هِن ڪتابَ جي صفحي نمبر ٻاهترهين تي سائين گُل حسن ڪَلمتي هِينئن لکيو آهي ته ”مُنهنجا ٻئي پيرَ، سُن ٿي چُڪا هئا! ۽ چيلھ کان هيٺ ڄَڻ ته ساھ ئي ڪو نه هو! سامهون ڏِٺم ته زُبيده بِرواڻي چيلھ تائين برفَ ۾ پُورجي چُڪي هُئي..! لَواري ٽاپ (جنهن جي اوچائي سمنڊ جي سَطح کان ڏهه هزار پنج سئو فُوٽ مٿي آهي) تي اُن وقت هِڪ به منٽ بيهڻ يا ويهڻ سان برف جا تھ جِسمَ تي ڄَمي ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته بَرف باري جاري هُئي! آئون زُبيده وٽ آيس، جنهن کي مَزدورَ اُن ڌُٻَڻ مَنجهان ڪڍي رهيا هئا. مون کي ڏسي چيائين ”گُل، آئون مري وِينديَس!“ اِتي واپسي جو وقت گُذري چُڪو هو! بَرف جي هِن طُوفان ۾ ڊاڪٽر وَجيد کي اکيون ڦوٽاري چيم ”هن خودڪشي جي صلاح تو ڏني هُئي، هاڻي سڀ مرڻ لاءِ تيار ٿيو!“
”تيز برفاني هوائون سِيٽيون وڄائي اسان تي حَملہ آور ٿي رهيون هُيون. بُلندي جي ڪري ساھ ٻُوساٽجڻ لڳو هو، ڇاڪاڻ ته بُلندين تي آڪسيجن جي گهٽتائي هُوندي آهي“
اهو آهي سائين گُل حَسن ڪَلمتي، زُبيده بِرواڻي ۽ ڊاڪٽر وَجيد بَنگش جي ڪيل سفر جو ڪلائيميڪس! جيڪو هنن اپريل، 2003ع ۾ ڪيو هو.
جيئن ته لواري ٽاپ تي اُن وقت برف باري جي مُند هُئي ۽ اوچتو اُن ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي، جنهن سبب ليکڪ ۽ ساڻس سفر ۾ شريڪ ساٿي لواري ٽاپ تي سمنڊ جي سطح کان ڏهه هزار پنج سئو فوٽ مٿي ، ”برف جي دوزخ“ ۾ ڦاسي پيا! هُو جن جِيپن جي ذريعي چِترال وڃي رهيا هئا، اُهي به اُن برفاني طوفان جي ڪري ڦاسي پيون. اڳيان وڌڻ ۽ پوئتي دِيرِ واري پاسي موٽڻ جا رستا بند ٿي چُڪا هُئن! سندن گرم ڪپڙا به جِيپ جي ڇت تي رهجي ويا هُئا…
مجبوري واري حالت ۾ هنن هِڪ رات اُتي موجود هوٽل جي ننڍڙي ڪمري ۾ گُذاري، جنهن ۾ سٺ کان به وڌيڪَ ماڻهو، سوڙھ سَنگهوڙَ ۾ سڄي رات ويٺا ۽ بيٺا رهيا!
اها اذيتناڪ رات گذارڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي، هن ڪتابَ جو ليکڪ ۽ زُبيده بِرواڻي، ڊاڪٽر وَجيد جي صلاح تي، هَلندڙ بَرفاني طوفان ۾ دِيرِ واري پاسي ڏانهن روانا ٿي پيا.. اِهو فيصلو کين ڏاڍو مهانگو پيو ۽ رستي ۾ ذري گهٽ مرندي مرندي بچي ويا!
جِيئن ته هي ٽيئي ڄڻا ان برفاني عِلائقي ۾ پهريون دفعو ويا هئا ۽ اوچتو برفاني طوفان به اندازي کي وڌيڪ پئجي ويو، اُن ڪري سندن چِترال گهمڻ وارو سمورو پروگرام ته ڊانواڊول ٿي ويو، پر پوءِ کين اچي رُڳو پنهنجي جان بچائڻ جي لڳي! هِڪڙي رات ته هنن جيئن تيئن ڪري لواري ٽاپ تي موجود هوٽل تي گُذاري، پر ٻِي رات هو اُتي وڌيڪ هڪ گهڙي به ترسڻ لاءِ تيار نه هئا.
صبح جو ٻِن اسڪائوٽن کين هيٺ، چِترال واري پاسي هلڻ جي صلاح ڪئي، پر برف باري ۽ تيز طوفاني هوا جي ڪري، گهڻين ڪوششن باوجود به هُو ان پاسي نه وڃي سگهيا ۽ کين واپس ساڳئي ڪمري تي موٽي اچڻو پيو.
ٻِي ڪوشش هُنن دِيرِ واري پاسي وڃڻ جي ڪئي، جنهن ۾ چئن مزدورن ۽ ٻِن پوليس وارن سندن مدد ڪئي.. (اُها مدد کين برف تي ڌِڪڻ، ڇِڪڻ ۽ تِرڪائڻ جي صُورت ۾ مِلي!) بهرحال هي ٽيئي ڄڻا اڌ مُئا ٿي، تِرڪندا ۽ ٿِڙندا ٿاٻڙجندا هِڪَ ٻِئي هوٽل تائين زنده سَلامت پهچي ويا، جيڪو پهرئين هوٽل کان ڪافي بهتر هو.
هن دِلچسپ ۽ ڄاڻ سان ڀَرپور سفرنامي جو مَهاڳ سائين انور ابڙي لکيو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ”سفرناما هر ڪو لِکي پيو. هر ڪنهن جا پنهنجا تجربا، مُشاهدا ۽ انهن جي بيان جا پنهنجا گهاڙيٽا ۽ پنهنجي ٻولي آهي. هيءَ دُنيا مسافرن ۽ مُهم جوئن سان ڀَري پئي آهي. سفر/مُهم جوئيءَ دوران پيش ايندڙ واقعا، حادثا ۽ دِل جي گُلابي پنکڙين تي ٽِمندڙ حسين لمحن جا قطرا اهڙن ماڻهن جي مِيراث هوندا آهن. هر سياحَ/مُهم جُو وٽ پنهنجي سفرَ/مُهم جوئي جا اڪثر اڳواٽ طئي ٿيل مقصد هُوندا آهن، جن کي حاصل ڪري هُو ڪو نئون ريڪارڊ قائم ڪرڻ چاهيندا آهن، ڪا نئين ڄاڻ گڏ ڪرڻ چاهيندا آهن، پر هِتي هن ڪِتاب جي جاکوڙي ليکڪ گُل حسن ڪلمتي ۽ سندس ساٿين جا ظاهري طور تي اهڙا ڪي به مقصد نظر نه ٿا اچن. هو رَواجي طرح سان هڪَ نئين واديءَ جي سيرَ تي روانا ٿيا ۽ وِچَ واٽ تي ”برفَ جي دوزخ“ ۾ ڦاسي پيا . ڏسجي ته اها ڪهاڻي اِتي ئي ختم ٿئي ٿي، پر ائين ناهي… اِها ڪهاڻي شروع ئي اتان ٿئي ٿي!
لواري ٽاپ ڪا منزل ته ناهي! مسافر بَرف ۾ ڀَٽڪي موٽيا ضرور آهن، پر هو وري سفر جا سانباها ڪندا، وَري بَرفَ جي باهه تان گُذرندا، ڇو ته انهن کي برفَ جو دوزخ هر حال ۾ پار ڪري پنهنجي منزل (چِترال وادي) وڃڻو آهي. سچ پُڇو ته هي ڪِتاب پڙهڻ کان پوءِ مون کي زندگي ، جدوجهد ۽ منزل جي معنيٰ سمجهہ ۾ آئي آهي“
ليکڪَ پنهنجي هن سفرنامي جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ”زبيده جي رَئي جي نالي.. هونئن ته مَردَ هميشه لوئِي ۽ لڄَ جا مُحافظ هوندا آهن پر هن ڀيري برفاني طوفان ۾ هوءَ اسان جي محافظ بڻي.. اُنهن بي حساب ڳوڙهن جي نالي، جيڪي اسان اُن رات ڳاڙيا هُئا ۽ انهن دهشتناڪ ۽ اذيت ڀريل لمحن جي نالي، جيڪي اذيت ڀريل هوندي به انڊلٺ جي رنگن وانگر خوبصورت هئا.“
ٿُلھي ليکي هِن سفر نامي ۾ راول جُگنيءَ جي شهر راولپنڊي، پير وڌائي، دِيرِ، تيمرگرھ، مارگلہ هلز جي لَڪَ، ٽيڪسيلا، سِرائي ڪالا، حسن ابدال، گردواري پنجہ صاحب، بابا وَلي جو تَڪيو، اٽڪ، ڪيلاش جابلو سلسلي، ڪابُل درياھ، اَٽڪ واري قلعي، خيرآباد، اڪوڙه خٽڪ، نوشهره، ڪالا باغ، چارسده، رسالپور، رشڪئي، مردان، گجرڳڙهي، تخت ڀائي، جلاله، شير گڙھ، مالا ڪنڊ، درگئي، سَوات، ڪالام، وَلي باغ، چرچل چوڪي، بٽ خيلہ، سيدو شريف، مينگوره، شانگلہ، چڪدره، باجوڙ ايجنسي، رباط، خال، اپر دِيرِ، اخگرام، واڙي، صاحب آباد، درواڙہ، گنديگار، بي بي هوڙ، چڪياتن، ڪوٽلي، بٽگرام ۽ بُنير جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ليکڪ انهن سڀني عِلائقن جون ان وقت واريون حالتون پڻ مختصر طور تي بيان ڪيون آهن.
هن سفرنامي ۾ ليکڪ پنهنجي هن لِکڻي ۾ مَنظر نِگاري کي اهڙو ته زبردست نموني سان پيش ڪيو آهي، جو پڙهندڙ کي ايئن لڳندو، ڄڻ هو پاڻ به ساڻن گڏ سفر ۾ شريڪ آهي! ان کان سَواءِ هن سَفرنامي ۾ اُتان جي ڊرائيورن جون ويساھ گهاتيون ۽ غلط بيانيون پڻ ونڊيون ويون آهن.
انهن عِلائقن جو سفر ڪرڻ کان اڳ ۾ هي ڪتاب نظر منجهان ضرور ڪڍڻ گهرجي . هن ڪِتابَ ۾ ليکڪَ پاڻ به هڪ هنڌ لِکيو آهي تہ؛ ”هي ڪتاب هڪ گائيڊ بُڪ جي طور تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو“ هِي ڪتاب هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهڻ سان چڱو خاصو اثر ڇڏي ٿو.
مجموعي طور تي هي هڪ ناڪام ٽوئر هو، جنهن ۾ ليکڪ ۽ ساڻس گڏ ساٿي هڪ وڏي مُصيبت جي ورِ چڙهي ويا ۽ سندن زندگي داوَ تي لڳي وئي! وڏي جفاڪشي ۽ جاکوڙ کان پوءِ هو موت جي مُنهن منجهان نڪري ويا ۽ دِيرِ جي رستي کان ئي واپس موٽي آيا! هن ناڪام سفر جي وارتا پڙهڻ کان پوءِ مُون کي پَڪَ ٿي وئي ته هُو هاڻي ٻِيهر اِن پاسي ڪڏهن به نه ويندا ۽ ڏيهن کي ڏسَ ڏيندا ته، ”ٻيلي اِن بَرف جي دوزخَ ۾ ڪڏهن به نه وڃجو!“ پر مُنهنجي حيرت جي انتها تڏهن ٿي، جڏهن مُون سندن ٻيو ڪتابُ ”ڪالاش، ڪافرن جو ديس“ پڙهيو، جيِ ها پڙهندڙئو! ليکڪ ۽ زبيده بِرواڻي ٻئي سال (2004ع) ۾ ٻيهر ان ئي رستي سان سفر ڪيو! ۽ نيٺ هو چِترال پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا!
هِن ڪِتابَ ( برف جو دوزخ ) جا ڪُل صفحا نَوانوي آهن ۽ هي سال 2004ع ۾ انڊس پبليڪيشن، ڪَراچي وارن پاران ڇپرايو ويو هو. جيڪي ماڻهو مٿي بيان ڪيل عِلائقن جو سير ڪرڻ چاهيندا هُجن يا انهن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندا هجن، اُهي هِي ڪِتاب ضرور پڙهن. هِي ڪِتاب اهڙي ته دِلچسپ ۽ پيرائتي نموني سان لکيل آهي، جو مون کي يقين آهي ته پڙهندڙ هن کي هڪڙي ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪرڻ چاهيندو.
2 Comments