سنڌ جون نئيون (حصو: ٻيو)

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل

تُني نئن: هيءَ جاگير (غيبي ديري) جي مشهور نئن آهي. جبل مان نڪري جڏهن ٻاهر ميدان تي اچي ٿي، ته خوبصورت منظر پيش ڪري ٿي. هن نئن اندر کڏو يا کاهي کوٽڻ سان ستن اٺن فوٽن تي صاف شفاف ٿڌو پاڻي نڪري ٿو، جنهن کي مقامي ماڻهو ’سِمڙو‘ چون (ڇو ته اهو پاڻي جر مان تڪڙو سِمي سِمي گڏ ٿيندو آهي)، اهو پاڻي کپي وڃي، ته پنجن منٽن کان پوءِ وري اوترو ئي پاڻي سمي نڪري ٿو. ماڻهو ۽ مال هتان پاڻي پيئندا آهن. هن نئن جي ڏکڻ ۾ ’خاتون جي لڪي‘ آهي.

ٽوڀو چشمو: ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ڏاڙهياري جبل جي اولهه ۾ ڪڙي تي واقع آهي. هيءُ چشمو سڄو سال هتان جي آباديءَ کي پاڻي رسائي ٿو، جنهنڪري چوڌاري ساوڪ اٿس. سائين ۽ سيتا نئن هن چشمي کي پاڻي رسائين ٿيون.

ٺپي ڍوري: ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ واقع هيءَ نئن ڪڪر لڪ جي ڀرسان ڏکڻ ۾ وهي ٿي. هن ڍوريءَ جي ٻنهي ڪنارن سان ڪهوءَ جا وڻ گهڻا ٿين ٿا. روايت آهي ته ڪنهن زماني ۾ ڍوريءَ جي ڀرسان ڪهونءَ جي هڪ وڻ هيٺان ڪنهن ماڻهوءَ کي زخمي ڪيو ويو. جنهنڪري ڍوريءَ تي ٺپي نالو پيو. جابلو ٻوليءَ ۾ ٺپي ’زخميءَ‘ کي چون. هن ڍوريءَ جي اولهه ۾ ٽاڪرو ۽ ڪجهه پوٺا علائقا آهن. وسڪاري جي موسم ۾ چڱي آبادي ٿئي ٿي. هيءَ ڍوري پري کان خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿي.

پپري نئن: هي نئن تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشوري ۾ وهي ٿي. پپري نئن 200.66 م. م سراسري برسات جو پاڻي پوڻ تي 82،104،052 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن 409.17 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضي آباد ڪندي آهي.

جنجهو نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل مان، ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ، ڏکڻ- اولهه کان نڪري ٿي. هيءَ نئن گهڻو ڪري آڌيگام نئن سان پوروڇوٽ وهي ٿي. هن ۾ ڪيتريون ٻيون نئيون اچي داخل ٿين ٿيون. هيءَ نئن 12 ڪلوميٽرن جو پنڌ طئي ڪري رڻ ڪڇ جي ڀرواري ميدان ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

جهانگرڪِي نئن: هيءَ ننڍڙي نئن، سيوهڻ تعلقي جي مشهور ڳوٺ جهانگارن وٽان وهي هلي ٿي.بدر ابڙو’> بدر ابڙو لکي ٿو ته نئن جهانگرڪي هڪ سرشتو آهي، جيڪو گبربند جي ٻئي ڇيڙي وٽان بڊي جبل جي وچ مان شروع ٿئي ٿو. هيءَ نئن برسات جي مند ۾ لڪيءَ وارن جبلن مان وهي ايندي آهي، ۽ جهانگارن وٽان منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئن تي ٿوري گهڻي آبادي ٿيندي آهي.

بازو ڍوري: ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ واقع هيءَ نئن ڪڪر لڪ جي اولهه ۾ گڏوگڏ گذري ٿي. هيءَ ڍوري ڪڪر لڪ جي پيرن کان هڪ ٻانهن جيان گذري ٿي، جنهنڪري هن کي ’بازو ڍوري‘ چون ٿا. هن تي چڱي آبادي ٿئي ٿي.

چتراسر نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل جي اڀرندن ڏونگرن جي وچ ۾ وڏي نئن آهي ۽ ننگرپارڪر شهر کان اوڀر طرف وهي ٿي. ٻولڙائي، فورگريئرين ۽ مهرو ڪولهي نئيون ملي چتراسر نئن کي جنم ڏين ٿيون. اتر اولهه ۾ وهندڙ هن نئن جو وهڪرو سنئون سڌو ۽ تانگهو آهي، ڇيڙي وٽ اتر کان ڏکڻ ڏانهن مُڙي ٿي. هيءَ نئن اٽڪل 5.5 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري راڻپور ڳوٺ جي سڌي ميدان ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي.

چکاري نئن: ٿاڻي بولا خان جي شهر مول جي ڀرسان وهندڙ هيءَ نئن، نئن مول جي ڇاڙهه آهي، جيڪا نئن مول مان ڇڄي وهي ٿي. هن نئن جي ڪنڌيءَ ڀرسان ڪيترين ئي قديم گول قبرن جا آثار موجود آهن. هيءَ نئن برسات جي مند ۾ وهندي آهي.

دُڙٻ نئن: هيءَ نئن ديهه جاگير-6، چڪ-8، يو. سي غيبي ديري ۾ واقع آهي. هيءَ نئن ڪاڇي ۾ وڏي آبادي ڪرائيندي آهي. هن نئن جي ڀرسان جابلو ٽڪريءَ جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي ’دڙٻ‘ جو مشهور مقام ۽ ’ٽوپي‘ ٽڪري واقع آهن. هيءَ نئن لاکاڻي جبلن جا طوق پار ڪري بلوچستان جي ڪرو چڪوءَ کان برسات جي موسم ۾ پاڻي کڻي اچي ٿي، پانڌي گهاري، ڪڙهه ٻرڙا ۽ ٻين علائقن کي سيراب ڪري ٿي. چون ٿا ماضيءَ ۾ هي نئن پنهنجي تيز وهڪري سبب ڪيترائي ماڻهو لوڙهي ايندي هئي. تنهنڪري هن نئن جي ڀرسان ڪو به ڳوٺ آباد نه آهي. البت ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي ٽڪرين مٿان مينهون خان چانڊيو، ڌڻي ڏنو خان چانڊيو ۽ شهيد نظام الدين چانڊيو ڳوٺ آباد آهن.

دُلان نئن: جاگير، تعلقي قمبر جي وڏين نئين مان هڪ آهي. هن نئن ۾ مختلف هنڌن تان نئن شهار، نئن ڪيهر جي، نئن راڌ، نئن سگهرو ۽ نئن سالاريءَ جو پاڻي پوي ٿو. هن تي ڪاڇي جي تمام سٺي زرعي آبادي ٿئي ٿي. هن جي اولهه ۾ ’سگهرو نئن‘ آهي.

ڌوپا نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري، ننگرپارڪر شهر جي ڏکڻ طرف کان وهي اڳتي وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. هن بيت ۾ پارڪريءَ ۾ هڪ بيت به آهي ته:
ڌوپا ويڇي ڌار، ڀٽياڻي ڏوجهي ڀلي،
پاڻي تڻهون نه پار، اُرڙاٽا ڪري اُوتريَ!

ڏيسوئي نئن: هيءَ ڪوهستان تعلقي ٿاڻي بولا خان جي نئن آهي، جيڪا کير ٿر مان نڪري، ٿاڻي بولا خان شهر ۽ ڌماچ ڳوٺ وٽان ٿيندي، ٽڪ مڪان وٽ ختم ٿئي ٿي. ڪوهستان ۾ ٻيون ننڍيون ننڍيون نئيون گهڻي تعداد ۾ آهن. ڏيسوئي نئن 174.24 م. م سراسري برسات پوڻ تي 53,153,654 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهنڪري هن نئن تي 305.06 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.
ڊرگهه نئن: هيءَ نئن ٿاڻي بولا خان جي شهر مول، وٽان وهندڙ ’نئن مول‘ جي هڪ شاخ آهي، جنهن کي ’نئن ڊرگهه‘ چون ٿا. هن نئن جي ڪناري سان قديم دور جي چٽساليءَ جا آثار ۽ ڪجهه ڀڙا ۽ چٽساليءَ وارا پٿر ملن ٿا، قديم زماني جي گول قبرن جا نشان به ملن ٿا، جن مان شخاڻي بٺي ۽ پبڙ ماڳ وڌيڪ مشهور آهن.

ڍڍر نئن: هي نئن لاکاڻي جبل مان نڪري ٿي ۽ برسات جي موسم ۾ جهجهو پاڻي کڻي اتر ڪاڇي جي اڀرندي حصي کي آباد ڪري ٿي. ڍڍر نالو اصل ۾ ’دهن درهه‘ جي بگڙيل صورت آهي. ’دهن درهه‘ نالي سان گندا واهه جي اولهه ۾ هڪ ماڳ پڻ آهي. ان لفظ جي معنيٰ آهي ’ماٿريءَ جو منهن‘. ڍڍر نئن، تعلقي شهدادڪوٽ، جي ستين ۽آخري آزاد نئن آهي. ان جي اولهه ۾ کير ٿر جابلو سلسلي جي هڪ مشهور چوٽي ’ڪڪريون‘ آهي. جاگير تعلقي قنبر جي هيءَ نئن سنگاس چانڊين جون زمينون آباد ڪري ٿي.

سالاري نئن: هيءَ نئن ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه کان 20 ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي. هيءَ نئن گاج نئن جي اتر ۾ تعلقي جوهيءَ جي ڪاري جبل مان نڪري ٿي. برسات جي مند ۾ ٻنا ڀرائيندي آهي. هن نئن تي ڪافي آبادي ٿيندي آهي. ڏسڻ ۾ هن نئن جو نظارو به گاج نئن جهڙو آهي. نئن سالاري هڪ پراڻي نئن آهي. حڪيم عبدالحميد چانڊيي لکيو آهي. هيءَ نئن سڀني نئين جي ماءُ آهي. هن مان ڪيتريون ڇاڙهون ۽ نئيون نڪرن ٿيون. جيڪي ٽي لک ايڪڙ کن زمين آباد ڪرائين ٿيون. بعد ۾ اچي ايف- پي بند ڀرسان ڇوڙ ڪن ٿيون. ساڳيءَ طرح اهو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿو. منڇر ڍنڍ کان پوءِ اڙل ذريعي پاڻي وڃي سنڌونديءَ ۾ پوندو آهي. نئن سالاريءَ مان جيڪي نئيون ۽ ڇاڙهون نڪرن ٿيون، تن جو تفصيل هن طرح آهي: (1) نئن ڀرڳڙ،(2) سُڪَ نئن، (3) مير محمد جي ڇاڙهي، (4) لڌاڻن جي ڇاڙهي،(5) حملاڻن جي ڇاڙهي، (6) لغارين جي ڇاڙهي، (7) نئن بجاري،(8) عيداڻن جي ڇاڙهي، (9) مسواڻن جي ڇاڙهي، (10) ڦيراڻن جي ڇاڙهي ۽ (11) تل جون ڍوريون. مٿيون نئيون ۽ زمين چانڊين جي جاگير هئي. 1120هه/ 1708ع ۾ چانڊين جي سردار، سردار خان ولد سردار غيبي خان گهڻو حصو ميان يار محمد ڪلهوڙي کي ڏنو ۽ سالاري نئن واري زمين جو ڪجهه حصو لڌاڻي رئيسن جي وڏي ڏاڏي رئيس صوبدار خان گاڏهي لڌاڻيءَ کي ڏنو هئائين. هن نئن جي پيٽ ۾ ڪٿي ڪٿي ننڍا ننڍا ڪنب آهن، جن مان ماڻهو ۽ مال پاڻي پيئندو آهي. هيءَ نئن ڪيترن ئي هنڌن تي وروڪڙ کائي وهي ٿي. ڪي وڪڙ 90 ڊگرين جا به آهن، اهڙن وڪڙن کي ڪُنڊ چون ٿا. اهڙيون ڪنڊون ڪوهستان ۾ کوڙ آهن. جيئن کزاڻي واري ڪنڊ، شيرو ڪنڊ، درٻاڻِ ڪنڊ ۽ ٻيڙو ڪنڊ. هي نئن به گاج وانگر ٻارنهن ئي مهينا وهي ٿي. هن نئن جي پيٽ ۾ ڪيترائي ڪنب آهن، جن ڪري هتان جو پاڻي فصلن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اهڙن ڪنبن ۾ ڪِني ڪنب، سرو ڪنب، شمون هود ڪنب، ڀري ڪنب، کزاني ڪنب، وڙو ڪنب، چاڪر ڪنب، نينگري ڪنب، نيلنگ ڪنب ۽ رحمي ڪنب مشهور آهن. هتي ڪيترا ڍورا به آهن، جيئن: تيري، ٻرڪي، سور چوهڙ، ڊڦڻ ڍوري، سهراب فقير واري ڍوري، مسو واري ڍوري، سيحون واري ڍوري، نيلنگ واري ڍوري، گوڪ لوپ، ڪِٿي ٿانگو، تري چوٽي، بهڻ ڍوري، لاها ڍوري، گوهر لڪي ڍوري مشهور آهن. هن نئن جي ڪناري سان ڪيترائي قديم آثار به آهن، جن مان چاڙهه وارو ڍورو، کزاني واري بٺي، چٽي ڪوهه I، چٽي کوهه II، در واري ڍوري ۾ چٽسالي وغيره.

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل


سنڌ جون نئيون (حصو: پھريون)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close