داستان گَو ھيءَ ڪھاڻي ھن ريت ٻڌائي ٿو، تہ جڏهن آئون شهر ۾ داخل ٿيس تہ ھر پاسي ھل ۽ ھنگامو متل ھو، ايستائين جو ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو.. شهر جا سڀ مرد، عورتون، پوڙها، جوان ۽ ٻار هٿ ۾ ڪا نہ ڪا شيءِ کڻي ان کي وڄائي رهيا هئا. شهر جي رستن ۽ گهٽين ۾ ھڪ شينهن وائڙن وانگر ڪڏهن هڪ پاسَي تہ ڪڏهن ٻي پاسي ڊوڙي رهيو هو. هن جيڏانھن بہ منھن ڪيو ٿَي، اتي دُھل وڄائيندڙ ميڙ کيس وڪوڙي ٿَي ويو. ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڊڪڻ ڪري شينهن ايترو تہ بدحواس ٿي ويو، جو نيٺ شهر جي چوڪ وچ ۾ ڦان ٿي ڪِري پيو.
آوازن جي وسندڙ پٿرن کان بچڻ لاءِ هن پنهنجو مٿو پنھنجي گوڏن ۾ دٻائي ڇڏيو، پر آواز لڳاتار مٿس ڪڙڪندا رهيا ۽ آهستي آهستي منجهس لھندا رهيا. شهر جا ماڻهو هاڻي هن جي چوڌاري گڏ ٿي ويا هئا ۽ مسلسل دُھل وڄائي رهيا هئا. جنھن جي هٿ ۾ جيڪا بہ شيءِ ھئي، ھو ان کي زور زور سان وڄائي رهيو هو. ان گوڙ ۾ ڪا ڳالھ ڪنين ڪانہ ٿَي پئِي.
شينھن ڪڏهن لاچاريءَ جي حالت ۾ پنهنجو منھن مٿي ڪري ۽ ڪڏھن وري آوازن جي لپاٽن کان گهٻرائي گوڏن ۾ ھڻِي پئي ڇڏيو. آهستي آهستي هن جي حالت بدلجڻ لڳي ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ ايئن لڳو تہ ڄڻ هن جي وجود مان هڪ گدڙ پيدا ٿي رهيو آهي، پوءِ آهستي آهستي هن جي وجود مان هڪ مڪمل گدڙ نڪري آيو. هن پنهنجو منھن مٿي ڪيو ۽ وڏي اوناڙ ڪري هڪ گهٽي ۾ ڀڄي ويو.
شهر جا ماڻهو کلندا، ٽھڪ ڏيندا، پنھنجا پنھنجا دھل ۽ ٿانوَ وڄائيندا پنهنجن گهرن ڏانهن موٽيا.
داستان گَو هڪ شخص کان پڇيو. ”هي ڪهڙو تماشو آهي؟“
ان شخص چيو. ”ڪو اجنبي ٿو لڳين..“
داستان گَو ڪنڌ ڌوڻيو، تہ ھن وراڻيو ”اسان شينهن کي گدڙ بڻائي ڇڏيندا آهيون.“
پوءِ هن کلڻ شروع ڪيو، گهڙي کن جي ماٺ کان پوءِ چوڻ لڳو ”جڏهن بہ هن شهر ۾ ڪو شينهن پيدا ٿئي ٿو تہ اسان سڀ گڏجي ايڏا تہ ھل ھوڪا ۽ ھڪلون ڪندا آھيون، جو ھو شهر جي گهٽين ۾ بي وسيءَ وچان ڀڄڻ لڳندو آهي. اسان هن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ۽ دھل وڄائي ايترو تہ لاچار ۽ وائڙو بڻائي ڇڏيندا آھيون، جو هو نيٺ گدڙ بڻجي ويندو آهي.
داستان گَو پڇيو، ”هاڻي تہ هن شهر ۾ هڪڙو بہ شينهن نہ رهيو ھوندو؟“
ھن ماڻھوءَ فخر سان پنھنجو ڳاٽ مٿي ڪيو، ”اسان رهڻ ئي نہ ڏنو.“
داستان گَو ٻڌائي ٿو تہ آئون ڪيترائي ڏينهن شهر ۾ رهيس ۽ ڏٺم تہ شهر جا ماڻهو تماشي جا ڏاڍا شوقين ۽ رونشي ڪوڏيا آهن. کين ٻين کي بدحواس ۽ لاچار ڪرڻ جو اهڙو تہ چسڪو اچي لڳو آهي، جو جيڪڏهن کين شينهن نہ ٿو ملي تہ هو پنهنجي ئي ڪنھن ساٿيءَ جي پويان پئجي ٿا وڃن ۽ سندس چوڌاري گڏ ٿي اھڙي نموني اچيو ھاھاڪار مچائن ۽ دھل وڄائن ٿا، جو ماڻهو ڪنهن چوڪ تي بي ساھو ٿي ڪِري ٿو پئي. اهي سندس چوڌاري گڏ ٿي وڃن ٿا ۽ دھل وڄائيندا ٿا رھن، تان جو ان ماڻهوءَ منجهان رِڍ ٻاھر نڪرڻ لڳندي آھي ۽ آهستي آهستي هو ماڻهوءَ مان رڍ بڻجي ويندو آهي.
داستان گَو ٻڌائي ٿو تہ هاڻي شھر ۾ گدڙ آهن يا رڍون.. شهر جي اوچين عمارتن، شاندار ريسٽورنٽن ۽ ھجوم سان سٿيل آفيسن ۾ ھر پاسي رڍون ئي رڍون آھن يا وري ھر جاءِ تي گدڙ ئي گدڙ ٿا ڏسجن. جڏهن داستان گَو ڪنهن کان ڪو سوال پڇي ٿو تہ ھو کيس حيرانيءَ سان ڏسن ٿا ۽ پڇن ٿا تہ ”ڇا تون اجنبي تہ ناهين، ڇو تہ اسان سوال پڇڻ جي عادت وساري ڇڏي آهي، ۽ کين بڇان لڳندي آهي تہ هي سوال ڪندڙ هنن جي وچ ۾ ڪٿان آيو؟ هڪ صبح هنن داستان گَو کي شهر مان ڪڍي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هنن کي نہ ڪا ڪهاڻي ٻڌڻي ھئي ۽ نہ ئي ٻڌائڻي ھئي.
داستان گَو چوي ٿو، تہ شهر ڇڏڻ کان اڳ، مون شهر جي ديوار تان هن شهر تي هڪ آخري نظر وڌي. هر طرف خاموشي هئي. رڍون ۽ گدڙ ڪنڌ جهڪائي پنهنجي روزاني جي ڪمن ۾ رُڌل هئا. ڪنهن کي ذري بہ اها ڳڻتي نہ هئي تہ داستان گَو کي هن شهر مان تڙي ڪڍيو پيو وڃي، ڇو تہ کين سوچڻ ۽ سوال پڇڻ جي عادت ئي نہ هئي.
بس اهو آخري منظر هو، جيڪو داستان گو شهر جي ڀت تان ڏٺو.
جڏهن داستان گَو خاموش ٿي ويو، مون پڇيو. ”پوءِ ڇا ٿيو؟“
هو ڪجهہ دير خاموش رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو، آئون اتان هليو ويس ۽ ديس ديس ۾ رلندو رھيس، پر هن شهر کي وساري نہ سگهيس، جيڪو منهنجي دل ۾ وسيو ٿَي. منھنجي دل اتي موٽي وڃڻ چاهيو، پر شهر بدريءَ جي حڪم ۽ ماڻهن جي ڊپ منهنجي دل کي جهوري ڇڏيو.
داستان گَو خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ ڳالهائڻ لڳو، نيٺ گهڻي وقت کان پوءِ ھڪ ڏينھن دل ھٿان مجبور ٿي شهر واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيم. ڪوھن جو پنڌ ڪندو ھڪ صبح جو شهر جي دروازي تي وڃي پهتس.. ڇا ٿو ڏسان تہ دروازو کليل آهي ۽ پري پري تائين ڪو بہ پھرو ڏيندڙ ۽ محافظ موجود ڪونھي.. آئون حيران ٿي ويس تہ اي خدا، ھي معاملو ڇاھي.. خير ڪجهہ گھڙيون دل من ھڻي آئون اندر داخل ٿيس.
حيرت ۾ پئجي ويس.. ڇا ٿو ڏسان تہ سڄو شهر ويران آهي ۽ گهٽين ۾ مٽي اُڏامي رهي آهي.
يا خدا، هي ڇا قصو آهي؟ شهر جا ماڻهو وري ڪنهن نئين راند ۾ تہ نہ لڳي ويا آهن.. ڪجهہ ڊپ بہ هو تہ ڪٿي ھي شهر جي ماڻهن طرفان ڪو نئون ڄار نہ ھجي.. ڪھڙي خبر تہ شينهن کان پوءِ شهر جا ماڻھو گدڙ بڻجي ويا ھجن ۽ هاڻي ھتي ايندڙ ھر اوپري ماڻھوءَ کي بہ گدڙ بڻائي رهيا ھجن. ڪجهہ اتي دير بيٺو رھيس، ۽ پوءِ الله جو نالو وٺي اڳتي وڌيس. سڀ بازارون ويران پيل ھيون. البت روڊن ۽ رستن تي هر طرف رت جا داغ ۽ وڍيل ۽ چٻاڙيل انساني عضوا نظر آيا. منھنجي دل کي ڊپ اچي ورايو تہ ضرور ڪو اسرار آھي…؟
اڃان آئون ان سوچ ۾ ئي ھيس تہ اڳتي وڌان يا واپس وران.. ايتري ۾ مون ڪنهن جي ڪنجهڻ جو آواز ٻڌو. ڇرڪ ڀري آواز ڏانهن وڌيس تہ ڏٺم تہ ھڪ دڪيءَ ھيٺان هڪ شخص، جنهن جو اڌ ڌڙ ڪو چٻاڙي ويو هو، رڙيون ڪري رهيو هو.
ويجهو وڃي پڇيومانس، ”اي شخص! هي قصو ڇاهي، شهر جي ماڻهن جو ڇا ٿيو ۽ توتي ھيءَ ڪھڙي آفت اچي ڪڙڪي آهي؟“
آواز ٻڌي هن آهستي آهستي اکيون کوليون ۽ جهيڻي آواز ۾ وراڻيائين ”اي داستان ٻڌائيندڙ! مون توکي سڃاڻي ورتو آهي. تون اھو ئي آھين، جنھن کي اسان شهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ھو…“
داستان گَو چيو ”پر جڏهن مون کي شهر مان نيڪالي ڏني وئي هئي، تڏهن تہ ھي آباد ۽ وسندڙ شھر ھو.. اھڙي ڪھڙي آفت اچي ڪڙڪي جو سڄو شھر ويران ٿي ويو آهي…. ۽ هن شهر جا رونشي ڪوڏيا ماڻھو ڪيڏانهن ويا؟‘‘
ان ماڻهوءَ، جيڪو زخمن کان چْور ۽ مرڻ جي ويجهو ھو، وڏي مشڪل سان چيو ”شهر جي ماڻهن کي، شينهن کي گدڙ بڻائڻ جي ھَير پئجي وئي ھئي. جڏهن بہ شينهن پيدا ٿيندو هو تہ ھُو دھل وڄائي وڄائي ۽ ھوڪرا ڪري ڪري ان کي گدڙ ۾ بدلائي ڇڏيندا هئا.. پوءِ ھنن، انهن ماڻھن سان بہ اھو ئي سلوڪ ڪيو، جيڪي سر مٿي ڪري هلڻ چاهيندا هئا.“
”پوءِ…؟“ داستان گو پڇيو
”پوءِ اھو ٿيو جو شينهن تہ سڀئي هڪ هڪ ڪري ختم ٿي ويا، پر شهر جي ماڻهن جي مسلسل گوڙ ۽ دھل وڄائڻ ڪري، اوسي پاسي جا گدڙ شينهن بڻجي ويا ۽ هڪ ڏينهن هنن شهر تي حملو ڪري ڏنو. شهر جي ماڻهن انهن سان بہ اهڙو ئي سلوڪ ڪيو ۽ انهن کي ڏسي دھل ۽ شرنائيون وڄائيندا انھن جي چوڌاري اچي مِڙيا.. پر……“
”پر ڇا؟“
”اھو تہ جيئن جيئن گوڙ وڌندو ويو ۽ دھلن شرنائين جا آواز تيز ٿيندا ويا، تيئن تيئن گدڙن جون اکيون ڳاڙھيون ٿينديون ويون، سندن جوش وڌندو ويو.. ۽ هڪ وقت اهڙو آيو، جڏهن هو شينهن وانگر گجگوڙ ڪندا ماڻھن تي ڪڙڪي پيا“
داستان گو خاموش ٿي ويو.
ڪافي دير خاموشي رهي، پوءِ داستان گو مون کان پڇيو، ”توکي ڇا ٿيو؟ تون ايترو چپ ڇو آهين؟“
مون چيو… ”منهنجي شهر جا ماڻهو مون کي بہ شهر مان نيڪالي ڏئي رهيا آهن.“
داستان گو ڪجهہ نہ ڪُڇيو. اسان ٻئي خاموشيءَ سان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين.۔
تہ تقدير جي لکئي کي تہ شايد ٽارَي سگهجي ٿو، پر پنھنجي ڪئَي کان بچڻ ممڪن ناهي..!