سال 1988 ھو، مان نئون نئون انٽر پاس ڪري ريلوي جي نوڪريءَ ۾ آيو ھيس ۽ نئون نئون ڪتابَ پڙھڻ جي شروعات ڪئي ھيم، ڪتابن جي موھيندڙ دنيا ايتري ته ڀانءِ پئجي وئي ھئي جو مان ھاڻ ھر شئي کي ڪتابن جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لڳو ھيم.. منھنجي ڳوٺ تي انھن ڏھاڙن ۾ تمام گهڻي پير پرستي ڇانيل ھئي، جيئن ئي ڪو فصل لھندو ھو، گمبٽ جي جيلاني پيرن ۽ ڪوٽ مير محمد جي لڪياري سيدن کي خبر پئجي ويندي ھئي.. لڪياري سيد گهوڙن تي چڙھي اچي ڳوٺ پھچندا ھيا ۽ انھن لاءِ بھترين کٽن تي بھترين رلھيون وڇائجي وينديون ھيون.. ڳوٺ جا غريب مريد ويچارا پَٽ تي چادر وڇائي ھٿ ادب جا ٻڌي پيرن مرشدن جي سامھون اچي ويھندا ھئا ۽ ھر ڪوئي پنھنجي حيثيت آڌار اَنَ جا ٻاچڪا ڀري سائين جي حضور ۾ پيش ڪندا ويندا ھيا، تان جو سائينءَ کي پنھنجي گھران ٻه گھوڙا ٻيا به گھرائڻا پئجي ويندا ھيا.
مون کي ياد آھي ته انھن پيرن ۽ مرشدن ڪڏھن به پنھنجي مريدن کي ڪا سٺي تلقين ڪانه ڪئي، نه ئي ڪا دعا ڏني ھئي، بس ويھي پنھنجي ابن ڏاڏن جي ڪرامتن جا قصا ايئن ٻڌائيندا ھيا ڄڻ اھي ھيا ئي اصلئون جنتي. اھڙي ئي ڪنھن مند ۾ وري اسان جو چيف پير ۽ دستگير سائين گمبٽ وارو به نياپا اماڻيندو ھيو ته فلاڻي ڏينھن اوھان جي ڳوٺ اچبو، ڏنَ جو انتظام ڪري رکجو. ۽ اھو انتظام ان ڏينھن ايئن ڪيو ويندو ھيو جو سائينءَ وڏي جي جيپ جيئن پريالوء جو شھر ٽپي ڪوٽ پل جي ويجهو پھچندي ھئي ته اسان جا ٻروچ ڪٽڪن جا ڪٽڪَ ڪري سائين جو انتظار ڪندا ھيا، سائين جن جي اولڊ ٽائيپ جيپ جيئن نظر ايندي ھئي ته عقيدت مند مريدن جا ھُوڪرا پئجي ويندا ھيا ۽ بوڇڻيون ھوا ۾ لھرائيندا اھي مريد سائينءَ جي جيپ جي اڳيان ۽ پوئتان پيادل ڊڪڻ لڳندا ھيا ۽ ڪچن رستن تان وڏي ڌڌڙ اڏامڻ لڳندي ھئي، جنھن ڌڌڙ کي ڏسي ڳوٺ وارا سڀن کي سڏ ڪري ٻڌائيندا ھيا ته سائين جن جي، ”دين جي ٻيڙي“ بس ڳوٺ پھچڻ واري ئي آھي. اھو تقريبن 5 ڪلوميٽرن تائين جو فاصلو ائين ئي ھُوڪرن ۽ مولودن جي گونجَ ۾ طئي ٿيندو ھيو.
منھنجي (آئي) بي انتھا پير پرست ھئي، ھر سال ’گاجي شاھ کوسي‘ جي درگاھ تي حاضري ڀرڻ ويندي ھئي، اھو گاجي شاھ، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو معتقد، ساٿي، خاص مشير ۽ سپھہ سالار ھو، ڪاڇي ۾ اتر کان ڏکڻ يعني جوھيءَ کان وٺي سيوھڻ تعلقي جي نئنگ واري علائقي تائين ۽ اوڀر ۾ منڇر کان وٺي گجري جبلَ تائين کوسا آباد ھيا. ان ڪري گاجي شاھ کوسي کي ميان نصير محمد ڪلھوڙي ٽنڊي رحيم واري لَڪَ جو نگھبان مقرر ڪيو ھو، جتي گاجي شاھ ھڪ مسجد، پاڻي پيئڻ لاءِ ھڪ کوھ ۽ اٽي پيھڻ لاءِ ھڪ جانڊھ جوڙائي ته جيئن ايندڙ ويندڙ مسافر، قافلن ۽ واپارين کي ڊاٻو ڪرڻ مھل تڪليف نه ٿئي.
سو ڳالھ پئي ھلي گمبٽ جي پيرَ جي، جنھن جي جيپ آڏو مريد پنھنجون بوڇڻيون ھوا ۾ لھرائيندا سائين کي ڳوٺ وٺي ايندا ھيا، جتي سائينءَ لاءِ اسپيشل کٽَ، اسپيشل رلھي ۽ ان جي ڀڪَ ۾ ڏنَ جو اَنُ ۽ ٻيا کوڙ ساترا ڳوٺاڻا تحفا جمع ٿيندا رھندا ھيا، تان جو شام تائين سائينَ جي جيپ ٽُٻ ڀرجي ويندي ھئي. اھو سلسلو ھر ڇھن مھينن بعد پيو ڦرندو ايندو ھو، ڪڏھن سارين جي سَٽَ مھل سائين پھچي ويندو ھو ته ڇھن مھينن بعد وري ڪڻڪ جي ديري مھل سائينءَ جي آمدَ جا ھوڪرا پئجي ويندا ھيا.
منھنجو گمبٽ جي ان چيف سيدزادي سان مشھور جهيڙو ان سال ٿيو، جڏھن مان انٽرميڊيٽ ڪري يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جي تياري ڪري رھيو ھوس. ھڪ شام مان جيئن جو گهر واپس آيس ته منھنجو ڪمرو جيڪو گهر جي دروازي جي ڀڪ ۾ ھيو ۽ ان جو ٻاھريون دروازو کولائي سائين گمبٽ وارا منھنجي کٽَ تي رلي وڇرائي بالم ٿي براجمان ھيا. مان جيئن پنھنجي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سائين جن منھنجي وي سي آر تي ڪا انڊين فلم ڏسي رھيا ھيا ۽ ويچارا مريد ھيٺ پَٽَ تي ويٺل ھيا، مان سائينءَ سان ھٿ ملائي ڀڪ ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويھي رھيس ته سائينءَ حڪم ڪري چيو، ”ڇورا.. ھيٺ پَٽَ تي ويھ“ مون چيو ”ڇو سائين.. اسان جا نبيﷺ ته پنھنجي صحابين سان پَٽَ تي ويھي ڪچھريون ڪندا ھيا“ ان تي سائينءَ جو چھرو ڳاڙھو ٿي ويو ۽ رڙ ڪري چيائين ”ڇورا مون سان وات ٿو ويڙھائين.. ھيٺ ويھين ٿو يا….“ ۽ ان يا کان پوءِ مون کي بلڪل بہ ڪجهہ ياد نہ رھيو تہ ھُو ڪو پير آھي ۽ مان ڪو مريد آھيان، ڀِتِ جي ڀڪ ۾ پيل سروٽو جو وھائي ڪڍيو مانس ته پيشائيءَ مان رت ٺيندا ڪري وھڻ لڳس…
منھنجا پنھنجا ٻروچ ۽ سائينءَ جا مريد اوچتو مون مٿان چڙھي ويا ۽ مون کي ان ڪمري مان ٻاھر ڌڪي آيا ۽ گهر ۾ ٽپائي دروازو بند ڪري ڇڏيائون…. ان واقعي بعد اھو پير وري اسان جي ڳوٺ نه آيو.. پيرن کان سدائين جي لاءِ جان ئي ڇٽي پئي.
چوڻ جو مطلب اھو ته اھي پيرَ ميرَ جيڪي اسان جي سنڌ جا اصلوڪا رھواسي آھن ئي ڪونه، ڪو ايران جي گيلان شھر مان آيو ته گيلاني ٿي ويو. ھن مھل جڏھن اسان جو يار شوڪت نوناري، سکر جي سائنڻ عائشه ڌاريجو ۽ ٻي سڄي سنگت ان ويڙھ ۾ ھراول دستي جيان معصوم مقتول فاطمه ڦرڙو جو ڪيس وڙھي رھي آھي، ۽ اسان جي سنڌ جو آسمان اھو به ڏسي رھيو آھي ته سڀئي پيرَ جيڪي سڏائن ته پاڻ کي سيد ٿا پر انھن جا پرڪارَ يزيدي رھيا آھن ۽ اھي ھن مھل ھڪ مُٺُ ٿي انھيءَ مختصر حسيني ٽولي اڳيان لشڪر ٺاھي بيھي رھيا آھن، جنھن ۾ سنڌ جي مٿين ليول جي پوري انتظامي مشينري وڏي زرداريءَ جي حڪم بعد ھڪ مُٺ ٿي سرگرم ٿي وئي آھي.
مون بي انتھا اذيت وچان سائين شبير پيئاڪ جي اھا پوسٽ پڙھي آھي، جنھن ۾ ھن معصوم فاطمہ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ کي سنڌي ويس ڏئي اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آھن. معصوم نينگريءَ سان بي پناھ ظلم ٿيو آھي، ڏھن سالن جي معصوم نياڻيءَ سان بدترين رئپ ٿيڻ جون رپورٽون آڏو آيون آھن… راڻي پور اسپتال جو ڊاڪٽر ميمڻ پنھنجي سڄي ڪيريئر تي ڪارنھن مَلَي پيرن جو ساٿاري ٿيو ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ پيرن کي ڪلين چٽ ڏيئي ثابت ڪيائين ته ھن پنھنجي ڊاڪٽري پيشي سان به پيرن جيان گينگ رئپ ڪيو آھي. اھڙن ڪردارن کي سنڌ ھاڻي پنھنجي رت ھاڻين اکين سان چتائي ڏسي رھي آھي ۽ انھن جا نالا مير جعفر جي لسٽ ۾ لکي رھي آھي.
ھن ڪيس کي اثرائتي نموني کڻڻ ۽ ظالمن جي ڪوٽن سان ٽڪرائجي پوڻ تي اسان سنڌ جي صحافين، اين جي اوز ۽ وڪيلن جي پوري ٽيم ڏانھن التجائي نظرن سان ڏسي رھيا آھيون ته انھن خونخوار ۽ رت پياڪ جانورن جي ويس ۾ گهمندڙ پيرن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪن. وڏو زرداري پاڻ کي حسيني شيعو سڏائيندو رھيو آھي مگر ھن جي گائيڊ لائين تي جيڪي بي روح بوتا معصوم فاطمہ جي ڪيس کي لوڙھڻ لاءِ بي شرمائيءَ جي آخري حدن تائين پھچي ۽ سندرو ٻڌي راڻي پور جي پيرن کي بچائڻ ۽ ھڪ معصوم نياڻيءَ جي خون کي لوڙھڻ لاءَ جھڙي نموني سان آڏو آيا آھن، اھا ڳالھ انسانيت کي ڏاڍو لڄائي رھي آھي. جن اھو ڪڌو ڪم ڪيو، ڇا انھن وٽ پنھنجيون نياڻيون نه آھن ۽ جيڪڏھن اھو سڀ ڪجهہ انھن جي نياڻين سان ٿئي ھا ته انھن جي ري ايڪشن ڇا ھجي ھا… مون کي نه ٿو لڳي ته اڄ جي ننڊ مان ڪرَ موڙي جاڳيل سنڌ انھن پيرن کي اڳتي اھو ڪجهہ ڪرڻ ڏيندي.. اڄ سنڌ جو ھڪ ھڪ ٻار، جوان، ٻڍو ظلم جي ان طلسم کي ڪيرائڻ لاءَ اتاولو نظر اچي رھيو آھي ۽ سچ ته اھائي اسان جي سچي سنڌ آھي، جيڪا وقت جي ڌوڙ ۾ پنھنجو لَٽيل چھرو ڌوئي ڪري وري جاڳي پئي آھي…
ھڪ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ قانوني ويڙھ جو آغاز ٿي رھيو آھي، جنھن ۾ اسان کي شوڪت، عائشہ، سھيل ميمڻ، ڊي آئي جي سکر (جيڪو پاڻ ھڪ ليکڪ ۽ دردمند دل رکندڙ آفيسر آھي) ايس پي خيرپور ۽ ٻي سڄي سنگت سان دلئون ساٿ ڏيڻو آھي ۽ انھن کي ڪنھن به قدم تي اڪيلو نہ ڇڏڻو آھي، جيئن سڀان ڪوئي به بگهڙ اگر ڪنھن معصوم نياڻيءَ ڏانھن اک ميري ڪري بہ ڏسي، تہ ان جي ھن کي ھمٿ ئي ڪانہ ٿئي.