جناب رسول بخش پليجي جو، جناح (1876ع-1948ع) ۽ پاڪستان جي قيام واري مامري بابت پنھنجو هڪ مخصوص موقف رهيو آهي. اهو موقف هُن رات وچ ۾ نه ٺاهيو هو، پر ان لاءِ هُن هندوستان جي تاريخ ۽ سياست جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو هو. ان کانپوءِ هُن پنھنجو موقف پيش ڪيو هو.
هُن جي انهي موقف پويان جو مقصد هو، سو ٺوس قومي مقصد هو. هُن، ان ڏس ۾، پنھنجو شاهڪار مقالو ’سنڌ جي سياست جو هندوستاني پسمنظر: ڏند ڪٿائون، من گهڙت ڪھاڻيون ۽ حقيقتون‘ لکي، اهو واضح طور ٻڌايو، ته سنڌ جو قومي سوال، جيڪو پاڪستان ۾ سنڌ جي خودمختياري جي ڪالعدم ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو، کي سمجهڻ لاءِ اهو بي حد ضروري آهي، ته گڏيل هندوستان جي سياست ۽ آزاديءَ واري تحريڪ کي سمجهيو وڃي.
ان لاءِ هُن صرف هندوستان ۽ پاڪستان جي سياسي اسڪالرن جا ڪتاب نه پڙهيا، پر امريڪا، برطانيا، فرانس ۽ يورپ جي ٻين ڪيترن اهڙن اسڪالرن جي ڪتابن کي مطالعي هيٺ آندو، جن پاڪستان جي قيام ۽ ورهاڱي بابت اڪيڊمڪ نوع جو فڪري ڪم ڪيو هو.
هُن هندوستان جي ورهاڱي جي حمايت ۽ مخالفت ۾ لڳ ڀڳ سمورا ڪتاب پڙهيا. ان کانپوءِ هُن جيڪو پنھنجو موقف ڏنو، سو ٺوس معروضي هو.
هن وقت تائين هندوستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام بابت سڄي دنيا ۾ جيڪو به تحقيقي ۽ فڪري ڪم ٿيو آهي، ان ۾ ٽي موقف ۽ ٽي لاڙا نمايان آهن:
هڪ لاڙو ڪانگريس ۽ گانڌيءَ (1869ع-1948ع) جي حمايت وارو آهي. اهو ورهاڱي جو ذميوار جناح ۽ مسلم ليگ کي سمجهي ٿو.
ٻيو لاڙو مسلم ليگ ۽ جناح جي حمايت وارو آهي. انهي لاڙي تحت، ورهاڱي جو ذميوار ڪانگريس ۽ گانڌي کي سمجهيو وڃي ٿو.
جڏهن ته، ٽيون لاڙو اهو آهي، جيڪو ورهاڱي ۾ برطانوي ڪردار جي تجزيي سان گڏ گڏيل هندوستان جي سياست جي انهن تڪراري سياسي مامرن جي تشريح ڪري ٿو، جن تي مفاهمت نه ٿيڻ سببان، 1947ع ۾، ورهاڱو ۽ پاڪستان جو قيام اڻٽر بڻجي ويو.
ايڇ. ايم. سيروائي، اسٽينلي وولپرٽ، عائشا جلال، جسونت سنگهه، اجيت جاويد ۽ زاهد چوڌري وارا انهي ٽين لاڙي جي نمائندگي ڪن ٿا. جناب رسول بخش پليجو به انهي ٽين لاڙي جي ويجهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر هُن جا، ان موضوع تي، جيڪي دليل آهن، سي جدلياتي دليل آهن
مثال طور: هُن، هڪ ته، تحقيقي ثبوتن سان ان مفروضي کي رد ڪيو، ته پاڪستان انگريزن ٺھرايو. ۽ ٻيو ته، هُن جو چوڻ آهي، ته پاڪستان جو قيام ۽ هندوستان جو ورهاڱو تاريخ جي جبر جي پيداوار هو ۽ اهو جبرٻيو ڪنھن نه، پر خود ڪانگريس پيدا ڪيو هو.
هُن جو موقف آهي، ته گڏيل هندوستان ۾ هندن ۽ مسلمانن وارو مامرو بظاهر ته مذهبي مامرو هو، پر اهو اصل ۾ هندو اڪثريت ۽ مسلم اقليت وارو هڪ ٺوس سياسي مامرو به هو. هندو گڏيل هندوستان ۾ قطعي، دائمي ۽ ڪڏهن به تبديلي نه ٿي سگهندڙ اڪثريت ۾ هئا. مسلمان وري قطعي، دائمي ۽ ڪڏهن به تبديل نه ٿي سگهندڙ اقليت ۾ هئا؛ اُن ڪري، مسلمانن کي ڊپ هو، ته انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ هندو پنھنجي عددي اڪثريت جي بنياد تي گڏيل هندوستان جي مرڪز ۾ هندو بالادستي قائم ڪري، مسلم اقليت کي محتاج بڻائي ڇڏيندا. انهي ڊپ کي ختم ڪرڻ لاءِ جناح گڏيل هندوستان ۾ صوبن جي خودمختياريءَ تي ٻڌل هڪ اهڙي ’محدود مرڪز‘ (Weak Federal Centre) جو مطالبو ڪيو، جنھن ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ برابري (Parity) مُمڪن ٿيڻي هئي. ڪانگريس، جيڪڏهن هندو بالادستيءَ جي پروگرام کي ترڪ ڪري، مسلمانن کي محتاج بڻائيندڙ ’مضبوط مرڪز‘(Strong Federal Centre) واري ضد تان لھي وڃي ها، ۽ 1946ع واري انگريزن جي ڪيبينيٽ مشن منصوبي جي آئيني اسڪيم قبول ڪري ها، ته ورهاڱو ۽ پاڪستان جو ٺھڻ مُمڪن نه ٿئي ها.
رسول بخش پليجو، مسلم ليگ کي به رد ڪري ٿو، پر هُن جو جناح بابت موقف مثبت آهي. هُو سمجهي ٿو، ته گڏيل هندوستان جي سياست ۾ سرگرم مسلمانن مان اهو واحد جناح هو، جنھن ڪانگريس جي هندو بالادستيءَ واري غيرجمھوري مقصد کي پروڙي ورتو هو. اهڙي ريت، هُن، 1947ع ۾، پاڪستان ٺاهي، نه رڳو انگريزن جي سموري راند کي بگاڙي ڇڏيو، پر هُن ڪانگريس جي هندو بالادستيءَ واري پروگرام کي به مفلوج بڻائي، مسلمانن جي وڏي اڪثريت، جا هاڻ پاڪستان ۾ 24 ڪروڙن تائين پھتي آهي، جو مستقبل به محفوظ ڪيو. اُها ٻي ڳالهه آهي، ته پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ، ان جي مرڪز تي، پنجاب جي قبضي ٿيڻ سببان، هتي پنجابي قوم ۽ ننڍين قومن جي وچ ۾ اهو ساڳيو ئي دائمي اڪثريت ۽ دائمي اقليت وارو مسئلو پيدا ٿي پيو، جيڪو گڏيل هندوستان جي سياست ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هو. اها ڳالھ سمجهائڻ لاءِ رسول بخش پليجو نه رڳو جناح جي وڪالت (Advocacy) ڪري ٿو، پر هُن کي، سنڌ جي قومي سياست ۾، حڪمت عمليءَ جي ضرورت مطابق، سياسي ڪارڊ طور به استعمال ڪري ٿو. هُو انهي ڪارڊ کي استعمال ڪري، اها ڳالھ سمجهائڻ چاهي ٿو، ته جئين گڏيل هندوستان جي سياست ۾ هندو اڪثريت ۽ مسلم اقليت وارو جو مسئلو هو ۽ جھڙيءَ طرح، ان مسئلي جو حل اِهو هو، ته يا ته ’محدود مرڪز‘ تحت برابريءَ جي بنياد تي گڏ رهجي
يا وري ڌار ٿي وڃجي.
پاڪستان ۾ به، بلڪل اهڙي طرح، پنجابي بالادستي قائم ٿيڻ سببان، پنجاب جي دائمي اڪثريت ۽ ننڍين قومن جي دائمي اقليت وارو جو مسئلو پيدا ٿيو، ان جو حل به اِهو آهي، ته يا ته ’محدود مرڪز‘ تحت پنجاب سان برابريءَ (Parity) جي بنياد تي پاڪستان جي وفاق ۾ گڏ رهجي يا وفاق کان ڌار ٿي وڃجي. جئين ته، ڌار ٿيڻ جي صورت ۾، پاڪستان لاءِ، پاڪستان جي وفاق لاءِ ۽ پاڪستان جي وجود لاءِ سخت خطرو آهي ۽ هندوستان وانگر ورهاڱي جو امڪان آهي؛ اُن ڪري، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اهو واحد رسول بخش پليجو هو، جنھن سنڌ ۽ سنڌين جي قومي ڪيس ۾ جناح جي وڪالت ڪندي، پنجابي-مھاجر حڪمران طبقي کي خبردار ٿي ڪيو، ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ جناح جي بنيادي تصور ۽ 1940ع واري لاهور ٺھراءَ پٽاندر قومن کي مڪمل خودمختياري ڏئي، ’محدود مرڪز‘ تحت، پنجابي اڪثريت ۽ ننڍين قومن جي اقليت کي برابريءَ ۽ جمھوريت جي حقيقي روح مطابق نه هلايو ويو، ته خود پاڪستان به هلي نه سگهندو.
جمھوريت جي اصول پٽاندر اڪثريت کي اقليت تي حڪمرانيءَ جو آئيني حق هجي ٿو. يورپ واري جمھوريت جو به اِهو ئي بنيادي اصول آهي. ان طرح سان ڏسجي، ته گڏيل هندوستان جي سياست ۾ هندو اڪثريت پنھنجي نمائنده جماعت ڪانگريس ذريعي ’مضبوط مرڪز‘ مھابي مسلم اقليت تي حڪومت ڪرڻ تي زور ڏنو، ته اهو زور آئيني ۽ جمھوري ڀاسجي ٿو.
اهڙي ريت، پاڪستان ۾ پنجابي قوم عددي اڪثريت ۾ آهي ۽ اها گهڻائيءَ ۾ هجڻ ڪري، پنھنجو من پسند آئين ٺاهي، ان ذريعي ’مضبوط مرڪز‘ جي اڏاوت ڪري، ملڪ ۾ پنجابي بالادستي قائم ڪئي آهي، ته اهو سڀ ڪجهه جمھوري اصول مطابق ته آهي، پر اهو سڀ ڪجهه جمھوريت جي روح مطابق ناهي ٿيو، ڇو ته، پاڪستان ۾ جمھوريت جي روايتي اصول تحت ننڍين قومن سان صرف ناانصافي ٿي آهي، انصاف ناهي ٿيو.
اسان وٽ، يورپي سرمائيدار جمھوريت کان متاثر ماڻهو جمھوريت جي اصولن جو وڏو ڍنڍورو پٽيندا آهن، پر ڏٺو وڃي، ته جمھوريت صرف روايتي اصولن جو نالو ناهي. جمھوريت، اڪثريت جي اقليت تي حڪمراني ڪرڻ جو به نالو ناهي. جيڪڏهن ائين هجي ها، ته پوءِ دنيا ۾ ماڻهن جي ملڪن تي، ملڪيتن تي، اثاثن تي، دولت تي ۽ گهرن توڙي هر هڪ شي تي قبضو ڪرڻ سرل هجي ها، مثال طور: ڪي ست ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي، ڪنھن ٻي ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهڙي، اهو چون، ته اوهان گهر ۾ رهڻ وارا ڪُل پنج ڄڻا آهيو. اسان، اوهان کان گهڻا آهيون. ست ڄڻا آهيون. عددي اڪثريت ۾ آهيون ۽ گهڻائيءَ ۾ آهيون؛ ان ڪري، اوهان جي گهر تي اوهان جو نه، پر اسان جو قبضو ٺھي ٿو؛ ڇو ته، اهو جمھوريت جو اصول آهي، ته ڇا ان صورت ۾ جمھوريت جو اهو روايتي اصول اسان لاءِ قابل قبول هوندو؟ ظاهر ڳالھ آهي، ته اهو قابل قبول نه هوندو، ڇو ته، جمھوريت جي ان اصول سان هڪ ڌر کي فائدو ۽ ٻي ڌر کي نقصان ملندو.
جمھوريت اها ناهي هوندي. جمھوريت هڪ ڌر کي فائدو ۽ ٻي ڌر کي نقصان ناهي ڏيندي. جمھوريت، قومي، سياسي، مذهبي ۽ ٻوليائي گهڻائيءَ (Diversity) جو قدر ڪندي آهي. اها سڀني کي متوازن انداز سان هلائڻ جو پروگرام ڏيندي آهي. جمھوريت ڪنھن به مخصوص ڌر جي بالادستي يا اسٽيٽسڪو جي حمايت ناهي ڪندي. اهم ڳالهه ته اها آهي، ته جمھوريت ۾ اقليتن کي طاقتور ڪرڻ لاءِ ۽ ان کي اڪثريت جي مقابلي ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ خاص فائدا ڏنا ويندا آهن. اهو ئي جمھوريت جو اصل روح هجي ٿو. اهڙي ريت، گڏيل هندوستان ۾ ڪانگريس هندو بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ جمھوريت جي جنھن روايتي اصول جي ڳالھ ڪئي يا هاڻ پاڪستان ۾ پنجابي بالادستيءَ کي دوام ڏيڻ خاطر جڏهن روايتي جمھوريت جو ڍونگ ڪيو وڃي ٿو، ته اهو سڀ ڪجهه غلط، غيرمنطقي ۽ نقصان ڪار آهي. جناح گڏيل هندوستان جي سياست ۾ مسلمانن کي انهي هندو بالادستيءَ واري نقصان کان بچائڻ ٿي چاهيو. پاڪستان ۾ وري جناب رسول بخش پليجي سنڌين کي پنجابي بالادستيءَ واري نقصان کان بچائڻ ٿي چاهيو. ان لاءِ هُن نه رڳو هندوستان جي سياست جو گھرو مطالعو ڪيو، پر هُن جناح کي هڪ موضوع (Subject) طور اڀياس هيٺ به آندو.
اسان وٽ، پاڪستان ۾ صورتحال اِها آهي، ته پاڪستان ۾ عوامي جمھوريت ته ڪڏهن رهي ناهي، جا موجوده جمھوريت آهي، سا به، هڪ ته، وڏيرڪي نوع جي آهي: ۽ ٻيو ته، انهي وڏيرڪي جمھوريت کي به هلڻ نه ٿو ڏنو وڃي. اها بدستور نان سويلين قوت وٽ يرغمال بڻيل رهي ٿي. اهڙي ريت، پاڪستان ۾ جا جمھوريت آهي، ان ۾ جمھوريت جي روايتي اصول مطابق پنجاب کي آئيني طرح اهڙي ته عددي اڪثريت ڏني وئي آهي، جو قانون ساز ادارن اندر ٽي صوبا گڏجي به ان کي اقليت ۾ تبديل نه ٿا ڪري سگهن.
اصل ۾، اسان وٽ، جا جمھوريت آهي، سا ڪوڙي آهي، ڪُلال آهي، مُردار آهي، وڏيرڪي آهي ۽ عوام دشمن آهي، جا هڪ مخصوص ڌر کي فائدو ڏئي ٿي ۽ ٻي مخصوص ڌر جي ڦرلٽ ڪري ٿي. جمھوريت ۽ ان جو روح اهو هجي ٿو، ته ان ۾ اڪثريت کي ته حڪومت جو حق مليل هجي ٿو، پر ان سان گڏ، ان ۾ انهي ڳالھ جو به پڪو پُختو آئيني اتنظام هجي ٿو، ته اڪثريت کي حڪمراني ڪرڻ جو اهڙو قطعي ۽ آخري اختيار حاصل نه هجي، جنھن سان اقليتون، اڪثريت جو محتاج يا غلام بڻجي وڃن. ان جمھوريت ۾ اهو به بندوبست هوندو آهي، ته اقليتن جي سمورن سياسي، معاشي، ثقافتي ۽ مذهبي حقن جو مڪمل احترام هجي، مڪمل خودمختياري هجي ۽ مڪمل آزادي هجي. جڏهن ته، اقليت کي اڪثريت جي برابر آڻڻ لاءِ گهربل رعايتون ڏيڻ جو به بندوبست هجي، ته جئين ناانصافيءَ جو مستقل سدباب ٿي وڃي. اها ئي حقيقي جمھوريت هجي ٿي ۽ اهو ئي جمھوريت جو حقيقي روح هجي ٿو.
پاڪستان لاءِ ان قسم جي حقيقي ۽ منصفاڻي جمھوريت جو هجڻ بي حد ضروري آهي، جو ان سان ئي پاڪستان ۾ قومي سوال جو منصفاڻو نبيرو ٿي سگهي ٿو ۽ پاڪستان ترقي ڪري اڳتي وڌي سگهي ٿو. گڏيل هندوستان ۾، جناح، انهي قسم جي جمھوريت جو خواهش مند هو. هُن ’هڪ ماڻهو: هڪ ووٽ‘ واري اصول تي ٻڌل يورپي جمھوريت (Western Democracy) کي رد ڪيو هو. هُن انهي جمھوريت تي ٽوڪ ڪندي چيو هو، ته هندوستان ۾ جيڪڏهن جمھوريت جو اطلاق ٿيو ۽ ان جي ’هڪ ماڻهو: هڪ ووٽ‘ واري روايتي اصول تحت مرڪز جي آئيني جوڙجڪ ٿي، ته پوءِ مرڪز ۾ گانڌيءَ جا ٽي ۽ منھنجو صرف هڪ ووٽ هوندو.
ان طرح، هُن اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو، ته گڏيل هندوستان ۾ اڪثريت (Majority) ۽ اقليت (Minority) وارو جو مسئلو آهي، ان جو حل اِهو ناهي، ته هندو اڪثريت کي ’مضبوط مرڪز‘ ذريعي مسلم اقليت تي مستقل راڄ ڪرڻ جو آئيني حق ڏنو وڃي، پر ان جو حل اِهو آهي، ته ’محدود مرڪز‘ ذريعي اقليتن جي آزاديءَ جي مڪمل آئيني ضمانت ڏني وڃي. ان لاءِ مرڪز ۾ اقليتن لاءِ برابري ڏيڻ واري رعايت جو بندوبست ڪيو وڃي، ته جئين اقليتن لاءِ ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو هموار ٿئي.
بدقسمتيءَ سان، جناح جي ان ڳالھ کي نه سمجهيو ويو، جنھن سببان، سياسي تڪرار پيدا ٿيو. نيٺ، ان تڪرار جو منطقي نتيجو پاڪستان ٺھڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ، پنجاب، ڪانگريس جي تجربي کي ورجايو. ان، جڏهن، پاڪستان ۾، پنھنجي عددي اڪثريت جي بنياد تي، من پسند آئين ٺاهي، ’مضبوط مرڪز‘جو بندوبست ڪيو ۽ پنھنجي بالادستي قائم ڪئي، ته تڏهن اهو ساڳيو ئي گڏيل هندوستان وارو اڪثريت ۽ اقليت وارو مسئلو پيدا ٿي پيو، جو هڪ پاسي، پاڪستان ۾ پنجاب دائمي اڪثريت ۾ رهيو ٿي، ته ٻي پاسي، ننڍيون قومون دائمي اقليت ۾ رهيون ٿي. انهي تضاد سببان، پاڪستان ۾ قومي سوال پيدا ٿيو ۽ قومن جي ڦرلٽ وارو مامرو به شروع ٿيو، جيڪو نه رڳو پاڪستان جي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، پر ان ننڍين مظلوم قومن جي وجود ۽ جياپي کي به سوال بڻائي ڇڏيو آهي.
(ھلندڙ)
2 Comments