ڪافي ڳالھين ۾ اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ضد آهيون
پر پوءِ بہ ملڻ، کلڻ ۽ ڳالھائڻ بنا رهي نہ سگهندا آهيون.
هُو تاريخ کي پسند ڪندو آهي ۽ چوندو آهي تہ تاريخ مان سکي، انسان ترقي ڪئي آهي.. ۽ مان قصن، ڪھاڻين کي پسند ڪندو آهيان ۽ منھنجو ايمان آهي تہ انسان جي ترقيءَ جو (بنياد) قصن ۽ ڪھاڻين کان پيو آهي. اسان ٻئي ٽائيم ڪڍي، شھر جي لائبريريءَ جي ڀرسان هڪ ننڍڙي هوٽل ۾ ويھي چانھ پيئڻ پسند ڪندا آهيون. ان ننڍڙي هوٽل کي اسان پيار منجهان ”ڪينٽين“ چوندا آهيون
ان هوٽل ۾ ڪٿي بہ ويھو، سامھون لائبريري جي بلڊنگ نظر ايندي آهي. پاڻ ۾ ڳالھائيندي بہ اسان جون نظرون لائبريريءَ جي بلڊنگ ۾ ئي کُتل هونديون آهن.
اتي ويھي ڪري بہ پاڻ کي لائبريري ۽ ڪتابن جي وچ ۾ محسوس ڪندا آهيون..
ايئن، جيئن ڪو عاشق محبوبہ جي گهٽي يا پاڙي ۾ بہ پاڻ کي هن جي ويجهي محسوس ڪري لذت حاصل ڪندو آهي.
بھرحال، ڳالھ پئي ڪيم تضادن جي.. ان ڏينھن بي ڌيانيءَ ۾ مون تاريخ جو ڪو ڪتاب کنيو هيو، پر يقين ڪريو پھريون صفحو کوليندَي منھنجي ڪنن ۾ ڪنھن هوريان چيو ”مڪاري… خود غرضي…. ڌوڪيبازي“
آواز تي مون ڪو بہ ڇرڪ نہ ڀريو، ڇو تہ پنھنجي اندر جو آواز مون لاءِ اوپرو نہ آهي.. بس مون خاموشيءَ سان ڪتاب رکي ڇڏيو.
سمجهي ويو هئس تہ اهو آواز سڪون سان پڙهڻ ڪو نہ ڏيندو. چانھ جي طلب ٿي تہ ان هوٽل تي آيس، جنھن کي اسان ”ڪينٽين“ چئي ياد ڪندا آهيون. هُو بہ اچي ويو هيو. بيري بغير آرڊر جي ٻہ هاف اچي اڳيان رکيا.
سمجهہ ۾ نہ ايندڙ خاموشيءَ وچ ۾ هٿن ۾ چانھ جا ڪپ کڻي اسان لائبريريءَ جي بلڊنگ کي گهوريندا رهياسين.. شايد هو خاموشيءَ مان تنگ ٿيو ان ڪري پھريون ان ئي ڳالھايو ”يار ڪھاڻيڪار.. ڪجهہ تہ ڳالھاءِ… ڪجهہ تہ ٻڌاءِ“
مون لائبريري بلڊنگ کان نظرون هٽائي مُرڪي هن ڏانھن ڏٺو
”يار اڄ ڪو قصو، ڪائي ڪھاڻي ٻُڌاءِ“ هن ڳالھايو.
آئون سمجهي ويَس تہ خاموشيءَ مان پيدا ٿيل بوريت کي ڳالھائي، مون کي تنگ ڪري دُور ڪرڻ ٿو چاهي… نہ تہ هُو ۽ ڪنھن ڪھاڻيءَ جي فرمائش!؟ نامُمڪن!
مون بہ اُلٽو کيس بور ڪرڻ جو سوچي مرڪي چيو، ”ڪھاڻي ٻُڌندين؟“
هن چانھ جو وڏو ڍُڪ ڀري ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
”چڱو ٻُڌ.. پُراڻي وقتن ۾ ڪنھن ڏورانھين مُلڪ جو هيو ڪو هڪ واپاري… هڪ ڀيري واپار سانگي گڏيل هندوستان جي هڪ علائقي ۾ آيو، جتي کيس هڪ ڳالھائيندڙ پکي وڻي ويو، جنھن کي کڻي هو پنھنجي ملڪ آيو.“
مِون ڏٺو تہ ڪھاڻي ٻڌندي هن جي مُرڪ ڪجهہ گَھري ٿي وئي هئي، پر مون ڪھاڻي ٻُڌائڻ جاري رکيو، ”هُو ان پکيءَ جو هر طرح خيال رکندو هيو، کيس پسند جي خوراڪ ڏيندو هيو پر پوءِ بہ پکي اڪثر اداس ۽ چپ چپ رهندو هيو..“
مون ڏٺو تہ هن جي مرڪ وڌيڪ گَھري ٿي وئي هئي، مون کائنس پڇيو، ”لڳي ٿو تہ هي ڪھاڻي تنھنجي ٻُڌل آهي.. ايئن نہ؟؟“
”ها…“ هن مُرڪ سان جواب ڏنو ۽ اڳتي ڪھاڻي هُو پاڻ ٻڌائڻ لڳو، ”واپاري، پکيءَ کان پڇي ٿو تہ تون ڇو اداس رهين ٿو؟ توکي ڇا کپي؟ جنھن تي پکي کيس چوي ٿو تہ مون کي آزادي کپي.. ايئن نہ؟“ ڪھاڻي ٻُڌائيندي هُن مون کان تصديق ڪرڻ چاهي تہ مون کيس اها ئي ڪھاڻي ٻُڌائڻ پئي چاهي نہ؟
”ها… پر….“ مون جواب ڏيڻ چاهيو تہ هُن وري بي صبريءَ مان منھنجي ڳالھ ڪٽيندي چيو
”پر ڇا… اها ڪھاڻي ايئن ئي آهي.. پکي کيس چَوي ٿو تہ ڀلا هُو جڏھن وري سندس وطن ڏانھن وڃي تہ اتان جي پکين کي سندس سلام ڏي ۽ ان واپاريءَ جو جڏھن اوڏانھن وڃڻ ٿئي ٿو ۽ کيس پنھنجي پکيءَ جي ڳالھ ياد اچي ٿي تہ هُو جهنگ ۾ ان جنس جي پکين کي پنھنجي پکيءَ پاران سلام ڏي ٿو…“
هُو جوش ۾ اڳواٽ ئي ڪھاڻي ٻُڌائي مون ڏانھن داد طلب نظرن سان ڏسڻ لڳو
”ها… پر…“ مون وري ڪجهہ چوڻ چاهيو تہ هُن منھن خراب ڪندي چيو
”اڃان ڪھڙي ها… پر… ڀلا بس انجام ٻُڌ… واپاريءَ کان قيد ڪيل پکيءَ جا سلام ٻُڌي اهو پکي ڪِري پَوي ٿو تہ واپاري سمجهي ٿو تہ هو صدمي ۾ مري ويو آهي. وري اها ڳالھ اچي پنھنجي پکيءَ کي ٻُڌائي ٿو تہ هُو بہ غش کائي ڪري ٿو پوي.. واپاري هن کي مُئل سمجهي ٻاهر ڪڍي ٿو تہ پکي يڪدم اُڏري ٿو ۽ واپاريءَ کي ٻڌائي ٿو تہ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي وطن جي پکين پاران ڏَسيل طريقي سان مڪاري مان ڪم وٺندي بي هوشيءَ جو ناٽڪ ڪري آزادي حاصل ڪئي…“
ڪھاڻيءَ جو انجام ٻُڌائي هن داد طلب نظرن سان مون ڏانھن ڏٺو…
آئون خاموش رهيَسُ تہ هن ٽھڪ ڏئي چيو، ”تون چوندو آهين تہ صرف تاريخ ئي مڪاري، فريب ۽ ڌوڪي بازيءَ سان ڀري پئي آهي پر ڏس.. مڪاري ۽ فريب قصن ۽ ڪھاڻين ۾ بہ اٿئي.“
”تاريخ ۾ درج، ڌوڪن، مڪارين تي جشن بہ ملھايا ويندا آهن پر…“
هُن چڙ مان منھنجي ڳالھ ڪٽيندي چيو ”يار هڪ تون ها… پر.. ها… پر ڏاڍو پيو استعمال ڪرين… بس سڌي ڳالھ تہ تون جيڪا ڪھاڻي ٻُڌائڻ چاهين پيو، هڪ تہ ان ۾ بہ مڪر ۽ فريب آهي، ٻيو تہ اها ڪھاڻي منھنجي ٻُڌل ۽ پڙهيل آهي…“
ان وقت مون هڪ نظر لائبريريءَ جي بلڊنگ ڏانھن ڏٺو. ڪافي دير کان مون کي لائبريريءَ ڏانھن ايندي ويندي ڪو بہ نظر نہ آيو هيو. ان لمحي مون سوچيو ‘جنھن لائبريري ۾ پڙهڻ وارن جو اَچ، وڃ نہ هجي، اهو بہ ڪتابن جو صرف قبرستان آهي بس‘
”ڇا پيو سوچين“ هن جي ڳالھائڻ تي آئون وري هن ڏانھن متوجہ ٿيسُ، ”تو اها ڪھاڻي ڪنھن کان ٻُڌي ۽ ڪٿي پڙهي؟“ مون هن کان پڇيو
”پنھنجن وڏن کان ننڍپڻ ۾ ٻُڌي هئم ۽ وري پُراڻن ڪتابن ۾ پڙهي اٿم“
مون ڊگهو ساھ کڻي خالي ڪپ ڏانھن ڏٺو، جيڪو وري ڪنھن ڊگهي بحث جي صورت ۾ ٻئي چانھ جي فضول خرچيءَ لاءِ هرکائيندي محسوس ٿيو
”پر… تون جنھن وقت اها ڪھاڻي ٻُڌائي رهيو هئين، مون توکي ان وقت بہ روڪڻ پئي چاهيو، ڇو تہ تون وڏن کان ٻُڌل ۽ پُراڻن ڪتابن ۾ پڙهيل واپاريءَ ۽ پکيءَ جي پُراڻي نسل جي ڪھاڻي ٻُڌائي رهيو هئين.. جڏهن تہ مون توکي واپاري ۽ پکين جي نئين نسل جي ڪھاڻي ٻُڌائڻ پئي چاهيو..“
”واپاري ۽ پکيءَ جي نئين نسل جي ڪھاڻي!؟؟“ هُن حيرت مان پڇيو
”ها.. واپاري ۽ پکين جي نئين نسل جي ڪھاڻي بہ ايستائين تہ هڪ ئي آهي جو پکي، مَري وڃڻ جو ناٽڪ ڪري ٿو تہ واپاري کيس مُئل سمجهي پڃري مان ڪڍي ٿو پکي، اُڏري وڃي ٿو..“
هو حيرت ۽ شوق مان منھنجي ڳالھہ ٻُڌي رهيو هيو
”پکيءَ جڏهن واپاريءَ کي ٻُڌايو تہ هن آزادي لاءِ مرڻ جو صرف ناٽڪ ڪيو هيو ۽ ايئن پکي اُڏري ويو تہ واپاري کي پاڻ مٿان وڏي ڪاوڙ آئي… هن سوچيو تہ هُن جو پيسو، عقل، تجربو سڀ ڪجهہ فيل ٿي ويو هيو. هن ڪجهہ عرصي بعد ان ئي علائقي مان پئسي جي زور تي هڪ ٻيو پکي گهرائي پڃري ۾ قيد ڪري ڇڏيو پر هاڻي هو ان ڳالھ سان ڪائي غرض نہ رکندو هيو تہ پکي اُداس آهي يا خوش؟ وڏو عرصو گذريو، واپاري ڪراڙو ۽ سندس پُٽ جوان ٿيو. واپاريءَ پنھنجي پُٽ کي پکيءَ جي ڪيل مڪاري بابت ٻُڌايو تہ جيئن هُو بہ ڪڏهن پکيءَ کان ڌوڪو نہ کائي. سندس پُٽ واعدو ڪيو تہ هُو هوشيار رهندو ۽ سندس تجربن ۽ نصيحتن تي هلندو.
نيٺ واپاري مري ويو. سندس پُٽ سندس سمورو ڪار وهنوار سنڀاليو.. ۽ هُو بہ جڏھن واپار لاءِ انھيءَ پکيءَ جي وطن ۾ آيو تہ کيس پيءُ جون ٻُڌايل سموريون ڳالھيون ياد آيون. هن سوچيو تہ ان جهنگ جي پکين کي وڃي ٻُڌائي تہ هن وٽ قيد سندن نسل جو پکي کين سلام پيو ڏي. واپاريءَ جي پُٽ سوچيو تہ ڏسان تہ هينئر هُو ڪھڙو ناٽڪ ٿا ڪن، پر هُو سندن فريب ۾ نہ ايندو ۽ مٿن خوب کلندو.“
آئون هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿيسُ تہ هُن بيچينيءَ مان پاسو ورايو.. جڏهن تہ مون وري هڪ نظر لائبريري بلڊنگ ڏانھن ڏٺو، شايد ٽائيم ختم ٿيڻ ڪري ٻاهرين گيٽ بند نظر آيو، تڏهن مون سوچيو هاڻي هتان اٿندس تہ گيم کيڏي وقت گذارڻ لاءِ ڪلب هليو ويندسُ.. لائبريريون جلد بند ٿينديون آهن پر گيم ڪلب تہ دير تائين کليل هوندا آهن
”ڇا پيو سوچين؟“ هن پڇيو
مون بي ڌياني مان چيو ”بابا چوندو آهي تہ جڏهن نئين نسل لاءِ…“
هن خار مان چيو، ”تنھنجي ۽ منھنجي بابا جا قول هڪ جھڙا آهن.. تون مون کي واپاري ۽ پکين جي نئين نسل جي ڪھاڻي ٻُڌائي رهيو هئين..“
مون کي بہ ياد اچي ويو تہ مون وري ڪھاڻيءَ جو رهيل حصو ٻُڌائڻ شروع ڪيو، ”واپاري جو پُٽ ان جهنگ ۾ آيو، هن ڏٺو تہ ان نسل جا پکي جنھن وڻ تي ويٺا هيا، اهو وڻ ڊگهو ۽ گهاٽو هيو پر ان وڻ جو مٿيون حصو تہ سائو ۽ ٽاريون پنن سان ڀريل هيون، جڏهن تہ هيٺيون حصو سُڪل هيو.. هر ٽاريءَ تي پکي ٽولن جي صورت ۾ ويٺل هيا.. واپاريءَ جي پُٽ کين زور سان سلام ڏئي متوجہ ڪيو ۽ ٻُڌايو تہ سندن نسل جو پکي وٽس پڃري ۾ آهي ۽ هُو کين سلام پيو ڏئي.. واپاريءَ جي پُٽ ڏٺو تہ سمورا پکي يڪدم خاموش ٿي ويا هيا.. وري هڪ ٽولي جا پکي جن جي چُهنب کيس قلم جھڙي لڳي، اُهي وري پاڻ کي ٺاهڻ ۾ لڳي ويا.
جڏھن تہ هڪ ٽولي جي وچ ۾ ڪاري رنگ جو پکي هيو، جنھن جي چوڦير ڪافي پکي ويٺا هيا. ان پکيءَ ڪاوڙ واري انداز ۾ ٻين پکين کي چيو ’اسان جي نسل تي، دنيا جي ڪھڙي بہ ڪُنڊ ۾ ظلم ٿئي اسان کي آواز اٿارڻ کپي… بدلو وٺڻ کپي‘
واپاريءَ جو پُٽ هڪ لمحي لاءِ پريشان ٿي ويو..
ڪاري رنگ جي پکيءَ جي اڪسائڻ تي ڪافي پکي جوش ۾ اچي ويا هيا. ’اسان کي هن جون اکيون ڪڍڻ کپن‘
ڪارو پکي ٻين کي پنھنجي نسل جي تاريخ جا حوالا ڏيڻ لڳو هو.
واپاري جي پُٽ اتان ڀڄڻ جو ارادو ڪيو، عين ان وقت هڪ پکي جيڪو اڪيلو هيو ۽ سُڪل ٽاريءَ تي ويٺو هيو، تنھن واپاريءَ جي پُٽ کي چيو ’پڃري ۾ بند پکيءَ کي وڃي چئو تہ هاڻي ٻاهرين کان مڪر، فريب سکڻ ۽ مدد جو آسرو ڇڏي پاڻ سوچ تہ توکي حالتن مطابق ڇا ڪرڻ کپي… ٻاهرن جي مدد سان ملندڙ آزادي ھميشہ مقروض رهندي آهي….“
(انور ڪليم جي ڪھاڻين جي مجموعي ’بوء‘ تان ورتل)