گُل حسن ڪلمتي ھڪ نئين سفر تي روانو

نصير اعجاز

سال 1979 جو جنرل ضياءَ وارو زمانو ھو، جڏھن مڪاني ادارن جي چونڊن جي نتيجي ۾ ضلعي ڪائونسل ڪراچي بحال ٿي ۽ سنڌ جي گاديءَ واري شھر جي ٻھراڙين کي نمائندگي ملي. مرحوم حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊجي آيو تہ ورھين کان سرڪاري ڪامورن جي وَرِ چڙھيل اڻ چونڊيل ضلعي ڪائونسل جي عمارت جون رونقون موٽي آيون. حسن اسڪوائر ۽ نيشنل اسٽيڊيم جي وچ واري علائقي ۾ سر شاھ محمد سليمان روڊ تي (مشرق سينٽر جي سامھون) ضلعي ڪائونسل مڪمل طور سنڌين جو ادارو بڻجي اُڀريو، جنھن ۾ ڪائونسل جي ڪارروائي بہ سنڌيءَ ۾ ھلندي ۽ لکبي ھُئي تہ اُن جون پڌرايون (پريس رليز) بہ سنڌيءَ ۾ جاري ٿينديون ھيون. انھيءَ مقصد لاءِ ضلعي ڪائونسل اليڪٽرانڪ ٽائيپ رائيٽر خريد ڪيو ھو، جيڪو اڳي رُڳو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻُڌبو ھو.

ضلعي ڪائونسل جي بحاليءَ سان ڪراچيءَ جي ٻھراڙين جي نوجوانن لاءِ روزگار جا در بہ کُلي ويا ھُئا. مان تِن ڏينھن ۾ ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ ھُوندو ھيس ۽ جيئن ئي ڪائونسل جون سرگرميون بحال ٿيون تہ منھنجو بہ ھتي اچڻ وڃڻ وڌي ويو. حاجي شفيع محمد ڄاموٽ سان پھريان ئي نيازمندي ھُئي. ھڪ ڏينھن حاجي شفيع محمد ڄاموٽ وٽ سندس آفيس ۾ ويٺو ھيس تہ ھُن ٻن نوجوانن کي گهرائي اسان جو تعارف ڪرايو. اُنھن ۾ ھڪ نوجوان گل حسن ڪلمتي ھُيو، جنھن کي ضلعي ڪائونسل جو پبلڪ رليشنز آفيسر ڪري مقرر ڪيو ويو ھو ۽ ٻيو نوجوان (نالو وسري ويو آھي ڇو تہ کيس گهڻو ڪري عمراڻي سڏيندا ھُئاسين) ٽائپسٽ ھو. حاجي شفيع ڄاموٽ مونکي چيو: مونکي يقين آھي تہ توھان ٽنھي نوجوانن جي سنگت وڏو ڪم ڏيکاريندي. توھان جي صحافت جو تجربو ۽ ھنن نوجوانن جو جذبو گڏبو تہ ڪراچيءَ جي ٻھراڙين جا مسئلا گهڻو اُجاگر ٿي سگهندا

پوءِ ايئن ئي ٿيو. گل حسن ۽ عمراڻيءَ سان تمام گهڻي ويجهڙائپ ٿي وئي، جيڪا دوستيءَ ۾ بدلجي وئي . ٻئي ھڪ ئي ڪمري ۾ ويھندا ھُئا ۽ جيئن تہ نھايت کلڻا نوجوان ھُئا، تنھنڪري ڪمري ۾ ھر وقت ڊاڙا ٺڪاءَ ۽ لک ڀوڳ وارو ماحول رھندو ھو. گل حسن ضلعي ڪائونسل جا پريس رليز لکڻ ۾ لڳل تہ عمراڻيءَ جون آڱريون ٽائيپ رائيٽر تي پيون ھلنديون ھيون. جڏھن منھنجو اچڻ ٿيندو ھو تہ صلاح مشورو بہ ڪري وٺندا ھُئا.

سُتت ئي اسان جو اصل مِشن شروع ٿيو. پھريائين تہ اسان ڄاموٽ صاحب سان گڏ ڪراچيءَ جي ٻھراڙين جا دورا شروع ڪيا. گل حسن پنھنجي ڊيوٽيءَ تحت ضلعي ڪائونسل جي چيئرمن جي دوري جي خبر جاري ڪندو ھو تہ مان پنھنجي اخبار جي لاءِ فيچر تيار ڪري ٻھراڙين جي مسئلن کي اُجاگر ڪندو ھيس. ھيءُ اُھو زمانو ھو، جڏھن اُن وقت ڪراچي توڙي حيدرآباد جي ڪنھن بہ اخبار جي ڪنھن صحافيءَ ھتان جي ٻھراڙين جو مُنھن بہ ڪونہ ڏٺو ھو. ضلعي ڪائونسل جا ٽي مُدا ايئن ڪراچيءَ جي ڳوٺن، جهنگ جهر، جبلن ۾ اسان گڏ رُلياسين. ڄاموٽ صاحب جو پھريون مُدو پورو ٿيو تہ عبدالحڪيم بلوچ چيئرمين ٿيو، جنھن سان پڻ سندس دائود انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙھائي واري زماني کان سنگت ھُئي. عبدالحڪيم بلوچ جو مُدو پورو ٿيو تہ وري ڄاموٽ صاحب چيئرمين ٿيو ۽ ايئن لڳاتار پندرھن ورھيہ اسان جا ڪراچيءَ جي چوڌاري پکڙيل سوين ڳوٺن جا چڪر لڳندا رھيا. انھن رولاڪين ۾ ضلعي ڪائونسل جو ڊاڪٽر مرحوم دُرمحمد بہ اڪثر اسان سان ڪنھن نہ ڪنھن ٻھراڙيءَ ۾ ٽڪرائبو ھو ڇو تہ ھُو بہ گرمي ھُجي يا سردي، سرڪاري جيپ ۾ پيو ھلندو ھيو تہ جيئن ماروئڙن مسڪينن کي سندن گهرن تي وڃي مختلف بيمارين جا ٽُڪا ھڻي سگهي.

ھڪ ٻيو اھڙو ڪم ڪيوسين جو جيڪڏھن پڪڙجون ھا تہ جيل ۾ سالن جا سال سڙندا رھون ھا. اسان جي دماغ ۾ آمريت کان بغاوت جي باھ بہ ڀڙڪيل ھُئي، جنھن ماٺ ويھڻ نہ پي ڏنو. ان باغي ذھن تحت مان ٻن ٽن صفحن جا پمفليٽ لکندو ھيس، جن کي اسان جو پيارو عمراڻي صاحب ٽائيپ ڪري ڏيندو ھو ۽ گل حسن ضلعي ڪائونسل جي سائيڪلو اسٽائيل مشين تي ان جو پرنٽ ڪڍرائي ڏيندو ھو، جيڪي خورشيد عباسي جي فليٽ تي رکبا ۽ اُتان ورھائبا ھُئا. ڪجهہ وقت تہ ڪم ھلندو رھيو پر ھڪ ڏينھن مخبري ٿي تہ خورشيد عباسيءَ جي فليٽ تي ڇاپو لڳو پر خوشقسمتيءَ سان فليٽ تي نہ ھجڻ سبب گرفتاريءَ کان بچي ويو. جلد ئي سنڌ ھوم ڊپارٽمينٽ جو نوٽيفڪيشن بہ نڪتو، جنھن موجب پمفليٽ تي بندش ۽ سموريون ڪاپيون ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيل ھو.

انھن پندرھن ورھين جي رولاڪين تي لکجي تہ ھڪ الڳ ڪتاب لکجي وڃي، تنھنڪري ھاڻ ڪجهہ خاص ڳالھين جو ذڪر ڪندس. ھڪ پاسي ٻھراڙين ۾ پاڻي، بجلي، تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي کوٽ جا مسئلا ھُيا تہ ٻئي پاسي وري ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) جھڙي بدنام اداري جون قھري ڪارروايون ھيون. انھيءَ اداري جون ٽيمون بلڊوزر ڪاھي اڪثر ڪنھن نہ ڪنھن ڳوٺ کي ڊاھڻ لاءِ وڃي پھچنديون ھُيون ۽ اسان کي جيئن ئي اطلاع ملندو ھو تہ اسان بہ ڪي ڊي اي خلاف وٺ وٺان شروع ڪري سندن ڪارروايون روڪرائي ڇڏيندا ھُئاسين. ڪڏھن ڪڏھن تہ ڄاموٽ صاحب ۽ عبدالحڪيم بلوچ پاڻ بہ نڪري پوندا ھُئا ۽ اسان ساڻن گڏ متاثر ڳوٺن ۾ وڃي پھچندا ھُئاسين ۽ ڳوٺن کي وڌيڪ روڪڻ جو سلسلو في الحال رُڪجي ويندو ھو. اڄ سوچيان ٿو تہ بحريہ ٽائون ڄڻ تہ سنڌ جي راڻي ڪراچيءَ جي ٻھراڙين کي مسمار ڪرڻ وارين ڪي ڊي اي جي قھري ڪاررواين جو ھڪ تسلسل لڳي ٿو. گل حسن اُن وقت بہ ھتان جي ٻھراڙين کي بچائڻ لاءِ سرگرم ھو تہ بحريہ ٽائون جھڙي راڪاس رٿا خلاف بہ احتجاج ۾ اڳڀرو رھيو.

اڻويھ سئو اسيءَ وارو سمورو ڏھاڪو مان پاڪستان ٽيليويزن جي ھفتيوار پروگرام ’واءُ سواءُ‘ جو ميزبان بہ رھيس. ھُونئن تہ اھو ھڪ سرڪاري پروگرام ھو، جنھن ۾ فوجي حڪومت دوران ٻيو تہ ٺھيو پر ھڪ لفظ ”مسئلو“ استعمال ڪرڻ تي بندش ھُئي، پر پنھنجي پروڊيوسر جي سھڪار سان مون ان پروگرام کي عام ماڻھن جي ڏسڻ جھڙو بنائڻ جي ڪوشش ۾ ڪراچيءَ جي ڳوٺن تي دستاويزي رپورٽون ٺاھي ھلائڻ شروع ڪيون. ان ڪوشش ۾ بہ گل حسن جو ڀرپور سھڪار رھيو. مان ٽي وي جي ٽيم وٺي اڪثر گڏاپ ۽ ٻين يونين ڪائونسلن جي ڳوٺن ۾ وڃي پھچندو ھيس ۽ جڏھن گڏاپ وڃبو ھو تہ گل حسن سندس ڳوٺ ۾ اسان جو ميزبان ھُوندو ھو. انھن ئي دورن ۾ ڪراچيءَ جي ٻھراڙين جي سُڄاڻ دوستن ۽ سماجي ڪارڪنن سان سنگت ٿي جن ۾ گاجان خان بلوچ (مرحوم)، غلام حسين بلوچ، غلام رسول بلوچ، مصطفيٰ بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شامل آھن.

ڳوٺن جي مسئلن کي کڻڻ ۽ ڳوٺن کي بچائڻ وارين رولاڪين دوران جهنگ جبلن توڙي سمنڊ ۾ قديم آثارن جي خبر پوندي ھُئي تہ اُتي بہ وڃي پھچبو ھو. گل حسن ۽ منھنجو ھڪ اھڙو يادگار سفر سمنڊ ۾ جانکي بندر ڏانھن بہ ٿيو، جنھن جو انتظام نہ رُڳو ڄاموٽ صاحب ڪيو پر پاڻ بہ سمورو ڏينھن اسان سان گڏ رھيو.

انھن سفرن گل حسن جي زندگيءَ کي ھڪ نئون رُخ ڏنو ۽ قديم آثارن ۽ عمارتن ۾ سندس دلچسپي وڌي، جنھن کيس سنجيدگيءَ سان ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اُتساھيو. مون کي ياد آھي تہ تن ڏينھن ۾ موئيدان واري علائقي ۾ ڪجهہ پٿرن تي قديم نشانين نظر اچڻ جو ذڪر جڏھن ھڪ ٻئي جاکوڙي دوست بدر ابڙي سان ڪيم تہ ھُن گل حسن سان گڏ اُتي وڃڻ جي خواھش ڏيکاري. مون سندن ملاقات ڪرائي ڇڏي ۽ پوءِ ٻنھي جي جوڙي پنھنجي ڪم کي لڳي وئي.

اُڻويھ سئو اسيءَ واري ڏھاڪي ۾ ئي گل حسن ھڪ ٻيو اھم ڪم ڪيو ھو. تن ڏينھن ۾ سندس وابستگي ترقي پسند پارٽيءَ سان ٿي وئي ھُئي ۽ ھُن وڏي جاکوڙ ڪري ڪراچيءَ جي ڳوٺن ۾ وڃي اُتان جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ھڪ وڊيو رڪارڊنگ ڪئي ھُئي. ھڪ ڏينھن گل حسن مون وٽ اچي پھتو ۽ حال اوريندي چيائين تہ مسئلو دستاويزي رپورٽ جي ايڊيٽنگ ۽ وائس اوور جو آھي. اسان ان جو حل بہ ڳولي ورتو. مان، گل حسن ۽ اطلاعات کاتي جي ھڪ خاتون آفيسر روزانو لياريءَ جي ھڪ کُڏيءَ جھڙي اسٽوڊيو ۾ ڪيترن ئي ڏينھن تائين فلم جي ايڊيٽنگ ۽ وائس اوور رڪارڊ ڪرائيندا رھياسين. جڏھن ڪم مڪمل ٿيو تہ ڪئسيٽ کڻي وڃي لانڍي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر قادر مگسيءَ کي رپورٽ ڏني سين. طئہ ٿيو تہ ٻاھرين ملڪن جي سفارتڪارن کي دعوت ڏئي سندن موجودگيءَ ۾ دستاويزي فلم ھلائي پاڻيءَ جو مسئلو عالمي سطح تي کڻبو. پر افسوس اُھو ڏينھن اڄ تائين ڪونہ آيو.

گل حسن ڪلمتي ۽ منھنجي حياتيءَ جي گڏجي ڪيل سفرن جون گهڻيون ئي ننڍيون وڏيون ڪھاڻيون آھن. اسان جو سفر جاري رھيو. ٻنھي جو مِشن ساڳيو ھو پر زندگيءَ جي مصروفيتن سبب واٽون ڌار ڌار ٿي ويون. مٿي ذڪر ڪيل دور ۾ بي بي سيءَ تان رضا علي عابديءَ جو دستاويزي پروگرام ’شير دريا‘ جي نالي سان نشر ٿيندو ھو، جيڪي سندس سنڌوءَ جي سفر دوران وستين واھڻن، ماڻھن ۽ سندن رھڻي ڪھڻي وغيرہ بابت مشاھدي تي مشتمل ھو. گل حسن اُھو پروگرام نہ رُڳو باقاعدگيءَ سان ٻُڌندو ھو پر ڪئسيٽن تي رڪارڊ بہ ڪندو ويندو ھو. اڳتي ھلي ھُن اھا سموري دستاويزي رپورٽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي. رضا علي عابديءَ جو اھو سنڌوءَ جو سفر اردوءَ ۾ شير دريا جي نالي سان 1992 ۾ ڇپيو جڏھن تہ گل حسن بہ اُن جو سنڌي ترجمو ڇپرايو، جنھن جو سال مون کي ياد ناھي، پر مان سمجهان ٿو تہ اُھو اھم ڪتاب سندس زندگيءَ جو پھريون ڪتاب ھو.

گل حسن جي باقي زندگي بہ سنڌ ۽ بلوچستان جي سفرن ۽ جهنگ جبلن کي جهاڳيندي ۽ سفرنامن جي شڪل ۾ تحقيقي مضمون لکندي گذري. ائين سفر ڪندي گل حسن ھڪ نئين سفر تي روانو ٿي ويو آھي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close