ڪتاب: تاريخ جي آتم ڪٿا

تبصرو: امام بخش جکراڻي

هي ڪتاب اردو ۾ لکيل ”سرگذشتِ تاريخ“ جو سنڌي ترجمو آهي. ڪتاب جو ليکڪ گمنام اردو دانشور ۽ تاريخ جو استاد پروفيسر امتياز احمد خان آهي. هي ڪتاب 1960ع ۾ شايع ٿيو. عبدالستار بلوچ هن ڪتاب جو سنڌيڪار آهي. هن هي ناياب ڪتاب ٺٽي ڪاليج جي لائيبرري مان هٿ ڪري ترجمو ڪيو آهي.

انسان جي شروعات سان تاريخ جي شروعات ٿي. تاريخ ماضي ۾ ڪيل انساني تجربن جي ريڪارڊ جو نالو آهي. قومن جي اوج ۽ زوال جا عڪس تاريخ ۾ پسي سگهجن ٿا. تاريخ نہ فقط ماضي جي واقعن جي مطالعي ڪرڻ جو نالو آهي پر انهي ماضي جي تاريخ جي بنياد تي حال ۽ مستقبل ۾ پيش ايندڙ واقعن جو ڇيد ڪري سگهجي ٿو. تاريخ ازل کان وٺي ڏاڍن جي قبضي ۾ رهي آهي. هر تاريخدان پنهنجي وقت جي حالتن ۽ پنهنجي ذاتي نظرين، پسند ۽ ناپسند کي سامهون رکي تاريخ لکي آهي. بقول ليکڪ جي تہ ”اهل دل مؤرخ کي تاريخ ۾ خدا نظر ايندو آهي، اشتراڪي مؤرخ اهڙي تاريخ ۾ پيٽ جي پوڄا جي گهرجن کي ڏسي ٿو، قومپرست مؤرخ کي تاريخ ۾ پنهنجي قوم جي عظمت نظر اچي ٿو، اديب قسم جو مؤرخ تاريخ کي ڊرامي جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو. (ص-27) يوناني ۽ رومي مؤرخ غير يونانين ۽ غير رومين کي ”وحشي“ چوندا هئا. (ص-52) اشتراڪيت پسند تاريخدانن جي نظر ۾ انسان فقط ”پيٽ جو پوڄاري“ آهي، پر غير اشتراڪي تاريخدانن کي انسان ”خدا جو پوڄاري“ نظر اچي ٿو.“ (ص-84) هو وڌيڪ لکي ٿو تہ ”هر تاريخ کي پڙهڻ کان اڳ ۾ ان تاريخ جي لکندڙ جي سوانح ضرور معلوم ڪريو، تہ جيئن مصنف جي ماحول کان واقفيت حاصل ڪري، سندس تاويلن جي نوعيت معلوم ڪري سگهجي.“ (ص-27) دنيا جي اڪثر تاريخدانن تاريخ کي صرف بادشاهن جي تخت تي ويهڻ ۽ لهڻ جي واقعن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. بادشاهن جي ڪاهن ۽ جنگن، ظلم ۽ دھشت سان هيڻن قومن کي غلام بنائڻ ۽ انهن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي واقعن سان تاريخ جا ورق ڀريل آهن. تاريخ جي ورقن ۾ رعيت (عوام) بلڪل نظرانداز ٿيل آهي. حقيقت ۾ تاريخ جو اصل مخاطب عوام آهي، تنهنڪري صحيح تاريخ اهائي آهي جيڪا عوامي مفادن کي سامهون رکي لکي وڃي.

هن ڪتاب ۾ قابل ليکڪ تاريخ جي عوامي مفادن کي نظر ۾ رکي قديم دؤر کان وٺي جديد دؤر تائين جي تاريخدانن ۽ انهن جي تاريخ تي ڪيل ڪم جي خوبين ۽ خامين کي جاچيندي هر رخ کان تاريخ جي وڃايل ورثي جي ڳولا ڪئي آهي. يوناني ۽ رومي تاريخدانن، مسلمانن تاريخدانن ۽ اولھ جي تاريخدانن جي اڪثريت تاريخي اهميت جي واقعن کي ڄاڻي ٻجهي ڪٽ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي واقعا سندن عقيدي جي خلاف هوندا آهن. جيڪڏهن لکيو تہ بہ واقعن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي. بقول لکيڪ جي تہ” حق جي بنياد تي تاريخ لکڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي.“(ص-83)

تاريخ ۾ فلسفي کي شامل ڪندڙ ۽ اڳڪٿيون ڪندڙ تاريخدانن جو ڪتاب ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. فلسفو هڪ الڳ علم جو نالو آهي. تاريخ ۾ ان کي شامل ڪرڻ زيادتي آهي. پر تاريخ ۾ سببن جي ڳولا ۽ واقعن مان عبرت وٺڻ جي ڪري فلسفي کي تاريخ ۾ شامل ڪيو ويو. بقول ليکڪ جي تہ ”تاريخ ۾ سببن جي ڳولا جي ڪري ئي فلسفو داخل ٿيو.“(ص-21) ليکڪ اڳتي لکي ٿو تہ”سيبٽ آگسٽائين تاريخ مان عبرت وٺڻ واري نظريي جو ”خدائي شهر“ نالي ڪتاب لکي بنياد وڌو، پر انهيءَ ڪم کي توڙ تي پڄائڻ جو سهرو ابن خلدون جي سر تي سونهي ٿو. انهيءَ ئي مقصد لاءِ هن جڳ مشهور ”مقدمو“ لکيو.“(ص- 19) ليکڪ ابن خلدون (1332-1406) جي زندگي جي مختلف پاسن سان گڏ سندس تاريخي ڪم ”مقدمي“ تي هڪ الڳ باب لکيو آهي. ليکڪ لکي ٿو تہ ”ابن خلدون جو ”مقدمو“ سماجيات جي ڏاهپ سان ڀرپور آهي، هو بغير شڪ شبهي جي اسلامي دنيا جو پهريون مؤرخ ۽ مفڪر آهي جنهن حضرت انسان جي ”انسانيت“ جو پهلو ڏٺو…ابن خلدون وٽ تاريخ نگاري فقط واقعن کي قلمند ڪرڻ ناهي، پر هر واقعي جو سبب ٻڌائڻ بہ تاريخدان جو فرض آهي.“ (ص-226) ابن خلدون کان سواءِ اولھ جي جن فلاسافرن ۾ تاريخ ۾ فلسفو نظر آيو، سي جرمن فلاسافر هرڊر (1744-1803) ۽ ڪانٽ (1724-1804) هئا. انهن کان پوءِ هيگل (1770-1831) ۽ نٽشي (1844-1900) جي ذهن تاريخ ۾ فلسفي کي جو مشاهدو ڪيو.

ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب ۾ انهن تاريخدانن جو ذڪر بہ ڪيو آهي. جن تاريخ ۾ اڳڪٿيو ڪيون. انهن ۾ انگريز ايڇ جي ويلز (1866-1946) ۽ سندس تصنيف Outline of History، جرمن اوسويلڊ اسپينگلر (1880-1936) ۽ سندس تصنيف Decline of the West ۽ انگريز تاريخدان آرنلڊ ٽوئن بي (1889-1974) ۽سندس تصنيف A Study of History اچي وڃن ٿا. ليکڪ انهن ٽنهي تاريخدانن جي زندگي ۽ ڪم تي هڪ الڳ باب ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. بقول ليکڪ جي تہ ”اسپنگلر پنهنجو ڪتاب 1918ع کان 1922ع جي وچ ڌاري ان وقت لکيو جڏهن جرمن قوم هٿيار ڦٽا ڪري چڪي هئي ۽ نهايت ڏکيائين ۽ ذلت کي منهن ڏيئي رهي هئي. اها قوم ان وقت نهايت ئي بيچينيءَ سان ڪنهن بشارت جي منتظر هئي. تنهنڪري اسپنگلر هڪ بشارت ڏيندڙ طور پڌرو ٿيو ۽ تاريخ جي فلسفي ۾ ڪئين اڳڪٿيون ڪيائين. (ص-26) اهڙيءَ طرح پروفيسر ٽوئن بي جي ڪتاب جا پهريان ڇھ جلد ٻي عالمي جنگ کان اڳ ۽ باقي چار جلد پوءِ ڇپيا. انهن آخري چئن جلدن ۾ مصنف جي نظرين ۾ ٻي عالمي جنگ وڏو ڦيرو آندو. انهن جلدن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو تہ پروفيسر صاحب پنهنجي پروفيسري جو ”گاؤن“ لاهي پادري جو ”چوغو“ پهري ڇڏيو آهي ۽ سندس هدايت جو موضوع اهو آهي تہ اولھ جو ڀلو انهيءَ ۾ آهي تہ هو عيسائي مذهب کي نئين سر جياري….“ (ص-26) ليکڪ اسپنگلر ۽ ٽوئن بي جي نشاندهي ڪيل انساني تهذيبن ۽ قومن جي اوج ۽ زوال جي سببن ۽ مستقبل بابت ڪيل اڳڪٿين تي تنقيدي نگاھ سان تبصرو ڪيو آهي. ڇو تہ مستقبل بابت اڳڪٿي ڪرڻ تاريخدان جو ڪم نہ آهي.

ليکڪ تاريخ جي ڪهاڻي لکڻ سان گڏ تاريخدانن جي خوبين ۽ انهن کي تاريخ لکڻ لاءِ پيش ايندڙ تڪليفن بابت پڻ لکيو آهي. محض هسٽري ۾ سند يافتہ ماڻهو تاريخدان ٿي نٿو سگهي. بقول ليکڪ جي تہ ” تاريخدان اينٿروپولاجي، علم نفسيات، علم اقتصاديات، علم حيوانيات، جيوگرافي ۽ پوليٽيڪل سائنس جو ڄاڻو هجي.“ تنهن کان پوءِ ئي هو هڪ اثرائتي تاريخ لکي سگهي ٿو.

اڄڪلھ ڪجھ تاريخدان تاريخ کي دلچسپ بنائڻ خاطر افساني جي روپ ۾ پيش ڪري رهيا آهن تہ جئين وڌ کان وڌ ماڻهو تاريخ کي پڙهن. ڪتاب ڇپيندڙ بہ اهڙي تاريخ جي ڪتابن کي شايع ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺن ٿا. بقول ليکڪ جي تہ ”هر ناشر فقط پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪتاب ڇپي ٿو، علم جي اشاعت سندس مقصد نہ آهي.“(ص-72) ليکڪ آمريڪي مورخ ول ڊيورانٽ جي اٺن جلدن تي ۾ لکيل Story of Civilization تي تنقيد ڪندي لکيو آهي تہ” هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو تہ انهيءَ کي ڪنهن تاريخدان نہ پر ڪنهن اخباري خاطو لکيو آهي، تہ جيئن اهو ڪتاب اخبار جيان ماڻهن ۾ مشهور ۽ مقبول ٿئي ۽ لکاريءَ سان گڏوگڏ ناشر جو پيٽ بہ ڀري سگهي.“ (ص-72)

ڪجھ تاريخدانن ٻين قومن جي زوال جي سببن تي ڪتاب لکيا. پر انهن تاريخدانن جي پنهنجي قوم انهي تاريخن مان سبق حاصل نہ ڪيو ۽ پاڻ بہ انهي زوال جو شڪار ٿي ويا. ليکڪ ان حوالي سان لکي ٿو تہ”انگريزن زوال جي روڪٿام خاطر پاڻ کان اڳ وارن سامراجن جي زوال جي سببن جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو، سندن مشهور تاريخدان ايڊورڊ گبن عظيم روم جي زوال جي سببن تي پنهنجي ڪتاب Decline and Fall of the Roman Empire جا ڇھ جلد لکيا. هندستان تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ انهن مغل بادشاهت جي زوال تي بہ چڱيءَ طرح غور ڪيو…پر ان ڇنڊڇاڻ جي باوجود انگريز سامراج کي هندستان مان ٽپڙ گول ڪرڻا پيا، ۽ اھڙي طرح گول ڪرڻا پيا جو دنيا جي تاريخ ۾ ان جهڙو ٻيو مثال نٿو ملي.“(ص_100)

انساني زندگي ۾ جيڪو انقلاب مذهبن آندو آهي اهڙو انقلاب ڪو بادشاھ يا ڪا تحريڪ بہ آڻي نہ سگهي آهي. الهامي مذهبن انسان کي گهڻن خدائن جي پوڄا ڪرڻ کان آزاد ڪري هڪ خدا جي فرماني هيٺ آندو. اهڙيءَ طرح انسان ذهني طور تي آزادي حاصل ڪئي. بقول ليکڪ جي تہ” اصل آزادي ذهن جي آزادي آهي. جنهن قوم جو ذهن قيد ۾ آهي اها پنهنجي سياسي آزادي بہ برقرار رکي نٿي سگهي.(ص-265) مذهبن دنيا کي اصل آزادي واري پيغام جي سڃاڻپ ڏني ۽ انساني ذهن کي وهم پرستيءَ کان آجو ڪيو.“ (ص-316) اسلام کان اڳ عرب گهڻ خدائن جي عبادت ڪندا هئا ۽ سخت قبائلي نظام جي ڪري اُهي ذهني توڙي سياسي ترقي جي ميدان ۾ پٺ تي پيل هئا. اسلام جي توحيد ۽ برابري جي پيغام عربن کي ٿوري وقت اندر دنيا ۾ اوج تي پهچائي ڇڏيو. هي صرف اسلام جهڙي الهامي مذهب ۽ پيغمبر صلم جي انسان دوست شخصيت جو ئي ڪمال هيو. ڇو تہ بقول ليکڪ جي تہ ”هن ڀلاري انسان پنهنجو پاڻ کي سڀ کان اول انسان ۽ ان کان پوءِ رسول سڏايو.“ (ص-291) اسلام کان بعد دنيا ۾ جيڪي بہ تحريڪون برابري، ڀائپي ۽ آزادي جي نالي سان هلايون ويون. اُهي سڀ ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي اصل مقصدن تان ڦري ويون. ان حوالي سان ليکڪ فرينچ انقلاب جو مثال ڏيندي لکي ٿو تہ” فرينچ انقلاب (1789ع) جو بنيادي نعرو ”ڀائپي ۽ آزادي هو، پر انقلاب کان پوءِ اهي فرينچ نيپولين جي اڳواڻيءَ ۾ ٻين ملڪن جي آزادي کسڻ واري ڪم جنبي ويا.“(ص-98)

گهڻا ماڻهو دنيا ۾ تاريخ جي اهميت جا انڪاري رهيا آهن. تاريخ تي دنيا جي مختلف اديبن، دانشورن ۽ شاعرن حملا ڪيا. انهن تاريخ جي حيثيت کي رد ڪندي ان جي مذمت ڪئي. گبن لکيو تہ:
”بيشڪ تاريخ فقط ماڻهو جي ڏوھن، چريائپ ۽ مصيبتن جو هڪ دفتر آهي.“
جرمن شاعر گوئٽي چيو تہ:
”گنهگار ماڻهو تاريخ لکن ٿا جڏهن تہ چڱا ماڻهو چپ رهندا آهن.“
والٽيئر فرمايو تہ:
”دنيا جي وڏن وڏن واقعن جي تاريخ محض ڏوهن جي تاريخ آهي.“(ص-306)
آمريڪا جي صدر ٿامس جيفرسن (1743-1826) پنهنجي تحرين ۾ لکيو تہ:
”اها قوم ڪيڏي نہ خوش قسمت آهي جنهن جي سڀاڳ سبب تاريخ کي ڪو مواد نٿو ملي.“
ٿامس ڪارلائل تاريخ بابت ايستائين لکيو تہ:
”تاريخ فقط افواهن جو تت آهي.“ (ص-308)

هر طبقي جي ماڻهو کي تاريخ پڙهڻ کپي. استادن، سفارتڪارن، سياسي اڪابرن ۽ عوام کي تاريخ پڙهڻ کپي. انهي ڪري تاريخ جا گهڻائي روپ آهن. تاريخ جون سائنسي، تخيلاتي، ادبي ۽ روحاني روپ نمايان آهن. تنهنڪري هر تاريخ چاهيندڙ انهن مختلف روپن مان هڪ کي پسند ڪري انهي مان لاڀ حاصل ڪري حقيقت ڳولي لهي. ڇو تہ تاريخ جو بنيادي مقصد ”حقيقت جي ڳولا“ آهي. تاريخ جي اڀياس مان ماڻهو ماضي جي روشني ۾ حال واري زماني کي ٺيڪ سمجهي سگهي ٿو. ليکڪ ڪتاب جي آخر ۾ هڪ باب تاريخ جو مطالعو ڇو ضروري آهي؟ جي موضوع تي لکي تاريخ جي مطالعي جي اهميت ۽ فائدي کي بيان ڪيو.

ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ هن وقت تائين تاريخ جي موضوع تي جيڪي عالمي سطح تي ڪتاب لکيا ويا آهن اُهي سڀ جانبدار ٿي ڪري لکيا ويا. هر تاريخدان پنهنجي قوم جي حالتن، عقيدن ۽ رسمن کي سامهون رکي تاريخ لکي آهي. لکيڪ کي سموري انساني تاريخ ۾ صرف مسلمان تاريخدان ابن خلدون غيرجانبدار تاريخدان نظر اچي ٿو. هو لکي ٿو تہ ”هن سڄي دنيا جو جائزو ورتو ۽ هر قوم جون خوبيون ۽ خاميون ڳولي ورتيون، ايستائين جو هن پنهنجي عرب قوم کي بہ نہ بخشيو ۽ ان کي تباهيءَ جو ذميوار قرار ڏنو. جنهن مقصد سان ابن خلدون پنهنجو ”مقدمو“ لکيو، اهو مقصد عبرت وٺڻ هو. هن ڪنهن بہ قوم جي طرفداري نہ ڪئي. شڪل ۽ نسل جو فرق سندس مزاج جي ابتڙ هو. هو قومن بدران انسانيت جو علمبردار هو.(ص-419)

هن ڪتاب جي هڪ نمايان خوبي هي آهي جو ليکڪ تاريخي واقعن جي سمجهاڻيءَ لاءِ مولانا رومي (1207-1273) جي مثنويءَ جا بيت اڪثر مثال طور پيش ڪيا آهن. بقول ليکڪ جي تہ ”هي ڪتاب (مثنوي) ڏکويلن لاءِ آٿت ڏيندڙ آهي… مولانا رومي مسلمانن کي هڪ اهڙي وقت آٿت ۽ بشارت ڏني جڏهن چنگيزي لشڪر اسلامي دنيا کي تباھ ڪرڻ لاءِ لاهي پائي بيٺو ھو.“ (ص-397)

هي تاريخ جي آتم ڪهاڻي هر تاريخ دوست کي پڙهڻ کپي. سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران سال 2020ع تي شايع ڪيل هي ڪتاب 432 صفحن تي مشتمل آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close