعلق هڪ واپاري هندو ذات لوهاڻن سان هو. بعد ۾ انهي برادري جو هڪ حصو مسلمان ٿيو. جناح مسلمانن جي آغا خاني اسمائيلي شيعا فرقي سان تعلق رکندو هو. ليکڪ مطابق ننڍي هوندي جناح کي نہ تعليم سان ۽ نہ وري پيءُ جي ڪاروبار هلائڻ سان شوق هو. شادي ڪرائي جناح کي پيءُ پنهنجي هڪ انگريز ساٿي جي مشوري تي لنڊن موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پيءُ جناح کي لنڊن موڪليو تہ جيئن هو حسابن جو علم سکي اچي ۽ ڪاروبار کي ڪاميابي سان هلائي. پر لنڊن پهچندي جناح جو حسابن واري علم ۾ دلچسپي ختم ٿي وئي. جناح هاڻي برٽش پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ وزيرن جي بحثن کي ٻڌڻ لاءِ ويندو هو. اتي هو بمبئي سان تعلق رکندڙ سماجوادي سياستدان دادا ڀائي نورجي کان متاثر ٿي ان جي چونڊ مهم ۾ شامل ٿي ويو. جناح لنڊن ۾ ايڪٽر ٿيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي پر ڪامياب ٿي نہ سگهيو. نيٺ قانون پڙهڻ لاءِ 1893ع ۾ لنڪنزان ۾ داخل ٿي ويو. 1895ع تي قانون پاس ڪري انڊيا موٽي آيو. حالتن کي ڏسندي جناح ڪراچي نہ پر بمبئي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. اتي هو پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪامياب ويو. بمبئي جي مالابار ھل روڊ تي عاليشان بنگلو هڻائي نوڪرن ۽ باڊي گارڊن سان ٺَٺُ ٺانگر سان رهڻ شروع ڪيائين.
جناح ڪانگريس پارٽي جي صدر دادا ڀائي نورجي جو ذاتي سيڪريٽري هو. جناح 1906ع ڌاري ڪانگريس پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. ان وقت دادا ڀائي نورجي جي اڳواڻي ۾ ڪانگريس هڪ نج سيڪيولر جماعت هئي. جناح هڪ ٻئي جدت پسند سياستدان گوپال ڪرشنا گوکلي جو سياسي شاگرد هو. ساڳئي وقت قدامت ۽ تشدت پسند بال گنگاڌر تلڪ پڻ ڪانگريس جي سياست جو حصو هو. جنهن سال جناح ڪانگريس ۾ شامل ٿي ٿو ان کان اڳ 1905ع تي لارڊ ڪرزن بنگال کي انتظامي بنياد تي ٻن صوبن ۾ ورهائي ڇڏيو. جنهن سان اولھ بنگال هندو اڪثريتي صوبو ۽ اوڀر بنگال مسلم اڪثريتي صوبو ٿي ويو. ڪانگريس اهڙي ورهاست جي بنياد کي مذهبي سڏيندي مخالفت ڪئي. هندن انهي فيصلي خلاف تحريڪ شروع ڪئي. ڪلڪتي جا مسلمانن انهي ورهاڱي جي خلاف هئا پر ڍاڪا جي مسلمانن انهي فيصلي کي ڀليڪار چيو. ڇو تہ هي فيصلو ڍاڪا جي مسلمانن جي مفاد ۾ هو. جناح هڪ انڊين قومپرست طور ان کي هندستان جي سياست ۾ هڪ شيطاني وائرس سڏيو. جاگيردار وفادار مسلمان جيڪي ڪانگريس جي انڊين قومپرستي جي خلاف هئا. اُهي آغا خان جي اڳواڻي ۾ آڪٽومبر 1906ع تي لارڊ منٽو سان مليا. انهن برٽش انڊيا جي حفاظت لاءِ اتر-اولھ جي مسلمانن جي اهميت بابت وائسراءِ کي ٻڌايو. انهي وفد مسلمانن لاءِ الڳ چونڊ نظام ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ مسلمانن لاءِ ڪوٽا جو مطالبو ڪيو. مسلمانن کي هي حق 1909ع جي منٽو-مارلي سڌارن ۾ مليو. جناح هڪ انڊين قومپرست طور انهي سموري عمل جو مخالفت ڪندي نظر اچي ٿو. ايتري قدر جو 1906ع ۾ مسلمانن جي الڳ جماعت مسلم ليگ جي ٺھڻ جي بہ مخالفت ڪيائين. ليکڪ مطابق تہ ”انتظامي حوالي سان هندن ۽ مسلمانن کي ورهاڻ سان انگريزن جي پوزيشن مضبوط ٿي. هاڻي اُهي ٻنهي بردارين جي وچ ٺاھ ڪرائيندڙ ٿي ويا.“
ڪانگريس پارٽي بنگال جي ورهاڱي ۽ مسلمانن لاءِ الڳ چونڊ نظام جي مخالفت ڪئي. شروع ۾ جناح بہ بمبئي مان ڪانگريس جي مسلمان نمائندي طور چونڊون کٽي آيو. جڏهن1911ع تي بنگال جي ورهاڱي کي رد ڪيو ويو تہ ان عمل مسلمان اڳواڻن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هاڻي جناح ڊسمبر ۾ ٿيندڙ ڪانگريس جي اجلاس ۾ پنهنجي پهرين موقف کان ڦري مسلمانن لاءِ الڳ چونڊ نظام جي حق ۾ ڳالهائڻ لڳو. ليکڪ مطابق تہ ”جناح جي هن تبديلي جا سبب واضح نہ آهن آخر هو ڇو مسلمانن جي الڳ چونڊ نظام بابت پنهنجي پهرين موقف کان ڦري ويو. پر هن ضرور هي محسوس ڪيو هوندو تہ هو پنهنجي برادري اندر پاڻ لاءِ حمايت جو هڪ بنياد پيدا ڪري جيئن هو پنهنجي برادري مٿان اڳواڻي قائم ڪري سگهي.“ جناح قانون ساز اداري ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ مسلمانن جي نمائندگي بابت هندن ۽ مسلمانن جي ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ شامل ٿيندو هو. انهي دوران کيس ڪجھ مسلمانن راضي ڪري ورتو تہ هو مسلم ليگ ۾ شامل ٿي. جناح نيٺ مسلم ليگ ۾ 1913ع ڌاري شامل ٿي ويو. ان وقت ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو هڪ ئي مطالبو يعني هندستان لاءِ suitable self government هو.
لکنوء معاهدو 1916ع جناح جي سياسي زندگي جو وڏو ڪارنامو هو. جنهن ۾ جناح پهريون ڀيرو هندن ۽ مسلمانن کي هڪ جڳھ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. ( ياد رهي تہ انگريزن تہ اڳ ۾ ئي مسلمانن کي 1909ع تي الڳ قوم تسليم ڪيو هو. پر هندن 1916ع ۾ لکنوء معاهدي ذريعي مسلمانن جي الڳ حيثيت کي قبول ڪيو هو.) انهي عمل تي ڪانگريس اڳواڻ سروجني نائيڊو جناح کي the ambassador of Hindu Muslim unity جو لقب ڏنو. سياسي حوالي سان لکنوء معاهدي ۾ مسلم اقليتي صوبن کي فائدو ٿيو. مسلمان اڪثريتي صوبا پنجاب ۽ بنگال پنهنجي اڪثريت کي وڃائي ويٺا. ان جي باوجود بہ اشتياق احمد لکي ٿو تہ:
The Lucknow Pact was the handiwork of Jinnah…..The Lacknow Pact was proof of Jinnah’s outstanding leadership qualities.
(ڇو تہ ڪانگريس هندستانين جي واحد جماعت هجڻ جي دعوا ڪندي مسلم ليگ جي ٺهڻ جي مخالفت ڪئي هئي. مسلمانن جي الڳ چونڊ نظام ۽ مرڪزي قانونساز اداري ۾ مسلمانن کي ويٽيج ڏيڻ جي پڻ مخالف هئي. پر ان جي باوجود بہ جناح ان جماعت کي انهن سڀني ڳالهين ۾ راضي ڪري ورتو هو. اصل ۾ اها ئي جناح جي وڏي ڪاميابي هئي.) هاڻي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ اڳواڻ گڏجي انگريز حڪومت کان هندستان اندر ”خود حڪومت“ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. پر انگريز حڪومت 1918ع جي مانٽيگ-چيمسفورڊ رپورٽ ذريعي هندن ۽ مسلمانن جي self rule واري مطالبي کي رد ڪندي چيو تہ:
Indians were not fit for responsible government.
هندستاني ذميوار حڪومت لاءِ صحيح نہ آهن.
هن دؤر ۾ هندستان جي سياست اندر اهم تبديليون رونما ٿيون. انهن تبديلن جي ليکڪ هن باب ۾ جائزو ورتو آهي. گانڌي سائوٿ آفريڪا مان هڪ ڪامياب تحريڪ هلائي 1915ع ۾ هندستان موٽي آيو. گانڌي جي مان ۾ گجرات سوسائٽي هڪ پارٽي جو احتمام ڪيو. جنهن جي صدارت جناح ڪري رهيو هو. (گانڌي ۽ جناح جو تعلق گجرات سان هو.) جناح انهي پارٽي ۾ گانڌي جي ليڊرشپ جي خوبين جي سٺن لفظن ۾ ساراھ ڪئي. ان موقعي تي گانڌي خوش ٿيندي چيو تہ هڪ مسلمان نہ فقط اسان جي علائقي سان ۽ سڀا سان تعلق رکي ٿو پر هن پارٽي جو صدارت پڻ ڪري رهيو آهي. جنهن تي جناح دل ۾ ڪاوڙ محسوس ڪئي تہ گانڌي مونکي هڪ هندستاني چوڻ بجاءِ پنهنجي علائقي جو ماڻهو ۽ مسلمان سڏيو. (اصل ۾ هتان ئي گانڌي ۽ جناح جي وچ ۾ هڪ تڪرار شروع ٿي ويو. بعد ۾ جناح گانڌي جي عدم تشدد ۽ سول نافرماني جي تحريڪ جي مخالفت ڪندي 1920ع ڌاري ڪانگريس کان الڳ ٿي ويو.) گانڌي ۽ جناح جي وچ ۾ ٻيو تڪرار 1917ع ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن جناح هڪ عوامي گڏجاڻي ۾ انگريزي ٻولي ۾ تقرير ڪري رهيو هو. جڏهن تہ گانڌي ۽ سندس پوئيلڳ زور ڏيئي رهيا هئا تہ سڀئي اڳواڻ مقامي ٻولي ۾ تقرير ڪن. اُهي بار بار جناح جي تقرير ۾ مداخلت ڪري رهيا هئا. نيٺ جناح مجبور ٿي گجراتي ٻولي ۾ ڳالهائڻ لڳو.
هندستان اندر ترڪي جي خلافت عثمانيہ جي مستقبل ۽ سيلف رول جي مطالبي، بنگال جي ورهاڱي خلاف هندن جي پرتشدت واقعن، پهرين عالمي جنگ (1914ع – 1918ع) ۽ روس ۾ بالشيوڪ انقلاب 1917ع جي ڪري حالتون تمام خراب ٿي ويون. انهن حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ انگريز سرڪار رولٽ ايڪٽ 1919ع جهڙو سخت قانون لاڳو ڪيو. جناح ان قانون خلاف احتجاج ڪندي ايمپيريئل ليجسليٽو اسيمبلي جي ميمبرشپي تان الڳ ٿي ويو. انهي دوران گانڌي 30 مارچ 1919ع تي سرڪار خلاف عدم تعاون تحريڪ شروع ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ ڪانگريس جماعت لبرل ۽ انتھاپسند ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. سرحد مان خان عبدالغفار خان گانڌي جي ان تحريڪ سان گڏجي ويو. انگريز فوج ۾ ڀرتي ٿيندڙ جوانن جي اڪثريت سرحد ۽ پنجاب مان هيو. خان جي گانڌي سان گڏجڻ انگريزن کي پريشان ڪري ڇڏيو. نيٺ انگريزن خان عبدالغفار خان کي گرفتار ڪري ورتو. انهي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب جي نوابن، جاگيردارن ۽ گادي نشينن انگريزن جو ساٿ ڏنو. امرتسر جي جليان والا باغ ۾ بيساکي ميلي ۾ گڏ ٿيندڙ ماڻهن تي انگريز برگيڊيئر جنرل ڊائر 13 اپريل 1913ع تي فائرنگ ڪري ڪيترن ئي پرامن ۽ بيگناھ ماڻهن کي قتل ۽ زخمي ڪري ڇڏيو. جناح ۽ گانڌي انگريزن جي ان خراب عمل جي مذمت ڪئي. آخر حالتن جو ڪنٽرول مان نڪرڻ ڪري گانڌي 18 اپريل 1919ع تي پنهنجي احتجاج کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
رولٽ ايڪٽ جي خراب اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ سرڪار 1919ع ڌاري پنهنجي سڌارن جو اعلان ڪيو. 1919ع جي سڌارن کي مانٽيگ-چيمسفورڊ سڌارا پڻ سڏيو ويندو آهي. هن سڌارن جي اهم ڳالھ صوبائي سطح تي ”ٻہ نظام حڪومت Dyarchy“ جو متعارف ڪرڻ هو. جنهن جي مطابق صوبي اندر اختيارن کي گورنر ۽ وزيرن جي وچ ۾ ورهايو ويو. (پهريون ڀيرو صوبائي سطح تي حڪومت هلائڻ جا ڪجھ اختيار انڊين ماڻهن کي ڏنا ويا.) پر ان جي باوجود هن ايڪٽ مسلمان اڪثريتي صوبن جي مسلمانن لاءِ وڌيڪ مونجهارا پيدا ڪيا. سکن کي الڳ ووٽ جي حق ملڻ سان پنجاب جي مسلمانن کي نقصان ٿيو. مسلم اقليتي ۽ هندو اقليتي صوبن جي ماڻهن کي ويٽيج ملڻ سان وڌيڪ فائدو ٿيو.
ترڪي جي عثماني خلافت پهرين عالمي جنگ دوران برطانيا جي خلاف جرمني جو ساٿ ڏنو. هندستان جي بريلوي ۽ احمدي فرقي وارن خلافت عثمانہ جي خلافت کي رد ڪندي انگريز سرڪار جو ساٿ ڏنو. جڏهن تہ انگريز مخالف مسلمان اڳواڻن ان جي مخالفت ڪندي ترڪي جي خلافت کي بچائڻ لاءِ هندستان اندر ”خلافت تحريڪ“ هلائي. انهي تحريڪ ۾ مسلمانن محسوس ڪيو تہ هندو بہ سندن مدد لاءِ اڳتي اچن. گانڌي خلافت جي تحفظ لاءِ اڳتي نڪري آيو. گانڌي کي خلافت ڪميٽي جو صدر مقرر ڪيو. بقول ليکڪ جي تہ گانڌي ان ڪري خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو جيئن هو:
For Gandhi, it was an opportunity to bring the Muslims into mainstream nationalist politics. خلافت تحريڪ گانڌي کي شهرت جي بلندين تي پهچائي
ڇڏيو. گانڌي خلافت تحريڪ جي مدد لاءِ 1920ع ۾ ڪانگريس جي پليٽفارم تان انگريزن خلاف ”عدم تعاون تحريڪ“ جو اعلان ڪيو. گانڌي جي اهڙي اعلان جي جناح سخت مخالفت ڪئي. گانڌي ڪانگريس جي آئين کي تبديلي ڪري ان مان انگريز وفاداري جي اصول کي خارج ڪري پارٽي کي سخت قومپرست جماعت بڻائي ڇڏيو.
مسلم ليگ خلافت جي مسئلي تي ٽن جدا ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. جناح عدم تعاون تحريڪ جي مخالف ۽ 1919ع جي سڌارن جي نافذ ڪرڻ لاءِ سرڪار سان تعاون نہ ڪرڻ واري گروپ ۾ شامل هو. ليکڪ مطابق تہ جناح خلافت سان جذباتي لڳاءُ رکندو هو. خلافت جي معاملي تي هڪ وفد جي اڳواڻي ڪندي 1919ع ڌاري سرڪار وٽ مسلمانن جي نقطع نظر پيش ڪرڻ لاءِ جناح لنڊن ويو. پر انهي وفد کي لنڊن ۾ ڪا خاص موٽ نہ ملي. جناح 1920ع جي مسلم ليگ جي اجلاس جي خطاب ۾ رولٽ ايڪٽ ۽ خلافت جو حوالو ڏيندي چيو هو:
The one attacks our liberty, the other our faith…
(اسان وٽ ڪجھ سيڪيولر دوست چوندا آهن تہ جناح
خلافت تحريڪ ۾ شامل نہ ٿيو هو. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. سچ هي آهي تہ جناح گانڌي وانگر خلافت کي بچائڻ لاءِ عدم تعاون تحريڪ يا وري اسٽريٽ ايجيٽيشن جي خلاف هو. جناح قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي خلافت تحريڪ ۾ حصو ضرور ورتو هو.)
گانڌي عدم تعاون تحريڪ ۽ امرتسر واقعي کان پوءِ سياسي حوالي سان پوئتي هٽي ويو هو. وري خلافت تحريڪ ذريعي ميدان تي اچي ويو. جناح گانڌي جي ان سياسي چالن کي ڏسي رهيو هو. ليکڪ مطابق تہ:
Jinnah, the liberal and constitutionalist, was dismayed by Gandhi’s combination of religious idiom and radical ideas of mass agitation.
جناح گانڌي جي سياست کي پسند نہ ڪندو هو. جناح گانڌي جي وچ تڪرار ڪانگريس جي 1920ع جي ناگپور جي گڏجاڻي ۾ نروار ٿي ويو. جڏهن جناح گانڌي جي سوراج (مڪمل آزادي) جي خيال کي رد ڪري ڇڏيو. جناح مطابق تہ انگريزن سان بغير تياري جي هن وقت واسطا ٽوڙڻ هڪ خطرناڪ عمل هوندو. انهي ئي اجلاس ۾ جڏهن جناح گانڌي کي ”مسٽر گانڌي“ سڏي مخاطب ٿيو تہ ماڻهن جناح تي اعتراض ڪيو تہ گانڌي کي ”مهاتما گانڌي“ جي نالي مخاطب ٿيو. ان تي ليکڪ لکي ٿو تہ ” ان عمل تي جناح پنهنجي بيعزتي محسوس ڪندي اجلاس مان نڪري ويو ۽ ڪڏهن وري موٽي نہ آيو.“
مسلمانن گانڌي جي اڳواڻي ۾ خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. علي برادرس، مولانا آزاد، بيريسٽر جان محمد جوڻيجو، حسين شهيد سهروردي چوڌري خليق زمان، خان عبدالغفار خان ۽ حڪيم اجمل خان سڀ گانڌي جي سياست سان لاڳاپيل هئا. ليکڪ مطابق تہ ”مسلمانن کي پين اسلام ازم جو جذبو هو. جڏهن تہ هندو انگريز حڪمراني مخالف مضبوط قومپرستي قائم ڪرڻ جي اميد لڳائي ويٺا هئا.“ سنڌ جي ڪجھ مشهور پيرن خلافت تحريڪ جي حمايت ڪئي جڏهن تہ پنجاب جا پير گهڻي پيماني انگريز وفادار رهيا. انگريزن 1920ع جي ”سيور مهاعدي“ تحت ترڪي جي خلافت کي ٽوڙي ڇڏيو. وچ اوڀر جي عرب علائقن بہ انگريزن جي مدد سان خلافت ترڪي خلاف بغاوت ڪري ڏني. ڪمال اتاترڪ 1924ع تي خلافت کي ختم ڪري جديد ۽ سيڪيولر ترڪي جو بنياد وڌو. بهرحال خلافت تحريڪ دوارن هندو مسلم اتحاد 1921ع دوران ڏکڻ هندستان جي مالابار ساحلي علائقي جي موپلاح مسلمانن جي هندو زميندارن جي خلاف بغاوت ڪرڻ سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. ( ياد رهي هي واقعو هارين ۽ زميندارن جي وچ هڪ لوڪل مسئلو هو. جنهن جو خلافت سان پري جو واسطو بہ نہ هو. پر حڪومت ان واقعي کي خلافت سان ڳنڍي پيش ڪيو. حڪومت سخت قدم کڻندي ان کي ڪچلي ڇڏيو.) خلافت تحريڪ جو گانڌي يو. پي ۾ پيش ايندڙ 1922ع تي ”چوري چورا“ واقعي (جنهن ۾ ڪانگريس جي خلافت حمايت ڪندڙن هندن پوليس اسٽيشن تي حملو ڪري 22 پوليس وارن کي قتل ڪيو) کان پوءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جنهن سان ليکڪ مطابق تہ ” گانڌي جو عدم تشدت تحريڪ تشدت ۾ تبديل ٿي ويو.… گانڌي هي فيصلو پنهنجي ساٿين هندن ۽ مسلمانن سان بغير مشوري ڪري ڇڏيو. هن جي ان اچانڪ فيصلي ڪيترن کي ڪاوڙائي وڌو.… جڏهن ماڻهن گانڌي جي ان فيصلي تي احتجاج ڪيو تہ گانڌي دعوا ڪندي چيو تہ مونکي خدا ايئن ڪرڻ لاءِ چيو.“ (گانڌي جو هي عدم تعاون تحريڪ 1857ع جي بغاوت کان پوءِ هڪ طاقتور ۽ منظم تحريڪ هئي. جنهن انگريزن کي گوڏن ڀر ڪيرائي ڇڏيو هو. پر گانڌي زميني حالت کان ڪن لاٽار ڪندي، سياسي جرئت جو مظاهرو نہ ڪري سگهيو ۽ صرف گِيانُ تي ڀاڙڻ لڳو. جنهن جي ڪري هي تحريڪ نتيجي تي پهچڻ کان اڳ ناڪام ٿي وئي.)
هن باب ۾ ليکڪ جناح جي هڪ Indian Nationalist طورڪانگريس پارٽي اندر ادا ڪيل سياسي ڪردار کي بيان ڪيو آهي. جناح جي هن سياسي زندگي جو سفر 1906ع کان شروع ٿي 1920ع تي پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ٿو. جناح جي سياسي زندگي جو هي سفر نهايت ئي اهميت جي لائق آهي. هندستان لاءِ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي self government جي مطالبي هندن ۽ مسلمانن جي وچ اتحاد پيدا ڪري ڇڏيو. انهي اتحاد جي نتيجي ۾ 1916ع تي لکنوء مهاعدو ٿيو. وري اڳتي هلي انگريز مخالف مسلمان ۽ هندو خلافت تحريڪ ۾ هڪ ٿي ويا. پر مسلمانن ۽ هندن جو هي اتحاد تشدت جي شامل ٿيڻ سان ختم ٿي ويو. پوءِ ڪڏهن بہ ڪنهن مسئلي تي مسلمانن ۽ هندن جي وچ اتحاد ٿي نہ سگهيو. هن باب ۾ گانڌي ۽ جناح جي سياسي نظرين تي مباحثو ٿيل آهي. جناح ڪانگريس سياست ۾ گانڌي جي مقابلي ۾ سينيئر هو. جناح 1906ع ۾ ڪانگريس سياست ۾ شامل ٿيو هو جڏهن تہ گانڌي ڏکڻ آفريڪا کان 1915ع تي هندستان آيو هو. پر گانڌي مذهب جو غيرضروري ۽ موقعي پرستاڻو استعمال ڪري ڪانگريس جماعت کي مٿين طبقي جي سياست کان ڪڍي عوامي جماعت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جناح گانڌي جي هن دؤر ۾ مذهب جي استعمال ۽ عوامي احتجاج جي سياست جي خلاف هو. جناح هميشہ آئيني ۽ پارلياماني سياست کي ترجيح ڏني. اُهي جناح ۽ گانڌي جي وچ بنيادي سياسي اختلاف هئا جو جناح ڪانگريس جماعت کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. گانڌي ۽ جناح جي ذاتي ۽ سياسي تڪرارن تي هن باب ۾ ليکڪ تفصيل سان لکيو آهي.
هلندڙ
One Comment