قبيلي جو سردار مري ويو! هونئن ته هر ڪنهن کي مرڻو آهي پر چڱي ڀلي ۽ تندرست سردار جي اوچتي موت تي ان جي رعيت کي ڏاڍو صدمو پهتو۔ اها خبر جهنگ جي باھ وانگر ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وئي۔ سڀ حيران هئا ته اها ڪهڙي آفت اوچتو مٿن ڪڙڪي! سردار، جيڪو انهن جو وڏو ۽ اڳواڻ هو، سندن مسئلا حل ڪرڻ ۽ ڏکيائين مان بچائڻ وارو هو، انهن جي جهيڙن جهٽن کي نبيري هر معاملو حل ڪندو هو، اهو اوچتو هي دنيا ڇڏي هليو ويو!
هڪ ٻه ڏينهن انهن سوڳ ۾ گذاريا ۽ پوءِ نئون سردار چونڊڻ لاءِ راڄ جا چڱا مڙس ۽ پيرسن اچي مرحوم سردار جي اوطاق تي گڏ ٿيا۔ مرحوم سردار کي نه پُٽ هو نه ڀاءُ، جنهن کي سندس جانشين مقرر ڪجي، تنهنڪري کين راڄ مان ڪنهن کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌڻي هئي، پر ڪير آهي جيڪو سردار جيان دانا، بهادر ۽ محبتي هجي!
شهر جي قاضيءَ چيو ”ڪوبه اهڙو ناهي جيڪو اسان جي سردار جيان دنيا جي اسرارن جو سمجهو، دانا ۽ ڄاڻو هجي“ ايئن چئي ھن مرحوم سردار جي مان ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو۔
مرحوم سردار، قاضيءَ کي گهڻو ڀانئيندو هو ۽ سندس هر فيصلو قبول ڪندو هو۔ قاضي سدائين اهو سوچيندو هو ته سردار جو قاضي هئڻ ڪري، سردار جي طاقت ۽ عبادتن عيوض الله کيس دنيا ۾ اها عزت ڏني آهي۔
ڳوٺ ڳوٺ وڃي شيون وڪڻندڙ هڪ گهورڙئي چيو: ”گهر گهر منهنجو ڏٺل آهي، اهڙو ڪو عاقل ۽ دانا آهي ئي ڪونه… ناهي ادا ناهي! سردار جو ثاني ناهي۔“ صدمي مان ايئن چئي ھن انڪار ۾ پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو
سردار کيس ڏاڍو چاهيندو هو، هو ڳوٺ ڳوٺ وڃي شيون کپائيندو هو ۽ پنهنجي ڪمائي جو وڏو حصو سردار کي بطور نذرانو پيش ڪندو هو۔ ڪيترائي ماڻهو مٿس تهمتون هڻندا هئا ته هو ڪپت ڪري ٿو، ماپ تور ۾ گهوٻي هڻي ٿو۔ هو ماڻهن کي ڦري نقصان ڏئي ٿو پر سردار ڪڏهن به کيس ڪجهہ نه چيو۔ سدائين کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندي کائنس ڳوٺن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌندو هو۔
”ڪو رستو ته ڪڍڻو پوندو۔۔۔“ راڄ جي هڪ دانشور چيو، ”تخت بي بادشاه ۽ راڄ بنا سردار جي رهي نٿا سگهن۔“ هو سردار جو پراڻو ساٿي ۽ ڄاڻو ماڻهو هو۔ سردار سندس ڏاهپ جو قدر ڪندو ۔ هو سمجهندو هو سرداري نصيب سان ملندي آهي نه ڪي ڄاڻ سان۔ جيڪڏهن ڄاڻ سان سرداري ملي ها ته سرداري جو پٽڪو سندس سر تي هجي ها۔
شاعر ڳالهايو ”رستو هڪڙو ئي آهي نئون سردار چونڊجَي۔“
شاعر سوچيو: راڄ جي ماڻهن مونکي هڪ رول ۽ بي عقل شاعر قرار ڏنو هو۔ هو سدائين چوندا هئا ته ھن کي رڳو شاعري ڪرڻي آهي، زندگي جي ڊوڙ واري ميدان ۾ ھن جي ڪا اهميت ۽ حيثيت ناهي۔ پر ھن ڏٺو ته سردار کيس هميشه عزت ۽ مان ڏيندو هو۔ ڪچهرين ۾ پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندو هو، کيس کاڌو ۽ ڪپڙا ڏيندو هو۔ اهو ئي سبب آهي تہ هو سردار جي ساراھ ۾ قصيدا ڳائيندو هو، پنهنجي شعرن ۾ سردار کي آسمان تائين پڄائيندو هو ۽ کيس سهڻن لفظن سان ڀيٽا پيش ڪندو هو۔
”هتي ڪير آهي، جيڪو ان جيان دانا ۽ ڄاڻو هجي، هر ڳالھ کي سمجهي ۽ ان جي تھہ تائين پهچي؟“ قاضي ڳالهائڻ لڳو
مجلس متل هئي ۽ صلاح مشورا جاري هئا. انهن ڳالهين دوران هر هڪ شيءَ کي ڌيان سان ڏسندڙ شاعر جي اک مرحوم سردار جي تخت جي ڀرسان رکيل پيتيءَ تي پئي۔ هيءَ اها پيتي هئي، جنهن کي سردار سدائين مجلسن دوران کولي ڏسندو هو ۽ پوءِ مُرڪي پنهنجون مُڇون وٽيندو هو پر ٻئي ڪنهن به ان جي اندر ڪونه ڏٺو هو ۽ نه ئي ڪو ڄاڻندو هو ته ان جي اندر ڇاهي؟ جيڪا سردار کي خوشي ۽ فرحت ڏئي ٿي ۽ جنهن کي ڏسڻ کان پوءِ سردار خوش مزاجيءَ سان ڪچهري ڪري ٿو۔
شاعر ماٺ ميٺ ۾ اُٿيو ۽ سردار جي تخت تي پيل ويهاڻي هيٺان رکيل چاٻي کڻي پيتي کوليائين، پيتيءَ ۾ هڪ تصوير پيل هئي۔ تصوير ڏسي شاعر پهريان حيرت ۾ وٺجي ويو ۽ پوءِ خوشي مان ٽهڪ ڏيڻ لڳو۔ ميڙ ۾ ويٺل ماڻهو عجب وچان کيس ڏسڻ لڳا۔
”ابدال ڇا ٿيو ڇو پيو کلين چريا شاعر؟“ ماڻهو پڇڻ لڳا
شاعر وراڻيو: ”اوهان پريشان نه ٿيو، ٻين مسئلن جيان سردار هي مسئلو به نبيري ويو آهي۔“ ھن سردار جي مردم شناسي جي ساراھ ڪئي
قاضي پڇڻ لڳو ”اڙي شاعر ڪيئن؟ سردار اهو معاملو ڪيئن حل ڪري ويو آهي؟“
”اچي پاڻ ڏس۔“ شاعر هڪڙي پاسي ٿي بيٺو۔
قاضي ويجهو آيو ۽ پيتيءَ منجهہ نهارڻ لڳو۔ هو به شاعر جيان خوشي ۽ حيرت ۾ وٺجي چوڻ لڳو ”شاعر سچو آهي، توهان سڀني کي پيتيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي ۽ پڪ ڪرڻ گهرجي ته سردار اهو معاملو ڪيئن نبيري ويو آهي!“
سوداگر پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ اچي قاضيءَ وٽ بيٺو ۔ پيتيءَ منجهہ نهارڻ سان ھن جو چهرو به ٻهڪڻ لڳو
”ڪچهري! اوهان کي مبارڪ هجي۔ حق ان کي مليو آهي، جيڪو حقدار آهي۔ توهان کي نئون سردار ملي ويو آهي۔“ شاعر، قاضي ۽ سوداگر گڏجي ٽهڪ ڏيڻ لڳا
ان کان پوءِ دانشور پيتيءَ ۾ نئين سردار جي تصوير ڏسڻ آيو۔ تصوير ڏسڻ کان پوءِ چوڻ لڳو ”مون سدائين چيو ته سردار ڄاڻو هو يا نه پر مردم شناس ضرور هو ۽ اڄ اها ڳالھ ثابت ٿي وئي۔“
”بيشڪ سڀني کان اهميت جوڳي ڳالھ ڏاهپ آهي۔ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسانجو سردار هڪ ڏاهو ۽ ڄاڻو شخص هو۔ اچو سائين سڀئي پنهنجي نئين سردار جي تصوير ڏسو ۽ مرحوم سردار جي ڄاڻ کي داد ڏيو۔“ ائين چئي دانشور پيتيءَ کان هٽي قاضي، شاعر ۽ سوداگر جي ڀر ۾ بيٺو
سڄي قبيلي جا ماڻهو هڪ هڪ ڪري پيتيءَ وٽ بيهي ان ۾ پيل تصوير ڏسڻ لڳا ۽ نئين سردار تي اعتماد جو اظهار ڪندا رهيا۔ سڀئي اڳوڻي سردار جي مرڻ جو ڏک وساري نئين سردار جي چونڊجڻ تي خوش هئا، سڀئي ساڳي نموني ٽهڪ ڏئي رهيا هئا۔