در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط-11

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

3- حيدرآباد سنڌ (5)

جڏھن مون ڪاليج ۾ داخلا ورتي ھئي، تڏھن يونين جون چونڊون ٿي رهيون هيون، سٽي ڪاليج ۾ اھا روايت ھئي تہ اميدوار پارٽي ٺاھي اليڪشن ۾ حصو وٺندا هئا، آزاد اميدوار بہ ھوندا ھئا. اليڪشن وقت ھر پارٽي پنھنجن اميدوارن جي لسٽ شايع ڪندي ھئي، پنھنجي اخبار ڪڍندي هئي، تقريرون ڪيون وينديون هيون، پوسٽر ڇپرايا ويندا هئا.شاگردن لاءِ اھو موقعو ھوندو ھو تہ اھي جمھوري روايتن کان واقف ٿين. اليڪشن کانپوءِ نئين يونين جو افتتاح ٿيندو هو، نوان عھديدار حلف کڻندا هئا. مونکي اليڪشن ۾ بيھڻ جو شوق شروع کان ھيو، اسڪول ۽ ڪاليج ۾ آئون ڪنھن نہ ڪنھن عھدي تي چونڊبو رھبو ھئس. 1957ع ۾ سٽي ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر جو نمائندو منتخب ٿيس. ان يونين جو افتتاح مشرقي پاڪستان جي ھڪ وزير مولوي فريد احمد ڪيو، جيڪو پوءِ مشرقي پاڪستان ۾ فوجي ايڪشن ۾ ماريو ويو. منھنجو آخري اليڪشن 1961ع ۾ يونين جي وائيس پريزيڊنٽ جي ھئي، جڏھن سنڌ صوبي ۾ انٽر ڪاليجيٽ باڊي ٺاھي وئي تڏھن مونکي ان جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. ان وقت شاگردن ۽ ماڻھن ۾ گھاٽو تعلق ۽ رشتو ھو. مونکي ياد آهي جڏھن اسان جلوس ڪڍيو ۽ حڪومت خلاف تحريڪ هلائي تہ ماڻھن اسان جو ساٿ ڏنو. جلوس نڪرڻ وقت نعريبازي ضرور ھئي پر ٽوڙ ڦوڙ نہ ھئي. ان زماني ۾ منھنجو پھريون ڀيرو سي آئي ڊي جي ماڻھن سان واسطو پيو، اھي پنھنجي ڪم ۽ عمل ۾ تمام محتاط رھندا ھئا. مثلاً ڪاليج ٻاھران ھڪ پان جي مانڊڻي وٽ بيھي شاگردن جي نگراني ڪندا رھندا ھئا. جڏھن اسان ٻاھر نڪرندا ھئاسين ھي منھن ھڪڙي پاسي ڪري سگريٽ ڇڪيندا هئا ۽ ايئن محسوس ڪرائيندا هئا تہ ھو اڻڄاڻ آهن. شام جو گاڏي کاتي ۾ سلطان ھوٽل جي ٻاھران اخبارن جي اسٽال تي ويھندا ھئا. بعد ۾ منھنجي انھن سان دوستي ٿي وئي، ھو پنھنجو ڪم ڪندا ھئا ۽ اسان پنھنجو. شاگردن جي مخالفت جي ڪري ايوب خان تعليمي ادارن مان يونين ختم ڪري ڇڏي، شاگردن لاءِ جڏھن جمھوري رستا بند ڪيا ويا تہ انھن آھستي آھستي تشدد جو رستو ورتو، اڄ جيڪي شاگرد تعليمي ادارن ۾ تشدد ڪن ٿا، انھي جي شروعات ايوب خان جي دور کان ٿي، ھن درحقيقت شاگردن کي غير سياسي ڪري جمھوري روايتن کي ڪاري ضرب لڳائي ڇڏي، الميو اهو آهي جو پوءِ ايندڙ حڪومتن چاھي اھي آمرانہ ھجن يا جمھوري انھن روايت کي قائم رکيو، انھي ڪري تعليمي ادارن ۾ اڄ ڏينھن تائين چونڊون نٿيون ٿين. ڪاليج جي استادن ۾ جن مونکي متاثر ڪيو انھن ۾ ھڪ خان عزيز ھو، جيڪو اسان کي انگريزي پڙھائيندو ھو، زبردست شخصيت جو مالڪ ھو، صدر ۾ رھندو ھو اتان پنڌ تلڪ چاڙهي کان ٿيندو سٽي ڪاليج ايندو هو. سندس ھٿ ۾ فرسٽ ايئر جو ٽيڪسٽ بُڪ ھوندو ھو. تلڪ چاڙهي جو ھڪ دڪاندار ڪيترن ئي سالن کان سائين کي وقت تي ڪاليج ويندي، ڏسندو رھندو ھو، ھڪ ڏينھن ان سائين کان پڇيو آئون ڪيترن ئي سالن کان توھان کي ڏسان پيو، توھان وقت تي ڪاليج ويندا آھيو، ڏسڻ ۾ بہ شريف ۽ ذھين ٿا لڳو، پوءِ ڪھڙو سبب آھي جو اڃا تائين توھان فرسٽ ايئر جو امتحان پاس نہ ڪري سگهيا آھيو. سائين خان عزيز شاگردي جي زماني کان ھڪ سٺو مقرر ھوندو ھو ۽ يونين جو عھديدار بہ رھي چڪو ھو، ان ڪري ھو شاگردن جي ھميشہ حوصلا افزائي ڪندو هو. بعد ۾ ليڪچرر شپ ڇڏي لا جي پريڪٽس ڪرڻ لڳو ۽ ڪامياب وڪيل ٿيو. اسان وٽ استاد جو سماجي رتبو ان ڪري پست ٿيو آهي ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي قابل استاد ھي پيشو ڇڏي ٻين پيشن ۾ ھليا ويا آھن. بي اي ۾ اسان کي جنرل ھسٽري سائين دائود پڙھائيندو ھو، سائين منفرد شخصيت جو مالڪ هو، ھميشہ شيرواني پائيندو هو، مٿي تي مخملي ٽوپي، سياري ۾ گلي کي مفلر ويڙھيندو ھو، صحيح معني ۾ ھڪ اسڪالر لڳندو هو. ڪلاس پابندي سان وٺندو هو، آئون ٻہ سال سائين وٽ پڙھيس، مونکي ياد ناھي سائين ڪڏھن موڪل ڪئي ھجي. ھڪ دفعي جڏھن حيدرآباد ۾ ھسٽري ڪانفرنس ٿي رهي هئي، سائين ھڪ مھينو پھريان ٻڌائي ڇڏيو هو تہ فلاڻي ڏينهن تي پيريڊ نہ ٿيندو. جيڪڏھن اسان کي ڪلاس ۾ پھچڻ ۾ دير ٿي ويندي هئي تہ سائين اڳ ۾ ويٺو ھوندو ھو، ڪلاس ۾ ڪير بہ نہ ايندو ھو تہ سائين ڪلاس ۾ پيريڊ جا 45 منٽ ويھي، ھليو ويندو ھو. سٽي ڪاليج ۾ رات تائين ڪلاس ھلندا ھئا، انڪري بجلي ويندي هئي تہ ڪاليج مان موڪل ٿي ويندي هئي. دائود صاحب پنھنجي شيرواني ۾ ميڻ بتيون کڻي ايندو هو، بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ ميڻ بتيون ٻاري بہ پڙھائيندو ھو. منھنجي سائين سان سٺي دوستي ٿي وئي، ڪاليج کانپوءِ بہ سائين سان ملاقات ٿيندي رھندي ھئي، ھو ڪاليج جي پاسي ۾ ھڪ ھوٽل ۾ رھندو ھو، جتي ٻيا استاد بہ گڏ رھندا ھئا، خاص طور تي اھي جن جا ڪٽنب ڪراچي ۾ رھندا ھئا. دائود صاحب اصل جونپور جو ھو ، الھ آباد مان ھسٽري ۾ ايم اي ڪيائين، سياسي حوالي سان پڪو مسلم ليگي ھو، جڏھن جادو ناٿ سرڪار جو ڪتاب شيوا جي دي گريٽ ڇپيو تہ ان جي جواب ۾ سائين رييل سيوا جي لکيو ۽ ھڪ ڪاپي جادو ناٿ سرڪار کي موڪلي ڏنائين. سائين ٻڌائيندو ھو جڏھن آئون ان سان مليس ۽ ٻڌايم تہ جونپور کان آيو آھيان تڏھن مونکي شرقي سلاطين جونپور جو مصنف سمجھڻ لڳو، پر جڏهن مون ٻڌايو تہ رييل سيوا جي جو مصنف آھيان تہ ھو ڪجھ چوڻ بنا گھر ھليو ويو ۽ مونسان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. چوندا آهن تہ ھن ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ سائين کي تعصبي ھندن کان ڌمڪيون ملڻ لڳيون، ھي اھو زمانو هو جڏھن ورھاڱو ٿي چُڪو هو ۽ سائين صورتحال کي ڏسندي پاڪستان ھليو آيو.

ھلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close