شھر تي ھي نالو جنگشاھي پير تان پيو. ھي درگاھ شھر کان ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھ طرف موجود آھي. درگاھ جا مجاور جوکين جي فقيراڻي پاڙي ڀنڊ جوکين مان آھن، ھن پاڙي جا ٻيا ڳوٺ ڪراچي جي ماڙيپور واري علائقي ديھ ’گابو پٽ‘ جي علائقي ’الھ ٻني‘ ۾ آھن، جتي پڻ ھي درگاھ ’لال بکر‘ جا مجاور آھن.
سانوڻي مند ۾ جنگ شاھي نئين تارو تار برساتي پاڻي آڻيندي آھي ۽ جنگشاھي ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن لاء تفريح جو سبب بنجندي آھي. نئين ڪاري جبل / ڪاري ارھ جي ڏاکڻي اڀرندي پٽن ’ڄٻھڙ‘ جو برساتي پاڻي کڻي جنگشاھي کان ٿيندي ھاليجي جو پاسو ڏئي گهاري واري سِير ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي آھي۔ ھاليجي جا بند ٻڌجڻ کان اڳ ھيءَ نئين ھاليجي ڍنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي.
سانوڻي جا مينھن وسن تہ سمورو علائقو سرسبز ٿي پوي. تل ترايون تار ۽ نياڻ آباد ٿي پون. نھري علائقن جا مارو ماڻھو جابلو علائقن ڏي لڏي اچن مال وجھ جوء ۾ ڇيڪ چري، جابلو ماڻھو لڏي ايندڙن کي چون ”سنڌي آيا آھن!!“ انھي مند ۾ شھر جو وڻج واپار وڌي ۽ روزگار جا ذريعا کلي پون. گيھ کير مکڻ جهجهو ٿي پوي. ھر ڪنھن جي منھن تي سرھائي، پر جي ڏڪار پوي ته ماڻھن جي منھن تي رونڇ لڳي پئي ھوندي آھي.. پيڻ لاء پاڻي بہ اڻ لڀ!!
سندم جنم ڀومي جنگ شاھي شھر کان چاليھ ڪلوميٽر پري ڳوٺ مالماڙي آھي. ٻاروتڻ ۾ ان وقت جنگ شاھي اچڻ اسان لاء ھڪ قسم جو ايڊونچر ھوندو ھو. زندگي سادي پر ڏکي گذرندي ھئي. منھنجي سانڀر ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڪم ڪار سانگي جنگ شاھي شھر اٺن تي اچڻو پوندو ھو. شھر جو سمورو وڻج واپار ڪوھستانين سان ڳنڊيل ھوندو ھو. شھر جي اولھ طرف عيسب فقير درگاھ (ھن درگاھ ۽ جنگشاھي پير جي درگاھ ۾ جوکين ۽ ٻين نامعلوم قبيلن جون شاندار گھاڙيون قبرون موجود آھن) وٽ اٺن جي جهوڪ ھوندي ھئي، جتان ھي صحرائي جھاز سيڌو سامان ۽ سواريون کڻي ڪوھستان جي مختلف ڳوٺن ڏانھن روانا ٿيندا ھئا.
زندگيءَ جو پھريون ريل جو سفر جنگ شاھيءَ کان حيدرآباد تائين 1964 ۾ ڇھن سالن جي عمر ۾ ڪيو. بابا سائينءَ جي پوسٽنگ (پوليس کاتو) جاتي ۾ ٿي. سڄي ڏينھن جو سفر ڪري ٽنڊي محمد خان ۽ سجاول کان ٿيندا، جاتي وڃي پھتاسين. ياد رھي ته ان وقت ٺٽي سجاول واري پل نه ھئي.
تن ڏينھن ۾ خط ڪتابت ڪوھستان جي واحد پوسٽ آفيس جنگ شاھي ذريعي ٿيندي ھئي. پوسٽ ڪارڊ ذريعي کليل خط سيٺ محبوب خواجي جي معرفت ڪيترن ئي ڏينھن کان پوء اچي ملندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ڪا پاروٿي اخبار شھر مان ايندڙ مٽ مائٽ جي ھٿان اچي ملندي ھئي تہ پوء سڄو ھفتو واري وٽي سان پيا پڙھندا ھئاسين، اخبار جو ملڻ ڪنھن سوکڙيءَ کان گهٽ نہ ھوندو ھو.
ڪوھستان ۾ وڻج واپار ٿئي ڪارپت ۽ ڀروسي سان، مينھن وسندا کيٽ لھندا پوءِ پيا قرض پٺا چڪتو ڪبا!! سانوڻيءَ ۾ تِر، منڱ، جوئر، گوار ۽ آرڻ جو فصل جهجهو لھي. گهڻو تڻو واپار ٿئي جنس بدران جنس ۾!!
محبوب خواجي جي پٽ حسين خواجي ۽ حاجي علم الدين جوکئي جي ھٽن جا ڀانڊا ھر وقت ڪوھستانين لاء کليل ھوندا ھئا. مجال آھي جو ڪا چيز ھيٺ مٿي ٿئي، ڀلي مھينو پئي ھجي!! ڇا تہ خلوص ۽ محبتون ۽ ڪارپتون ھونديون ھيون.
ھيءَ جيڪا پاڪستان ريلوي اڳوڻي ويسٽرن ريلوي ڏسو ٿا، ان جي ماءُ سنڌ ريلوي ڪمپني آھي. جنھن کي 1858 ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي پٽڙي وڇائڻ جو حڪم مليو، جنھن جو افتتاح 29 اپريل 1858 تي ڪمشنر سر بارٽل فريئر ڪيو. جيڪو ڪم 1861 تي وڃي مڪمل ٿيو ھو.
جُنگ شاھي اسٽيشن 1858 کان پوء تعمير ٿي. ريلوي جو پھريون انڊرپاس جنگشاھي اسٽيشن تي انگريزن ٺھرايو.
جنگ شاھيءَ جو رومانس ريلوي اسٽيشن سان ھوندو ھو ، جتي ھر وقت ايندڙ ۽ ويندڙ ريل گاڏين جي اسٽاپ ھئڻ سبب رونق لڳي پئي ھوندي ھئي. ريل جو بيھڻ ۽ لسي وڪڻندڙ پورھيتن جون صدائون ماحول کي رومانٽڪ بڻائي ڇڏينديون ھيون. جنگ شاھي جي اصلي گيھ مان ٺھيل بالو شاھي وانگر ھتي جي لسي پڻ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشھور ٿي. جنگ شاھي ٽيشڻ جا ھوادار شيڊ ۽ انھن ۾ رکيل بينچون ڪيترن ئي روسامن ۽ پرچائن جون اڄ به گواھ آھن. شھر ۽ آسپاس جي ڳوٺن جا ٻڍڙا توڙي جوانڙا شام جو تيل ڦليل ڪري سينگارجي سنوارجي، انھن شيڊن ھيٺيان اچي آسيس وٺندا ھئا. ٽيشن جو مسافر خانو به عجيب دنيا ھوندي ھئي، جتي ھر وقت خلق جي گھما گھمي، گهوريئڙن جو ھل بکيئڙو ۽ ٻارن جو ٻائيتال متل ھوندو ھو. ريل جي اچڻ تي گهنڊ جا ٺڪاءَ من کي مست ڪري ڇڏيندا ھئا. اڄ ھتي ريل گاڏين جي اسٽاپ ختم ٿيڻ سبب ويراني ڇانيل آھي.. ’پسیو بازارون، ھيئڙو مون لوڻ ٿئي‘ وارو لقاء من کي اداس ڪريو ڇڏي!!
ڪراچي ’سنڌ جي مارئي‘ آھي ۽ جنگشاھي ان مارئي جي ماءُ.. ڪراچي بندرگاھ ۽ ڪراچي جي ٽاور جي پاسي ۾ جيڪي ريلوي لائين تي سنڌ ريلوي ڪمپني جي گدامن جون پراڻيون عمارتون ڏسو ٿا، انھن ۾ ڪتب آيل پٿر جنگ شاھي کان ريل ذريعي ڪراچي آندو ويو ھو. انگريزن جنگ شاھي شھر ۽ ريلوي اسٽيشن جي اھميت کي محسوس ڪندي ضلعي جو پھريون پڪو روڊ جنگ شاھيءَ کان ٺٽي تائين ٺاھيو ھو. ھن روڊ تي ويجهڙائي تائين SRT جون سرڪاري بسون ھلنديون ھيون، جيڪي ڪيترين پريم ڪھاڻين کي جنم ڏيئي ماضي جو قصو بنجي تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ دفن ٿي چڪيون آھن!!
1947 جي ورھاڱي سنڌ جي سماج ۾ وڏي اٿل پٿل آندي، جنھن سبب سنڌ جو ھر ننڍو وڏو شھر متاثر ٿيو. ورھاڱي کان اڳ شھر جو وڻج واپار واڻين جي حوالي ھو، سندن ٺھرايل گهر، ڌرم شالائون ۽ سرائَي خانا اڄ بہ شھر ۾ موجود آھن. ڪجهہ جايون لڏي آيل قريشي برادري کي ڪليم ۾ مليون، جيڪي بعد ۾ ڪراچي، ٺٽي ۽ گهاري طرف لڏي ويا. چيو وڃي ٿو تہ موجوده پوسٽ آفيس جي پاسي ۾ موجود عمارت، جيڪا ڪيترو ئي وقت تعليم کاتي جي تعلقي ماستر جي رھائشگاه رھي آھي، سا ڪنھن مخير ھندو عورت پنھنجي سرڳواسي پَتي/ مڙس جي ياد ۾ ٺھرائي ھئي، جيڪا اصل ۾ سرائي خانو ھئي. اڄ اھا عمارت اويڪيو ٽرسٽ جي ملڪيت آھي.
ماڻھو ڪي مري کپي ويا ته ڪي وري پنھنجا اباڻا ڪک پن ڇڏي لڏي ويا!! چھرا مٽجي ويا پر انھن عمارتن ۾ ڪتب آيل ھر ھڪ پٿر شھر جي تاريخي عظمت جو گواھ آھي.
شھر کان اولھ ڏکڻ ڪنڊ تي ڳوٺ حسن پليجي جي ڀر ۾ پراڻي ايئر پورٽ جا آثار اڄ بہ موجود آھن. ھي ھوائي اڏو ٻي عالمي جنگ دوران جنگي مقصدن لاءِ ايندو ھو. ھن وقت ھي تباھ ٿي ديوين جي جهنگ ۾ لڪي چڪو آھي.
جيئن جهمپير ۽ ڪينجهر جو پاڻ ۾ جسم ۽ روح وارو لاڳاپو آھي، تيئن جنگشاھي ۽ ھاليچي جو پڻ جسم ۽ روح وارو تعلق آھي. شھر جي جياپي ۾ ھاليچي ڍنڍ جو وڏو حصو آھي. ھاليچي جي ”ديا“ مڇي جنھن نہ کاڌي، تنھن ڪجهہ نه کاڌو.
جنگشاھي لساني فسادن جا زخم پڻ پنھنجي سيني تي سَٺا. ھن شھر مشھور آرٿوپيڊڪ سرجن ڊاڪٽر محمداقبال جوکيو ۽ سندس ڀاءُ انجنيئر اطھر احمد جوکيو جون شھادتون وڏي صبر ۽ حوصلي سان وصول ڪيون ۽ شھر ۾ رھندڙ اقليتي لساني گروھ کي ڪو جوکم نہ رسايو.
جنگشاھي زنده دل ماڻھن جو شھر آھي. ھن شھر لکاڏنو بلوچ جھڙن فنڪارن کي جنم ڏنو تہ وري انھن محنت ڪش سنگتراشن کي پڻ، جن جا گَهڙيل جنڊ ۽ اکرا ملڪان ملڪ مشھور ٿيا. جنگشاھي جي مٽي مردم خيز آھي، ھن شھر مدبر انسانن کي جنم ڏنو آھي، جن سنڌ جي سياست، تاريخ، علم و ادب ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آھي. منگر خان پليجي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيل رسول بخش پليجي ۽ سندس خاندان مسلسل جاکوڙ بي مثل جدوجھد پي پناھ حوصلي ۽ پنھنجي انفراديت سبب سنڌ جي سياست ۽ علم و ادب کي نوان رخ عطا ڪيا ۽ جنگشاھي کي ملڪي توڙي عالمي سڃاڻپ عطا ڪئي آھي.
جنگشاھي شھر ۽ اوسي پاسي ۾ رھندڙ ھر برادري ۽ ھر خاندان الڳ الڳ ڪھاڻي رکي ٿو. اھڙيءَ طرح فردن توڙي برادرين جون اھي ٽڙيل پکڙيل ڪھاڻيون گڏجي سڏجي جنگشاھي شھر جي منفرد ۽ دلچسپ تاريخ کي جنم ڏين ٿيون. وقت جي ضرورت آھي ته انھن کي ترتيب ڏئي، ھن شھر جي تاريخ کي محفوظ ڪيو وڃي.
(روزاني ’پنهنجي اخبار‘ جي ٿورن سان۔)