سنڌ جون نئيون (حصو: ٽيو)

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل

سائينءَ جي نئن: هيءَ نئن، برسات ۾ ڏاڙهياري جبل جي اولهه پاسي کان شروع ٿي اتر- اوڀر رُخ ۾ گڙڪاٽ ڪندي هلي ٿي ۽ سونٺ وٽ جبلن مان نڪري ڪاڇي جي ان حصي ۾ پوي ٿي، جيڪو نقشي ۾ بلوچستان جو علائقو آهي. هن نئن ۾ کير ٿر جي چوٽيءَ تان ڪريل ڇِپون ڀَريون پيون آهن. هن نئن جي ٻنهي ڪنڌين سان هنڌ هنڌ ڦٽل ۽ قديم آبادين جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

سگهرو نئن: هيءَ نئن قمبر تعلقي جي ديهه ’مجاهڙ‘ ۽ ’ڊاڍ‘ کان علاوه جاگير جا ڪيترائي جابلو ۽ ڪاڇي جا علائقا آباد ڪري ٿي.هيءَ نئن شاهه گودڙئي جي مزار کان ٽي چار ڪلوميٽر اولهه کان گذري ٿي.

سودراڻ نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل مان نڪري ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ اولهه ۾ ڇهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي وهندي، 15 ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

سوراچند نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي ۽ ننگرپارڪر شهر کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر مان وهي، منڍ ۾ ٻن ڪلوميٽرن تائين ڪاسٻي واري نئن جي پوروڇوٽ وهي ٿي، تنهن کانپوءِ اوڀر طرف مُڙي وڃي رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هڪ ٻي نئن اتر اولهه کان اچي 12 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري، هن ۾ داخل ٿئي ٿي. هيءَ نئن رڻ جي آسپاس ۽ سوراچند ڳوٺ جي اتر مان لنگهي ٿي.

سورهي نئن: هي نئن تعلقي جوهيءَ ۾ گاج جي ڏکڻ وارين نئين مان هڪ آهي. وڏي ويڪري نئن آهي ۽ هن تي ڪافي آبادي ٿئي ٿي. هن نئن جو اصل نالو شوري آهي. جيئن ته هيءَ نئن شور ڪري وهندي آهي، ان ڪري شوري نئن نالو پيو اٿس. جڏهن اٿلي وهندي آهي، ته ٻنا لوڙهي ويندي آهي. هي نئن اتاهين جبل کان لهندي آهي، هن نئن جي پيٽ ۾ ڪيترا ننڍا ننڍا ڪنب آهن، جن ۾ مڇي مرندي آهي. هيءَ نئن 200.66 م. م سراسري برسات پوڻ تي 90،210،716 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن سبب 449.57 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي آباد ڪندي آهي.

سونگل ڍورو/ نئن: سونگل نالي هڪ ڍورو سونگل ديهه مان گذري سهراب ڳوٺ لڳ بکر گبول ڳوٺ وٽان لياريءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن وقت مختلف رهائشي اسڪيمن کي زمين الاٽ ڪري هن ڍوري جي وجود کي ختم ڪيو پيو وڃي. سهراب ڳوٺ کان ابوالحسن اصفهاني روڊ تائين جيڪو پهريون ڍورو اچي ٿو، اهو ئي ’سونگل ڍورو‘ آهي، جنهن جي ئي پيٽ ۾ کاٻي هٿ تي ابوبڪر شيخاڻي ميمڻ باڙا مارڪيٽ اڏي وئي آهي. اڳتي هڪ ٻيو ڍورو ’ڙي وارو ڍورو‘ (جيڪو هاڻي گٽر نالو بنجي ويو آهي) به سونگل علائقي مان اچي ليمي گبول ڳوٺ وٽ لياريءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.

سيتا نئن: هيءَ نئن، ديهه ڪوهستان جي سڀ کان مشهور نئن آهي ۽ پنهنجي وجود ۾ سوين وروڪڙ رکي ٿي. هر وڪڙ ۾ وڏيون جابلو ٽڪريون ۽ جبل اٿس، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نالي سان منسوب آهن. هيءَ نئن هڪ قدرتي ڦاٽ مان، ڏاڙهياري جبل کان لهي پينئرو ۽ ڪڪر جبلن سان وراڪا ڏئي هلي ’ميري ڍنڍ‘ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
هيءَ نئن ٻارهوئي وهندڙ آهي، جنهن تي جابلو ماڻهو آبادي ڪندا آهن. برساتن جي موسم ۾ هيءَ نئن خوبصورت ماٿرين مان نانگ وڪڙ کائيندي نظر ايندي آهي. هن جابلو نئن تي قديم آثارن ۽ ماڳن جي قدامت مان اندازو ٿئي ٿو ته هيءَ نئن ’ٻڌ‘ دور سان واسطو رکي ٿي، ’سيتا‘ ٿي سگهي ٿو ٻڌمت واري دور جي ڪا وڏي رتبي واري عورت هجي. مشهور ڌرمي داستان ’رامچندر ۽ سيتا‘ جو هن ڪردار سان ڪو سنٻنڌ آهي يا نه، اهو به تحقيق طلب آهي. هن نالي سان ديهه ڪوهستان ۾ ’سيتا جي ڏاٺ‘ جبل ۽ ڦٽل دڙو به آهن. ميهڙ ۽ ڏوڪري تعلقن ۾ به هن نالي سان پراڻا ڳوٺ ۽ پڊ واقع آهن.
دادو ضلعي ۾ ’سيتا‘ نالي سان ريلوي اسٽيشن به آهي، جيڪا هينئر ’رحماني نگر‘ جي نالي سان سڏجي ٿي. سيتا نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 65.546،478 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن تي 573.46 چورس ڪلو ميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.

سڪ نئن: هيءَ نئن اصل ۾ گاج جو پراڻو وهڪرو آهي، جيڪو هاڻي سُڪي ويو آهي، ان ڪري هن کي سڪ نئن سڏين ٿا. جڏهن گاج اڀرندي طرف وهندي هئي ته سڪ واري هن سُڪل وهڪري سان وهندي هئي. تير ڀت ٺهڻ سبب گاج جو وهڪرو تبديل ٿيو ته پراڻو وهڪرو به سُڪي ويو. هاڻي نئن گاج جو اضافي پاڻي ۽ موسمي برسات جو پاڻي، جڏهن جبلن کان لهي ٿو ته هيءَ نئن وهي هلندي آهي.

سول نئن: هن کي ’شول نئن‘ به چوندا آهن. گاج نئن جي منهن ڀرسان جابلو علائقي مان برسات سبب وهي ايندي آهي. هن نئن کي گاج جو وهڪرو به ڀرتو ڪري ٿو ۽ گاج ۽ سول گڏجي وهڻ شروع ڪن ٿيون. موجوده وقت ۾ نئن سول جي قديم وهڪري کي ’گاج‘ چيو وڃي ٿو. برساتن جي مند ۾ گاج ۽ شول جو گڏيل وهڪرو ڏکڻ ۽ پوءِ ڏکڻ- اوڀر طرف وهندو منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.

شانهر نئن: نئن شاهنر تعلقي قنبر- شهدادڪوٽ جي تعلقي غيبي ديري جي حدن اندر کيرٿر جابلو سلسلي ۾ آهي. هي نئن ڏاڙهياري سلسلي جي ٽڪرين کان ٿيندي، اونهاڙ ڪن وٽ نئن دلان سان ملي ٿي. هن ئن ۾ ٻيون به ڪيتريون نيون، ڍورا ۽ ننڍا ننڍا وهڪرا ملي شانهر نئن کي وڏي وهڪري جي صورت ۾ وهائين ٿا. هن سان ملندڙ نين ۾ نئن ڪيهرجي، نئن مکي، نئن راڌ، نئن سالاري ۽ نئن سگري اهم آهن. شانهر نئن جي ڪپ تي موجود ’ڪونڊي‘ نالي ڇپرن ۾ قديم چٽن جو سلسلو ملي ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته هتي قديم زماني جي ماڻهن جي چڱي خاص آوند راوند هئي.
ڦوڳڙياڻي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي. ’ڦوڳڙي‘ ڪولهين جو هڪ پاڙو آهي، جنهن پٺيان هن نئن تي اهو نالو پيو آهي. هيءَ نئن چتراسر جي ٻي شاخ آهي ۽ ڪنهن حد تائين ٻولڙائيءَ جي پوروڇوٽ وهندي آهي. هيءَ نئن ڏکڻ اوڀر رخ ۾ 1.5 ڪلوميٽر وهي ٿي تنهن کانپوءِ اوڀر رخ ۾ منو ڪلوميٽر کن وهي ٻولڙائيءَ نئن سان گڏجي چتراسر سان ملي ٿي. هيءَ تمام ننڍڙي ۽ سوڙهي نئن آهي.

ڪاسٻي واري نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر مان، ننگرپارڪر شهر کان 4.5 ڪلوميٽرن مفاصلي تان نڪري ٿي. هيءَ نئن ڏکڻ اوڀر رخ ۾ وهندي، ڳوٺ ڪاسٻي جي ڀرسان ڇوڙڪري ٿي.

ڪڪڙاني نئن: هيءَ نئن واهي پانڌيءَ (ضلعي دادو) کان اولهه ڏکڻ طرف، نئن نريءَ کان ڏکڻ ۽ نئن انگئيءَ کان اتر طرف آهي. هليلي نئن جي ڏکڻ طرف ساڪر وارو علائقو ڪڪڙاني سڏبو آهي. هيءَ تراکڙي ماٿري آهي. جنهن مان برساتي پاڻي جلد خارج ٿي ويندو آهي. نامور محقق بدر ابڙي موجب هن نئن ۾ ڪي قديم ماڳ ۽ آثار به ڏٺا آهن.

ڪلو کوهر نئن: هي تعلقي ٿاڻي بولاخان جي ننڍي نئن آهي. هيءَ نئن ڪوهستان جي کيرٿر جي جابلو سلسلي کان وهي، ڪلو کوهر وٽ پهچي ٿي. هيءَ نئن به زرعي آبادي ڪرائي ٿي. سپر هاءِ وي ٽپي هُن پار ختم ٿئي ٿي. هيءَ نئن 200.66 م. م سراسري برسات پوڻ تي 167،533،040 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن سبب 834.91 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.

ڪنڊ نئن/ مهير ڍورو نئن: ڪنڊ نئن واحد نئن آهي، جيڪا اولهه کان اوڀر ۽ بعد ۾ اوڀر کان اتر طرف وهي ٿي. هي مهير جبل (ڪراچيءَ) جي پنيلڌي ۽ بکر ڳوٺن لڳ مهير جي اتر کان وهي، مهير ڳوٺ ۽ مٺي ڪانڙي وٽان هڪ ڍوري جي شڪل ۾ وهي ٿي. مهير جبل تان وهي اچڻ ڪري هن کي ’مهير ڍورو‘ به چيو وڃي ٿو.ڳوٺ ٿوهر ڪانڙي لڳ مهير ڍورو، اوچين چوٽين تان هيٺ لهي وڏو چڪر ڪاٽي اوڀر پاسي وهڻ لڳي ٿو. هتي ڍوري جو پيٽ وسيع آهي. هتي هڪ غار ۽ پپر جو وڻ آهي، جيڪو هندن جو قديم آستان آهي. ڍوري جي ڪناري تي کوهه به موجود آهي، جنهن مان مشين وسيلي پاڻي حاصل ڪري زراعت ڪئي ويندي آهي. مهير ڍورو اڳتي هلي سوڙهو ٿيندو وڃي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسي مهير جبل جون چوٽيون آهن. مهير ڍوري ۾ انهيءَ جاءِ تي ٻارهو پاڻي موجود هجي ٿو. ’ميرڪي اتڙي‘ کان اڳتي هن ڍوري ۾ هڪ هنڌ پاڻيءَ جو وڏو ڪُن آهي.

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل


سنڌ جون نئيون (حصو: ٻيو)

سنڌ جون نئيون (حصو: پھريون)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close