ھڪ دفعي ھنس ۽ ھنسلي ھرِي-دوار جي خوبصورت ۽ من موھيندڙ ماحول مان ڀٽڪندي اجڙيل ۽ ويران ريگستان جھڙي علائقي ۾ اچي نڪتا.
ھنسليءَ ھنس کي چيو تہ ھي ڪھڙي ويران ۽ برباد علائقي ۾ اچي ويا آھيون؟ ھتي نہ تہ پاڻي آھي، نہ ساوا ٻوٽا ۽ نہ وري ٿڌي ھوا آھي، ھتي پنھنجو جيئڻ مشڪل ٿي ويندو؟
ڀٽڪندي ڀٽڪندي شام ٿي ويئي تہ ھنس ھنسليءَ کي چيو تہ ڪنھن بہ نموني اڄ جي رات گذاري وٺ، سڀاڻي صبح جو پاڻ ھري-دوار واپس موٽي ھلنداسين
رات ٿي تہ جنھن وڻ جي ھيٺ ھنس ۽ ھنسلي ترسيل ھئا، ان وڻ تي چٻرو (اُلُو) ويٺل ھو
اھو چٻرو رات جو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو
ھنسلي ھنس کي چيو ”ھتي تہ رات جو سمھي بي نٿا سگھون“
ھي چٻرو ڳالھائي رھيو آھي
ھنس وري ھنسلي کي سمجھايو تہ ڪنھن طرح رات گذاري وٺ، مون کي ھاڻي سمجهہ ۾ اچي ويو آھي تہ ھي علائقو ويران ۽ برباد ڇو آھي….؟ اھڙا چٻرا جنھن جاءِ تي رھندا، اھي ويران ۽ اجڙيل ئي ھوندا..
وڻ تي ويٺل چٻرو ٻنھي جي ڳالھ ٻول ٻڌي رھيو ھو
صبح ٿيو، چٻرو وڻ تان ھيٺ لھي آيو ۽ چيائين، ادا ھنس منھنجي ڪارڻ توھان کي سڄي رات تڪليف ٿي مون کي معاف ڪري ڇڏيو..
ھنس چيو، ڪا ڳالھ نہ آھي.. ادا توھان جي مھرباني
ايئن چئي، جيئن ھنس پنھنجي زال ھنسلي سان گڏجي روانو ٿيو، پويان چٻري رڙ ڪندي چيو ”اڙي ھنس منھنجي زال کي وٺي ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟“
ھنس ڇرڪندي چيو ”تنھنجي زال؟“
”اڙي ادا ھي ھنسلي آھي.. منھنجي زال.. مون سان گڏ آئي ھئي ۽ مون سان گڏ وڃي رھي آھي“
چٻري چيو ”خاموش، ھيءَ منھنجي زال آھي“
ٻنھي جي وچ ۾ جهيڙو وڌي ويو ۽ سڄي علائقي جا ماڻھو اچي گڏ ٿيا
ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻھو گڏ ٿي ويا ۽ آخر پئنچائت ڪوٺائي وئي.
پنج سرپنچ (چڱا مڙس) بہ اچي ويا ٻڌايو ڪھڙي ڳالھ تان جهيڙو آھي؟
ماڻھن ٻڌايو تہ چٻرو چئي ٿو تہ ھنسلي منھنجي زال آھي ۽ ھنس چئي پيو تہ ھنسلي ان جي زال آھي
تمام گهڻي بحث مباحثي ۽ سوچ ويچار کان پوءِ پنجن سر پنچن (چڱن مڙسن) ھڪ طرف اڪيلائيءَ ۾ وڃي صلاح ڪئي تہ اھا ڳالھ تہ روپئي تي روپيو صحيح آھي تہ ھنسلي ھنس جي زال آھي، پر ھنس ۽ ھنسلي ٿوري دير کان پوءِ ڳوٺ ڇڏي ھليا ويندا، جڏھن تہ چٻرو تہ اسان سان گڏ رھندو، انھي ڪري فيصلو چٻري جي حق ۾ ئي ٻڌائڻ گهرجي..
پوءِ پنجن سر پنچن پنھنجو فيصلو ٻڌايو ۽ چيو تہ سڀني ثبوتن ۽ گواھن کي ڏسندي ھي پئنچائت انھي نتيجي تي پھتي آھي تہ ھنسلي چٻري جي ئي زال آھي، جڏھن تہ ھنس کي ھينئر جو ھينئر ڳوٺ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو..
اھو ٻڌندي ئي ھنس حيران پريشان ٿي ويو ۽ روئڻ رڙڻ ۽ دانھون ڪرڻ لڳو ته پنچائت غلط فيصلو ڪيو آھي،
چٻري منھنجي زال ڦُري ورتي
روئندي رڙندي جڏھن ھنس روانو ٿيو تڏھن چٻري سڏ ڪيو ”اي دوست ھنس بيھ“
ھنس روئيندي چيو ”ادا ھاڻي ڇا ڪندين؟ زال تہ تو کسي ورتي، ھاڻي جان بہ وٺندي ڇا؟“
چٻري چيو نہ دوست ھي ھنسلي تنھنجي زال ھئي، آھي ۽ رھندي.. پر گذريل رات جڏھن آئون وڻ تي رڙيون ڪري رھيو ھئس، تڏھن توھان پنھنجي زال کي چيو ھو تہ ھي علائقو غيرآباد، برباد، اجڙيل ۽ ويران انھيءَ ڪري آھي، جو ھتي چٻرو رھي ٿو.. دوست! ھي علائقو غيرآباد، برباد، اجڙيل ۽ ويران انھي ڪري نہ آھي جو چٻرو ھتي رھي ٿو… ھي علائقو غيرآباد، برباد، اجڙيل ۽ ويران انھي ڪري آھي ڇو تہ ھتي اھڙا سرپنچ (چڱا مڙس) رھن ٿا، جيڪي چٻرن جي حق ۾ فيصلا ٻڌائين ٿا!
شايد 76 سالن جي آزادي کان پوءِ بہ اسان جي ملڪ جي بدحاليءَ جو بنيادي سبب اھو ئي آھي تہ اسان اميدوارن جي قابليت کي نہ ڏسندي، ھي اسان جي قوم جو آھي، ھي اسان جي علائقي جو آھي، ھي ڏاڍي مڙس جو ماڻھو آھي، ھي اسان جي پارٽيءَ جو آھي جي بنياد تي ھميشه پنھنجو فيصلو چٻرن جي حق ۾ ٻڌايو آھي..
پنھنجي ملڪ جي بدحالي ۽ پسماندگي جا اسين پاڻ بي ذميوار آھيون!
ھنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو: مٺو مل
ايڊٽنگ ۽ چونڊ: سنيل ٺاڪُريا