جانڻ سوچي رهيو هيو ته آخر ڇوڪري مان هو ڪيئن جند ڇڏائي؟ هن کي ڪجهہ به سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. مون کي پنهنجي قيامت ڪاري ناهي ڪرڻي، آءُ ننڍو ٿي وڏو هن حويلي ۾ ٿيو آهيان. پوءِ مان ايئن ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ ايئن ڪرڻ کان اڳ خدا ماري ته سٺو.. زهر کائڻ سٺو… پر سيدن جي شان ۾ ڪڏهن به گستاخي نه ڪندس.. مان وڃان ته ڪاڏي وڃان!؟ ٻه دفعا سائين وڏي کي چيو اٿم ته سائين مون کي هاڻي موڪل ڏيو ته مان وڃان، هاڻي منهنجو هن حويليءَ ۾ رهڻ سٺو نه آهي، پر سائين مڃي ئي نٿو. نيٺ وڃان ته ڪاڏي وڃان، هيڏانهن باھ هوڏانهن ڀِتِ.! جيڪر سائينءَ وڏي کي چئي ڏيان ته سائين تنهنجي نياڻي مون کي تنگ ٿي ڪري، چھنڊيون ٿي هڻي، جنهن ڪري مان وڃان ٿو، مان توهان جو دشمن ڪيئن ٿيندس!؟
”واھ سائين واھ! چئبو ته دنيا کان بي خبر پنهنجي ڌُن ۾ ويٺو آهين..“ هن حويليءَ جي ٻي نوڪر هادن، جانڻ کي خيالن جي دنيا کان ٻاهر آڻي ڇڏيو.
”هادن مان پريشان آهيان مون کي تنگ نه ڪر..“
”پريشان! صفا چريو آهين، هيڏي حويلي ۾ ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا توکي پريشان ڪري رهي آهي؟ عيش عشرت، مريدن جا ڏوڪڙ، پوءِ به تون پريشان آهين!؟“
”ها، هادن مان پريشان آهيان.“
”پر ڇو… ۽ ڇا جي ڪري!؟“
”منهنجي جواني منهنجي پريشاني جو سبب آهي.“
”جواني! جواني به ڪنهن کي پريشان ڪيو آهي ڇا؟“ هادن ٽهڪ ڏيندي چيس، ”مان به ته جوان آهيان، کڻي تنهنجي چمڙي مون کان اڇي آهي.“
”اها اڇي چمڙي ئي ته آهي، جنهن مون کي پريشان ڪيو آهي.“
”آخر ڳالھ ڇا آهي جانو؟“
”يار ڪابه ڳالھ ناهي، بس منهنجي توبهن آهي توبهن۔۔“ جانڻ نڪ مهٽيندي چيس.
”نٿو ٻڌائين ته وڃي کڏ ۾ پئُه رڳو ٿو توبهون ڪرين، ڄاڻ چريو ٿئين۔۔“ هادن ڪمري مان نڪرندي جانڻ کي چيو.
جانڻ کٽ تي پاسا ورائيندو رهيو، گهڻي دير تائين ڇتِ کي تڪيندو ۽ سوچيندو رهيو، پر هن حويليءَ مان نڪرڻ جي ڪا واھ ئي ڏسڻ ۾ نه آيس. جانڻ سائين وڏي جي اجازت کان سواءِ وڃڻ نه پيو گهري، ڇو ته هو اڪثر چوندو هيو ته جنهن سائين وڏي جي نافرماني ڪئي، اهو جهنمي آهي ۽ جانڻ جهنمي نه پيو ٿيڻ چاهي.
ڪافي رات گذري چڪي هئي، جانڻ اڃا جاڳي رهيو هو، هن ايئن محسوس ڪيو ته ڪو ماڻھو هن جي ڪمري ڏانهن وڌي رهيو آهي، هن پنهنجيون اکيون در ۾ کپائي ڇڏيون، جيڪو اڃا تائين کليل هيو، سڪينه کي ايندو ڏسي هن جي بُت مان ساھُ ڇڏائجي ويو. هو هينئر هڪ لاش لڳي رهيو هو،ل.. ان لاش مثل، جنهن جو موت ڪنهن خوف وچان ٿيو هجي. هو صرف سڪينه کي تڪي رهيو هيو، جيڪا هن جي کٽ تي پهچي چڪي هئي.
”ڏس جانڻ تنهنجي محبت مون کي اڄ تائين ڏاڍو جلايو آهي، اڄ محبت ئي هيسيتائين اچڻ تي مجبور ڪيو آهي، تون ساٿ ڏي ته آءُ هيءَ حويلي به ڇڏي توسان هلنديس.“
سڪينه جانڻ کي چيو، جيڪو اڃان تائين بُت بڻيو پيو هيو…
”جانڻ! هن سيني ۾ جيڪا باھ ٻري رهي آهي، ان کي تون ئي وسائي سگهين ٿو. خدا واسطي صرف هڪ دفعو پنهنجي ٻانهن ۾ مون کي جهلي ايڏو زور ڏي، ايڏو زور ڏي جو آءُ تنهنجي جسم سان هڪ ٿي وڃان.“
سڪينه نِوِڙي جانڻ کي چُمي ڏني، جانڻ جي بدن ۾ بجلي ڊوڙ کاڌي، هن جا چپ خشڪ ٿي چڪا هئا، هو ٽِپُ ڏئي کٽ تي اٿي ويٺو۔ سڪينه پنهنجون ٻانهون جانڻ جي ڳچيءَ ۾ وجهي جانڻ کي ليٽايو ۽ لڳاتار چميون ڏيندي رهيس، جانڻ جي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي، هو ایئن محسوس ڪري رهيو هو ته مان جهنم جي هيٺين طبقي ۾ وڃي رهيو آهيان. جانڻ سڪينه جي ڀاڪر مان پاڻ ڇڏائي ڪمري مان نڪري ويو، دل ۾ آيس ته رڙيون ڪري دنيا وارن کي ٻڌايان ته هڪ پاڪ حويليءَ ۾ اڄ ڇا ٿي رهيو آهي، پر سائين وڏي جي بدنامي جي ڪري چپ ٿي ويو.
سڪينه جنهن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون، جنهن جي چپن جي گرمي پري کان محسوس ڪري پئي سگهجي. سينو هُن جو اُڀري آيو هيو، سڪينه ٻنهي هٿن سان سيني کي مهٽڻ شروع ڪيو، اندر مان هڪ آھ نڪتس، گرم آھَ، ”اڙي جانڻ شل تون به مون وانگر جلندو رهندين.“
ڪمري کان ٻاهر نڪري سڪينه آس پاس جو جائزو ورتو ۽ سڌو حويليءَ اندر هلي وئي. جانڻ جيڪو ڪمري کان ٻاهر اڱڻ ۾ وڻ جي اوٽ ۾ بيٺو هيو، تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ در اندران بند ڪري ڇڏيو.
سج ڪافي چڙهي چڪو هو، پر جانڻ جي ڪمري جو در اڃا اندران بند هيو، معمول موجب سائين وڏو پسار ڪندو اچي نڪتو.
”ڇو جانڻ اڃان تائين سُتو پيو آهي؟ رات ڪاڏي ويو هيو هو ڇا؟“ سائين وڏي جانڻ جو در بند ڏسي هادن کي چيو، جيڪو ڪُتر هڻي رهيو هو.
”سائين خبر ناهي.. مان جاڳايانس ٿو.“ هادن ڪُتر جي مشين مان هٿ ڪڍندي چيو.
هادن گھڻو ئي در کڙڪايو، پر اندران ڪو به جواب نه مليس، هن کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته جانڻ سڏ ڇو نٿو ڏئي؟ يا رات ڪو نشو ڪيو اٿائين؟ هادن در جي وِٿيءَ مان ڏٺو، هن کان رڙ نڪري وئي،“ادا جانڻ تو هي ڇا ڪيو.” هادن ڊوڙندو سائين وڏي وٽ آيو.
”سائين………. سائين! جانڻ ڇتِ ۾ ٽنگيو پيو آهي.“
”ڇا!؟“ سائين حيرت وچان وراڻيو.
”ها سائين جانڻ مري ويو!“ هادن روئيندي چيو.
سائين در جي وٿي مان جانڻ کي ڏٺو، جيڪو ڇت ۾ ٽنگيو پيو هو، سائين گهڻي سوچ ڊوڙائي پر کيس خبر نه پئجي سگهي ته جانڻ خودڪشي ڇو ڪئي آهي؟ سائين وڏي پوليس گهرائي ورتي. پوليس دروازو ڀڃي جانڻ جي لاش کي هيٺ لاٿو، گهڻي ڪوشش باوجود پوليس کي ڪوبه اهڙو ثبوت نه ملي سگهيو، جنهن سان جانڻ جي خودڪشي جو پتو پئجي سگهي. ڊاڪٽر رپورٽ ڏني ته ذهني دٻاءَ سبب خودڪشي ڪئي وئي آهي. پوليس کي ۽ وڏي سائين کي اها ڄاڻ پئجي نه سگهي ته جانڻ کي ڪهڙو سخت دٻاءُ هيو…!؟ ڀلا سائين ۽ پوليس کي سُڌ پئي به ڪيئن، جانڻ ته سور اندر ۾ سمائي هليو ويو، جيڪو سدائين جهنم جي باھ کان ڊڄندو هيو.
”بابا شل ڪاريءَ تي پير پوئي.“ سڪينه اندر ۾ پيءُ کي پاراتا ڏيڻ لڳي. سوچي رهي هئي ته منهنجي شادي بابو ڪرائي هان ته مان جانڻ کي ڇو تنگ ڪريان هان، جانڻ منهنجي تنگ ڪرڻ تي خودڪشي ڪئي آهي، بابو قاتل آهي، جانڻ جو، منهنجو، منهنجي جذبن ۽ تمنائن جو. سڪينه اندر ئي اندر ۾ روئي رهي هئي، هوءَ سوچي رهي هئي ته ان خون ۾ مان به شامل آهيان، مان به قاتل آهيان. پر نه………. قاتل ته بابو آهي، مان ته مجبور هيس، مان پنهنجن حسرتن کي ڪيئن برباد ڪريان، اندر ۾ جيڪو طوفان پيدا ٿي چڪو آهي، ان کي روڪڻ منهنجو وس ته نه هيو، منهنجي دل ۾ به پيار آهي، مان به چاهيان ٿي ته ڪو اهڙو هجي، جيڪو مون سان ويهي ٻه پيار جا ٻول ٻولي ۽ منهنجي جذبن کي ٿڌو ڪري، جيڪي سالن کان منهنجي سيني ۾ اڀري رهيا آهن، جيءُ جلائي رهيا آهن.
اڄ جانڻ کي مهينو گذري چڪو آهي، سڪينه ڪمري جو در بند ڪيون اندر ويٺي آهي، سڪينه جي ذهن ۾ اڃا تائين جانڻ جو سهڻو چهرو، ڪاريون اکيون، گهنڊيدار وارَ، اڏول جسم هن جي اکين ۾ سمايل هيو، هو سوچي رهي هئي ته آخر هاڻي ڇا ٿيندو؟ مان ائين ئي مري وينديس، مون سان ڪو سور سلڻ وارو آهي ئي ڪونه، جانڻ چڱو هيو، پر……. پر جانڻ مون کي ڇا ڏنو؟ جانڻ به ته منهنجي سيني اندر لڳل باھ کي سمجهي نه سگهيو هو.
سڪينه سوچي سوچي آخر ٿڪجي پئي هئي، آخر هن هڪ ڳالھ سوچي ورتي، هن جو منهن گلاب جي گل وانگيان ٽڙي پيو، ڳل خوشي وچان ڳاڙها ٿي پيس. پر جانڻ وانگيان هو به انڪار ڪري ته پوءِ؟ سڪينه اهو سوچي مايوس ٿي وئي. نه مون کي مايوس نه ٿيڻ کپي، مان ڪوشش ڪنديس پوءِ جيئن هوندو نصيب الله ڀلي ڪندو، صرف رات ٿئي مان پنهنجو ڀاڳ آزمائينديس.
رات ڪافي گذري چڪي هئي، سياري جون سرد هوائون هر جسم کي ٿڌو بڻائي رهيون هيون، هر ڪو ساھ وارو سيءَ کان لڪل هيو، مڪمل خاموشي ڇانيل هئي، صرف آواز هيو ته هوا جو، آواره هوا، تڙپائيندڙ هوا جو.. هادن ڪمري اندر سوَڙِ ۾ سيءَ کان لڪل هيو، هو گھري ننڊ ۾ ستل هيو. هادن ٽپ ڏئي اٿيو، هن جو در آهستي کڙڪي رهيو هيو.
”ڪير آهي؟“ هن سوڙ هٽائيندي چيو.
هادن کي ٻاهران ڪو به جواب نه مليو. هادن در کوليو هن جون اکيون ڄمي ويون، هو سوچي به نٿي سگهيو ته سڪينه هتي ايندي، هن کي خبر هئي ته حويلي اندر سواءِ مرحيات جانڻ جي ٻيو ڪو به نه ويندو هيو ۽ نه ئي ڪا عورت حويلي کان ٻاهر نڪرندي هئي، هن خواب سمجهيو، اکين کي جڏهن زور سان مهٽيائين تڏهن خبر پيس ته خواب نه پر حقيقت پيو ڏسان. هو بي ساهو بڻجي چڪو هو، اکيون ٽِڪَ ڪري سڪينه کي ڏسي رهيو هيو، جيڪا هن جي بستري تي ويهي چڪي هئي.
”سائنڻ توهان…….“ هن همٿ ڪري پڇيس.
”ها، هادن ڀرسان ويھ تو سان ٻه چار ڳالهيون ڪرڻيون آهن.“
”ڪهڙيون ڳالهيون!؟“
”تون ويھ ته ٻڌايانءِ ٿي.“
هادن ڪجھ به نه سمجهي سگهيو، هو آهستي آهستي اچي کٽ تي ويٺو، هن جا حواس هن جو ساٿ تڏهن ئي ڇڏي ويا، جڏهن سڪينه اٿي ڪمري جو درُ بند ڪيو.
”سائنڻ….. سائنڻ هي توهان ڇا ڪري رهيون آهيون؟“ هادن ڊپ وچان وراڻيو، پر اڃا هو ڪجھ به نه سمجهي سگهيو هو.
سڪينه کٽ تي هادن ڀرسان ويهي رهي، هادن سُرڻ جي ڪوشش ڪئي پر، هو هينئر سڪينه جي ٻانهنِ ۾ اچي چڪو هيو، هن ۾ اها همٿ نه هئي جو هو سڪينه کان پاڻ ڇڏائي ڀڄي، جيڪا هن کي چميون ڏئي رهي هئي.
”منهنجي اندر ۾ باھ ٻري ٿي، منهنجو اندر جلي ٿو، ان کي وسائڻ لاءِ تو وٽ آئي آهيان هادن.“
هادن ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو، هادن جي بدن ۾ چرپر ٿيڻ لڳي، هن جون اکيون به ڍريون ٿينديون ويون، چپ خشڪ ٿي چڪا هيس، سخت سياري هوندي به هادن جو بدن پگهر ۾ شم ٿي چڪو هيو، هادن جو خون ان وقت تيز تيز ڊوڙڻ شروع ڪيو جڏهن سڪينه جا چپ هن جي چپن سان مليا ۽ هن جا چپ سڪينه جي چپن ۾ هيا. هادن جون ٻانهون ازخود سڪينه ڏانهن وڌيون ۽ هينئر ٻئي هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ هيا، ڪمري اندر سنهن سنهن آوازن سان گڏ گرم گرم ساھَ هيا، مٺڙا مٺڙا درد ۽ سور هيا. هو هڪ ٻئي کي ائين چنبڙي پيا هيا ڄڻ کٽ تي هڪ جسم ستل هجي۔۔
گهڙي کن کانپوءِ هڪ سرد آھَ سڪينه جي اندر مان نڪتي، اها آھ جيڪا هن جو اندر ٺاري رهي هئي، هوءَ لڳاتار ٿڌا ساھَ کڻي رهي هئي، هن جون اکيون وڌيڪ ڍريون ٿي رهيون هيون. سڪينه هڪ دفعو هادن کي زور سان پاڻ ڏانهن ڇڪيو. هڪ مٺو درد هن جي اندر مان اڀري ٻاهر آيو ۽ گهڙيءَ کن کانپوءِ ٻئي جسم ساڻا ٿي پيا. سڪينه کي ڪا خبر نه هئي ته هوءَ ڪٿي آهي، هن جي اندر ۾ جيڪا خوشي اڄ پيدا ٿي هئي سا هن کي پنجويهن سالن تائين محسوس نہ ڪئي ھئي. هوءَ گھڙي کن بي ساهي بت وانگر کٽ تي ليٽيل رهي ۽ پوءِ سڪينه اُٿي.
”هادن آءُ سڀاڻي به اينديس.“ هوءَ ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي، اڄ سڪينه جا چال ڇڙواڳ هرڻي وانگر هئي، جيڪا خوشي وچان ڇال ڏيندي رهندي آهي.
هادن هاڻي سوچيو ۽ دل ئي دل ۾ پشيمان ٿيڻ لڳو، توبهون ڪرڻ لڳو. ڪيڏي وڏي غلطي ڪئي آهي، قيامت ڪاري ڪري ڇڏيم، اڳتي اهڙي غلطي نه ڪندس، سڀاڻي اچي ته جهليندومانس. هو سڄي رات سوچي رهي هو، سڪينه ۽ حويلي جي ٻين ڀاتين تي.
هادن سڄو ڏينهن به سوچيندو رهيو. اڄ رات مان جواب ڏيندو مانس ته ”سائنڻ مون کان اهو گناھ جو ڪم ڪونه ٿيندو، جيڪو ڏوھ ڪيم سو مولا ٻاجھ ڪري بخشيندو. آخر بندو گندو آهي، خطا جو گهر آهي۔۔۔“ هادن پڪو پھ ڪيو ته اڄ رات جهليندومانس. پر جڏهن رات جو ڪمري ۾ هوءَ داخل ٿي، در بند ٿيو، تہ ھادن سڪينه کي ڪجھ چئي نه سگهيو، وري به جسم هڪ ٿي چڪا هيا. ۽ هاڻي هر رات ايئن ٿيندو رهندو هيو.
سڪينه جي دل هاڻي ڪچي ٿيڻ لڳي، ڪڏهن الٽيون ته ڪڏهن اوڪارا، هن کٽي شيءِ کائڻ شروع ڪئي. هن کي پنهنجو پيٽ وڏو ٿيندو ڏسڻ ۾ آيو ۽ پيٽ ۾ ڪنهن شيءِ جو چرڻ هن محسوس ڪري ورتو. هوءَ مايوس ٿي وئي. هاڻي ڇا ٿيندو. هو سوچي رهي هئي، رات هادن سان ڳالهائينديس ڪونه ڪو رستو ضرور تلاش ڪري وٺندو، آخر مرد آهي سڄو ڏينهن ٻاهر ٿو گذاري.
”هادن مون کي پيٽ ٿي پيو آهي، هاڻ هل ته هن حويلي مان نڪري هلون.“ سڪينه رات جو هادن کي چيو.
هادن کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو. ”نه سائنڻ مان اهيو ڪم نه ڪندس، باقي سڀاڻي دوا وٺي ايندس، الله رحم ڪندو.“
سڪينه اڄ دوا جي آسري تي حويلي ۾ واپس آئي، پر دوا به فرق نه ڏيکاريو. سڪينه جو پيٽ هاڻي ڪافي وڌي چڪو هيو، پر هادن حويلي مان غائب هيو. حويلي اندر سڪينه جي وڌندڙ پيٽ سائين وڏي ۽ وڏي بيبي کي پريشان ڪري رکيو هو، هنن سمجهيو ته ڇوڪري کي جلپندڙ جي بيماري آهي. پر جڏهن وڏي بيبي ٻار چرندي محسوس ڪيو ته هن جا حواس خطا ٿي ويا، هو ذري گھٽ بيهوش ٿيڻ واري هئي ۽ جڏهن سائين وڏي کي اها خبر پئي ته سائين وڏو سوچ ۾ پئجي ويو. هاڻي منهنجي عزت خاڪ ۾ ملي ويندي، مريدن ۾ ڪهڙو منهن وٺي ويندس. هن کي ڪابه ڳالھ سمجھ ۾ نه پئي آئي ته هو ڇا ڪري. سائين وڏو پيٽ اندر لڪل ٻار ۽ سڪينه تي ڪاوڙيل هيو، پر هو سڪينه کي ڪجھ چئي نه پيو سگهي. ڇو ته خبر هيس مون پنهنجي پير تي ڪهاڙو پاڻ هنيو آهين. سائين وڏي کي اها به خبر پئجي وئي ۽ سمجهي ويو ته جانڻ خودڪشي ڇو ڪئي ۽ هادن غائب ڇو آهي. سائين وڏو عزت بچائڻ لاءِ سوچي رهيو هيو ته عزت ڪيئن بچائجي ۽ هيءَ ڳالھ به حويلي کان ٻاهر نه نڪري. سائين نيٺ فيصلو ڪيو ته رات پنهنجي هٿن سان پنهنجي ڌيءُ جو ڳلو گهٽيندُس ۽ هميشه لاءِ بدنامي کان بچي ويندس.
رات ٿي چڪي هئي، سڪينه ڪمري اندر لڇي ڦٿڪ.ي رهي هئي، هن جو بدن سور ڪري رهيو هو، پيٽ اندر مئل ٻار پنهنجو زهر ماءُ جي جسم ۾ داخل ڪري چڪو هو، جيڪو گهڻين دوائن کائڻ ڪري مري ويو هو. سائين وڏو سڪينه جي ڪمري اندر داخل ٿيو پر سڪينه ته اڳ ئي مري چڪي هئي، سڪينه جا چپ ڪارا ٿي چڪا هيا، بدن ڪاراٽجي ويو هيس ۽ بسترو سڄو رت سان ڳاڙهو ٿيل هو، سڪينه جو پيٽ وڏو ٿي چڪو هيو، سائين وڏي هڪ ڀيرو سڪينه تي نظر وڌي جيڪا هن جي گهٽن ڏيڻ کان اڳ ئي مري چڪي هئي. پوءِ هن آسمان جي طرف ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو نظرون ڪمري جي ڇت تائين محدود رهيون. سائين وڏي ٿڌو ڇوڪارو ڀريو. هن کي پنهنجي عزت بچندي محسوس ٿي.
حويلي ۾ نه روڄ هيو نه راڙو، بلڪل خاموشي هئي ۽ حويلي جي اڱڻ ۾ کوٽيل هڪ قبر ۾ ٻه لاش دفن ڪيا ويا! حويليءَ جو راز حويليءَ جي اڱڻ ۾ ئي دٻجي ويو ۽ حويليءَ جي عزت، حويليءَ اندر ئي بچي وئي.
(6 آگسٽ 1985)