محترم سردار شاھ صاحب!
محترم محمد اسماعيل راھو صاحب!
جيئن تہ سردار شاھ صاحب اوهان سنڌ جي تعليم کاتي ۽ اسماعيل راھو صاحب يونيورسٽين ۽ بورڊن جو کاتو سنڀالي رھيا آھيو. ھڪ پراڻو ۽ منجھيل مسئلو آهي، جنھن ڏانھن اوھان جو ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿو سمجھان. جيڪو ھڪ ٻن ڏهاڪن کان ڪراچي ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ طرفان نائين ۽ يارھين درجي جي سنڌي مضمون پڙھندڙ ٻارن سان ھر سال در پيش آھي. ھي مسئلو منھنجي خيال ۾ ڄاڻي ٻجھي ڪيو پيو وڃي. پر بورڊز وارا ان جو سبب اڻڄاڻائي ظاھر ڪري رھيا آھن.
جيئن تہ ٻولي ايڪٽ جي روح مطابق نائين درجي جي سنڌي مادري زبان ڳالھائيندڙ ٻار کي اسڪول ۾ ”سنڌي نارمل“ پڙھائڻي آھي ۽ اھو ئي ٻار ڪاليج ۾ پھچي يارھين درجي ۾ ”آسان اردو“ پڙھندو ۽ ٻارھين درجي ۾ وري ”سنڌي لازمي“ کڻندو آھي. ھاڻ ٿئي ھيئن ٿو، تہ نائين درجي ۾ ”سنڌي لازمي“ بجاء ”آسان سنڌي“ سنڌي توڙي غير سنڌي (جن جي مادري زبان سنڌي نه آھي ) ٻولي ڳالھائيندڙ ٻار کي ھڪ ئي وقت استاد گڏي پڙھائي ٿو. ”سنڌي نارمل“ جو ڪتاب (ڪورس) نه پڙھائڻ پٺيان ٻيو ڇا بہ ھجي، پر ”سنڌي لازمي“ پڙھندڙن لاء الڳ استاد ۽ ڪلاس جو بندوبست ڪرڻ لازمي آهي، جيڪو ان اسڪول جي انتظاميه کي ڪرڻو آهي. انتظاميا وري پئسا بچائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عدم دلچسپي خاطر ھڪ ئي ڌڪ سان، ٻنھي کي پڙھائي پنھنجي جان ڇڏائي ٿي. اگر اتفاق سان ڪو ٻار ضد ڪري ”سنڌي نارمل /لازمي“ کڻي به ٿو، تہ گھڻن اسڪولن ۾ کين پڙهايو ئي نٿو وڃي.
ھڪ سنڌيءَ جي ڪاليجي استاد سان اھڙو واقعو پيش اچي سگھي ٿو، تہ عام پڙھيل ۽ اڻ پڙهيل والدين سان ڇا وهندو واپرندو ھوندو!؟ اھا سوچڻ جي ڳالھ آهي. 2018ء ۾ منھنجي پنھنجي پٽ جو جڏھن ھڪ اسڪول مان نائين درجي جو ڀريل امتحاني فارم مون وٽ صحي لاءِ آيو، تہ انھي فارم ۾ ”سنڌي نارمل يا لازمي“ بجاءِ ”آسان سنڌي“ لکيل ھجي. مون انھيءَ کي ڊاھي، سنڌي لازمي يا نارمل لکي صحي ڪري فارم اسڪول انتظاميا کي موڪليو، تہ کين ڪاوڙ لڳي. ھنن مون کي گھرائي، چيو، تہ ”ميٽرڪ بورڊ وارا ان تي اعتراض واريندا ۽ سنڌي نارمل جو سبجيڪٽ بورڊ ۾ آھي ئي ڪونه!“ جنھن تي مون کين چيو تہ ”آئون ٻار کي پاڻ تياري ڪرائيندس، اوھان استاد سان اٽڪيون مٽڪيون نه ڪريو. اوھان فارم موڪليو، مان ڄاڻان بورڊ ڄاڻي!“ اتفاق سان جڏھن ايڊمٽ ڪارڊ مليو، تہ ان ۾ ڇا ڏسان ، تہ سنڌي نارمل بجاء آسان سنڌي نظر آيو. جنھن جو مطلب منھجو پٽ انٽر ۾ سنڌي نه کڻي. وري بورڊ آفيس وڃي اھو مسئلو حل ڪرايم . خير سان نائين جا امتحان ٿي ويا، ننڍڙي سنڌي نارمل جو پيپر ڏنو. ڪجھ مھينن ۾ رزلٽ آئي، ۽ مھيني اندر مارڪس شيٽ به پھتي. ڇا ڏسان، تہ اتي وري به سنڌي نارمل بجاء آسان سنڌي! ڏسي حيران پريشان به ٿيس، تہ ڪاوڙ به آئي. نيٺ ڪنٽرولر سان ملي انھيءَ مسئلي جو حل به ڪڍرائي آيس.
شاھ صاحب ۽ راھو صاحب، ڏسندا وڃجو، ڳالھ اڃان پوري نہ ٿي آھي! اھڙي ئي قسم جو مسئلو وري انٽر بورڊ وارا ھر سال (بظاھر اڻڄاڻائيءَ ۾) ڪري رھيا آھن. جيڪو خاص ڪري، يارھين درجي جي شاگردن سان پيش اچي ٿو.
آءٌ فرسٽ ايئر جي شاگردن کي ”آسان اردو“ پڙھائيندو آھيان. جيڪي انٽر ۾ ”سنڌي لازمي“ کڻندا آهن. ھيل انھن کي امتحاني فارم جمع ڪرائڻ بعد کان اڳ تاڪيد ڪيم، ته ھو نه رڳو فارم خيال سان ڀرين پر آسان اردوءَ واري خاني ۾ خيال سان ٽِڪ ✓ به ڪن. ۽ پاڻ وٽ انھيءَ جي ڦوٽو ڪاپي به رکن، تہ جيئن وقت سر ڪم اچي! منھنجي چوڻ تي ٻارن ايئن ئي ڪيو، پر وري به جڏهن 25/26 جون کان کين ايڊمٽ ڪارڊ مليا ته انھن ۾ آسان اردو بجاءِ اردو نارمل لکيل ھو. اردو نارمل اھو شاگرد پڙھندو آھي، جنھن جي ماءُ ٻولي سنڌي ناھي. ايڊمٽ ڪارڊ اچڻ کان پوءِ، ٻار تمام گهڻو پريشان ٿي ويا. منھنجي ڪجھ شاگردن مون کي اھي امتحاني سلپون واٽس اپ ڪيون، جيڪي اوهان کي ثبوت طور موڪليان ٿو.
پر قبلا! ڳالھ/ مسئلو اڃان ھتڙي ختم نٿو ٿئي، بھرحال جيئن تيئن ڪري استادن، والدين کي وٺي جڏھن ھو (شاگرد) بورڊ مان درست به ڪرائي ٿا اچن ته کين موڪليل سينٽرن تي جزوي طور تي ڏاڍي ڏکيائي پيش اچي ٿي. ھي مسئلو يارھين درجي جي بوائز توڙي گرلز (شاگردن) کي پيش ڪيترن ئي ڪاليجن جي شاگردن کي درپيش آھي ۽ جن پنھنجا ايڊمٽ ڪارڊ پڻ ثبوت طور واٽس اپ ڪيا. مون کي اھا شڪايت ڪافي شاگردن ۽ سندن والدين ڪئي، تہ اتي کين تنگ بہ ڪيو پيو وڃي. ڪنھن کي ڪلاڪ اڌ دير سان آسان اردوءَ جو پيپر ته ڪنھن کي ڪاوڙ ڪندي چيو ويندو آهي،تہ « اردو نارمل پيپر ڏيڻو اٿو، تہ ڏيو ، اسان وٽ آسان اردو وارو پيپر ڪونھي. ايئن ڪيترائي ٻار خوف ۽ پريشانيء کان آسان بجاء نارمل پيپر جيئن تيئن ڪري، ھِن ھُن کان پڇي ،ڏسي نہ پڙھيل نصاب جو پيپر ڏئي ايندا آهن. جيڪا ھڪ وڏي ناجائزي يا منھنجي خيال ۾ سازش آهي.
جناب اسماعيل راھو صاحب ۽ جناب سردار شاھ صاحب!
مان توھان ٻنھي صوبائي سربراھن ۽ سنڌي ٻوليء جي با اختيار اداري کي گڏيل گذارش ٿو ڪريان، تہ ھن ڏس ۾ ڪراچي شھر جي سنڌي لئنگئيج ٽيچرس ۽ سنڌيء جي ليڪچرارن، سنڌي مضمون کڻندڙ شاگردن ۽ سندن والدين سان، سنڌي ٻوليءَ/ مضمون سان درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪو سنجيده قدم کڻن. ھاڻ ڪراچيءَ ۾ سنڌي پڙھندڙن جو تعداد تيزيءَ سان وڌيو آهي. ھي نج سنجيده ۽ ٻوليءَ جي بقا جو مسئلو آهي. ھن مسئلي ۽ مامري کي ان وقت جي چيئرمين بورڊ محترم پروفيسر انعام صاحب اڳيان ڪجھ سال اڳ مون ۽ ڪامريڊ سجاد ظهير سولنگيءَ رکيو ھيو، پر ڪو خاطر خواهه جواب ئي نه مليو، نہ ئي ڪو مثبت نتيجو نه نڪتو.
اھو ئي ڪارڻ ھيو، جو مون اوھان جي حضور ۾ ساڳيو مسئلو اخبار ذريعي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صاحبو! ھن قسم جي ديرينه پريشانيءَ کي ڏسي ڪري مون کي خيال اچي ٿو، تہ ڪيڏو نه بھتر ٿي ويندو اگر ڪراچي شھر ۾ ھڪ نئين ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جو قيام ممڪن ٿي پوي. ڪراچي ھن وقت ستن ضلعن تي مشتمل ٻن کان ٽن ڪروڙن جي آبادي رکندڙ ملڪ جيڏو شھر آھي. ان ۾ سوا کان ڏيڍ لک داخل شاگردن کي ھاڻ ھڪ بورڊ صحيح نموني سان سنڀالي نٿي سگھي. ناظم آباد جھڙي علائقي ۾ پري پري کان مثال طور: گلشن حديد جيڪو علائقو ٻنھي بورڊن کان تقريبن پنجاھ ڪلوميٽر پري آھي. ان کان علاوه معمار ڪامپليڪس به اوتروئي ڏور آھي. اوھان ٻنھي کي ھڪ نئين بورڊ لاءِ پڻ ڪوششون ڪرڻ گھرجن.
(عوامي آواز ۽ ليکڪ جي ٿورن سان)