در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط-14

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

3- حيدرآباد سنڌ (8)

اسان جو ٻيو استاد بشير صاحب جي بلڪل برعڪس ھو، ڊاڪٽر يار محمد جيتوڻيڪ لنڊن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي پر پڙھائڻ ۾ بلڪل دلچسپي نہ ھوندي ھئس. خبر ناهي استاد ڇو ٿيو ھو، جيڪڏھن ڪنھن شخص ۾ پيشورانہ صلاحيتون نہ ھونديون آھن تہ ھو پنھنجو رعب ڄمائڻ ۽ پنھنجي شخصيت اڀارڻ لاءِ ٻيا حربا استعمال ڪندو آهي. ڊاڪٽر يار محمد گرمي ھجي يا سردي ھميشہ ٿري پيس سوٽ ۾ ھوندو ھو، ھو ھر وقت آڪڙيل ھوندو ھو، ماڻھن سان بدتميزي ڪندو هو.شام جو ٿري پيس سوٽ پائي ڇٽي کڻي گھمڻ لاءِ نڪرندو ھو، ھي سڀ سندس ڏيکاءَ ھوندو ھو، اندر کان کوکلو ھو. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڇڏي پنجاب يونيورسٽي آيو، خوب ترقي ڪيائين، شعبي جو چيئرمئن ۽ پوءِ فيڪلٽي جو ڊين ٿيو. تعجب آهي وائيس چانسلر ڇو ڪونہ ٿيو. ھڪ ڏينھن مونکي ايم اي جي ٿيسز موڪليائين، ڇو تہ ھو مونکي پنھنجو شاگرد سمجھندو ھو ۽ سندس خيال هو تہ آئون سندس ھر ڳالھ مڃيندس. جڏھن زباني امتحان ٿيو تہ مونکي ھڪڙي پاسي وٺي ويو، چيائين گورنمينٽ ڪاليج لاھور جي شاگردن کي فرسٽ ڊويزن جون مارڪون نہ ڏيان، ھن جي زباني تہ کين رڳڙو ڏيان. مون ڏانھنس حيراني مان ڏٺو، سندس سڄي زندگي پڙھائيندي گذري ھئي، پر تعليم ۽ شاگردن جي باري ۾ سندس اھا راءِ ھئي. اسان جي اکين اڳيان ترقي ڪندو ويو، ھڪ سٺو استاد احمد بشير صاحب ايتري ترقي نہ ڪري سگھيو. 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتم، ان وقت سائنس جا ڪجھ شعبا ڄامشوري جي نئين ڪئمپس ۾ منتقل ٿي چڪا هئا. اولڊ ڪئمپس ۾ آرٽ جا سڀ شعبا ۽ ڪجھ سائنس جا شعبا ھوندا ھئا. شروع ۾ آرٽ جي شعبن جا ڪلاس 3 وڳي شروع ٿيندا هئا، جيئن نوڪري ڪندڙ ماڻھن کي بہ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي. پر ڪجھ شعبن ۾ شام جو ۽ ڪجھ شعبن ۾ صبح جو پڙھائي ٿيندي ھئي، انھن ۾ جنرل ھسٽري جو بہ شعبو ھو، ان ڪري ملازمت ڪرڻ جو سوال ئي نہ ھو، ان عرصي ۾ مون ٽيوشن پڙهائي ڪم ھلايو. يونيورسٽي جي زندگي ڏاڍي خوبصورت ھئي، ثقافتي ۽ غير نصابي سرگرميون ٿينديون هيون. يونين جون چونڊون، رانديون، جھيڙا ۽ سياست يونيورسٽي جا لازمي حصو بنجي ويا ھئا. ان وقت شاگردن ۾ لوڌھي صاحب مشھور ھوندو ھو، سندس اصل نالي جي ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ ھئي. ھاڪي راند کيڏندو هو ۽ سياست بہ ڪندو هو. سندس شھرت ان وقت ٿي جڏھن ھو گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙھندو ھو. سندس ھڪ قصو مشھور ٿيو، ھڪ دفعي ھاڪي ٽيم جي لسٽ لڳي، ڄاڻي واڻي لوڌھي صاحب جو نالو شامل نہ ڪيو ويو. لوڌھي صاحب جڏھن پنھنجو نالو لسٽ ۾ نہ ڏٺو سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو. ٻنپھرن جو جڏھن ڪلاس ختم ٿيا، ڪيترائي شاگرد ھليا ويا، تڏھن لوڌھي صاحب يونين آفيس پھتو، يونين جو سيڪريٽري ويٺو هو. لوڌھي صاحب کيسي مان چاقو ڪڍيو ۽ ميز ۾ ھڻندي سيڪريٽري کي چيائين، پنھنجي آخري خواھش ٻڌاء، سيڪريٽري لوڌھي صاحب جي تيور ڏسي پريشان ٿي ويو، حاضر دماغي سان جواب ڏيندي چيائينس تہ پاڻي جو گلاس پيار. لوڌھي صاحب چاقو ميز ۾ ئي ٽنبيل ڇڏي پاڻي ڀرڻ ھليو ويو. پاڻي ڀري واپس آيو تہ چاقو سيڪريٽري جي ھٿ ۾ ھو. لوڌھي صاحب کي چيائين ھاڻ تون ٻڌا تنھنجي آخري خواھش ڪھڙي آھي، ان تي لوڌھي صاحب کي ڪاوڙ لڳي ۽ ناراض ٿيندي چيائين، اھو سراسر غلط آھي، اھا بي ايماني آھي. ھڪ دفعي يونيورسٽي جي چونڊن ۾ بيٺو، ووٽ صرف يارنھن مليس، پر ھر ڪو اھو چوندو ھئس تہ مون ووٽ توکي ڏنو آھي. ان تي لوڌھي صاحب چيو يارنھن ڄڻن جي ڳالھ تہ مڃيندس پر ٻارھين چيو تہ ان کي چاقو ھڻندس. لوڌھي صاحب کي پڙھي لکي اڳتي وڌڻ جي ڪا بہ جلدي نہ ھئي، انڪري ھو فيل ٿيندو ٿيندو اسان سان اچي گڏيو، مسلم ھسٽري ۾ ايم اي ڪري رھيو ھو. ھڪ دفعي انڊيا کان ھڪ اسڪالر آيو، اسان سڀ سلطان ھوٽل تي ويٺا ھئاسين. اسڪالر لوڌھي صاحب کي چيو توھان ھسٽري جا شاگرد آھيو، توھان کان ڪجھ معلومات وٺڻي آھي، تنھن تي لوڌھي صاحب چيو اسان تہ گولڊن ھسٽري پڙھي امتحان ڏيندا آھيون، اھي معمولي ڳالھيون ٻين کان پڇو. لوڌھي صاحب بئراج ڪالوني ۾ ھڪ ڪوارٽر ۾ رھندو ھو، ھڪ پلنگ ۽ چند ڪپڙن جا وڳا سندس ڪل اثاثو ھئا. انڪري سندس دروازو ھميشہ کليل ھوندو ھو. ڪنھن چور کي بہ ڪڏھن اتي وڃڻ جي ھمت نہ ٿي. ماني جھوپڙا ھوٽلن تي کائيندو هو. جڏھن پئسا ايندا ھئس تہ سڀني جو قرض لاھي ڇڏيندو هو. ھڪ دفعي سندس ڀاءُ ڪپڙن جو وڳو موڪلي ڏنس، وڳو سبڻ لاءِ تہ ڏيئي ڇڏيائين، پر پئسا ڪٿان اچن جو درزي کي ڏيئي ڪپڙا کڻي. سبيل ڪپڙا درزي کي ڏيئي ڪجھ پئسا ورتائين ۽ ڏاڍو خوش ٿيو.

1962ع ۾ مون ايم اي جي پھرين سال جو امتحان ڏنو، انکان پوءِ مونکي جامعيہ عربيہ ڪاليج ۾ ملازمت ملي وئي، ھتي آئون فرسٽ فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي شاگردن کي تاريخ ۽ اردو پڙھائيندو ھئس، شاگرد جيتوڻيڪ گھٽ ھئا پر ڪاليج جو ماحول ڏاڍو بھترين ھو. ان ملازمت کانپوءِ منھنجي مالي حالت بھتر ٿي. جڏھن 1963ع ۾ ايم اي جو رزلٽ آيو تہ منھنجي پھرين پوزيشن ھئي، يونيورسٽي ۾ ملازمت ملڻ مشڪل ھئي. مون وائس چانسلر جي نالي ھڪ درخواست موڪلي، ان دوران منھنجي جامعيہ عربيہ ڪاليج ۾ ڪل وقت مقرري ٿي وئي. ان وقت رضي الدين صديقي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ھو. ھن ھڪ اصول ٻڌايو ھو تہ جيڪڏھن شعبي ۾ جاءِ ھجي ھا تہ جن جو پھرين يا ٻئين پوزيشن آھي ان کي بطور جونيئر ليڪچرر ڀرتي ڪيان ھا. مونکي جامعيہ عربيہ ۾ ملازمت ڪندي چند مھينا ئي ٿيا ھئا تہ سنڌ يونيورسٽي مان انٽرويو لاءِ ھڪ خط آيو، وائيس چانسلر انٽرويو ڪيو، ھو ٿورو گھڻو مونکي سڃاڻيندو بہ ھو، انڪري مونکي چيائين يونيورسٽي جي ڪينٽين ۾ نہ ويھ، ٻيو اھو تہ شاگردن کي منھنجي خلاف ڀڙڪائڻ ڇڏي ڏي. ۽ پوءِ مونکي يونيورسٽي ۾ جونيئر ليڪچرار جي نوڪري ملي.
يونيورسٽي ۾ ايم اي سان گڏ بي اي جا ڪلاس بہ ٿيندا هئا، شروع ۾ مونکي ھي ڪلاس مليا، آئون ڪلاس ۾ ھميشہ ڪلاس ۾ تياري ڪري ويندو ھئس. انڪري پڙھائڻ ۾ مزو ايندو هو، شاگرد بہ ھوشيار ھوندا ھئا ڪلاس دوران بحٽ ۾ حصو وٺندا هئا. بشير صاحب شعبي جو چيئرمئن ھو، ھن ڪڏھن بہ منھنجن معاملن ۾ دخل نہ ڏنو، جڏھن بہ ڪو استاد ويھندو ھئس تہ ان سان علمي گفتگو ڪندو هو. ان وقت منھنجي وڏي خواھش ھوندي ھئي تہ ڪھڙي طرح سان وظيفو ملي پوي تہ ٻاھريان پي ايڇ ڊي ڪري اچان، پر ايئن نہ ٿي سگھيو. ان دوران ان ڳالھ جو احساس ٿيو تہ يونيورسٽي جا استاد پنھنجي اسٽيٽس جو وڏو خيال رکن ٿا. آئون جونيئر ليڪچرر ھئس، سينيئر استاد اسان جي عزت نہ ڪندا ھئا ۽ اڪثر تہ سلام جو جواب بہ نہ ڏيندا هئا.رضي الدين صديقي جيڪو وائيس چانسلر ھو، اھو فقط سينيئر استادن کي ھٿ ڏيندو ھو، جونيئرن ڏي مڙي ڏسندو بہ نہ ھو. جڏھن آئون شاگرد ھئس تہ ساڻس ملڻ ويس، منھنجي جلدي ملاقات ڪرائي وئي. استاد ٿيڻ کانپوءِ ملڻ ويس تہ مونکي انتظار ڪرڻ جو چيو ويو. ان مان اندازو ٿيو تہ بحيثيت شاگرد جي منھنجي عزت وڌيڪ ھئي. رضي الدين صديقي صاحب جي دور ۾ بيوروڪريسي جو زور وڌي ويو. ھن ھڪ سرڪيولر ڪڍيو جنھن مطابق سالياني انڪريمينٽ تي استاد کانئس ملڻ ايندا. ان وقت چئيتا ماڻھو بہ ھوندا ھئا. سنڌي جي پروفيسر جتوئي سرڪيولر تي ھي شعر لکيو:
اي طائر لاھوتي اس رزق سي موت اچھي،
جس رزق سي آتي ھو پرواز مين ڪوتاھي.
ان جو اھو نتيجو نڪتو تہ وي سي پنھنجا آرڊر واپس ورتا. جيڪڏھن معاشري ۾ آمرانہ حڪمن خلاف مزاحمت ڪجي تہ انھن کي روڪي سگھجي ٿو. جيڪڏھن انھن حڪمن اڳيان ڪنڌ نمائي قبول ڪجي تہ معاشرو پستي ۾ ھليو ويندو آھي. ان وقت ملڪ ۾ آمريت ھئي، ايوب خان پنھنجن مخالفن کي ختم ڪري ڇڏيو. ڪيترائي موقعي پرست ايوب خان جا درٻاري بڻجي ويا. انڪري تعليمي ادارن ۾ بہ آمريت اچي چڪي هئي. ان صورتحال مان سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فائدو وٺندي شاگردن جي سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي. يونين جو جنرل سيڪريٽري قاضي فضل حق سياسي سرگرمين ۾ گھڻو سرگرم ھو، ان کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو، ان جي جڳھ تي ھڪ اھڙي اميدوار کي جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو، جنھن صرف ٽيھ ووٽ کنيا هئا. ان عمل تي شاگردن ۽ استادن طرفان ڪو بہ احتجاج نہ ڪيو ويو. ايوب خان تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي يونين تي پابندي مڙھي ڇڏي، آمريت جي بدترين روايت قائم ڪئي وئي، اظھار جي آزادي ۽ سياسي سرگرمين تي مڪمل طور پابندي لڳائي وئي. شاگردن ۽ استادن کي مختلف حربا استعمال ڪري ڊيڄاريو ويو. مونکي ياد آهي ھڪ ڏينھن جڏھن يونيورسٽي پھتس تہ ڏٺم سڀ دروازا بند آھن، اتي پوليس ۽ رينجرز جو پھرو آھي. خبر پئي رات جو ھاسٽلن تي ريڊ ڪيو ويو ھو، استادن جي ھاسٽلن تي بہ ريڊ ھنيو ويو هو. آمرن جو خيال آھي تہ جيڪڏھن ماڻھن کي ڊيڄاريو وڃي تہ حڪومت ڪرڻ آسان ٿي پوندي. ايوب خان جھڙا آمر حڪومت تہ ڪري ويندا آهن پر معاشري کي کوکلو ڪري ڇڏيندا آهن. اھو ئي سبب ھو جو تعليمي ادارن مان مباحثا، ڊراما، موسيقي ۽ ٻيون سرگرميون ختم ٿي ويون هيون. تعليمي ادارن ۾ اھا ھڪ اھڙي ضرب ھئي جو ادارا اڃا تائين پنھنجن پيرن تي بيھي نہ سگھيا آهن. مون جڏھن کان پڙھڻ شروع ڪيو آهي، ان وقت کان جنرل ھسٽري ۾ تمام گھٽ شاگرد ايندا هئا. ھي اھو زمانو ھو جڏھن شاگردن ۾ اھو خيال ھوندو ھو تہ اھڙو مضمون کڻجي، جيڪو آساني سان پاس ڪري سگھجي. شاگردن کي ڪير اھو ٻڌائڻ وارو نہ ھو تہ ڪھڙو مضمون کڻجي. اڪثر شاگرد ڊگري وٺڻ لاءِ داخلا وٺندا هئا. شاگردن جي انھي سوچ مان فائدو وٺندي ڪجھ شعبن شاگردن کي گھڻيون مارڪون ڏيڻ واري پاليسي اختيار ڪئي. انھن جو مقصد ھو تہ شعبو برقرار رھي، جيئن سندن ملازمت بہ بچي سگھي. جنرل ھسٽري شعبي جي باري ۾ اھو مشھور آھي تہ اتي گھٽ مارڪون ملن ٿيون، ان ڪري ھتي گھٽ مارڪون ملنديون هيون ۽ شاگرد بہ گھٽ ايندا هئا. ڪڏھن ڪڏھن اھو سوال بہ اٿندو هو ھن شعبي جي ڪھڙي ضرورت آهي. ان ڪري اسان جي شعبي ۾ چار کان وڌيڪ استاد ڪڏھن بہ نہ رھيا.

ھلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close