سائين گُل حَسن ڪَلمتيءَ جو هِي ڪتابُ به ڄڻ ته هِڪ ڪيس آهي ، جيڪو هُن ڪراچيءَ جي اَصلوڪن ماڻهن طرفان هن ننڍڙي ڪتابچي ۾ پيش ڪيو آهي . بظاهر ته هِي ڪِتابڙو رُڳو ڇاونجاهه صُفحن تي مشتمل آهي ، پر جڏهن اوهان هِي ڪِتاب پڙهندا ته ، اوهان کي اِئين لَڳندو ته ڄَڻ اوهان ڪو ڪِتابُ نه پر ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جهڙو هڪ دستاويز پڙهيو آهي!
هِن ڪتاب جي اهميت جو اندازو ليکڪَ جي هيٺين جُملن منجهان ئي ٿي وڃي ٿو ، جنهن ۾ هُو صفحي نمبر اوڻيتاليهين تي لکي ٿو ته ؛ ” سِنڌ جي تاريخ هيڻائيءَ جي باوجود ڏاهپ ۽ سُورهيائي جي عَلامت بڻجي جيئري رهندڙ ڪردار مورڙي ميربحر جِيان اڄ به جيئري جاڳندي آهي! اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي هن حِصي ( جنهن کي ڪراچي/ ڪَلاچي جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو) ۾ رهندڙ ماڻهو استحصالي قوتن جي خلاف مهاڏو اٽڪائيندا پيا اچن ، پر هاڻوڪو دور انتهائي نازڪ ۽ ڳنڀير آهي ، اندروني سازشن کان وٺي بين الاقوامي چُر پُر ۾ استعماري قوتن جو جو هڪ پورو نيٽ ورڪ گهڻي عرصي کان ڪَراچي کي سنڌ کان ڌارَ ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي !، اُهي گُذريل ڏهن سالن کان پوري پلاننگ سان ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وحدت ، قومي ۽ سياسي اِتحاد کي ختم ڪرڻ ۽ هتان جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ لاءِ نظر نه ايندڙ قوتن شروع کان وٺي ڪراچيءَ جي هڪ لساني گروپ تي هٿ رکي اُن کي طاقتور ڪري ، پنهنجي مَنشا مطابق ڪم وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي .
ڪتاب ”مَلير جي ڪهاڻي“ جو جائزو ھن لنڪ تي پڙھندا:
ان کان سَواءِ هُن انهن ڳوٺن ۾ موجود زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن سان ڪچهريون به ڪيون آهن ۽ سندن بيانن کي لِکي ، ريڪارڊ جو حصو بڻائي هن ڪِتابَ ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو اٿس.
جيئن ته ليکڪ پاڻ به مَلير ضلعي جو رهواسي آهي، تنهنڪري هن جي مُشاهدي ۾ به اِهي سموريون شيون آيون هونديون، جن جي ڪري
هِتان جي اَصلوڪن رَهاڪُن جي وحدت ۽ قومي ۽ سياسي قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن جي روزگار جي وسيلن کي ختم ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي ، ته جيئن هتان جو مقامي ماڻهو معاشي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل رهي ۽ قومي ڌارا ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري سگهي! ياد رهي ته هِتان جو اصلوڪو ماڻهو، زرعي ۽ ماهيگير سَماجَ سان تعلق رکندڙ آهي. انهن جي مَعاش جو وسيلو زَراعت ، مال ڌارڻ ۽ مڇي مارڻ رهيو آهي. زرعي زمينن تي ٻاهران آيل ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ رهائشي اسڪيمون ٺاهي ، ڪچي آبادي ۽ قومي ترقي جي نالي تي صنعتي زون لاءِ اُهي زمينون مَقامي ماڻهن کان کسيون ويون ! روزگار جا وسيلا ختم ٿيا ته ماڻهو لڏ پڏاڻ تي مجبور ٿيا . اَجهي ۽ لَٽي جي چَڪرَ ۾ اُنهن مان ويڙهه ( مزاحمت ) واري سَگهه به ختم ٿي وئي ۽ ڪا به سياسي يا سَماجي قوت نه هئڻ ڪري اهي ماڻهو ڇڙوڇڙهه ٿيندا ويا !“
هي ڪِتاب پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته ، سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان وٺي هيسيتائين ڪراچيءَ تي جيڪا غير آئيني ۽ غير قانوني والار ٿي رهي آهي ، اُن سان ڌرتي ڌڻي تيزيءَ سان اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ انهيءَ والار جا اثر سنڌ جي مُستقبل تي به پئجي رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ترقيءَ جي نالي ۾ ڪيترائي ڳوٺَ ۽ تواريخي ماڳَ مڪانَ ۽ قديمي قبرستان پَٽ ڪيا ويا آهن! ترقيءَ جي نالي ۾ مَقامي ماڻهن جي زمينن ۽ روزگار جي وسيلن تي قبضا ڪري ، هڪ مُنظم منصوبا بَنديءَ تحت هتي ڌارين جي آباديءَ ۾ واڌارو ڪرڻ وارو عمل مسلسل جاري آهي.
هن ڪِتابَ ۾ انگريزن جي دور کان وٺي 2015ع تائين ٻاهران آيل ماڻهن جا انگ اکر ڏنل آهن ۽ 1941ع کان وٺي 1998ع تائين ڪراچي سميت سنڌ جي ڪُجهه ٻين ضلعن جي آدمشماري ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن جا انگَ اکرَ به چارٽن ذريعي ڏنا ويا آهن. انهن منجهان هڪڙي چارٽَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ؛ ” سن 1941ع جي آدمشماري موجب ڪراچيءَ ۾ اُن وقت چار لک ۽ ڇهه هزار سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو موجود هئا ، جڏهن ته اڙدو ڳالهائيندڙن جو انگ رُڳو ٽيهه هزار هو!“
” اُن وقت ڪراچيءَ ۾ سٺ هزار کان مٿي ته رُڳو گُجراتي ٻولي ڳالهائيندڙ رهندا هئا . اُن کان سواءِ بلوچي ، ڪَڇي ، مَراٺي ۽ پارسي ٻوليون ڳالهائيندڙن جو تعداد به اُڙدو ڳالهائندڙن کان وڌيڪَ هو!“
ليکڪَ مطابق ؛ ” 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ، آباديءَ جي توازن ۽ هِتان جي معاشي توازن کي بِگاڙي ڇڏيو ! ورهاڱي وقت هاڻوڪي پاڪستان مان ستيتاليهه لک هندو ۽ سِکَ ، هتان لڏي هندستان هليا ويا. جڏهن ته اٽڪل پنجهٺ لکَ مُسلمان هندستان مان لڏي پاڪستان آيا ، جيڪي سنڌ ۽ پنجاب ۾ اچي آباد ٿيا . آباديءَ جي هن غير فطري دَٻاءَ جو اثر سڀ کان وڌيڪَ سنڌ جي شهرن تي پيو! 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1951ع واري آدمشُماري موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آبادي ۾ 150 سيڪڙو واڌ ٿي وئي ! ۽ گڏو گڏ سنڌ ۾ اڙدو ڳالهائيندڙن جو انگ چار لکَ اڻاسي هزارن تائين پهچي ويو“
رِوينيو کاتي ڪراچي ، سال 2013ع ۾ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ ملير ضلعي جون ٽيتاليهه ديهون ” مَلير ڊويلپمينٽ اٿارٽي“ جي حوالي ٿي ويون! ( ديهن جا نالا ڪِتابچي ۾ ڏنل آهن ، پر هتي ڊيگهه کان بچڻ ڪري نه ٿا ڏيئي سگهجن) . ليکڪ سمجهي ٿو ته؛ ” اِهو عَمل مُڪمل طور تي غير قانوني هو! هن لاءِ اشتهار ڏئي اعتراض گهُرائڻ جي زحمت به نه ڪئي وئي! انهن ديهن ۾ ماڻهن جُون قَبولي سَروي ٿيل زمينون ، کَڻت واريون زَمينون ، جبلَ ، نَديون ، ڍنڍون ، ڍورا ، پاڻيءَ جا وهڪرا ، ڳوٺَ ، قبرستانَ ، اسڪولَ ۽ آثارِ قديمه جا اڻ ڳڻيا ماڳ مڪان به اچي ويا! انهن جي باري ۾ ڪا به وضاحت نه ڪئي وئي! انهن ديهن منجهان ڪُجهه ديهون وائيلڊ لائيف جي حدن ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ ڪُجهه ديهون وري وائيلڊ لائيف سپورٽ ايريا ۾ شامل آهن. انهن سڀني ڳالهين کي نظر انداز ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته حُڪومت جو اصل مقصد اهو هو ته اُهي جابلو عِلائقا اصل ۾ بحريا فائونڊيشن کي ڏيڻا هئن! سُپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي پابندي جي ڪري اِهو ممڪن نه هو ، تنهن ڪري غير قانوني طريقي سان هڪ ايڪٽ وَسيلي”مَلير ڊويلپمينٽ اٿارٽيءَ“ کي اختيار ڏنا ويا “.
هن ننڍڙي ڪِتابچي ۾ بَحريا ٽائون کي اَلاٽ ڪيل غيرقانوني زمين رهائشي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ناڪاري اثرن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. جن جو مڪمل احوال ته هن مختصر مضمون ۾ نه ٿو ڏئي سگهجي ، پر مختصرن ڪُجهه اهم نقطا هتي پيش پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجن ٿا:
1. قانون مطابق زرعي زمينن کي وڏي پيماني تي رهائشي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي.
2. مقامي ماڻهن جي لڏ پڏاڻ سان سندن تهذيب ، ثقافت ۽ گُذر سفر جي ذريعن جو استحصال ٿيندو.
3. ان عِلائقي ۾ موجود فطرتي ۽ قُدرتي ماحول ختم ٿي ويندو! ۽ ڪيترن ئي پکين ، جاندارن ۽ ٻوٽن جا نسل ختم ٿي ويندا.
4. ڪوهستان منجهان ايندڙ برساتي ندين ۽ نيئن جا فطري لنگهه بند ٿي ويندا ۽ انهن جو پاڻي ٻئي پاسي وڃڻ ڪري ، پُراڻن رهائشي عِلائقن ۾ وڏي تباهي آڻيندو.
5. ان عِلائقي ۾ هزارين سالن کان موجود زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ آباد زرعي زَمينون ڇڏي ڪيڏانهن ويندا ؟ ۽ انهن جي روزگار جو ڇا ٿيندو؟
6. ٽيتاليهه هزار ايڪڙن تي ٺهندڙ بحريا ٽائون جي منصوبي لاءِ پاڻي ، گيس ۽ بجلي ڪٿان ايندي ؟ جيڪڏهن اهو پاڻي ۽ گيس ڪراچي شهر جي حصي منجهان کنيو ويندو ته پوءِ ڪراچي جي ٻهراڙين توڙي شهر ۾ رهندڙن جو ڇا حشر ٿيندو؟
7. ڊي ايڇ اي سِٽي ، سيون وانڊرز سِٽي ۽ ٻين سَوين رهائشي اِسڪيمن جي ٺهڻ ڪري جيڪي ڏيهي ماڻهو بي گهر ٿيندا ، انهن جو حُڪومت وٽ ڪهڙو متبادل ذريعو آهي؟ انهن جو ڇا ٿيندو؟
8. ڇا اهي سَوين نيون رهائشي اِسڪيمون ماحولياتي بگاڙ جو سبب نه بڻجي رهيون آهن؟
9. جهنگلي جيوت وارو کاتو ، قديم آثارن وارو کاتو ۽ قدرتي معدنيات وارا کاتا الائي جي ڪٿي گم آهن ۽ فطرت سان هٿ چُراند جو ڪو به نوٽيس ڇو ڪو نه ٿا وٺن!؟
10. عالمي ماهرن جون رپورٽون ٻُڌائين ٿيون ته ڪراچيءَ ۽ اهو پورو عِلائقو زلزلن جي رينج واري پٽي تي موجود آهي ۽ جيڪڏهن هتان جي فطري ماحول سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي جو، هڪ تمام خطرناڪ زلزلو سڀ ڪُجهه تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو!
ليکڪَ پاران هي ڪِتاب لکڻ جو مقصد هي آهي ته؛ ” 1972ع ۾ سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊينينس تحت ، موجوده بحريا ٽائون وارو عِلائقو هڪ سينڪچوري قرار ڏنو ويو هو ، بعد ۾ 1974ع ۾ سنڌ حُڪومت جي هڪ نوٽيفڪيشن تحت ان کي نيشنل پارڪ ۾ تبديل ڪيو ويو. ان نوٽيفڪيشن موجب اهو عِلائقو نيشنل پارڪ جي سپورٽ ايريا ۾ اچي ٿو ، جتي شڪار ڪرڻ ، وڻ وڍڻ ۽ ڪنهن به وڏي اڏاوت تي پابندي آهي ، ته پوءِ حُڪومت ڇو پنهنجي ئي پاس ڪيل قانون جي پاسداري نه پئي ڪري؟ ۽ بحريا ٽائون سَميت ٻين سَوين رهائشي اسڪيمن تي پابندي ڇو نه ٿي لڳائي وڃي؟
هِي ڇاونجاهه صُفحن تي مشتمل ننڍڙو ڪِتابچو ” ڪراچي انڊيجنيس رائٽس الائنس “ پاران سن 2015ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو . جنهن به ماڻهو کي ڪَراچي جي اصلوڪن رهاڪن ، ڪراچي جي ديهن ۽ ورهاڱي کان اڳ جي صورتحال ڄاڻڻي هُجي ته ان کي هي ننڍڙو ڪِتابُ ضرور پڙهڻ گهرجي . هِن ڪتابَ ۾ ڏنل معلومات ، ڪراچي جي اصلوڪن رهاڪن جي زرعي زمينن ۽ سندن ڪمن ڪارين کي سَمجهڻ لاءِ بيحد ڪارائتو آهي ۽ پڙهندڙ رُڳو هڪَ ڪلاڪَ اندر سموري قصي کي سمجهي ويندو…