ڪجهہ ڏينھن کان اسان جي سوشل ميڊيا واري حلقي ۾ لڳاتار سچ جي ماهيت ۽ ان جي مزاج تي بحث هلي رهيو آهي. ڪجهہ دوستن جو خيال ۽ زور آهي، بلڪ ڪجهہ جو وري ووٽ بہ آهي تہ سچ هڪ قطعيت آهي.. يعني سچ سدائين سچ ۽ هر جاءِ تي سچ هوندو آهي. سچ ازل کان موجود آهي. قطعيت مان مراد ڪجهہ اهڙي ٿي بيهي.
سولي سنڌيءَ ۾ ڏکيا ڏکيا نالا ۽ حوالي حوالا کڻڻ بجاءِ اسان ڳالھ مثالن سان پئي رکي تہ سچ نسبتي آهي، پر قطعي ناهي. هتي آئون هڪ دفعو وري اهي مثال ورجائيندس ۽ سچ جي قطعيت تي سوال رکندس. بحث کي وڌائڻ مان مراد ڪنهن جي تضحيڪ، ڪنهن جي ذات تي ججمينٽل ٿيڻ يا ڪو مَلھ جو مقابلو کٽڻ ناهي، پر فڪري موضوعن جي پرچار ۽ انهن کي اڳتي وڌائڻ آهي..
◈ تاريخ ۽ سچ: تاريخ جي اندر سچ قطعي ناهي پر بدلجندڙ آهي. اڄ جو ڪوڙ سڀاڻ جو سچ ۽ اڄ جو سچ سڀاڻ جو ڪوڙ ٿي ٿو وڃي.. راجا ڏاهر صدين تائين سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ ظالم جابر ۽ زاني حڪمران هو پر جي ايم سيد جي قومي تاريخ جي تجزيي ان کي هيرو بڻائي ڇڏيو ۽ بن قاسم هڪ لٽيرو ڦورو بڻجي ويو..
لڳ ڀڳ اهو قصو سورهيہ بادشاه ۽ حر تحريڪ جو بہ آهي. تاريخ ۾ اھي حر ڌاڙيل ۽ چور سڏيا ويا. هاڻي اهي آزاديءَ جا ويڙهاڪ سڏيا ٿا وڃن.
تاريخ تشريح جي محتاج آهي، سچ ۽ ڪوڙ ان جي پيٽ ۾ اڻ ڄاول ٻار وانگر هوندا آهن.
راوڻ سنھالين جو هيرو آهي ۽ رام انهن جو غنڊو؛ ان ريت راوڻ هندستاني هندن جو غنڊو ۽ رام هيرو آهي. اسان جي ڏورانهين تاريخ مان جئدرٿ اڄ بہ غنڊو آهي ۽ ڪرشن هيرو، ڇو تہ پنڊت مهاڀارت لکي ويا، جن جنگ کٽي هئي.. سڄي تاريخ فاتحن جي لکيل آهي. سو سچ ۽ پاور جو رشتو ۽ سٻنڌ ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
◈ سائنس ۽ سچ: آئين اسٽائين جي تہ ٿيوري جو ئي نالو رليٽوٽي آهي جنهن ۾ نسبتون سمجهايل آهي. منهنجو وزن ڌرتيءَ تي 72 ڪلو آهي پر چنڊ تي مريخ تي زحل تي ۽ بليڪ هول ۾ اهو الڳ الڳ رهندو. وقت ڌرتيءَ تي جيئن هلي ٿو، ايئن انهن گرهن تي يا خلا ۾ نہ هلندو. اهو تجربو ڪيو اٿن خلا ۾ ۽ ڌرتيءَ تي گهڙين جي وچ ۾ فرق اچي وڃي ٿو… مادَي جو ننڍي ۾ ننڍو ذرو جڏهن ڪوانٽم سطح تي ٽوڙيو وڃي ٿو تہ اهو فقط روشني بنجي وڃي ٿو ۽ ان جي پوزيشن طئي نٿي ٿئي، اهو وهڪري ۽ جزي ٻنهي جي صورت ۾ جهلڪي ٿو.
◈ مارڪسزم ۽ سچ: اصل مونجهارو دوستن کي هتان کان آهي. صرف سادو سوال آهي تہ پرولتاري يا پورهيت طبقو ڪيستائين سچ آهن؟ جيستائين انهن جي سماجي حالت نٿي بدلجي. يعني ڪميونزم جي اچڻ کان پوءِ جڏهن سماج ۾ طبقا ئي نہ رهندا تہ مظلوم پورهيت جو تصور ختم ٿي ويندو… يعني مظلوم نسبتي طور تيستائين مظلوم آهي، جيستائين ان جي سماجي حالت نٿي بدلجي.
◈ سچ ۽ زمان مڪان: قطعي سچ ڪڏهن کان موجود آهي؟ اگر اهو قطعي Absolute آهي تہ ان کي زمان مڪان کان بي نياز هجڻ گهرجي. پر تاريخيت تہ خود زمان مڪان اندر موجود آهي. وقت زمان مڪان کان اڳ موجود ئي نہ هو ته قطيعت ڪٿان آئي سچ جي؟؟ سڄي ڪائنات جي پيمائش نسبتن سان ڪئي ٿي وڃي.. ڌرتيءَ کان اسان جي ڪهڪشان جو مرڪز 26000 نوري سال پري آهي.. سائنس ۾ ۽ خاص طور تي فزيڪل سائنسز ۾ رڳو نسبتون آهن. رفتار جي نسبت ٽائم ۽ فاصلي سان آهي.
◈ فلسفو ۽ سچ: هيگل جيڪو هنن قطعي سچن مذهبين جو گاڊ فادر آهي؛ ان جو مشهور ترين منطق آهي ته عدم جي نفي وجود ٿو ڪري، يعني عدم منجهان ئي وجود جنم ٿو وٺي… نفي کي جنم اڳ موجود شئي ئي ڏئي ٿي. ان جدليات جا بنياد هيگل ئي رکيا هئا.
◈ ٻولي ڪلچر ۽ سچ: ڪلچر پاڻ کي اظهاري بہ ٻوليءَ ۾ ٿو ۽ خود کي محفوظ به ٻوليءَ ۾ ٿو ڪري. ان ڪري جديد سماجي نفسيات توڙي فلسفي ۾ ٻولي ۽ ڪلچر ساڳي ڳالھ آهن. ٻولي سماج جي ڄاڻ کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائڻ وارو چوويھ ڪلاڪ سرگرم ادارو آهي. اهو هر وقت کليل آهي ۽ ڪم ٿو ڪري.
سڄي ٻولي فرقن، نسبتن ۽ حوالن سان ڪم ٿي ڪري. ساسئر، جنهن جديد لساني علم جا بنياد رکيا هئا، ان لفظن رنگن ۽ اشارن کي اهڃاڻ يعني نشان سڏيو آهي. سگنل جون بتيون اهڃاڻ آهن هلڻ بيهڻ ۽ تيار ٿيڻ جون… اڇو رنگ علامت آهي امن جي، ڪارو رنگ احتجاج جي. سڄي معني نسبتي آهي سماج ۾ طئي شده اهڃاڻن جي… انگريزيء ۾ لفظ آهي River ، ان جو تصور آهي جبل تان لهي هيٺ ايندڙ پاڻي. فرينچ ۾ لفظ آهي Rivere يعني اهو چشمو جيڪو جبل تان تہ لھي پر سمنڊ ۾ بہ ڇوڙ ڪري… تصور جو فرق… دنيا جي پنج هزار ٻولين ۾ شينهن لاء الڳ الڳ لفظ آهن پر انساني ذهن ۾ تصور هڪ ئي ان جانور جو ٿئي ٿو.. ٻوليءَ جي ماهيت حوالاتي Reffrential آهي…
منهنجن عزيز دوستن کي لڳي ٿو هي بيانيو جديديت پڄاڻان جو آهي، سو ان جو نالو وٺڻ سان چڙ ڪاوڙ ۽ غم غصو شروع ٿيو وڃي… هڪ تہ جديدت پڄاڻان جا هڪ ٻئي کان مخالف رخ آهن، ۽ ان تي اردوءَ وارن لکيو آهي تہ اردوءَ ۾ جديدت پڄاڻان جا ٽي رخ آهن… منهنجي اها لقائن بابت سادي سمجهہ آهي، مون کي خبر ناهي ته هي نظرياتي پوزيشن آهي يا ڪاگنيشن يا جديديت پڄاڻان… منهنجي لاء علم هڪ پروسيس آهي، ان ۾ قطعيت بجاءِ وڌيڪ صحيح، وڌيڪ چڱو جا اکر آهن…
مون ڦلاڻو ڪتاب پڙهي ڇڏيو ۽ سمجهي اڇلائي ڇڏيو وارو انتهائي سطحي رويو آهي..
تجريدي اصطلاحن ۽ ٻوليءَ کان پاسو ڪندي قطعيت جي شان مان ۾ مثالن سان ايئن ئي جواب ڏنو وڃي، جيئن مون هتي نسبتيت تي ڳالھ رکي آهي… جديدت پڄاڻان تي پوءِ ڳالهايو، اڳ ۾ سچ قطعي آهي، پنهنجي مزاج ۽ وجود ۾ ان تي ڳالهايو وڃي تہ بهتر رهندو…. منهنجي ذات تي ڳالهائڻ بجاءِ دليلن تي ڳالهايو وڃي، ڇو تہ منهنجي تضحيڪ ٿيڻ سان سچ تي فرق نہ پوندو، ڇو جو سچ مون وٽ داخلي توڙي خارجي ۽ ٻنهي جو ميزان آهي…