لاڙڪاڻو ضلع جي پهرين ڊاڪٽرياڻي: ڊاڪٽر سرلا ديوي جيسنگهاڻي

آصف رضا موريو

لاڙڪاڻو جي تاريخي، ادبي، انتظامي ۽ سماجي پسمنظر ۾ سام جيسنگهاڻي جي ٻي وني ڊاڪٽر سرلا ديوي جي نالي سان شهرت رکندڙ اديبه جو اصل نالو منيشوري ديوي هيو، جنهن جو جنم 9 اپريل 1915ع ڌاري شڪارپور جهڙي امير شهر جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ ٿيو. اڻويهه سو چاليهه ۽ پنجاهه واري ڏهاڪن ۾ هوءَ سنڌ جي ڇهن ضلعن ۾ ميڊيڪل جي باظابطه ڊگري رکندڙ واحد ڊاڪٽرياڻي هوندي هئي. هونءَ به لاڙڪاڻو جي ڊسپينسرين ۾ غريبن جو علاج نه رڳو مفت پر رنگ نسل، مذهب يا ذات پات جي فرق کان سواءِ ڪيو ويندو هيو.

هي اهو دور هيو جو ڊاڪٽرن جي اندر ضمير اڃان مئو ڪونه هيو ۽ سندن دل ۾ خوفِ خدا سان گڏ انساني صحت ۽ زندگين جي اهميت روپئي پيسي ڪمائڻ جي ڊوڙ کان وڌيڪ هوندي هئي ان لاءِ جعلي دوائن جي ڪمپنين هٿان پاڻ کي وڪڻڻ جهڙا مجرم رويا انهن ۾ اڃان ڪونه جڙيا هيا. اهو ئي سبب هيو جو سام جيسنگهاڻي جهڙي تيرنهن هزار جريبن جي وسيع و عريض زمينداري واري امير ترين ماڻهو جي گهرواري ۽ ايتري وڏي ڊاڪٽرياڻي هئڻ جي باوجود ڊاڪٽر سرلا ديوي رٽائر ٿيڻ تائين سرڪاري رهائشگاهه ۾ رهي ۽ پوءِ ڪرائي جي گهرن ۾ رهندي سادگي پر مان ۽ مرياده واري زندگي گذاريندي ڪرائي جي هڪ گهر ۾ ئي ديهانت ڪري وئي.

مون کي ڊاڪٽر سرلا جي والدين جا نالا ڪوشش جي باوجود ڪونه ملي سگهيا. ورهاڱي کان پوءِ سرلاديوي جو سمورو خاندان هندستان لڏي ويو جتي سندس وڏي ڀيڻ لڪشمي ٺڪر، ننڍي ڀيڻ ۽ ڀائرن جي اولاد هن وقت به دلي ۽ بمبئي جي مختلف علائقم ۾ رهن ٿا، جن سان ملڻ لاءِ 1970ع ۾ سرلاديوي ۽ دادا سام پنهنجي پٽ گرڌاري لال جي ٻچڙن سان گڏ ريل ذريعي انڊيا ويا هيا. ڪجهه ڏينهن اتي رهندي ڀائرن، ڀينرن ۽ عزيزن قريبن سان ميل ملاقاتون پڻ ڪيون پر ترت ئي انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ جنگ جي خدشي تحت هوائي جهاز ذريعي واپس پنهنجي ملڪ اچي ويا.

سرلا ديوي شروعاتي تعليم ۽ ميٽرڪ شڪارپور مان پرائي گورنمنٽ ميڊيڪل اسڪول امرتسر (جي ايم اي اي) مان 1938ع ۾ ايل ايس ايم ايف (Licetiate of State Medical Faculty) جي ڊگري حاصل ڪئي. ان دور ۾ اتر انڊيا جي سموري پکيڙ ۾ صرف هڪڙو ميڊيڪل اسڪول هوندو هيو جيڪو پهريون 1864ع ڌاري لاهور ۾ قائم ڪيو ويو ۽ پوءِ 1920ع ڌاري ان کي امرتسر منتقل ڪيو ويو جتي 1918ع تائين ايم پي ايل جي ڊپلوما ڪرائي ويندي هئي، جنهن کي ڪجهه سالن کان پوءِ ايل ايس ايم ايف جي ڊگري ۾ تبديل ڪيو ويو. 1943ع ۾ 165 ايڪڙ جي اراضي رکندڙ ان اسڪول کي ميڊيڪل ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. ڪجهه رياستن جي وزارتِ صحت طرفان چار سال پڙهائي کان پوءِ انهن پيشه ور طبي ماهرن کي ايل ايس ايم ايف واري تعليمي سند ڏني ويندي آهي، جيڪي رياست جي ميڊيڪل فيڪلٽي ذريعي ان منظور شده پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪنداآهن. برٽش انڊيا ۾ اها ڊگري ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏني ويندي هئي.

ميڊيڪل جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ ڊاڪٽر سرلا ديوي شڪارپور ۾ ليڊي ڊاڪٽر مقرر ٿي جتان ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس بدلي رتوديرو ميونسپل اسپتال ۾ ٿي. رتوديرو کان ٽي ڪلوميٽر پري واقع حيدرچانڊيو ۾ رهندڙ تر جي وڏي ۾ وڏي زميندار حشمت راءِ جيسنگهاڻي جي گهر پنهنجي متر قيمت راءِ جي توسط سان مهمان ٿي وئي جتي سندس ملاقات گهر مالڪ جي پٽ امبرت راءِ المعروف سام جيسنگهاڻي سان ٿي. ڪجهه ملاقاتن کان پوءِ دادا سام ۽ ڊاڪٽر سرلا پسند جو وواهه ڪري باقي سارو جيون هڪ ٻئي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.

جلد ئي ڊاڪٽر سرلا ديوي جي بدلي لاڙڪاڻو گهاڙ واهه جي اولاهين ڪناري پراڻي ڌوٻي گهاٽ واري حصي ۾ واقع مشهور ايم زيد هاسپيٽل (ميونسپل زنانه اسپتال) ۾ ٿي جيڪا ان کان اڳ حامد علي ميٽرنٽي هوم جي نالي سان خانگي اسپتال هوندي هئي جنهن جو 1950ع ۾ بيگم رعنا لياقت علي خان کان افتتاح ڪرائيندي انتظاميه نالو مٽائي ايم زيد هاسپيٽل رکيو. 20 اپريل 1973ع چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جڙيو ته اسپتال کي اوڏانهن اڪاريندي ان عمارت ۾ گورنمنٽ پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۽ گورنمنٽ ڊي سي هاءِ اسڪول قائم ڪيو ويو جڏهن ته پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽوٽ واي اداري جي پنهنجي بلڊنگ ٺهڻ کان پوءِ ان اڏاوت ۾ هاڻي صرف گورنمنٽ ڊي سي هاءِ اسڪول قائم آهي، جنهن ۾ اولاهين طرف ڊاڪٽرسرلا ديوي واري ايم زيد اسپتال جا ٻه ڪمرا هن وقت به جيئن جو تيئين موجود آهن.

اهو هندو مسلمانن جي ٻڌي جو مثالي دور هوندو هيو، جو سنڌ جا سمورا ڳوٺ ۽ شهر هندو آبادين سان ڀريا پيا هوندا هيا، جتي هڪ ٻئي سان بيشمار تهذيبي رشتين ۽ دوستين ناطي رڳو سنڌي سڏائيندي ٻئي قومون صدين کان وٺي گڏ رهنديون اينديون هيون. لاڙڪاڻو جو اهو گهاڙ واهه وارو حصو ۽ علي گوهر آباد جي اوڀر وارو علائقو گهمڻ وٽان هوندو هيو جو ايم زيد اسپتال جي اوڀر ۾ انبن، ڦارون، شهتوتن ۽ زيتونن جا باغات ۽ سرسبز زمينن ۾ ترڪاريون جام ٿينديون هيون. گهاڙ واهه ۾ ماڻهن جي وندر لاءِ ٻيڙيون پڻ هلنديون هيون. زنانه اسپتال واري جاءِ تي موجود ڌوٻي گهاٽ کي ٽن پاسن کان ڀتيون کنيل هونديون هيون جو هندو ناريون اتي اشنان ڪرڻ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ اينديون هيون. سام ۽ سرلا پڻ باغن جي باغن ۽ زرعي زمينن ۾ گهمڻ پيدل نڪري ويندا هيا. ان دور ۾ ڏوهه نه هئڻ جي برابر هوندا هيا.

ديده زيب ڪپڙن جي انتخاب واري خوبصورت رنگ روپي چهري تي هر وقت مرڪ سجائي رکندڙ سرلا ديوي هڪ ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ ساده دل صوفي، سماج سڌارڪ، اديب ۽ عالم هئي جيڪا هڙان وڙان ضرورتمند عورتن جي علاج معالجي ۽ مشوري لاءِ دمين درمين حاضر هوندي هئي. پنهنجي لوور اسٽاف ۽ ايندڙ ويندڙ مريضن توڙي انهن جي وارثن سان سندس رويو اخلاق ڀريو ۽ قربائتو هوندو هيو. ڊاڪٽر هئڻ باوجود هوءَ پنهنجي گهر جو سمورو ڪم ڪار پاڻ ڪندي ۽ ڪپڙا لٽا پڻ پاڻ ڌوئيندي هئي. ايتري تائين جو چاڏي ۾ ولوڙي ڏڌ مکڻ به پاڻ تيار ڪندي هئي جنهن سان صبوح سندس ور اڪثر نيراني چانورن جي ماني کائيندو هيو.

ايم زيد هاسپيٽل جي مٿان ٺهيل ڪمري ۾ رهندي دادا سام ۽ سرلا ديوي اڪثر راڳ رنگ جو محفلون پڻ سجائيندا رهندا هيا. سرلا ديوي به سام جي سنگت پائي تصوف جي گيڙو رنگي تعليم ۾ رنگجي سندن ماحول جو حصو ٿي وئي جيڪا نه رڳو گهر ۾ ٿيندڙ محفلن ۾ سام ۽ ٻين سنتن جا گيت جهونگاريندي هئي پر ’مي رقصم‘ جو عملي مجموعو ٿي محفلون مچائي اندر اجاريندي رهندي هئي. هن کي نه رڳو موسيقي سان گهڻو شغف هوندو هيو پر مختلف قسم جي سازن وڄائڻ ۾ چڱيرڙي دسترس رکندي گائڪي ۾ به قابلِ تعريف معيار رکندي هئي. سام جا صوفي دوست ۽ پرچارڪ احترام وچان کيس ’صوفي ماتا‘ ڪوٺيندا هيا. اڪثر ائين به ٿيندو هيو ته هوءَ باجو يا هارمونيم وڄائيندي هئي ته دادا سام راڳ ڳائي سندس دل وندرائيندو هيو. اهڙي ريت ٻئي فونن تي پڻ گانا ٻڌندا هيا.

اڪثر اوقات شام ڌاري سام پنهنجي وني کي وٺي گيان باغ ۾ لڳل پکن هيٺان ويهي ڪچهريون ڪندو هيو جتان واپسي تي اهي نگار سينيما جي سامهون تلوڪو مل جي بوتلن واري دوڪان تان ٿڌيون بوتلون پي گهر واپس ويندا هيا. نيڻو جي پڌر ۾ جڏهن ڀڳت ڪنوررام، جيوڻي ٻائي ۽ هند سنڌ جا ڪي مشهور گائڻا اچي محفلون ڪندا هيا ته هي ٻئي پريمي به انهن منڊلين ۾ وڃي مزو ماڻيندا هيا. 1940ع ۾ روي ڪشن جي جوڙايل ايمپائر سينيما ۾ پڻ سام ۽ سرلا بيشمار دفعا فلمون ڏسڻ ويندا رهندا هيا.

دادا سام ڊاڪٽر سرلا کي زمينن تي گهمائڻ يا شير شڪار ڪرڻ لاءِ پنهنجي وليس جيپ نمبر LL.5566 تي گڏ وٺي ويندو هيو. دادا کي KAC 5401 نمبر واري پنهنجي شاندار موٽر پڻ هوندي هئي جنهن تي چڙهي شهر جا سير سپاٽا پڻ ڪندا هيا. ڪراچي واري هندي سمنڊ جي ڪناري تي به سام پنهنجي وني کي اڪثر گهمائڻ ويندو هيو جيڪو پاڪستان ۾ سندس پسنديده ماڳ هوندو هيو. سندن پاڙيسري احمد فاروقي ٻڌايو ته ڊاڪٽر سرلا سندس والده جي دوست پڻ هوندي هئي ۽ هوءَ گومي ٻائي ليڊيز ڪلب ۾ به باقاعدگي سان ويندي رهندي هئي.

ذوالفقارعلي ڀٽو جي پهرين گهرواري اميربيگم ۽ ان جي سموري خاندان سان سرلا ديوي جي سٺي دوستي هوندي هئي. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن قمبر شفٽ ٿيڻ جو فيصلو ڪندي پنهنجي گهر جو سمورو سامان (وي آئي روڊ تي واقع) ڀٽو جي سوٽن جي گهر امانتن رکي قمبر هلي وئي ته اتي سيٽل ٿي سامان گهرائي وٺبو. قمبر ۾ صاف پاڻي جي اڻاٺ واري تڪليف ۽ ڪجهه ٻين اڻ وڻندڙ معاملن جي ڪري اتي گهڻو عرصو رهي ڪونه سگهيا ۽ لاڙڪاڻو موٽي امپائر روڊ تي واقع کهڙو هائوس جي سامهون محمد رفيق جي گهر ۾ ڪرائي تي رهڻ لڳا. ڀٽن جي گهر ۾ رکيل ساز سامان جي پرگهور لهڻ تي کين خبر پئي ته زمينن جا ڪاغذات، ڪجهه ڪتاب، وينا جو زمينن وارو اٽارني سرٽيفڪيٽ، ڪورٽن مان کٽيل زمينن جي ڪيسسن جي فيصلن وارا ڪاغذات ۽ بيشمار قيمتي ڪاغذن ۽ تصويرن وغيره کي اڏوهي کائي وئي هئي. سام سرلا جي وفات کان پوءِ گرڌاري لال پنهنجي نوجوان اولاد جو ڪتابن سان شوق نه پسي رهيل سهيل ادبي مواد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي سندس گل حيات انسٽيٽيوٽ لاءِ ڏئي ڇڏيو.

محمدرفيق جي ڪرائي واري گهر ۾ رهائش دوران ئي 11 فيبروري 1973ع ڌاري ڊاڪٽر سرلا ديوي جو ديهانت ٿيو جنهن جي آخري خواهش ۽ وصيعت هئي ته سندس ارٿيون هريدوار واري تيرستان ۾ سپردِ آب ڪيون وڃن تنهن ڪري ويزا ملڻ ۽ ان امانت کي تيرسٿان پهچائڻ تائين سندس خاڪ کي علي گوهر آباد واري ٽڪاڻي ۾ محفوظ رکيو ويو. هڪ ڀيري گرڌاري لال جي انهن ارٿين متعلق پڇڻ تي دادا سام کيس چيو هيو ته ”توڙي جو مان انهن ڳالهين کي ڪونه مڃيندو آهيان پر تون ڀلي پنهنجي ماءُ جي مٽي هردوار کڻي وڃ جو ان جي خواهش هئي ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي خاڪ سکر بيراج جي حوالي ڪجانء“

اتر انڊيا جي رياست اتاراکنڊ ۾ هريدوار نالي هڪ شهر گنگا جي ساڄي ڪناري آباد آهي جنهن جو پراڻو نالو ماياپور هيو. رياست جو ٻيو نمبر وڏو ۽ ضلع جو ٻيو نمبر وڏو هي شهر هندو ياترين لاءِ هڪ قديم ۽ پاڪيزه زيارت گاهه آهي جتان هماليه پهاڙ جي پاڙ مان گنگا ڦوٽهڙو ڪندي نڪري ٿي. اتي اشنان وٺڻ لاءِ انيڪ گهاٽ آهن جتي هندن جا بيشمار تهوار پڻ ملهايا ويندا آهن جهڙوڪ هر ٻارهين سال اتي ڪمڀا جو ميلو ملهايو ويندو آهي. گنگا جي ان حصي ڪناري لکين هندو ياتري اشنان ڪري پنهنجا گناهه ڌوئيندا رهندا آهي ته هندن جي ميت جي خاڪ پڻ ان جاءِ تي گنگا جي پاڻي ۾ وهائڻ کي متبرڪ سمجهيو ويندو آهي. ڊاڪٽر سرلا ديوي جي ديهانت کان قريبن چوڏهن سالن کان پوءِ 1987ع ۾ گرڌاري لال ويزا ملڻ تي انڊيا وڃي ڊاڪٽر سرلا ديوي جون ارٿيون هريدوار حوالي ڪيون.

ڊاڪٽر سرلا ديوي جي عمر جو خاص ۽ شادي کان بعد وارو سمورو عرصو پنهنجي ور سام جيسنگهاڻي سان گڏ گذريو جيڪو سندس لاءِ دوست، جيون ساٿي ۽ اتساهيندڙ ڪردار جيان هوندو هيو تنهن جي سان ٿيل ڳالهين، ان جي ڪمن، ڪرتن، مشغلن ۽ يادن کي سهيڙيندي عمر جي آخري حصي ۾ جيتامڙي جي ڊائري ۽ سام سان ٻه ٽي گهڙيون نالي ٻه ڪتاب لکيا جيڪي دادا سام جي قائم ڪيل اڪبر آشرم پبليڪيشن طرفان ڇپايا ويا هيا. سندس وفات کان هڪ سال اڳ 1972ع ۾ ڇپيل جيتامڙي جي ڊائري جي قيمت قيمت ويهه روپيا ۽ ان ئي ڪتاب جو پڪي جلد سان ملهه ٻاويهه روپيا پنجاهه هيو.

سرلا ديوي جي ديهانت کان پوءِ دادا سام جو ان گهر ۾ دل نه لڳو ته جلد ئي ساڳي روڊ تي کچين جي امام بارگاهه وٽ کيئل داس جو گهر ڪرائي تي وٺي گرڌاري لال، ان جي وني ۽ ٻارڙن سان گڏ رهڻ لڳو. ڪجهه سالن کان پوءِ ساڳي محلي ۾ گرڌاري لال پنهنجي والد سام جي سهڪار سان هڪ گهر خريد ڪيو جتي سام جيسنگهاڻي جو ديهانت ٿيو. هن وقت به گرڌاري جا ٻارڙا ڀائو پرديپ ڪمار وغيره ان گهر ۾ رهي رهيا آهن. جنهن جي ٻاهرئين يا بيٺڪ واري ڪمري ۾ گهر وران ايم آر سرلا قائم ڪيو آهي.

سام ۽ سرلا جي زندگي ۾ گرڌاري لال جو تعلق پنهنجي ذاتي اولاد، ڀائرن ۽ عزيز کان گهڻو قربائتو، ويجهڙو ۽ پنهنجائپ وارو رهيو. شڪارپور واسي گرڌاري لال کي سندس اخلاق ۽ نوڙٽ ڪري بي اولاد سرلاديوي ۽ سام پنهنجو پٽ بڻائي گڏ رهڻ ۽ رهائڻ لڳا. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن گرڌاري لال جو سمورو خاندان هندستان لڏيندو ويو ته هن اهو چئي اوڏانهن وڃڻ کان نابري ڪئي ته ”دادا سام ۽ امان سرلا جو سمورو خاندان هتان لڏي کين اڪيلوڪري ويو آهي. هاڻي هتي سندس ڪوبه پنهنجو ڪونه رهيو آهي ان لاءِ عمر جي هن حصي ۾ آءُ کين اڪيلو ڪري ڪونه ويندس“

پنهنجي ڪٽنب جو هي اڪيلو فرد انهن والدين جي محبت ۾ هتي رهجي ويو جيڪي سندس اصلن ماءُ پيءُ ڪونه هيا ۽ سموري عمر انهن جي خدمت ڪندي گذاري. ڊاڪٽرسرلا ديوي ۽ دادا سام جي نه رڳو چار ڪنڌن جي رسم ادائي پر اگني سنسڪار پڻ گرڌاري لال ڪيو. ان کان علاوه سرلاديوي جي خواهشن جي پورائي لاءِ سوين مشڪلاتن جي باوجود ارٿين کي انڊيا پهچائڻ جو ڪم پورو ڪيو جيڪو شايد اصل اولاد به نه ڪري ها. گرڌاري لال جي زال ريکا ديوي جو نرسنگ جو ڪورس ڪيل هيس تنهن کي مختلف ڊاڪٽرياڻين وٽ ڪم ڪندي هٿ شفا ۽ تجربو پڻ ٿي ويو هيو سان پڻ گهر ۾ ڊاڪٽري جي اسپتال هلائيندي هئي. تنهن جو انتقال 3 مارچ 2023ع ۾ ٿيو.

سام کي سرلا ديوي مان اولاد ڪونه هو ان لاءِ گرڌاري لال ۽ سندس وني ريکا هڪ ٻئي سان وچن ڪيو ته هو پنهنجي پهرين اولاد پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي حوالي ڪندا. ان لاءِ 26 ڊسمبر 1968ع تي ايم زيد هاسپيٽل ۾ پيدا ٿيل ڪڪي کي سرلا جي گود ۾ ڏنو جنهن جو نالو ويناجيسنگهاڻي رکيو ويو. ان خانداني راز کي ايترو ته گپت رکيو ويو جو سموري زندگي هڪ ئي گهر ۾ رهندي وينا کي پنهنجي شاديءَ تائين اها خبر پئجي ڪونه سگهي ته هوءَ دادا سام جي نه پر گرڌاري لال جي اولاد آهي. سندس شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ۾ به والد جي خاني ۾ امبرت لال جيسنگهاڻي جو نالو لکيل آهي.

وينا شروعاتي تعليم جناح باغ ۾ واقع لٽل فاڪس اسڪول مان پرائي ٻارهين جماعت گورنمنٽ گرلس ڪاليج مان پاس ڪري بمبئي لڏي وئي جتي آڪٽوبر 1987ع ۾ دادا سام سندس شادي پردن جو ڪاروبار ڪندڙ مهيش ڪمار سان ڪرائي جنهن جو خاندان پڻ پاڪستان مان هجرت ڪري آيو هيو. وينا جو ڪنيادان پڻ دادا ڪيو هيو جنهن کي نڪيتا بلواڻي ۽ روهت بلواڻي نالي ٻن اولادن جو سک آهي. نڪيتا نفسيات ۾ گريجويٽ ڪندي اڳتي پڙهي رهي آهي جڏهن ته سندس پٽ بي ڪام ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ پڙهائي ڪري رهيو آهي.

پنهنجي ڌيءُ جي ودائي کان پوءِ دادا سام مشڪل سان ٻه اڍائي مهينا زنده رهي سگهيو. سنڌ ديس ۽ وينا ۾ سندس جان هوندي هئي ان لاءِ سمورو خاندان سهايائين پر ديس نه ڇڏيائين. مرڻ وقت به سندس ساهه جڏهن اٽڪيل هيو ۽ روح ڪنهن سببين نڪرڻ کان انڪاري هيو ته وينا جي ننڍي ڀيڻ دادا جو هٿ پڪڙيندي چيو ته بابا مان وينا آني آهيان ته هن پنهنجي ان ڌيءُ جو نالو ٻڌي جنهن جي نيڻن ۾ کيس سنڌ نظر ايندي هئي ساهه جو آخري ڍڪ ڌڻي حوالي ڪري پنهنجو پرلوڪ سڌاري جيون ٻيڙي ڪنڌيءَ لاتي.

دادا سام ۽ سرلا ديوي کي هينئر به پنهنجو اصلي پيءُ ماءُ مڃيندڙ ادي وينابلواڻي سان منهنجي ملاقات پياري دوست سهيل انصاري جي توسط سان 26 اپريل 2023ع تي شام ڌاري سندن علي گوهرآباد واري گهر ۾ ٿي جيڪا سورنهن سالن کان پوءِ پنهنجي والده ريکا ديوي (گرڌاري لال جي وني) جي وفات تي پاڪستان آئي هئي. هن ڀيڻ ۽ سندس گهروارن منهنجي گهڻي عزت افزائي ڪئي جتي سندن مهذب ۽ معتبر والدين متعلق کوڙ ساريون ڪچهريون ٿيون جيڪي منهنجي خيال ۾ تاريخ سان پيار ڪندڙن لاءِ بيش بها خزاني جيان هئڻ ڪري پيش ڪجن ٿيون.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close