گُل حسن ڪَلمتي جي ڪِتابَ ”مَلير جي ڪهاڻي“ جو مختصر جائزو

امين جويو

سائين گُل حَسن ڪَلمتي جو هي ڪِتاب مَلير ضلعي بابت آهي، جنهن ۾ هُن مَلير جو ڪيس انگن اکرن ۽ ماضي جي سَچن ثبوتن سَميت پيش ڪيو آهي. هن ننڍڙي ڪِتابچي ۾ ليکڪَ خاص طور تي شهري اڏاوتن جي ڪري عورتن جي گُذرسَفر جي وسيلن تي پيل اثرن بابت وڏي تفصيل سان لکيو آهي. اُن ڏس ۾ ليکڪَ نه رڳو مَلير جي مختلف ڳوٺن ۾ زراعت سان لاڳاپيل عورتن کان انٽرويو ورتا، پر ان سان گڏ هُن مختلف ادارن منجهان زراعت لاءِ پاڻيءَ جي ذريعن جا انگ اکر ۽ نقشا پڻ هٿ ڪيا آهن! جيڪي سڀ هن ڪِتابَ ۾ ڏنل آهن.

ان کان سَواءِ هُن انهن ڳوٺن ۾ موجود زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن سان ڪچهريون به ڪيون آهن ۽ سندن بيانن کي لِکي ، ريڪارڊ جو حصو بڻائي هن ڪِتابَ ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو اٿس.

جيئن ته ليکڪ پاڻ به مَلير ضلعي جو رهواسي آهي، تنهنڪري هن جي مُشاهدي ۾ به اِهي سموريون شيون آيون هونديون، جن جي ڪري زراعت جي تباهي ٿي ۽ اُهي عورتون جيڪي زراعت سان لاڳاپيل هُجڻ ڪري ٿورو گهڻو خوشحال هُيون، انهن جي آمدني بلڪل ختم ٿي وئي! خاص طور تي مَلير ۾ گهڻين بي واھ عورتن جو روزگار زراعت سان واڳيل هو. ٻَنيءَ ۾ مزدوري ڪرڻ يا هارپو ڪرڻ جي ڪري هو پنهنجن ٻَچڙن جو گُذران ڪنديون هُيون ۽ سندن ٻارن جي پڙهائي ۽ سندن ڏاج ڏانوڻ جو پورو خرچ پَکو پڻ نڪري ايندو هو.


ڪتاب ’برف جو دوزخ‘ جو جائزو ھن لنڪ تي پڙھندا:

گُل حَسن ڪَلمتي جي ڪتاب ”بَرف جو دوزخ“ جو مختصر جائزو

هِن ڪتابَ جي صفحي نمبر ٻاهترهين تي سائين گُل حسن ڪَلمتي هِينئن لکيو آهي ته ”مُنهنجا ٻئي پيرَ، سُن ٿي چُڪا هئا! ۽ چيلھ کان هيٺ ڄَڻ ته ساھ ئي ڪو نه هو! سامهون ڏِٺم ته زُبيده بِرواڻي چيلھ تائين برفَ ۾ پُورجي چُڪي هُئي..!


زراعت جي اِن تباهي، عورتن جي بي وَسي ۽ مَلير ماٿري جي بَربادي کي ليکڪ هن ڪِتابَ جي صُفحي نمبر پنجين تي هينئن بيان ڪري ٿو: ”مَلير ماٿري، جيڪا ڪنهن دور ۾ ساوڪَ ڀَري، زرخيز ۽ سَتابي هُجڻ سبب لکين رهواسين جي لاءِ گُذرسفر جا وسيلا مهيا ڪندي هُئي، تنهن هوندي به ڪراچي جي بِلڊر مافيا ان کي اُجاڙي وِيران ڪري ڇڏيو! هِن عِلائقي ۾ هاري هر طرح جُون ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيندا هُئا. ميوات ۾ ڪيلو، پپيتو، هِنداڻو، ناريل، انب، چڪون، زيتون وغيره شامل هوندا هئا. جڏهن ته ڀاڄين ۾ ٽماٽا، پٽاٽا، ڪريلا، ميھا، توريون، واڱڻ، مُوري، گجرون، مرچَ، ڌاڻا، چونرا ۽ بصر وغيره شامل هئا. ان کان سَواءِ کاڌ خوراڪَ لاءِ ڪڻڪَ، مُڱ، جوئر، مَڪئي ۽ ٻاجهر وغيره پوکيا ويندا هئا.
مَلير جي سَرسَبز ، صاف سٿري ۽ سَنهنجي ماحول جي ڪري ڪنهن دور ۾ دَمَ ۽ ٽِي بِي جي مريضن کي ڊاڪٽر مَلير وڃڻ جو مشورو ڏيندا هئا. مَلير جا رهواسي سُٺي آبهوا جي ڪري صحتمند ۽ بيمارين کان آجا هُوندا هُئا. هِتي جا رَهواسِي گُذرسفر لاءِ زراعت کان سواءِ چوپائي مال تي پڻ ڀاڙيندا هئا. هِتان جي ڳاڙهي ڳئون جَڳ مشهور آهي. اُن جي قدرتي خوبي اها آهي ته اِها گهٽ چاري ته به جَهجهو کِير ڏئي ٿي. مَلير ڪراچي شهر لاءِ اناج ۽ پاڻي جي رَسَدَ جو وڏو وَسيلو رهيو آهي ۽ اڄ به شهر کي اناجَ جو وڏو حصو مَلير منجهان ئي مِلي ٿو. اوڻويهه سئو ستر جي ڏهاڪي تائين زراعت مَلير جي رهواسين لاءِ گذرسفر جو مکيہ وسيلو رهي آهي ۽ هتان جا رَهواسِي ايتري قدر سُکيا سَتابا رهيا آهن، جو زڪوات ۽ خيرات وٺڻ ته ڇڏيو پر نوڪري ڪرڻ کي به عيب ڄاڻندا هئا.
مَلير جي معيشت ۾ عورتن جو به ڀَرپور ڪردار رهيو آهي. مَلير جي خوشحالي واري زماني ۾ ته اڪثر عورتون ، مردن کان به وڌيڪ ڪم ڪار ڪنديون هيون. مَلير ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کان پوءِ آيل بدحالي ۽ بربادي ۾ سڀ کان گهڻو عورتن ڀوڳيو آهي. علائقي جي رسمن رواجن سبب اهي گهرن کان ٻاهر نڪري نه ٿيون سگهن ۽ گهرن ۾ ڪپڙا سِبڻ يا ڀرت ڀرڻ جھڙن ڪمن مان کين جوڳي آمدني نه ٿي ٿئي. سرڪار کين نوڪريون نه ٿي ڏئي ۽ جيڪڏهن صحت يا هنري مرڪزن ۾ ٿوريون گهڻيون نوڪريون اٿن ته اهي به آفيسرن جي رحم ڪرم تي ۽ ڪچيون نوڪريون آهن.
اڄ جو مَلير ماحولياتي برباديءَ جو شڪار آهي. اُن جي ساوڪ ۽ سُونهن ماضيءَ جو قِصو بڻجي چُڪي آهي. هي ڪتابُ مَلير جي ان بربادي جو داستان پڙهندڙن کي اها حقيقت سمجهڻ ۾ مدد ڪندو ته ڪهڙي طرح ملير نديءَ مان ريتي بجري جي کوٽائي ڪري، اها کڻي، کپائي، اُتان جي رهواسين جو فطري ماحول تباھ ڪري کين برباد ڪيو ويو آهي.“

ليکڪَ مختلف نقشن ۽ تواريخي ڪِتابن جا حوالا ڏيندي هن ننڍڙي ڪِتابچي ۾ ملير جي تواريخ، جاگرافي، زراعت جي تواريخ، ملير ۾ موجود ڊملوٽي وارن پاڻي جي کوهن، ملير ۾ ٿيندڙ فصلن، ڀاڄين، ميون، ندين، ڍورن، نئيَن ، ملير جي باغن، ملير جي موسم، آبادي وڌڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ هتي مختلف ادارن پاران ٺهندڙ رهائشي اسڪيمن بابت لکيو آهي.

ليکڪ هن ڪِتابَ ۾ هڪ هنڌ لِکيو آهي ته ؛ ”مَلير جي مِٽيءَ ۾ اها خوبي آهي ته هتي هر قسم جو ميوو، ڀاڄيون، سَلاد ۽ اناج اُپائي سگهجي ٿو.“

ليکڪ مطابق پان جو فصل به پوري پاڪستان ۾ سڀ کان اڳ مَلير ۾ لڳايو ويو هو.

ليکڪَ مطابق ملير جي زراعت جي تباهي جو سبب ندين ۽ نالن منجهان وڏي پيماني تي ريتي ۽ بجري کڻڻ آهي ۽ انهيءَ ڳالھ تي ملير جا سڀئي آبادگار، زرعي ماهر ۽ ٻيا فني ماهر به متفق آهن. مَلير جي بلڊر مافيا ندين ۽ نئيَن منجهان ريتي ۽ بجري کڻي رهائشي عِمارتون ٺاهڻ ۾ استعمال ڪري ٿي، تنهنڪري مَلير ۾ نيئَن ۽ ڍورن جو وجود ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ اُن جي جاءِ تي نيون نيون عمارتون ۽ پلازا ٺهي رهيا آهن. جيڪڏهن اهو عمل اڃا به جاري رهيو ته مَلير جون رَهيل کُهيل ديهون ۽ ڪُجهہ بچيل سَرسَبز عِلائقا به جَديديت جي وَر چڙهي ويندا!

ان سان گڏ شاھ لطيف پاران ذڪر ڪيل سسئي جي پَنڌن وارا پيچرا، موکي ۽ مَتارن جا ماڳ ۽ شاھ لطيف جا ڪيترائي ”تَڪيا“ به ميسارجي ختم ٿي ويندا.

ليکڪ هن ڪِتابَ جي صفحي نمبر پنجويهين تي لِکيو آهي ته ؛ ”مَلير ۾ ٿڌو نئين ۽ سُڪڻ نئين جي تَرن منجهان ستر بِلين ڪِيوبِڪ فوٽ ريتي ۽ بَجري کڻڻ ڪري وڏي تباهي اچي وئي آهي. ريتي ۽ بَجري کڄڻ خلاف هِتان جي ماڻهن لڳاتار احتجاج ڪيا، نتيجي ۾ حُڪومت پاران ريتي بجري کڻڻ تي پابندي وِڌي وئي ۽ قلم 144 به لڳايو ويو ، پر ان هوندي به انهن نيئَن منجهان سر عام ريتي ۽ بجري کنئي وئي. نتيجي ۾ ٿڌو نئين ، گڏاپ جي عِلائقي کان ويندي ، ديھ ڪونڪر جي حدن ۾ داخل ٿيڻ واري مَلير پُل تائين 22 ميلن تائين مڪمل طور تي ريتي بَجري کان خالي ٿي چُڪي آهي!“

هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته مٿي ڄاڻايل ندين ۽ نئيَن منجهان ريتي ۽ بجري ڪڍڻ کان پوءِ هڪ ته انهن عِلائقن جو فطري حُسن ۽ خوبصورتي تباھ ٿي وئي، ٻيو وري مَلير ندي، لَياري ندي ۽ ڪُجهہ ٻيا ڍورا ۽ ڍوريون هن وقت گٽر جا وڏا نالا بڻجي چُڪا آهن ۽ گهڻين جاين تي وري قبضاگيرن پنهنجون بِلڊنگون ٺاهي ڇڏيون آهن! ان سان اهو ٿي رهيو آهي جو، گهڻين برساتن سبب مِينهن جي پاڻي کي اصلي فطري لنگهہ نه ٿو ملي (جيڪو مٿي بيان ڪيل ندين، ڍورن ۽ ڍورين جي صورت ۾ موجود هو) نتيجي ۾ هر سال برسات جو پاڻي ڪراچي شهر ۾ وڏي تباهي آڻي ٿو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي گهرن ۾ به پاڻي ڪاهي پوي ٿو ، جنهن سان وڏو نقصان ٿئي ٿو. مطلب تي هِي ڪتاب هِڪ مڪمل سروي رپورٽ آهي، جيڪا مَلير ضلعي جي هر هڪ پاسي جي ڄاڻ مهيا ڪري ٿي.

هن ڪِتابَ جي پُڄاڻي تي ليکڪ ڪجهہ مُتبادل حل ۽ تجويزون به ڏنيون آهن، جن مان هيءَ تجويز مُون کي ڏاڍي وڻي، جنهن ۾ ليکڪَ چيو آهي ته؛ ”مَلير جي گرين بيلٽ کي بچائڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ته حُڪومت رهائشي اسڪيمن لاءِ وڌيڪ زمين جي حاصلات تي پابندي لڳائي ۽ زرعي زمين جي وِڪري تي پابندي لڳائي ۽ ٽيهن سالن جي ليز جي بجاءِ اهي زمينون آبادگارن کي نوانوي سالن جي ليز تي فقط زراعت لاءِ الاٽ ڪري ڏنيون وڃن.“

رُڳو سٺ صفحن تي مشتمل هي ننڍڙو پر ڄاڻ سان ڀرپور ڪِتاب ”شرڪت گاه“ وارن سال 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جنهن به پَهرَ کي مَلير ضلعي تي تحقيق ڪرڻي هُجي يا ڪا تواريخي ڄاڻ حاصل ڪرڻي هُجي ته ان لاءِ هِي ننڍڙو ڪتاب، هڪ پيرائتي ۽ بُنيادي ماخذ جھڙي حيثيت رکي ٿو. هي ڪِتابُ پڙهڻ سان مَلير ضلعي بابت خاطر خواھ ڄاڻ رڳو هڪ ڪلاڪ اندر حاصل ڪري سگهجي ٿي!

ڪتاب ’ڪالاش ڪافرن جو ديس‘ جو جائزو ھن لنڪ تي پڙھندا:

گُل حسن ڪَلمتي جي ڪِتاب ”ڪالاش ڪافرن جو ديس“ جو مختصر جائزو

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close