تنهنجي جنازي پويان۔۔ (ڪھاڻي)

رسول ميمڻ

هو شهر ۾ پهتو ته رات ٿي چڪي هئي، ستارا مرڪي روئي رهيا هيا ۽ چنڊ جو تہ ڪو نشان ئي نہ هيو. هر طرف ويراني لڳي پئي هئي، جنهن ۾ هن کي پنهنجو وجود ڪارنهن جي ننڍن ذرڙن ۾ جذب محسوس ٿيو، هو ڪجهہ بہ نہ هيو بس هڪ اڻ ڄاتل اديب، جنهن جي صرف هن کي خبر هئي ۽ زماني وارا هن کان ناواقف هيا. هن ڳنڀيرتا کي انڌيارن جو روپ ڏئي، وشال آڪاش تائين ڦهلائي ڇڏيو هيو ۽ اهي انڌيرا صرف انڌيرا ئي هيا، جن ۾ گهرڻ سان ڪوئي ڪجهہ نه پائيندو هيو، اهو انڌو ٿي ويندو هيو. هن جو وجود پوءِ اهڙن انڌيارن ۾ ڪيئن ٿي نظر اچي سگهيو، جن ۾ ڳنڀيرتا ۽ پيڙا پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح ملايا ويا هجن، جو هڪ تھہ پويان هزارين تھہ ٺهي پيا هجن.نپوءِ ڪير انهن تھن کي چيري هن تائين پهچي سگهيو ٿي.

ڏتڙيل ۽ ڪٻڙي چيلھ وارو اديب، ’راهب‘ جنهن جي شروعاتي زندگي ڏاڍي پرسڪون گذري هئي، پر جوانيءَ جي نرمتا کي ڇهندي ئي هن جي جسم مان اهڙيون تہ ڌرڙيون نڪري ويون، جو هن جي جسم جا وار سڌا ٿي ويا ۽ هن ۾ هڪ اهڙي پيار جنم ورتو، جنهن جو ڪو بہ سبب نہ هو، ڪو بہ وجود نہ هو. هڪ پنهنجو پاڻ پيدا ٿيل پيار، جنهن جي بذات خود هن کي بہ خبر نہ هئي تہ اهو ڪنهن لاءِ آهي؟ ڇا اهو پيار آهي يا محرومي؟ جيڪا هن کي روز بروز هڪ پيڙا ۽ ڳنڀيرتا جي احساس ڏانهن گهليندي پئي وئي، هڪ اهڙي محرومي، جنهن جي خلا کي هو ڪنهن شيءِ سان پُر پيو ڪرڻ چاهي ۽ اها ئي خلا هئي، جنهن ۾ هن ادب کي ڀرڻ چاهيو، پر من جي خلا شايد هڪ اهڙي مَٽ جيان آهي، جنهن جو ترو ڀڳل هجي ۽ ان مَٽ کي پر ڪرڻ لاءِ جيترو بہ مواد وڌو وڃي، اهو ٿوري دير لاءِ ان جي ڪنن کي ڇھي ان جي تري مان وهي وري هميشہ لاءِ اها خلا پيدا ڪيو ڇڏي، جيڪا ڪن نامعلوم محرومين جي پيداوار هوندي آهي.

راهب جي من جي خلا بہ ڪڏهن پُر نہ ٿي، هن انسانن کي پاڻ کان برتر سمجهيو. هن ۽ انسانن جي وچ ۾ خوف جي هڪ ديوار هئي، جنهن کي هن ڪيرائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا. هن مختلف شين جو سهارو وٺي پاڻ کي ٻين تائين آڻن جي ڪوشش ڪئي پر هو عظيم هوندي بہ پاڻ کي هڪ عام انسان جھڙو سمجهي نہ سگهيو. هو هڪ عام ماڻهو نہ هيو پر هڪ اهڙو ماڻهو هيو، جيڪو پنهنجي من ۾ تہ ٽٽل ڦٽل هوندو آهي پر پنهنجي محرومين ۽ ڪمترين جي احساس کي بدلائڻ لاءِ مختلف روپ ڌاري سامهون ايندو آهي. هو پاڻ کي جيترو ڪمتر سمجهندو آهي، اوترو ئي پاڻ کي اهم ثابت ڪري پاڻ کي ان درجي تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن درجي کان هڪ ماڻهوءَ جي حيثيت اڀري ٿي. هو پاڻ کي اهڙي گهمنڊ ۾ مبتلا رکندو آهي، جيڪو هن کي ٻين کان اهم ڪري ڏيکاري ۽ ويچارو راهب بہ انهن انسانن مان هيو، جيڪي پنهنجين محرومين کي هڪ زوريءَ پيدا ڪيل احساس برتريءَ جو سھارو ڏئي، زندگي بسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪي پنهنجي من ۾ تہ ٽٽل ڦٽل هوندا آهن پر پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ ۽ زماني سان ڪلھي ملائڻ جي خواهشن ڪري مغرور ٿي ويندا آهن.

هن جو شانيءَ سان پيار هيو. ڀورن ناسي وارن واري شاني، جيڪا جڏهن بہ ڪتاب ڇاتيءَ سان لايو پنهنجيون نيريون اکيون کڻي هن تي اڇاتري ۽ مغرور نظر وجهندي هئي تہ هو ننھن کان چوٽيءَ تائين ڍلو ٿي ويندو هيو ۽ پنهنجي محرومين ۽ نروس نيس جي احساس کي لڪائڻ لاءِ ڳيت ڏئي وات ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ کي هيٺ لاهي پاڻ کي مطمئن ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو هيو، پر شاني ڏاڍي مغرور هئي، هن کان بہ وڌيڪ مغرور… شايد ھُن وٽ هِن کان بہ وڌيڪ محرومين جو احساس هيو، جنهن تحت هن جو ڪنڌ سيني کان سدائين مٿي هوندو هيو.

راهب هن کي هر طرح سان چاهيو. هن کي تصور ئي تصور ۾ پوڄيو، هن تي لازوال ڪهاڻيون لکي ڇڏيون. جن ۾ بي انتها گھرائپ هئي. هڪ اهڙي درد جھڙي گھرائپ، جيڪا ٻن پيار کان آشنا پر مغرور دلين جي هڪ ٻئي سان بيرخيءَ جي ورتاءَ ڪري پيدا ٿيندي آهي ۽ وجودن ۾ هڪ اڻ کٽ کاهي پيدا ڪري، هڪ اهڙي اونھائيءَ کي جنم ڏيندي آهي، جنهن جو ڪو بہ انت نہ هوندو آهي. اهڙيون کاهيون وسيع هونديون آهن ۽ انهن جي ترن کي ڪو بہ ڇھي نہ سگهندو آهي.

هن کي خبر هئي تہ شاني هن کي چاهي ٿي، پر هو پنهنجي گهمنڊ تان ڪڏهن بہ نہ لٿو. هو چاهيندو هيو تہ ڪاليج جي چوڪ تي هن سان ملي ان کي نظرن سان ڇھي پر هن جي نظرن جون آڱريون ڪمزور هيون، جن ۾ ڪا بہ شڪتي نه هئي، ڪا بہ پکيڙ نہ هئي.. هو سمنڊ جي ڪناري پيل واريءَ جي ذري مثل هيو، پر ان ذري ۾ هڪ پهاڙ سمايل هيو. جنهن کي سامونڊي هوائون پنهنجي هنج ۾ کڻي ڪڏهن بہ طوفاني لهرن جي حوالي نہ پيون ڪري سگهن ۽ هو صرف پور پچائيندو رهيو.

ڪاليج جي شروعاتي زندگيءَ ۾ هن جون شانيءَ سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، جن ۾ ڪو بہ جذبو ڪار فرما نہ هيو، اهي جذبات کان عاري هيون. انهن ۾ خوف جو ڪو بہ عنصر نہ هيو، پر پوءِ راهب محسوس ڪيو، هن جو شانيءَ سان پيار ٿي ويو آهي ۽ شاني جڏهن بہ هن جي سامهون اچڻ لڳي تہ هو محسوس ڪرڻ لڳو جيئن دماغ هن جي زبان جو ساٿ نہ ڏئي رهيو آهي. هو جيڪي ڪجهہ ڳالهائي رهيو آهي، اهو پپر جي اهڙي زرد پتي جيان آهي، جنهن جي ڏار مان ڪرڻ ۾ ڪجهہ گهڙيون وڃي بچيون هجن ۽ تيز هوا جي جهوٽن ۾ هو بس ڪِرڻ جون تياريون ئي ڪندو هجي. هن محسوس ڪيو شاني به هاڻي هن سان ڳالهائيندي شرمائي رهي هئي. هن ڪيترا دفعا هن جي ڄنگهن جي ڏڪڻيءَ کي محسوس ڪيو. هن ڪيترا دفعا ڏٺو، هوءَ اکيون هيٺ ڪري پنهنجي فائيل جي ڪنڊن کي هٿ سان مهٽي ڊڄي رهي آهي ۽ هن اتان پهريون ڀيرو محسوس ڪيو تہ هر حسن خوفزده هوندو آهي، خوف حسن سان هميشہ لاڳو رهندو آهي ۽ اهو ئي خوف هيو جنهن هنن جي وچ ۾ هڪ ديوار قائم ڪري ڇڏي.

جيئن جيئن هنن جي من ۾ پيار جو طوفان اٿندو ويو، تيئن تيئن هنن کان ڪنارا ڇڏائبا ويا، اهي هوائن جي حوالي ٿي ويا ۽ پنهنجي اڀرندڙ جذبن کي لڪائڻ لاءِ انهن پاڻ کي مغروريءَ جا ڪفن پارائي ٻن الڳ الڳ قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏيو. انهن ۾ هاڻي ڳالهائڻ جي اها همت نہ رهي هئي، جو هو هڪ ٻئي سان اکيون اکين ۾ وجهي پاڻ سنڀالي سگهن. راهب محسوس ڪيو اهو سڀ خواب هيو، هڪ ابتو سبتو خواب، جيڪو ذهني خلفشار جي پيداوار هيو ۽ ان جو ڪو بہ مفهوم نہ هيو. هن کي اهو يقين هوندي بہ، تہ شانيءَ جي من ۾ هو ئي آهي، جيڪو هير جيان گهلي هن کي بيقرار ڪري رهيو آهي، ڪڏهن بہ پڪ نہ ٿي تہ ڪو ايئن هوندو يا ٿي سگهي ٿو.. هو ان سموري ڳالھ کي خوشفهمي تصور ڪري پنهنجي پر ۾ شانيءَ کي وسارڻ لاءِ وڏا جتن ڪرڻ لڳو. هن شانيءَ جي منفي پهلوئن تي سوچيو، هن جي چال مان چڪون ڪڍڻ لڳو، دوستن ۾ جڏهن بہ شانيءَ جي حسن جو ذڪر نڪتو تہ هن زوريءَ وچ ۾ ٽپ ڏئي ان کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

شانيءَ تي تنقيد مان هن کي ڪجهہ دير لاءِ ڄڻ سڪون ملي ويندو هيو. هو محسوس ڪندو هيو، جيئن ڪنهن جنازي کي ڪلهي ڏيڻ کان پوءِ هن پنهنجو وزن لاهي قبر جي حوالي ڪيو هجي. هو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو هيو، پر ٿوري دير کانپوءِ وري ڪو ڄڻ هن جي روح کي تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيندو هو. هن جي تن من ۾ هڪ باھ ڀڙڪي اٿندي هئي، جيڪا هن جي زوريءَ پيدا ڪيل نفرتن کي ساڙي ڀسم ڪري، هڪ دفعو وري شانيءَ کي آڻي هن جي من ۾ وسائيندي هئي. هن جيئن جيئن شانيءَ کان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪئي، هو تيئن تيئن ان ۾ ڦاسندو ويو. شاني هڪ اهڙي ڪنڍيءَ جيان هئي، جنهن مان پاڻ ڇڏائڻ رهندو پاڻ کي زخمي ڪرڻ هيو.

شانيءَ جي مغروريءَ کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن راهب وٽان اهو احساس ختم ٿي ويندو هيو تہ ڪو هوءَ هن کي چاهي ٿي، پر هڪ دفعو هو ڪاليج جي لان ٻاهران ٺهيل روڊ تان جيئن ئي شانيءَ جي پويان اچي رهيو هيو تہ هن محسوس ڪيو جيئن شانيءَ جي چال ڦري وئي آهي، هن جي ورانگ ۾ ڏڪڻي اچي وئي آهي، هن جون ٽنگون ڦاٽي ويون آهن، هوءَ وڏيءَ مشڪل مان پاڻ تي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ منهن ۾ گهنڊ وجهي ڀرسان هلندڙ ساهيڙيءَ سان ڳالھ لنوائڻ لاءِ زوريءَ ڳالهائي رهي آهي..

راهب ڪيترا دفعا چاهيو تہ هو پنهنجي هٺ ڌرمي ڇڏي، ان ڇوڪريءَ سان وڃي ڳالهائي پر هن جي همت جواب ڏئي چڪي هئي. هو ڪيترا ڀيرا هاسٽل کان پاڻ کي صرف ان لاءِ ٺاهي ٺڪي نڪتو تہ من شاني هن ڏانهن ڏسي پر هو هڪ ٻئي جي سامهون ايندي ئي راهون مٽائي ويندا هيا ۽ ويچارو راهب پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ ايئن ئي ڪڏهن نفرتن جو اظهار ڪري شانيءَ جي حسين خيالن کي ٿڏيندو رهيو تہ وري ڪڏهن پيار جي شدت کي اڪيلائين ۾ محسوس ڪري روئي پيو. هن ڪڏهن شانيءَ کي پاڻ کان مٿاهون ڀانيو تہ وري ڪڏهن پنهنجي وجود کي ٽيڪ ڏئي ان کي ٿڏي ڇڏيو.. ۽ آخر اهو وقت بہ اچي ويو، جڏهن شاني هن کان هميشہ لاءِ جدا ٿي وئي.

شاگرديءَ جا پنج سال پورا ٿيا ته راهب پنهنجي شهر موٽي نوڪريءَ کي لڳي ويو ۽ هن کي ياد آيو شاني آخري وقت بہ هن ڏانهن اڇاتري نظر وجهڻ کانسواءِ ئي هلي وئي هئي.

…۽ اڄ پوري هڪ سال کان پوءِ، هن کي شانيءَ جو هڪ دعوت نامو مليو هيو، جنهن ۾ هن راهب کي پنهنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي. ان ۾ هن لکيو هو تہ هوءَ هڪ اديب سان شادي ڪري رهي آهي ۽ جيئن تہ اهو هن جي ڪلاس جو ساٿي رهيو آهي، هن جو اهو فرض هيو ته هوءَ هن کي پنهنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏئي.

راهب کي اهو خط پڙهي ايئن محسوس ٿيو، جيئن هن جو پورو بدن پگهرجي جسم جي هر عضوي مان رنو هجي ۽ اندر ۾ اٿندڙ دٻائن کان ڪلين ۾ سور پئجي ويو هجي. هو رنو ڪو نہ، بس هن خط پڙهي مرڪي ڏنو، جيئن هن چپن مان ڳوڙها وهايا هجن. آخر هو شانيءَ کي ئي تہ اڃان دل ۾ سمايو ويٺو هيو، هن ڪنهن بہ عورت جو تصور نہ ڪيو هيو. شانيءَ هن جي وجود ۾ ڪٿي بہ اهڙي جاءِ نہ ڇڏي هئي، جتي هو ڪنهن ٻئي شيءِ کي سمائي سگهي، خط پڙهڻ کان پوءِ هن کي ائين لڳو، جيئن هو رجي زمين تي هارجي ويو هجي.

ٽئين ڏينهن شانيءَ جي شادي هئي ۽ هو ٺيڪ ان وقت شهر ۾ پهتو هيو، جڏهن هن جو نڪاح ٿيڻ وارو هيو، هن کي شهر ۾ گهڙڻ سان ڪي بہ رستا نہ ٿي سجهيا. هڪ ويراني هئي، يا شايد نہ هئي ۽ هو اندر جي شدت کان ڪنهن بہ شيءِ کي ڏسي نہ ٿي سگهيو. هن کي گلن واري جو دڪان بہ نہ پئي مليو، جتان هو شانيءَ جي ڳلن جھڙا گل وٺي هن تي نڇاور ڪري سگهي، جتان هو رت جي ڦڙن جھڙا گلاب وٺي، پنهنجي مغرورين، هٺ ڌرمين ۽ ڪمترين جي احساسن جي چرڻن ۾ قربان ڪري سگهي. هن کي لڳو هن جي ديد گهٽجي وئي آهي ۽ درد کان چيلھ چٻي ٿي وئي آهي. هن پنهنجي هٿ ۾ جهليل اڇو رومال هر هر وات کي ڏئي پئي کنگهيو، جيئن پنهنجي من جي اڻ تڻ کي لڪائڻ چاهيندو هجي.

اونهاري جي رات هئي ۽ بدن گرميءَ کان پوءِ لڳندڙ هير ۾ ٽڙڪي رهيا هيا. راهب جا درد هيا جو پت جو روپ ڌاري هن جي جسم مان ڦٽي ٿي نڪتا. آخرڪار ان نئين شهر ۾ پڇائيندي پڇائيندي هن کي هڪ مالهيءَ جو دڪان ملي ويو، جتي چنبيلي ۽ گلابن جون لڙيون لڙڪي رهيون هيون. ٽياس تي ٽنگيل ڳاڙهن ڦولن کي ڏسي هن چاهيو تہ هو انهن کي اتان لاهي انهن جي زخمن کي خوب چمي پيار ڪري. آخر اهي بہ تہ هن جي شانيءَ جي ڳچيءَ ۾ وڃڻا هيا، سياري جي ٿڌ ۾ ماٺي پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ سنهڙين لهرن جهڙي نرم ڳچي، جنهن تي هن هروڀرو بہ ڪيترا دفعا پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ تنقيد ڪئي.. راهب ڏاڍو پڇتايو، هن کي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو جيئن شانيءَ جي ڳچي هن جي بدن تي ٿڌڙا ڪڍي هن جو ساھ پي وئي هجي. هن مالهيءَ کان ٻہ چار گلابن جون لڙيون ورتيون ۽ انهن کي هٿ ۾ لڙڪائيندو شاني جي گهر ڏانهن راهي ٿيو.

اهو شهر هن لاءِ بلڪل نئون هيو، هو ان جي واٽن کان ناواقف هيو ۽ شهر هن لاءِ شانيءَ جھڙو مغرور ۽ ماٺو، جنهن جي سانت ۾ سوين کوھ هيا ۽ قدم قدم تي ڪرڻ جا اڪيچار انديشا.. هو ويران گهٽيون لتاڙيندو گلابن جي لڙين کي هٿ ۾ لوڏيندو، جڏهن شانيءَ جي گهر کي ويجهو ٿيو تہ هن کي پري کان انسانن جو هجوم ڏسڻ ۾ آيو. اهي هڪ گهر اڳيان ويٺا پاڻ ۾ ڪچهريون ڪري رهيا هيا، ننڍا ننڍا هٿ گولا هيا، جيڪي ان هجوم جي آس پاس پئي ٻريا. راهب پري کان شانيءَ جو گهر ڏسي ڪجهہ گهڙيون تہ دهلجي ويو، هن جي جسم ۾ ساڳي ڪاليج واري ڏڪڻي شروع ٿي وئي ۽ هن ۾ اها همت نہ رهي تہ هو اڳتي وڌي شانيءَ کي ڦولن جو تحفو پيش ڪري سگهي، ان جي پيشانيءَ جو سيندور ڏسي روئي سگهي ۽ ان جي اکين ۾ گهڙي پاڻ کي زخمي ڪري سگهي. هو هڪ فرلانگ پري کان ان ڄڃ کي ڏسندو رهيو، هن ڪوشش ڪئي تہ هو اڳتي وڌي ۽ ان انسانن جي هجوم ۾ شامل ٿي پاڻ کي بہ انهن جھڙو ڪري سگهي، پر هن جي قدمن ۾ شڪتي نہ رهي، خوف کان هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ مٿو چيپجي ڄڻ هڪ هنڌ ڳوڙهو ٺاهي بيهي رهيو. هو اتي ئي کجين جي اوٽ ۾ ٿي بيهي رهيو ۽ هن ٿڙ سان پنهنجيءَ جهڪيل چيلھ کي سهارو ڏئي وات کي رومال ڏئي ڇڏيو، ڦولن جون لڙيون هن جي ڏڪندڙ هٿن ڪري ڄڻ ڦڙ ڦڙ ڪري نچيون پئي، راهب روئي رهيو هيو، هن جي من جو درد هن تي حاوي ٿي ويو ۽ هن جي سڏڪن جا آواز ائين هيا، جيئن کجن جا ڦڙها هوا تي هڪ ٻئي سان گسندا هجن.

راهب ان ڄڃ کي ڪيتري دير ڏسندو رهيو ۽ نڪاح کان پوءِ موڪلاڻيءَ جو وقت آيو تہ هن ان پاسي کان ڪجهہ سڏڪن جا آواز ايندي ٻڌا، ڪي عورتون ۽ مرد هيا، جو وچ هجوم ۾ ڪنهن شيءَ کي الوداع چئي ڍاڍيون ڪري روئي رهيا ها، هڪ فرلانگ پري کان راهب اهي آواز ائين محسوس ڪيا، جيئن شرنائيون بند هجن ۽ ڪو ڦاٽل دهل کي زوريءَ لپاٽون هڻي ان کي خوشين جي آوازن ڪڍڻ تي مجبور ڪندو هجي. راهب لاءِ اها حيرانيءَ جي ڳالھ هئي تہ شانيءَ جي شاديءَ ۾ هر طرف ويراني لڳي پئي هئي، شايد شرنائيون وڄي رهيون هيون، جن کي هو ٻڌي نہ پئي سگهيو يا نہ وڄي رهيون هيون، جن کي هو ڪنن سان ٻڌڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ڪيترا ئي ماڻهو هيا، جيڪي هن جي ڀرسان لنگهيو ڦولن جون لڙيون کنيو اوڏانهن پئي ويا، جتي شانيءَ جي ڄڃ ويٺل هئي ۽ ڪيترا هيا، جيڪي آس پاس پئي ڦريا.

ستارا مرڪي رهيا هيا ۽ هن کي انهن ۾ پنهنجي شانيءَ جو مرڪندڙ منهن نظر آيو، جيئن پوري وايو منڊل ۾ انڌيرا ئي انڌيرا هجن ۽ ان ۾ صرف هڪ روشن نقطو هجي، جيڪو شانيءَ جي روپ جو نقاب پائي هن اڳيان موجود هجي. هن تصور ئي تصور ۾ انهن ستارن کي ڳوڙهن جو روپ ڏئي اکين مان وهائي ڇڏيو، هن گلاب جي لڙين کي ڏٺو ۽ انهن جي واس ۾ هن کي هڪ اهڙي زندگيءَ جو احساس ٿيو، جيڪا سمنڊ جي لهرن گسڻ ڪري پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان وجود ۾ اچي هڪدم ڦاٽي پوندي آهي. ڦولن جي واس هن کي ديوانو ڪري ڇڏيو ۽ خوشبوءِ هن جي اندر ۾ مونجهہ پيدا ڪري ڇڏي. اوندھ ڪري هن کي ڦول ڪارا نظر اچي رهيا هيا، جن جو واس آس پاس اوندھ جي هر ذري ۾ سمايل هيو، پر ان واس انڌيرن کي هن لاءِ وڌيڪ غضبناڪ ڪري ڇڏيو هيو.. پيڙا هئي جو آهن سان گڏ هن جي جسم مان ور ور ڪري پئي نڪتي. هو تہ خوش هيو، بيحد خوش.. ۽ اها خوشي هن کي جيترو عذاب پهچائي رهي هئي، شايد ان جھڙو ٻيو ڪو بہ عذاب نہ هيو.

رخصتي ٿي چڪي هئي، روئڻ جو آواز بند ٿي چڪو هيو، شايد شانيءَ جي گهر وارا پنهنجا ڳوڙها اگهي رهيا هيا. پنهنجي چپن کي هٿن سان ڍڪي ان واس کي ڪجهہ دير محفوظ رکي رهيا هيا، جيڪو واس انهن جي چپن ۾ شانيءَ کان موڪلائڻ وقت، ان جي پيشاني چمڻ سان انهن ۾ سمائجي ويو هيو. هن سوچيو جيڪر هو انهن چپن کي ڏسي سگهي ها، جن هن جي محبوب جي پيشاني چمي هئي، پاڻ کي ڪهي انهن ڳوڙهن ۾ پنهنجو رت ملائي سگهي ها، جيڪي شانيءَ کان موڪلائڻ وقت انهن جي اکين مان وهي نڪتا هيا. هو ڪيتري دير ڏوليءَ کي ويندو ڏسندو رهيو ۽ هن جي ڪنن ۾ شرنائين جا آواز ڦٽي نڪتا. شايد هن جو انگ انگ روئي رهيو هيو. هر عضوي ۾ هڪ شرناءِ هئي جيڪا خوشيءَ مان سڏڪي رهي هئي. ڏولي اڳتي وڌندي پري ٿيندي وئي، ڄاڃين جي هٿن ۾ جهليل گولن جا ترورا جهڪا ٿيندا ويا، راهب کي شانيءَ جي ڏولي واچوڙي جيان ورائي وئي ۽ هو اڳتي هلڻ تي مجبور ٿي پيو، هو نہ پيو چاهي تہ ڪو انسان ان کي ان حالت ۾ ڏسِي، اهو پڇي تہ هن جو شانيءَ سان ڪهڙو رشتو آهي، جنهن تحت هو ان جي ڄڃ ۾ شريڪ هن جي ڏوليءَ پويان ائين لڪندي ڇپندي اچڻ تي مجبور آهي.

رستو ناهموار هيو ۽ هن جا قدم ٿيڙ کائي رهيا هيا، هو قافلي جي پويان اچي نہ رهيو هيو ڄڻ ڪنهن تيز سيلاب ۾ لڙهي رهيو هيو، سخت گرمي هوندي بہ هن جا ڏند کڙڪي رهيا هيا ۽ چيلھ وڌيڪ چٻي ٿي وئي هئي. هن سوچيو هو اڳتي وڌي ان ڏوليءَ کي روڪي ۽ روئي روئي شانيءَ جي پيرن جي مينديءَ کي ڌوئي ڇڏي. هو هڪ دفعو ان جي لالي لڳل چپن کي ڏسي ۽ ڦاٽي مري وڃي.

ڏولي شهر ٽپي هاڻي وسيع ميدان ۾ داخل ٿي چڪي هئي، راهب کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ هو شانيءَ جي ڏوليءَ کي شهر کان ٻاهر ڇو کڻي آيا هيا، اتي تہ نظرون هر طرف ستارن کي زمين سان لڳندو ڏسي رهيون هيون، هڪ سنئون سڌو پٽ هيو، جنهن تي ڪارا وڻ اهڙي دونهين جيان پئي لڳا، جيڪي ويراڳين جي زمين تي ٻاريل باھ مان ڦٽي نڪتا هجن، جيڪا انهن ڪجهہ دير جهنگ ۾ روشني ڪري رات بسر ڪرڻ لاءِ جلائي هجي.. راهب لاءِ اهي رڻ عجيب هيا، هن جي قدمن انهن کي ڪڏهن بہ نہ ڇهيو هيو. هو انهن راهن کان بي خبر هيو، هو شانيءَ جي ڏوليءَ جي رهبري ۾ اڳتي وڌي رهيو هيو، شرميلي ۽ خوفزده طبيعت وارو راهب جيڪو ان ڌرتيءَ جي چپي چپي کي ڇهي لرزي ٿي ويو، جيئن هو شانيءَ جي ڳلن تي آڱريون ڦيريندو هجي، ڪيڏو نہ خوفناڪ تاثر هيو هن لاءِ بلڪل مرڻ جوڳو، يا گهٽ ۾ گهٽ اڪيلائن ۾ اچي تڙپائڻ جھڙو..

هاڻي هن جي من جي نراسائي گهڻي قدر جهڪي ٿي چڪي هئي، هاڻي اهو پيڙا جو بنياد هن جي وجود مان پٽجي ويو هيو يا ان جي پٽجڻ جو احساس هن کي شدت سان ٿي رهيو هيو، جنهن ڪري درد آهستي آهستي ٿي هن جي اکين مان ڇڻي خارج ٿي ويو ۽ هن وٽ شانيءَ کان هميشه لاءِ جدا ٿيڻ جو احساس وڌيڪ گھرو ٿي ويو، جيڪو باقي عمر هن جي خوشين جي گهڙين ۾ اچي انهن کي بيمار ڪري ڇڏيندو. هن کي اهي گهڙيون ائين لڳيون جيئن خوبصورت عورت کي بگ نڪتو هجي. آخري دفعو شانيءَ کي ڏسڻ جو ارمان هن جي دل ۾ ئي دٻجي ويو. هو اهو سوچي وڌيڪ پشيمان ٿي ويو تہ شانيءَ پنهنجي شادي ۾ هن جي نہ اچڻ تي ڇا محسوس ڪيو هوندو. ساڳي ڪاليج واري بي رخي ۽ مغروري.. هن سوچيو ان کي ڪهڙي خبر تہ جيڪو راهب بي رخو ۽ مغرور هيو، اهو اندر ۾ ڪيترو نه ڀڳل ۽ ڀريل هيو. جيڪڏهن ھن کي هنن گهڙين جو احساس هجي ها ته هو ان وقت تنهنجي اڳيان اچي پاڻ کي ضرور ذليل ڪري ها، ضرور پيار جو اقرار ڪري ها، توکي تنهنجي لاپرواهيءَ جي اها سزا ڏئي ها تہ هو ڪاليج جي رستن تي پنهنجو نرڙ گسائي انهن کي زخمي ڪري ڇڏي ها، اتي بيٺل هر عمارت کي پنهنجي مٿي سان گهاو ڏئي رتو ڇاڻ ڪري ڇڏي ها، پر راهب اڄ مجبور هيو، هن جي شاني جي ڏولي هاڻي هن جي نظرن اڳيان وڃي رهي هئي ۽ هو پنهنجي شرم جون حدون اورانگهي ان جي پوئتان اچي رهيو هيو..

ڏولي هاڻي شهر کان گهڻو ڏور نڪري آئي هئي ۽ راهب اهو سوچي ان ڳالھ کي لنوائي ڇڏيو تہ اديبن جا روح عوام ۾ ۽ جسم تياڳ ۾ هوندا آهن. ٿي سگهي ٿو شانيءَ جو مڙس بہ اهڙن اديبن مان هجي، جيڪي سڪون خاطر شهر کان ڏور رهائش اختيار ڪندا آهن، يا ٿي سگهي ٿو اڃان شهر هلندو هجي، يا شهر جو نقشو ئي اهڙو هجي جو اها سموري ويراني بہ ان شهر جو ئي حصو هجي.. ڄڃ چڱي دير هلندي رهي ۽ نيٺ وڃي ماڳ تي پهتي. راهب ساڳيو هڪ فرلانگ پري کان بيهي ان ڄڃ کي نهاريندو رهيو، هن جي هٿن ۾ جهليل گلابن جون لڙيون ڪومائجي ويون هيون ۽ انهن ۾ اهو واس باقي نه رهيو هيو. راهب کي رکي رکي ڄڃ واري پاسي کان گلابن ۽ عطر جي خوشبوءَ اچي رهي هئي. ڪجهہ ماڻهو جهڳٽو ٺاهيو نئين آيل ڪنوار کي ڏوليءَ مان لهڻ ۾ مدد ڏئي رهيا هيا ۽ ڪجهہ انهن کي صلاحون ڏيڻ لاءِ زور زور سان ڳالهائي رهيا هيا.. شايد هر ڪو ڏاڍو خوش هيو. راهب به هڪ عجيب تاثر کان مرڪي ڏنو ۽ سوچيو، ڪيترو نہ خوشنصيب هوندو اهو گهر، جيڪو شانيءَ جي بدن جي خوشبوءِ کي محفوظ رکندو. ڄاڃين جي خوشين ۾ پاڻ کي شامل ڪرڻ لاءِ هن پري کان بيهي انهن ڏانهن مرڪ جا گل اڇلايا.

هو ڪيتري دير اتي بيٺو رهيو ۽ نامڪمل روشنيءَ ۾ انسانن جا هلڪا چرپر ڪندڙ پاڇولا ڏسندو رهيو ان کان پوءِ ڄاڃي گهوٽ ڪنوار کي اڪيلو ڇڏي ٽولين جي صورت ۾ هڪ ٻئي سان ڳالھ ٻولھ ڪندا هيڏانهن هوڏانهن ٽڙڻ پکڙڻ لڳا. هن ڏٺو ڪجهہ انسان هٿ کڻي نئين جوڙي جي خوشحال مسقبل لاءِ دعائون گهرڻ لڳا ۽ ڪجهہ انهن تي گل نڇاور ڪرڻ لڳا، هر انسان انهن کي دعائون ڪري رهيو هيو ۽ هن بہ دل ئي دل ۾ شانيءَ کي دعا ڪئي، شل هوءَ نئين ور سان سکي رهي.. هن کي زندگيءَ ۾ ڪو بہ به ڏک نہ پهچي.. ان کان پوءِ هو کنگهيو، هن اندر جي مونجهہ کي گهٽائڻ لاءِ ڪنڌ مٿي ڪري جيئن ئي وڏو ساھ کنيو ته ستارا هن جي اکين ۾ جهرمر ڪري چمڪي رهيا هيا، انهن جون لاٽون پاڻيءَ ۾ موٽ کائي رهيون هيون ۽ راهب نڪ وٽ گهمندڙ ڪولين جھڙي ڪتڪتائيءَ تي ضبط ڪري ڳوڙهن کي چهائي ڇڏيو.

گهوٽ ڪنوار کي ڪمري ۾ پهچايو ويو هيو ۽ ڄاڃين جا گولا وسامي ويا هئا، هن ڏٺو هر طرف اوندھ ئي اوندھ هئي، رڻ هيو جنهن ۾ ٿوهرن راڙا پئي ڪيا ۽ اڀ هيو جنهن ۾ ستارا پئي رنا. هو ڏڪندڙ قدمن سان آهستي آهستي اڳتي وڌيو، هو حيران ٿي ويو هن اڳتي وڌي وڃي ڏٺو، اتي ڪو بہ گهر نہ هيو، ڪا بہ به سيج نہ هئي، ڪٿي بہ مينديءَ جي خوشبوءِ ۽ ڳاڙهي جوڙي جي سرسراهٽ نہ هئي، ٻه ڳاڙها چپ ڪٿي بہ مرڪي نہ رهيا هيا، ٻہ پيار ڪندڙ ٻانهون ڪٿي بہ ڪر نہ ڀڃي رهيون هيون، اتي قبرستان هيو… هر طرف موت ئي موت، ڌرتيءَ جي دامن ۾ وکريل لاشا ۽ ماڪ ڀنل کٻڙ… ڪلراٺي زمين ۽ زمين دوز ميرا ڪفن.. سانت هئي، جنهن ڏک جي شرناءِ پئي وڄائي… اڀ هيو، جنهن رڙيون ڪري ڇرڪ پئي ڪڍيا.. خاموشي هئي، جنهن جي پڙاڏن کان دل پئي ڌڙڪي ۽ هڪ نئين قبر هئي، جنهن تي ڦولن جو سهرو چڙهيل هيو….

هو پريشان ۽ ڊڪندو ان قبر تي آيو، هن کي ان جي تازي مٽيءَ مان مينهن جي خوشبوءَ آئي. اڱر بتين جي دونهين هن جي وجود ۾ سوين ڀالا وهائي ڪڍيا، هو ڪرندي ڪرندي بچيو. هن هيٺ جهڪي ڦولن کي ڇهيو ۽ ڪتبي سان اکيون اکين ۾ ملائي بيهي رهيو…
”او راھ مان گذرندڙ انسان ٻڌ! مالڪ جي دل اهڙي قبر مثل آهي، جنهن ۾ اسين جيئرا دفن آهيون.“ هن ڪتبي مٿان پڙهيو ۽ پوءِ هيٺ هن جي نظر هڪ ٿلهي اکر تي پئي، ”مرحوما شاني، جنهن جوانيءَ ۾ پاڻ کي مالڪ حوالي ڪيو ۽ ان جي دل ۾ جيئري دفن آهي.“

راهب جي جسم جون مشڪون ڪنڊي ۾ اڀرندڙ ڌرڙين ڪري سخت ٿي ويون، هن ڪومايل ڦولن وارين لڙين کي قبر جي ڳچيءَ ۾ پائي، ان جي ٻانهن کي پنهنجي چوڌاري ويڙهي سيني سان لائي ڇڏيو..

ليکڪ جو نوٽ: هيءَ ڪهاڻي آمريڪي اديب هاٿورن جي نالي، جنهن جي سحرانگيزيءَ مون کي متاثر ڪيو.

(رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جي مجموعي ’ڪافر ديوتا‘ تان ورتل)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close