اسان اڄ به اُن اوائلي انسان جيان آهيون، جنهن پهرئين پهر، شين کي متحرڪ ۽ تبديل ٿيندي ڏٺو ته خوف جي حد تائين حيران ٿيو هو. ظاهر آهي ته هُو اُن وقت تائين، ذهني طور تي ايڏو بالغ نه ٿيو هو، جو تبديليءَ جي داخلي ڪارڻن تي غور ڪري سگهي ها.ان ڪري هو شين کي تحرڪ ڏيندڙ قوت کي، داخليءَ بدران خارجي سمجھڻ لڳو. ڪڪرن جي گجگوڙ، ڌرتيءَ جو ڌُٻڻ ۽ مينهن جو وسڻ عام انساني سمجھ جي سطح ۽ قوت کان مٿانهان ته هئا ئي! تنهن ڪري، اُنهن مظھرن جي مادي تشريح کي، ناممڪن ڏسي انهن جي پُرستشن شروع ڪئي وئي، هتي ئي ديوين ۽ ديوتائن جو ايجاد ٿيو… هيءَ باھ جي ديوي، هي مِينهن جو ديوتا، هي ڌرتيءَ جو، هي سج جو، هي اولاد جو، هي شڪار جو. ديوتا به اهڙو، جيڪو ڊائنوسار کان سگهارو، گجگوڙ کان طاقتور ۽ کنوڻ کان تکو..
هتي، ڪجھ ماڻهو، زندگيءَ جي اکين ۾ اکيون ملائڻ کان لنوائڻ لڳا، زندگيءَ سان مُنهن مُقابل ٿيڻ جي ڀيٽ ۾، کين اُن کي پُٺ ڏيکارڻ سولو لڳو.محنت ۽ جرئت جي گهٽتائي کين هار مڃائڻ ڏانهن وٺي وئي،منجهن مقابلي جي همت نه رهي ۽ هو دنيا جي خوشين ۽ نعمتن کي بُرو ڀلو چوڻ لڳا، دنيا ۽ زندگيءَ کي ڪُوڙو قرار ڏنائون…’بس ديوتا سچو آهي، ديوتا ئي محبت ۽ عبادت جي لائق آهي، پوءِ عقيدو بڻجي ويو، ته جيڪي ماڻهو، هر وقت دنيا جا سُک ۽ ڌن دولت ميڙڻ ۾ لڳي ويندا آهن ته اُنهن کي ديوتا جي ’راضپي جي دولت‘ ڪڏهن به نٿي ملي سگهي ۽ نه ئي هو مڪتي ۽ نجات ماڻي سگهن ٿا. جڏهن ديوتا ۽ ديويون وجود ۾ آيون ته پوءِ، اُنهن ۾ انساني عادتون گَهڙيون ويون، ڪهڙي ڳالھ تان ديوتا خوش ٿيندو آهي؟ ڪھڙي ڳالھ کيس ناراض ڪري سگهي ٿي؟ ديوتا کي راضي رکڻ لاءِ، خاص رسمون بڻجنديون ويون. انهن رسمن ۾ تمام گهڻي سرگرمي ڏيکاريندڙ انسان کي، ٻين انسان جي ڀيٽ ۾، مٿانهون ۽ مان وارو ڄاتو ويو. اهڙي ريت انهن ديوتائن ۽ ديوين کي قابو ۽ راضي رکڻ وارن خاص ماڻهن جو جنم ٿيو. ديوتائن جا محبوب ۽ پيارا ماڻھو، جيڪي ڪنهن به ضرورتمند جي ضرورت پوري ڪرائي سگهيا ٿي! يعني ديوي ۽ ديوتائن سان گڏوگڏ، اُنهن جي برگزيده ۽ پسنديده ماڻهن جي به پوڄا ۽ عبادت ٿيڻ لڳي.. ائين مجاور، مخدوم، سجاده نشين، خليفا، ڀڳت، سوامي وغيره جا لقب ٺهيا.. انهن کي خوش ڪرڻ ۾، ديوتا جي راضپي جو ڪُوڙ گهڙيو ويو ۽ انهن برگزيدن کي اڳيان هلي حاڪمن جو روپ ڌارڻو هو ، پوءِ اُهي دولت ۽ طاقت وسيلي اڳيان آيا ، ديوي ۽ ديوتا فقط سندن ڪمپني ۽ ڪارپوريٽ ٿي رهجي ويا.
پر ساڳئي وقت، ڪجھ اهڙا ماڻهو به هئا، جن انهن مظهرن جي عقلي تشريح ڪرڻ گُهري، انهن کان ڊڄڻ بدران منجهن دلچسپي ورتائون، انهن کي کوجي، سندن اصل حقيقت جي ڳولھا ڪري دنيا کي ٻُڌايائون. هتان ئي فلسفي جي سائنس اُسرڻ لڳي.
ٻنهي پاسي ترقي ٿيندي رهي، هوڏانهن وڌيڪ قصا ۽ ڪهاڻيون عبادتن ۽ مندرن ۾ بدلجنديون ويون، موت کان پوءِ واري حياتيءَ جو نظريو ٺهيو ۽ هيڏانهن وڌيڪ ايجادون سامهون اچڻ لڳيون. تقليد (انڌي پوئواري) جي مخالفت ٿي، ڪنهن ڪائنات ۾، ڌرتيءَ جي مرڪزي حيثيت کي للڪاريو، ڪنهن سج کي خدا مڃڻ بدران گئسن جو مجموعو قرار ڏنو. انهيءَ ڏوھ ۾ ڪنهن کي جيئرو ساڙيو ويو ۽ ڪنهن کي زهر پيئڻ جي سزا ڏني وئي.
اها ڇڪتاڻ هر جاءِ تي هلندي رهي، پر سڀني کان منظم ۽ رڪارڊ شده طور تي يونان ۾! روم ۾ ته ڊگهي ۽ تباھ ڪن آمريت، هر بحث ۽ ڪشمڪش کي بند ڪيو ۽ هي جهيڙو يورپ جي حدن کان، ٻاهر هليو ويو. بوعلي سينا، پهريون حملو ئي بائبل تي، هن جملي سان ڪيو ته ’هن (بائبل) کي جاهلن جي لاءِ، قصن ۽ ڪھاڻين سان ڀريو ويو آهي‘ چرچ ۽ پادريءَ جي حاڪميت تي پهرئين ڪاھ، ميڪاولي ڪئي… ۽ پوءِ سڄاڳيءَ جو دور آيو، جنهن ۾ دليل ۽ سائنس (مروج عقيدي)، ۽ جنونيت تي جوابي وار ڪيو ويو ۽ بني نوع انسان لاءِ، سوچ جي آزادي حاصل ڪئي وئي. چرچ کان هٽي ڪري، آزاداڻي طور تي سچ جي ڳولا واري جنگ جي ڪمانڊرن مان ڪجھ جا نالا هي هئا. دانتي، پڙارچ، ڊاونچي، اراسس، لوٿر، ويچو، ڪوپرنيڪس، گليلو، نيوٽن، بيڪن، ۽ جيراڊ برونو ( جنهن کي پادرين ساڙيو هو). اهڙين ڇڪتاڻن سان لکيل آهي انساني تاريخ.
سوچ ۽ فڪر جون اهي ٻئي ڌارائون هلنديون رهيون. اڄ انسانن جي گهڻائي، انهن ٻنهي فڪري مڪتبن مان ڪنهن نه ڪنهن سان واڳيل آهي… سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي سموري ترقيءَ کي انهن چڱيءَ ريت ڪم آندو، ڏاڍي گهڻو ۽ هيڻي ٿورو گهٽ.. هڪ ٽيون گروھ اهڙو وجود ۾ آيو جنهن کي ”يوٽوپيائي“ سڏيندا آهن. هي گروه هو ته عقيدو پرست، پر پنهنجي ڌيان جو مرڪز ۽ محور انسان ۽ انساني حياتيءَ تي رکندو هو. بني آدم جي سُک ۽ خوشيءَ جي تمنا ڪندي، هي گروھ بادشاھت کي پسند نه ڪندو هو، جاگيرداريءَ کي سٺو نه سمجهندو هو. دنيا ۾ عام طور تي ۽ مشرق ۾ خاص طور تي هڪ تماشو اهو پڻ رچايو ويو، جو هتي وڏن وڏن سماج سڌارڪن ، انقلابين ۽ امن جي پيامبر انسانن کي پير ۽ مرشد، سينٽ ۽ مھاتما بڻائي، اُنهن جي پوڄا شروع ڪرائي وئي ۽ ڏسندي ڏسندي موجود ۽ مروج نظام جو باغي، اُنهيءَ نظام جي پيشوائن ۾ ڀرتي ڪيو ويندو آهي. ائين اُن جي ڪارنامن تعليم ۽ انسان دوستيءَ جي روان دوان جوهر کي عقيدي ۽ عبادت جو چوغو پهرائي ويهندا آهن. اُن جي نالي جا ترانا، نعرا، ورد، جهنڊا، جلوس ۽ دهل، رقص ۽ رسمون، اُنجي سڃاڻپ بڻجي وينديون آهن.
آئيڊلزم شين جو تصور ڪندي آهي، رُوحن جي وجود کي فرض ڪندي آهي، هر شيءِ کي خيال ۾ ڪامل مڃيندي آهي، پر جنهن به شيءِ کي فرض ڪندي آهي اُن جي ثابتي پيش نه ڪندي آهي، سائنسي وضاحت نه ڏيندي آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، گذريل چار صدين کان اسانجي خطي جو اهڙو ئي مشهور ترين ولي رهيو آهي. آءُ کيس فلسفي، دانشور ۽ شاعر ته پوءِ چوندس، جڏهن آءُ پنهنجي ڳالهه ڪري رهيو هوندس. هيئنر ڏسون ٿا ته، ماڻهن جي نطر ۾، شاه لطيف جو مقام ڪهڙو آهي؟ ماڻهن جي نظر ۾ هُو معجزن ڀريو ولي آهي! پر ماڻهو پاڻ ڇا آهن؟ اسان جي عوام جو شعور ڪهڙي سطح تي آهي؟ ماڻهو ته تقدير پرستيءَ ۾ پليل آهن. ماڻهو، جيڪي بُت شڪن ٿيڻ ۾ ڊپ (Thrill) محسوس ڪندا آهن ۽ جڏهن حالتون سازگار هونديون آهن ۽ نٻر ۽ نِست ماڻهن جو ميڙ ڪٺو ٿيندو آهي، جيڪي بازارن ۽ گهٽين ۾ بُت ٽوڙڻ جو ڏيکاءُ ڪندا گهمندا آهن، پر سڄي زندگي پنهنجي دلين ۾ تعصب ۽ ننڍڙائپ جي بُت سازي ئي ڪندا رهندا آهن ۽ بُت پرستي ڪندي ئي مري ويندا آهن. هيستائين جو سماج ۾ ڪجھ ماڻهو ان (بُت) جي نالي سان جھنڊن ۽ بينرن سان انسانن کي قتل ڪرڻ وارا جٿا ٺاهيندا آهن. هو انهن ٽولن کي انهن ئي وڏن انسانن سان منسوب ڪري، انهن جي تعليم کي بگاڙيندا ويندا آهن. اهڙيءَ ريت انهن جي ڦُرلٽ توڙي قتل کي، جواز جو هڪ ٿُلهو پردو ملي ويندو آهي .
هڪ اهڙو به وقت آيو، جڏهن اسان جي شاهه لطيف کي پنڊتن، سجاده نشينن، اهڙي درويش جو رُوپ ڏنو، جيڪو هڪ تنبورو هٿ ۾ کڻي، دنيا کان بي خبر ٿي تصورِجانان ۾ ويٺو آهي ۽ هر وقت سُپرين جي سارَ ۾ ئي محو آهي. آسي پاسي جي ماحول سان سندس ڪو لاڳاپو ناهي. وري ضياالحق واري دور ۾ رڳو ايترو فرق آيو، جو سندس مشهور پورٽريٽ ۾،سندس هٿن مان تنبورو ڦُري، تسبيع ڏني وئي ۽ سڄڻ جي سارَ کي يادِ الاهي ۾ بدليو ويو، باقي بيانيو ساڳيو رهيو. بيشڪ شاھ لطيف کي ٻين دانشورن جيان تقدير پرستيءَ ( آئيڊيلزم) جي چادر اوڍيل هئي، پر شاھ جي آئيڊيلزم جا سبب مادي، معاشي ۽ سماجي هئا، ڇاڪاڻ ته هڪ پُٺتي پيل سماج ۾ متحرڪ عملي مزاحمت جي صورت موجود نه هئي. شاعري ۽ موسيقيءَ جي ميلاپ اُنهن ڳالھين جي محتاج نه هئي. شاھ لطيف عوامي مامرن کي، جنهن ڀرپور ۽ پُراثر نموني بيان ڪرڻ جي شروعات ڪئي، اُن جو مٽ ۽ ثاني اڳ ۾ نٿو ملي. پنهنجي ڪلاسڪ ورثي جي سرزمين تي پير ڄمائي، شاھ لطيف ڪڏهن فلسفياڻو ۽ ڪڏهن سادوسيڌو انداز پنهنجائيندي، پنهنجي عوام سان مڪمل وابستگي رکي.اُن وقت جي اهم ترين موضوعن کي نڀايو. حڪمران، جاگيردار، مُلي ۽ پير سان وٿي رکي، پنهنجي فڪر جي آبياري ڪندو رهيو. توڙي جو اُن کان پوءِ جي هر درٻار ۽ سرڪار، سندس فڪر کي ڪنڊيدار لگام پھرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪو به هيڻي ۽ غريب عوام جي دلين مان ڪڍي نه سگهيو.
ٿورو غور ڪجي ته حيرت ٿيندي، جو مڙني وڏن وڏن انسانن جي سموري تعليم انسان دوستيءَ تي ٻڌل هئي،اها عقيدو ته بڻجي ئي نٿي سگهي. پر تنهن هوندي به پيرن ۽ جاگيردارن مزي مزي سان سندس نالي Sufi Shrine Cult جي عمارت کڙي ڪئي ۽ اسان جي سمورن عظيم رهبرن کي، ماڻهن کي پُٽ ڏيڻ، پرائي عورت کي پنهنجو ڪرڻ، ڌاڙي ۾ برڪت وجھڻ، فلم کي ڪامياب بڻائڻ ۽ مخالف کي هارائڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو. ڪٿي هي نج مذهب ٺهيو ته ڪٿي ٿورو مُبهم عقيدو ۽ ڪٿي رڳو هڪ فڪري مڪتب ئي رهيو.
پاڪستان ۾ خاص طور تي گذريل ويهن پنجويھن سالن ۾ اُڀري آيل مڊل ۽ اپر مڊل ڪلاس، واضح گهڻائيءَ ۾ سرڪار جي هٿ ۾ آهي ۽ ساڄي ڌر جو پڪو فرمانبردار ڪارڪن آهي، جيڪو هاڻي، جج، سيڪريٽري، ڊي.جي، ۽ جنرل جي عهدن تائين پهچي چڪو آهي. هو پنهنجي ڏُکن، سُورن کي پنهنجي خاص پس منظر ۾ هڪ رومانوي ۽ شارٽ ڪٽ انداز ۾ رکندي آهي ۽ انهن جو رومانوي انداز ۾ حل گُهرندي آهي.
هوڏانهن سوويت يونين جي ٽُٽڻ کانپوءِ، پاڪستان جي هر حڪومت کي، هي مسئلو در پيش رهيو آهي، ته هتي جي قيادت ۾ اُڀري آيل، منظم ٿيل ۽ پوءِ تمام گهڻين سگهارين ڌرين کي، ڪهڙي ريت قابو ڪجي؟ تڏهن مٿئين طبقي جي ڪجھ دانشورن کي خيال آيو، ته مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف ڪو نئون محاذ کوليو وڃي، هڪ ’مذهبي روحاني محاذ‘! جنهن کي، هو ’مسٽزم‘ يا ’صوفي ازم‘ چوندا آهن. ٻين لفظن ۾ هن خطي جي انسان دوست فلسفين، صوفين ۽ بزرگن جي تعليم کي عقيدو بڻائي، اُن عقيدي کي ’صوفي ازم‘ جو نالو ڏيئي کيس ’وهابي عقيدي‘ سان ويڙھائڻ جي رٿا رٿي وئي. هن خيال کي اين جي اوز هڪدم جھٽي ورتو ۽ پوءِ چندو ڏيڻ وارن مغربي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس هن جي منظوري ڏني. مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو، کين سمجهائيندا رهيا، ته ايئن ڪرڻ سان ڪا ڀلائي پلئه پوندي، ۽ نه ئي هڪ مذهبي عقيدي هٿان، ٻئي مذهبي عقيدي کي مات ڏيئي ڪو جمهوري يا سائنسي سماج اڏي سگهجي ٿو. عقيدن کي ته مٿيون طبقو پنهنجي اقتدار کي ڊيگھ ڏيڻ لاءِ ڪتب آڻيندو آهي، پير ۽ پنڊت ته سدائين سرڪار جي فائدي لاءِ استعمال ٿيندا آهن. جنهن وقت ڪو عقيدو، شاھ يا حاڪم طبقي جي استعمال جي قابل نه رهندو آهي، ته هو اُن کي پري اُڇلائيندا آهن يا وري ائين چئون ته جنهن وقت ڪو عقيدو عوام ۾، مقبول نٿو رهي ته هو حاڪم طبقي لاءِ بيڪار بڻجي ويندو آهي.
ٻُڌمت سڀني کان امن پسند مذهب آهي، پر ڇا اهو دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيو ؟ چين ۽ ويٽنام جي لڙائي وسري وئي؟ برما ۾ انهيءَ امن پسند مذهب جو مسلمانن تي مڙهيل جنگ ياد آهي؟ ساڳيءَ ريت تقدير پرستي به هڪ عقيدو آهي، جيڪو عوام جي دلين ۾ گهرائيءَ سان کُتل آهي، ۽ هر ٻي عقيدي پرستي، پهرئين عقيدي پرستيءَ جھڙي ئي ٿيندي آهي.اُها ڀلي ڪھڙي به قسم جي هجي، جھنڊو، رنگ ۽ نعرو ڀلي ڪھڙو به هجيس. تقدير پرستي هڪ اهڙو انڌو عقيدو آهي، جتي شڪ ڪرڻ جي آزادي ناهي هوندي. سوال پڇڻ ته پري، سوال سوچڻ جو ڏوھ به، ڪنهن مادي، معاشي يا جاني نقصان جي سزا جو سبب بڻجي سگهي ٿو. حالانڪه سوال ڪرڻ ، بحث ڪرڻ ته انسان جي سڃاڻپ آهي.
هڪ ٻي ڳالھ به ذهن نشين ڪرڻ جهڙي آهي، اُها هي ته هر خاموش رضامندي ”تقدير پرستيءَ“ کي همٿائيندي آهي ۽ هر اختلاف اُن کي ٻه ڀيرا سوچڻ تي مجبور ڪندي آهي. انڌي پوئلڳي rigid, determined کي فقط سائنسي سوچ سان ئي هارائي سگهجي ٿو. پر هي سڀ ساڄي ڌُر جا عقيدي ساز انهن انسان دوست فلسفين جي تعليم کي عقيدو بڻائڻ ۾ هڪ عرصي کان ڪامياب ٿي، پنهنجو اقتدار قائم رکندا پيا اچن. ريڊيو۽ ٽي وي، تي انهن جاگيردار ليڊرن جي چوڻ تي اسان جي تمام وڏن ۽ مشهور مفڪرن ۽ روشن خيال، عوامي انقلابي شاعرن کي راهب، نيم مجنون، پير، ولي يا صوفي سمجھائڻ تي لڳايو ويو آهي. شاھ لطيف توڙي اُن جي پيشرو شاھ عنايت جي مزاحمت واري روايت بدران جهوڪ ۾ اُنجي درگاھ تي پيري فقيريءَ سان روزي ڪمائڻ وارن ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن حڪومت، صوفي ازم ۽ وهابي عقيدي کي پاڻ ۾ ٽڪرائي ٿي ته اُن مان نئين ڪھڙي شيءِ جنم وٺندي؟ فقط ۽ فقط ڊپ کي جنم ڏيندي. بس (اسانجي معاشري ۾ ڊوڙ ئي هن ڳالھ جي آهي، ته هن ڳالھ تي ڪير گهڻو خوف پئدا ڪري سگهي ٿو ۽ ڪير آفيم جي پنڪي؟) ڊپ، مدهوشيِءَ جھڙا ئي نتيجا ڏيئي سگهي ٿي.
بھرحال سنڌ ۾ هي وڏو الميو رهيو آهي ته هتي جي سمورن وڏن انسانن جي واضح قد ڪاٺ ۽ صورت هجڻ جي باوجود، انهن جي شخصيتن کي وڻ ويڙهي جيان ڍڪيو ويو آهي. ان ڪري جو اسان منجهن انساني وصفن، ڪمزورين ۽ ناڪامين ڏانهن ڏسي نه سگهون، بلڪه هي هڪ اهڙو ماحول هوندو آهي، جو فقط ۽ فقط پوڄا ۽ پُرستش جي پاسي ڌڪيندو آهي. اسان ڏسون ٿا ته ڪيئن سنڌ جي عوام کي شاھ لطيف جي ميلي جي نالي تي دُھل ۽ شُرنائين، وزيرن ۽ انهن جي هُوٽر وڄائيندڙ گاڏين جو حوالي ڪيو ويو آهي. (ڪير حقدار آهي شاھ لطيف جي مزار کي غسل ڏيڻ جو؟ اُن عظيم انسان ته سسئي جي سُر ۾ چيو هو ته ”مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري“). سڄي دنيا ۾ ”تصوف“ جو اصطلاح جوڙي، اُن کي هن ريت پيش ڪيو ويو جھڙوڪ اُن ۾ دنيا کي ترڪ ڪرڻ ۽ ماٺ ۾ رھڻ وارو پھلو حاوي هجي. دانشوراڻي ثابتيءَ کان مٿانهين، منطق ۽ استدلال کان پرانهين دنيا! بس اُتي جو هڪ سڳو ڪرائي يا ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ سڀئي مسئلا انهيءَ ڌاڳي جي حوالي ڪري، ماٺ ڪري ويهو. انهيءَ سوچ ئي ڏاڍ ۽ ڦُرلٽ تي ٻڌل ملوڪيت جي دور ۽ جاگيرداري سماج کي بچائي رکيو آهي. مطلب ته مُلائيت ۽ خانقائيت ۾ طريقي ڪار جي فرق کانسواءِ، ٻيو ڪو به فرق ناهي، سندن مقصد ۽ نتيجو هڪ ئي آهي. هي صوفي ازم، جاگيرداريءَ جو ’بچاءُ بند‘ آهي، اُنکي تباهيءَ کان بچائڻ وارو فڪر آهي، عوام جي اندر انقلاب ۽ جدوجھد جي اُسرندڙ جذبن کي، مفاھمت ۽ ٺاھ جو رستو ڏيکارڻ وارو فلسفو آهي. ان فلسفي جا پوئلڳ، پاڻ سان ٿيندڙ هر ناروا سلوڪ ۽ ڏاڍ کي الله جي رضا سمجهي قبول ڪرڻ ۽ اُن تي شُڪر ڪرڻ جو رستو چونڊيندا آهي.خاص طور تي اسانجون حڪومتون ۽ صحافتي صنعت اُن ماڻھن کي گهڻو اُڀارين ٿيون، جن ڏاڍ ڏمر جي خلاف عوامي مزاحمت کي ڍرو ڪيو هجي، شاھن ۽ جاگيردارن جي ڏاڍ کي خدا جو ڪيو سمجهي پريشان حال عوام کي ڳاٽ اُوچو ڪري هلڻ جي جسارت کان محروم رکيو هجي. خانقائن جا گدي نشين ( بقول اقبال مجاور ۽ گورڪن) نذرانا وصول ڪندا رهن ٿا، درگاھن کي سجدا ۽ چُميون ڏياريندا ۽ پنهنجي ڪرامتن جو چرچو ڪندا ۽ ڪرائيندا رهن ٿا. هيءَ هڪ اهڙي سازش آهي، جو انهن عظيم هستين تي کوجنا ڪندڙ محقق به اُنهن جي ’شناس‘ بڻجڻ بدران سندن ’پرست‘ بڻايا وڃن ٿا.
رومي، شاھ عنايت، مست توڪلي ۽ شاھ لطيف جي فڪر سان هڪ ٻي راند هي کيڏي وئي، جو اُن جا ٻه چار شعر کڻي عقل ۽ فڪر کي اُڇلي هنيائون ۽ اعلان ڪيائون ته هي برزگ عشق ۽ جُنون جي ئي هدايت ڪندا رهن ٿا ۽ وٽن عقل توهين ۽ ذلالت جھڙي شيءِ آهي. سماج ۾ اسٽيٽسڪو جون قوتون اهوئي چاهين ٿيون، ته اسان جي انهن بزرگن جي ڪلام کي، اهڙيءَ ريت پيش ڪجي، جو عقل جو استعمال شيطاني ڪم قرار ڏجي. ڇاڪاڻ ته عقل تقليد جو ٻيڙو ٻوڙيندو آهي ۽ تقليد جو ٻيڙو ٻُڏي وڃي ته سجاده نشين ۽ مخدوم جو ٻيڙو به اونڌو ٿيندو ۽ نتيجي ۾ سڄو جاگيرداري سرشتو هڪ ڌڪ سان ڪِري پٽ پوندو. جاگيردار ائين ڪرڻ ڪٿان ڏيندو؟
طئي ٿيل ڳالھ آهي ته حاڪم ۽ محڪوم،ڏاڍي ۽ هيڻي ، مفت خور ۽ محنت ڪندڙ جي وچ ۾ ازل کان جنگ جاري آهي ۽ اُن ويڙھ کي مُڏي ڪرڻ لاءِ حاڪم هميشه نوان نوان ’ازم‘ ايجاد ڪري عوام ۾ اُڇلائي ٿو، صوفي ازم به اُنهن منجهان هڪ آهي. هي سرڪاري لفظ ۽ سامراجي اصطلاح آهي. سنڌ، ڏاکڻي بلوچستان ۽ پنجاب جي سرائڪي پٽيءَ ۾ صوفي ازم تمام گهڻو مشهور آهي پر ڇا اُتي هر سال سَون جي انگ ۾ عورتون مارجي نٿيون وڃن؟ ڇا اُتي بدلي ۽ قتل، ڌاڙن ۽ ڀُنگ ڀتي لاءِ ڪيل اغوائن جو انگ ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾وڌيڪ ناهي؟ ڇا رشوت خوري، سفارش ۽ امتحانن ۾ نقل ۾ ڪا گهٽتائي آئي آهي؟ ڇا جاگيردار صبح شام، شاھ لطيف جا قصيدا ڳائڻ کانپوءِ هارين جي ڦُرلٽ نٿو ڪري؟ ڇا اُتي جي سڀني صوفين جي ڪلام، عرس ۽ ڌمالن، جاگيرداري نظام ۾ ڪو ڇيد ڪيو آهي؟
صوفي ازم هڪ غير اطمينان بخش ۽ تڪراري نالو آهي. جنهن کي، عقيدي جي داخلي حقيقت جي مختلف سماجي ۽ ادارتي مظھرن تي ٺھڪايو وڃي ٿو. اسان جي ليکڪن وٽ تصوف جھڙي بي معنيٰ لفظ کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪا به حتمي وصف ناهي. هِتان هُتان ڌُڪا هڻي پاڻ کي صوفي، سَنت ۽ ڀڳت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. انهن جو خيال آهي ته ’تصوف جو لازمي وظيفو سلوڪ ۽ باطن جي پاڪيزگي سان لکيل آهي‘ سلوڪ اجايو لفظ آهي ۽ باطن به ڪوھيڙي ۾ ورتل! ۽ پوءِ هو پڙھندڙ کي، هڪ ٻيو زنگ لڳل عينڪ پارائين ٿا ’تصوف جو عمومي مرڪز خدا، انسان ۽ وقت جي سھڻي سٽاءُ تي بيٺل آهي.‘ هن سلسلي ۾ هو ”صوفيانه واردات“ جو لفظ به ڪتب آڻيندا آهن. صوفي ازم ڪا واحد ۽ متشڪل فڪري مڪتب ناهي. هي ٽڙيل پکڙيل بلڪه مخالف ۽ ٽڪراءُ وارين نظرين کي زوري گڏ ڪرڻ ۽ مال ميڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ به ناهي’صوفي هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن کي پاڪستاني مڊل ڪلاس مانُ مرتبي جو ٻِلو سمجهيو آهي ۽ ٻين رسوائي جي اصطلاح‘. هي اصطلاح هاڻي هڪ نمائيندا لفظ به نه رهيو آهي ان کي ترڪ ڪرڻ گهرجي، ته جيئن عظيم انسانن کي ڪنهن گُمان جي نقاب بدران سڌو سنئون اُنهن جي پيغام سان سڃاڻي سگهجي.
ماڻهن جي پئدا ڪيل هن مفروضي جي به ڪا حقيقت ناهي، ته سڀئي صوفي سلسلا اسٽبلشمنٽ جا مخالف هئا. مغلن کان وٺي بيگن تائين ۽ انگريزن کان وٺي پوءِ جي حاڪمن تائين، جيڪڏهن کين صوفين، درٻارين، سجاده نشينن جي گهڻائيءَ جي حمايت حاصل نه هجي ها، ته ڇا هو ائين ڌاٻي سان حڪومت ڪري سگهن ها؟
ڪجھ ڳالھيون سجاده نشينن، گدي نشينن ۽ مُلن بابت ضرور ڪرڻيون آهن. سمجهيو ويندو آهي ته عام طور تي سڄي دنيا ۾ ۽ خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپ جي صنعتي ملڪن ۾، مذهبي اسٽبلشمينٽ ڪارپوريشن بڻجي چڪي آھي ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جيان سياست ۾ مداخلت ڪندي آهي، پر هتي اسان جي خطي ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾، سوا صديءَ کان هي طبقو باقاعده ائين سياست ۽ اقتدار جو ڌڻي ٿيو ويٺو آهي، جو هر وقت سندس درجن کن صوبائي وزير هوندا آهن. هر سال هر صوبائي اسيمبلي ميمبر کي، پنجويھ ڪروڙ روپيا ملندا رهن ٿا، مطلب پنج سالن ۾ سوا ارب جو مالڪ! اهڙيءَ ريت، هو پنهنجي طبقي جي تمام گهڻي خدمت ڪندو رهي ٿو، اداراتي انداز ۾ اهڙي خدمت، جو هي روحاني سياسي اڳواڻ هاڻي اڳوڻو مُلو نه رهيو آهي.هاڻي روحاني ۽ مذهبي اسٽبلشمنٽ ڪنهن به ٻئي سيڪٽر (صنعتي، ڪمرشل يا سروسز) جيان معيشت جو حصو بڻجي چڪو آهي. لکين ماڻهن کي ملازمتون ڏيندڙ معيشت جو هي مذهبي سيڪٽر، ڪاروباري شخصيتن، عام ملازمن ۽ ننڍن دڪاندارن تي مشتمل آهي.مذهبي سيڪٽر کي باقي معيشت جيان مشيني، ڪمرشلائزيشن ۽ انٽرلائزيشن جي سانچن ۾ وِڌو ويو آهي. اسان جي روايتي معيشت ۾ مُلو ۽ گدي نشين ٻئي دستڪارن جيان هوندا هئا، جيڪي شادي مُرادي ، مرڻي پرڻي، دُرود ختمي، ٻانگ ڏيڻ ، امامت ڪرڻ، ٻارن کي ناظره قرآن پڙھائڻ ۽ ٻين بنيادي ديني مامرا سيکارڻ جهڙيون خدمتون مُھيا ڪندو هو، اُجوري طور هو يا سندس ساٿي پنهنجي ڪٽنب ۽ ٻين ساٿين جي لاءِ ٻن ويلن جي ماني ڳوٺ مان گڏ ڪندو هو. ٻين دستڪارن جيان کيس خدمتن جو اُجورو، فصل تيار ٿيڻ تي جنس جي صورت ۾ ڏنو ويندو هو.. اهم خانداني يا ڪميونٽي مامرن ۾ اُن سان صلاح نه ڪئي ويندي هئي. پر هاڻي ٻين دستڪارن جيان مُلو ۽ گدي نشين به محترم بڻجي ويو ۽ پنهنجون خدمتون جنس بدران نقد پئسن تي وڪرو ڪندو آهي.انهن جي اُسريل مقام کين خاندان ۽ ڪميونٽي مامرن ۾ حصو وٺڻ، هيستائين جو مداخلت ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو آهي.
هڪ ٻي تبديلي به مُلي ۽ سجاده نشين کي فائدو ڏنو، پُراڻي زماني ۾ مُلو ٻارن کي گروھ جي صورت ۾ پڙھائيندو هو ۽ سجاده نشين هسٽريا ۽ نظرِ بد لڳڻ جي پڙھائي ڪندو هو، پر هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي، هاڻي مُلو ۽ سجاده نشين روحاني رسمن لاءِ چڱي چوکي هفتيوار يا ماهوار فيس وٺي ٿو. ان تبديليءَ انهن کي، هڪ محفوظ وچولي طبقي جو ماڻهو ٺاهي ڇڏيو. انهن کي کاڌو پِنڻ لاءِ وڃڻ جي ضرورت ناهي. هو اڪائونٽنٽ يا وڪيل جيان هڪ پروفيشنل بڻجي چڪو آهي. نئين سياسي معيشت اُن جي لاءِ ڪافي معاشي موقعا کڻي آئي.
هن پسمنظر ۾ رڳو آمريڪا، عرب ملڪن يا سگهارن ادارن کي مُلن ۽ سجاده نشينن کي طاقت وٺرائڻ يا اُنهن جو ڪردار تبديل ڪرڻ جو ڏوھ ڏيڻ ڪافي ناهي. اسانکي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته مذهبي تبيلغي طبقو گهڻو سُکيو ٿي چڪو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ پاڻ وسيلا پئدا ڪري سگهي ٿو. مذهبي تبليغي طبقي جي سياسي معيشت ۾ هن تبديليءَ کي سنجيده وٺڻ گهرجي! ميلن، سجاده نشينين، تبليغي اجتماعن ۽ مذهبي سياسي پارٽين جي ڪامياب بقا و دوام کي سرمائيداراڻي سماج جو پرتوو سمجهڻ گهرجي. هن نئين معاشي طبق کي پُراڻي جاگيرداري رشتن موجب نه ڏسڻ گهرجي. هي روحاني طبقو سرمائيداري سماج جو حصو آهي ۽ اُن جي مٿئين طبقي ۾ شامل آهي. فرق رڳو هي آهي ته روحاني پيشوا جاگيرداريءَ کان سرمائيداري نظام ۾ اچي شامل ٿيو، جڏهن ته مُلي جاگيردار ٺھڻ بنا، ڇال هڻي سڌو سرمائيداري نظام جي مٿئين يا مٿئين وچولي طبقي ۾ ترقي ڪئي آهي ۽ انهيءَ مٿئين طبقي جي پاڪستان ۾ حڪومت آهي.هتي جي هر سرڪار اُنهن خيالن کي پسند ڪندي رهي آهي، جن ۾ ڪٽرپڻي وارو انداز اختيار ڪرڻ جي صلاحيت هجي.هي حڪومتون، پيري مُرشدي کي سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ رکنديون آيون آهن.
ڪٽرپڻو ته ڪُوڙن سائنسن ۽ وهم وسوسن جو نرسريون هونديون آهن. وهم وسوسا اسانجي سماج جي مٿئين طبقي جي معاشي ۽ سياسي ضرورتون آهن. وسوسا، روحانيت، ڪٽرپڻو ۽ طبقاتي ڦُرلٽ ، گوشت ۽ نُنهن جيان هڪ ٻئي سان وچڙيل هوندا آهن. تنهنڪري شاھ لطيف هجي، مست توڪلي يا شاھ عنايت هجي، هر سرڪار جي ڪوشش هوندي آهي ته اُنهن جي پيغام کي ڪرامتن ۽ معجزن سان ڀريو وڃي. ’اُنهن جي ڪلام‘ بدران مٿن چيل شاعريءَ کي ترجيح ڏني وڃي. اُنهن جي پورهيي بدران سندن ڪرامتن جو چرچو ڪجي ۽ کين جيئرو جاڳندڙ، ڏُک سُور سهندڙ ۽ جدوجهد ڪندڙ انسانن بدران پنجابي فلمن جو سلطان راهي بڻائي پيش ڪجي، جيڪو عام عوام کي پاڻ سان گڏڻ بنا اڪيلي سِر دشمن جو خاتمو ڪري ۽ ڏنڊي جي هڪ ڌڪ سان دشمن جو گروه ماري ۽ اسان تاڙيون وڄايون.
جنهن جي دل جي گهرائين ۾ انسانيت لاءِ پيار نه هجي اُهو ڪڏهن به انهن عظيم انسانن دوست شخصيتن جو پيروڪار نٿو ٿي سگهي.۔
ترا گاہی گریبانی نشد چاک
چہ دانی لذت دیوانگی را (حیاتی گیلانی)
ترجمو: جيستائين تنهنجي قميص جو گلو ڦاٽو ئي ناهي، ته تون ديوانگيءَ جي لذت مان ڇا ڄاڻين؟
اهو ممڪن ناهي ته توهان ذهني طور تي بادشاه به هجو، وزير مشير به هجو، سيڪريٽري ۽ ڪمشنر به هجو ۽ ساڳي وقت، شاھ لطيف، مست توڪلي ۽ شاه عنايت شهيد جا پيروڪار به هجو! رڳو هڪ قوالي، رقصِ درويش جي هڪ پروگرام ۾ ويهي جُهومڻ سان ’صوفي ازم‘ نٿو پکڙجي سگهي، هي سڀ مٿئين طبقي جا ناٽڪ آهن. پر الائي ڇو اسان مست توڪليءَ جي لفظ ”ڀنگ“ کي هڪ معنيٰ تائين معدود ڪرڻ لاءِ مٿاڪٽ پيا ڪريون؟
اسان ڪڏهن کان سُک کي اُن جي سبب ۽ وسيلي کان ڌار ڪرڻ جو گناھِ ڪبيرو ڪندا پيا اچون؟ ڪٿي ايئن ته ناهي جو اسان شعوري توڙي لاشعوري طور ڪنهن مُلي مولوي جي چوڻ تي شاھ عنايت کي ’صوفي‘ چئي کيس نجات جي قافلي جي سرواڻيءَ کان هٽائڻ جي ڪُڌي عمل ۾ هٿ ونڊائي رهيا آهيون؟ هڪ عام ڇوڪري مارئي کي، عُمر بادشاه جي مقابلي ۾ بيهارڻ واري شاھ لطيف کي اسان پُنهون جي ڀائرن سان سمجهوتي ۽ هڪ جھڙائي رکڻ وارن مُردار خورن جي قطار ۾ ته نه پيا بيهاريون؟ يا پوءِ اسان ’اناالحق‘ کي بدصورتيءَ سان چچرڻ ۽ مسخ ڪرڻ تي لڳايا ويا آهيون؟ اسان ملنگ رحمٰن کي ملڪ عزير خان سان ياري ڪرائڻ جو ڏوھ ته نه پيا ڪريون؟ ڇا اسان ’مالڪ جي در تي حاضر ڪُتي‘ جهڙن فقرن کي تقويت ڏيئي انسان جو مانُ گهٽائڻ ۾ لڳي ويا آهيون؟ اسان ڇو رقصِ درويش جي ڀيٽ ۾، قونيا جي سجاده نشين جي تقرير کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳا آهيون؟ آخري دم تائين شعر جي عظمت جي امين ۽ محبت جو مانُ مٿانهون ڪرائڻ لاءِ حمام ۾ تڙپي تڙپي ساھ ڏيڻ واري خضدار جي شهزاديءَ کي، اسان حارث سان ڪهڙي هڪ جھڙائيءَ جي اگربتيءَ ۾ دفن ڪري رهيا آهيون؟ اسان منطق الطير جي سڀني منطقن کي کوجنا جي ميدان ۾ جدل و جدال بدران درٻار ۾ ڌمال جو سبب ٺاهي ڇڏيو آهي.اسان ڇو ٻانهون کنجي سسئي، هير، سھڻي، مارئي، مومل ۽ سمو جھڙن رومانوي ڪردارن کي زمين بدر ڪري حقيقي مجازيءَ جي جهنم ۾ جلڻ ڏيندا آهيون، ائين ڄاڻندي به ته زميني ئي حقيقي هوندي آهي. اسان مست توڪليءَ کي سگهارن سردارن سان ڀائپي ڪرائڻ لاءِ ڇو سندرو ٻڌي بيٺا آهيون؟ جنهن ڏينهن بُلهي شاھ جو ڳيڙو رتو چُولو، اجمير جي مجاور جي چمڪندڙ چوغي ۾ بدلجي وڃي ته اُن ڏينهن جبل ڪپھ جون پوڻيون ٿي وڃن. هڪ بنياد پرست غيرتمند سماج ۾ حُسين، ماڌُوسان لنو لائي ڪُفر جي تحريڪ شروع ڪري ٿو، حيرت آهي ته اسان اُن جي نالي تي قائم ’انڪار‘ جي مجلس شوريٰ ۾ ويهي هارس ٽريڊنگ جي ايجنسي جي ٽڪيٽ تي اُنکي آئين ۽ رسم و رواج جو پابند ثابت ڪري رهيا آهيون! اسان کي ڇا ٿيو آهي جو اسان ’پٽ انگريز ٿاڻا‘ چوڻ واري فريد کي ئي آمريڪي سامراج سان رواداريءَ جو علم بردار بڻائي رهيا آهيون. اسان کي ڪھڙو شربت پياريو ويو آهي جو اسان فلسفي مان اُن جي جان يعني ’اينٽي ٿيسز‘ ئي ڪڍي ڇڏڻ گهرون ٿا؟ ڀلا اوچتو اهڙو ڇا ٿيو آهي جو اسلام آباد ۽ واشنگٽن ۾ اسان جو درويش فلسفي توجھ جو مرڪز بڻجي ويو آهي. هڪڙو اُن جو مقبرو بم سان اُڏائي اُنکي توجھ جو مرڪز بڻائي رهيو آهي ۽ ٻيو اُن کي هڪ اهڙي سماج ۾ شانت رهڻ جو رهبر بڻائي رهيو آهي جتي ڏاڍ ۽ ظلم هجي! ڇا هي دور عملي طور ايڏو ڪِريل آهي جتي اسان کي ’ڌمالي چرسين‘ ۽ ’مزار مارن‘ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي ٿي هجي؟ فلسفي پاڻ ڪيڏانهن ويو؟ فلسفيءَ جي تعليم اسان ڪٿي وڃائي ڇڏي؟ اسان جي مشرقي فلسفين وت ڪجھ ته آهي جو حاڪم طبقو وٽائن خطرو محسوس ٿو ڪري. نه ته ايئن ڇو آهي جو اسان کي جهوڪ ۾ چار مهيني تائين گوريلا جنگ ڪرڻ ۽ چوويهه هزار هارين ۽ هارياڻين جي شهادت پيش ڪرڻ واري جي مقبري تي ”هتي عورتن جي داخلا تي پابندي آهي“ جو بورڊ برداشت ڪرڻو پئي پيو. جڏهن شاه عنايت، شاھ لطيف ۽ سچل سرمست جي مقبرن جي ڀرپاسي هندوئن جو قبرون آهن، ۽ انهن تي قرآني آيتون اُڪريل آهن تو پوءِ اڄ شيعا ۽ سُني هڪٻئي جي مقامن ۾ دفن ڇو نٿا ٿي سگهن؟ شاھ لطيف، صوفي شاھ عنايت شھيد ۽ سچل سرمست جي مقبرن جي ڀرپاسي وارين مقامن اُنهن جي مزارن ۾ وڃي ڏسو ته سندن سنديافته مريد، ڀاڙيائپ، پاڻ کي رُسوا ڪندڙ احساس گهٽتائيءَ ۾ ورتل ۽ اطاعت جا مجسما نظر ايندا. اسانجون هي حرڪتون ناقابل معافي ڏوھ ناهن ته ڇا آھن؟ جيڪو به نظريو موجوده بي انصاف سماج جي خلاف انساني نفرت کي گهٽائڻ جو سبب بڻي ته عوام دشمن آهي.خاص طور تي عظيم ۽ بهترين انسانن جي عوامي مقبوليت کي اُنهن ئي وڏن شخصيتن جي تعليم کي پٺي ڏيڻ جي سازش غير محسوس طريقي سان ڪئي وڃي ته هي سڀني کان ڪِريل حرڪت آهي. فلسطيني شاعر سميع القاسم چواڻي ” ڪيترين ئي صدين کان، اسان انهن مزارن جي پوڄا ۾ رُڌل آهيون جيڪي بزرگن جي تقدس جي نانءُ تي ڪجھ ڀاڙي جي مذهبي ويڪائوئن جي روزي روٽيءَ جو سامان آهن، ۽ اٻوجھ سوالين ۽ واندن ماڻهن جي سڃاڻپ آهن“
عقيدو پرستي (پير پرستي، ڪرامت پرستي) سان اسانجي خطي جي عوام اڳيئي ’اوور ڊوز‘ ٿي چڪي آهي. اڻ ڳڻين مذهبي فرقن جو ٺهڻ شايد اهم نه هجي پر اُن فرقن جي نالي تي انسان جو گروهي قتل تباه ڪن ٿيندو ٿو وڃي.هن وقت هتي هڪ ’انسان‘ جا اڻ ڳڻيا دشمن آهن، يهودي دشمن، مسيحي دشمن، پنهنجي لباس جي رنگت کان سواءِ باقي سڀئي رنگ، پنهنجي فرقي کان سواءِ سڀئي مسلمان دشمن… جون ايليا چواڻي
اب سڀي ڪو سڀي سي خطره هي
هاڻي ذهنن ۾ ڪٽر انداز ۾ ماضي پرستي، قدامت پسندي، جنگي ذهنيت ۽ اڻ سهپ گهر ڪري ويا آهن. هاڻي اسان سڀئي موسيقي، ڊرامي، قبائلي ناچ، سٺي لباس، منطق، عقل، حقيقت پسندي، زندگي، دنيا ۽ انسان جا دشمن بڻجي چڪا آهيون. اسان بي عملي، اڻ ڄاڻائي ۽ وهم پرستيءَ کي هڪ اجتماعي نالو ’صوفي ازم‘ ڏيڻ ۾ لڳا پيا آهيون. اهڙي مذهبي اشرافيه پرستي جيڪا اسان کي خودڪار طور تي پير پرستيءَ جي پاسي وٺي وڃي ٿي. (الميو اهو آهي سڀئي پير سنڌ ۽ پنجاب ۾ آهن. جتان جي جاگيرداري انسان کي ڪاهلي ۽ سُستيءَ کان نڪرڻ ئي نٿي ڏي) اُتي پير ۽ جاگيردار هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ سمايل آهن. ايئن اسان هڪ مُلائيت مان نِڪري، ٻئي مُلائيت جي آبياري ڪري رهيا آهيون. گديون ۽ جاگيرون مظبوط ڪري رهيا آهيون. مغربي سرمائيداري اوچتو اسان جي هن حڪيمن ۽ ڏاهن کان ڪيئن متاثر ٿي آهي؟ روميءَ جو ڪلام ته ڪيٽ واڪ کان ميڊونا جي آواز ۾ شيئر ٿيندي اسان تائين نه آيو ۽ نه ئي قونيا جي مجاورن جي رقصِ درويش جي ڪوريوگرافي اُن کي اسان تائين وٺي آئي.
آءُ حيران ٿيندو آهيان ته صوفي ازم جي هن ’گوڙ‘ جي مالي مدد مغربي ملڪن جي اين جي اوز ڪنديون آهن، سوال هي ٿو اُٿي ته ڇا مغرب جي سماج صوفي ازم جي ڪري هن قدر ترقي ڪئي آهي؟ اُتي ڪي اصلي توڙي نقلي مزار ڇو ناهن؟ شيڪسپيئر جي مزار، ڪانٽ جو درٻار، سارتر جو روضو، پشڪن جو آستانو… يا جيڪڏهن کين هاڻي سمجھ آئي آهي ته ڪا ’گدي‘ اُتي ڇو نٿا بڻائين؟ ۽ پنهنجي گدي نشينن، سجاده نشينن ۽ خليفن کي وزير، وزير اعليٰ ، اسپيڪر يا وزيراعظم ڇو نٿا ٺاهين؟ ان ڪري جو سندن سماج کين جُوتا هڻندو.
مغرب وٽ ته انقلابِ فرانس، وهمن تي، دليل، استدلال ۽ منطق جي سوڀ هئي. والٽيئر، روسو، ڊائيڊروٽ، مونٽسڪو، رابسپائري، ڊينٽن، مُلي، پير، تعويذ ۽ دم کي هڪ ئي ڌڪ سان اُڏائي ڇڏيو.فلسفين جي ڏاهپ جي بارود مان نڪتل ’فرانس جي انقلاب‘ آزادي، برابري، ۽ ڀائپي جهڙن سياسي خيالن کي هزار ڀيرا تيزيءَ سان پکيڙي ڇڏيو. پوپ کان ڇوٽڪاري جي هوا اهڙي گهلي جو يورپ ۽ آمريڪا اُن جي لپيٽ ۾ اچي ويا.پوپ ويچارو رڳو ڪپڙن جي زيان لاءِ رهجي ويو آهي.
يوٽوپيائي تحريڪون، روشن خيالي جو تحريڪون، پيرس ڪميون، آمريڪي انقلاب، رُوس جو 1905ع جو انقلاب ۽ پوءِ پوسٽ ٽيڪنالوجيڪل انقلاب… هو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن آمريڪا ۽ يورپ پنهنجي پنهنجي تجربن مان گذرڻ کان پوءِ داخلي پاليسين ۾ (تمام گهٽ رفتار ئي سهي ۽ زباني خرچ جي بطور ئي سهي) انقلاب فرانس جي پيرن جي نشانن کان رياستي طور هڪ انچ به هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ جي جرئت نه ڪري سگهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اُنهن جو جديد رياستي ڍانچو ڌڙام سان ڪِري پوندو.
ارڙهين صدي تائين يورپ ۽ آمريڪا ۽ اُڻويهين صديءَ تائين بلوچستان ۽ اُن جي آسي پاسي جيڪي به فلسفي (حڪيم) جنميا. اُهي سڀئي صنعتي دور کان اڳ جا هئا. هو نيڪ نيت ماڻهو اُن زماني جي انسان کي پيش ايندڙ تڪليف کي ئي بيان ڪري سگهيا ٿي، نعم البدل به نيم سائنسي ئي پيش ڪري سگهجي پئي. اينگلز چيو هو:
”عارفن، ايندڙ صدين جا خواب ڏٺا، طبقاتي فرق جي ڏاڍاين جو پهرئين کان ئي شعور رکندا هئا‘ پر ايندڙ صدي ڪيئن هوندي؟ اُن ۾ موضوعي قوتون ڪيئن هونديون ۽ تضاد ڪھڙي ريت نروار ٿيندا؟ اهي تفصيل ته ظاهر آهي اُن عارفن جي ’پيراڊائم‘ کان هزارين شمسي سال پري هئا. هي صدي هن حقيقت ۾ نروار ٿي جو جديد وڏي پئماني جي صنعت آئي. اُن هڪ نئون نڪور وجود پئدا ڪيو… صنعتي مزور، پرولتاريه.. هڪ طبقو جيڪو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هن يا هُن خاص طبقاتي تنظيم کي ختم ڪرڻ جي گُهر ڪري سگهي ٿو، بلڪه خود طبقن کي به“ (اينگلز، اينٽي ڊوهرگ، ص: 145)
شاھ لطيف کي عوامي خوشحاليءَ جي جنگ ۾ هڪ اڳواڻ کان هٽي ڪري ڏسڻ به ڏوهه ۾ ڏوهاري ٿيڻ آهي، پڪ آهي ته شاھ لطيف برسات نٿو وَسرائي، اولاد نٿو بخشي، حڪمرانن جي اقتدار کي ڊيگھ نٿو ڏياري، اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي ۽ ٿيڻي کي اڻ ٿيڻي نٿو ڪري سگهي. ها اُن جي حياتيءَ جي حالتن جو مطالعو ۽ اُن جي تعليم کي رهنما بڻائي نه رڳو اسانجي جمالياتي پهلوءَ جي تسڪين ٿئي ٿي بلڪه زندگيءَ جي اڍنگائيءَ ۾ رستو ڳولڻ ۾ وڏي رهنمائي پڻ ملي ٿي. هو پير نه، اسانجو اڳواڻ آهي، هو صوفي نه فلسفي، حڪيم ۽ ڏاهو آهي ۽ اسانجو فڪري عملي اڳواڻ آهي.
شاھ لطيف اسانجو اڳواڻ ڪيئن آهي؟ هاڻي ٻُڌايان ٿو.
اليڪٽران مائڪرو سڪوپ ۾ به ڏُکيائيءَ سان نظر اچڻ واري معمولي وائرس کان وٺي آمريڪا جهڙي سپر پاور جي دشمنيءَ هوندي به زندگي آهي جيڪا ختم ئي نٿي ٿئي. پيرا سائنسز جي گمراھ ڪندڙ اٽڪلن جي باوجود سائنس جي تجلي يارنهن هزار سال اڳ مھرڳڙھ جي ماڻهوءَ پنجويھ سال اوسط واري زندگيءَ کي وڌائي ستر هزار تائين پهچايو آهي. زندگي ڪائنات جي سڀ کان وڏي نعمت آهي، زندگيءَ کي دوام آهي، زندگيءَ جي گيت، نغمن ۽ رقص کي دوام آهي. زندگي جيڪا ڪڏهن مست توڪلي ٿي بڻجي ۽ ڪڏهن سندس محبوبا سمو. زندگي جيڪا ڪڏهن به مجازي نٿي هجي ، هر وقت حقيقي رهندي آهي. ڪو به انسان زندگي ۽ اُن سان لاڳاپيل ڳالهين کي نظر انداز نٿو ڪري سگهي. شاھ لطيف ته حساس ترين انسانن مان هڪ هو. اُن زندگيءَ جي هر رُخ کي ڏٺو، پرکيو ۽ ڀوڳيو ۽ اُن کان پوءِ ئي سهڻي نموني زندگيءَ جي عالمگير سچاين کي بيان ڪيو، اُنهن تي هلي زندگيءَ گذارڻ جا طريقا ٻُڌايا. انهيءَ ڪارڻ ئي هو اسانجو سرواڻ آهي. زندگيءَ جي روان دوان قافلي ۾ ڪنهن به فلسفيءَ جو اڳ موجود گهڻن فلسفين سان واسطو پوڻ لازمي آهي. اهڙن بزرگن کان جيڪي تصور جي حد تائين به ناقابل پهچ محبوب جي ڳولها ڪندا آهن ۽ ’معروض‘ جو پنهنجي اک سان مجسمو ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ اُن تي گهور وڃڻ ، اُنجي خدمت ڪرڻ ۽ مولانا روم جي چواڻي اُنجي مٿي مان جُونءِ ڪڍڻ جي خواهش ڪندا رهندا آهن. بزرگ جي لاءِ اهو ضروري ناهي ته هو وڏو عالم هجي يا رات ڏينهن زهد و عبادت ۾ محو هجي. هر اهو سٺو انسان، جيڪو وڏائي ڪرڻ بنا، پاڻ جھڙن ٻين عام انسانن سان بي تڪلفيءَ سان پيش اچي اهو بزرگ آهي. انسانذات جو هر ميمبر هڪ بزرگ آهي، ڪڻڪ جي هڪ داڻي کي ٻنيءَ ۾ چار انچ هيٺ پُوري، مڻين ڪڻڪ اُپائڻ وارو جيڪڏهن بزرگ ناهي ته پوءِ ڀلا بزرگ آهي ڪير؟ڀلا جيڪڏهن شڪ آهي ته ’زرتشت‘ جي’اوسٿا‘ کي گواھ ڪري بيهاريون ٿا: ”۽ اُهي جيڪي ٻنهي ٻانهن سان ٻني کيڙيندا آهن اُنهن کان وڌيڪ مبارڪ ۽ سڀاڳيون هستيون زمين تي ناهن..گهڻو معزز، عظيم ۽ مبارڪ آهن اُهي جيڪي انُ پوکيندا آهن، اُن جي آبياري ڪندا آهن ۽ اُنکي لُڻندا آهن.. اهو اهورا مزدا جي تخليق جي رٿا کي پورو ڪندا آهن ۽ جڏهن جوءَ جون ٻاريون پچنديون آهن ته اهرمن جو رنگ ڦڪو ٿيندو آهي. ۽ جڏهن داڻا اُنهن جي گهرن ۾ ايندا آهن ته بد روحَ پار ڪڍي روئندا آهن، ۽ جڏهن اَنُ جي پيهائي ٿيندي آهي ته تاريڪي، بدي ۽ اهرمن اُنهن جي گهرن مان مٿو پٽيندي ڀڄي ويندا آهن ڇاڪاڻ ته اَنُ ۽ اٽو انهن جي موت آهي.“
جيڪڏهن اينگلز انگلستان ۾ مزورن جي حالتن کي پيرائتي نموني بيان ڪيو هو، ته شاھ لطيف به پنهنجي دور جي سماج جا طبقاتي ويڇا بيان ڪيا آهن. درست آهي ته موقع پرست اديبن ۽ عالمن جي ڀاڙيائپ جي ڪري سجاده نشينن ۽ انهن جي ساٿاري، بورزوا دانشورن شاھ کي نظريو ڏيڻ وارو نه مڃيو ۽’ فلسفيءَ‘ بدران’پير‘ بڻائي ڇڏيو پر شاھ لطيف زندگيءَ کي آئيڊيلزم ۽ حقيقتن کي تمام خوبصورتيءَ سان هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو آهي. اُن انساني حياتي جي اجتماعي جدوجهد جي زبردست سمجهه ڏني. شاھ جو ڪلام ڇا آهي؟ اعليٰ ۽ مثالي عالم گير انسانيت جا قدر ۽ انسانيت جي جوهر جي دواميت ۽ تسلسل. هيءَ شاعري محڪوم ۽ هيڻي طبقن سان گڏوگڏ سڄي عالم انسانيت جي بهتري ۽ ترقي، خوشي ۽ خوسحاليءَ جي تمنا ۽ خواهش آهي. لطيف جي وفاداري نه رڳو مادرِ وطن سان هئي بلڪه آزادي، امن ۽ انساني حقن سان به هئي. اسان اُن کان ڪميونسٽ ميني فيسٽو ته لکائي نه ٿي سگهياسين جو هو زمانو ۽ علائقو ميني فيسٽو جو نه هو پر شاھ جي رسالي ۽ مينو فيسٽو ۾ ڪو فرق ته ڏيکاريو؟ (ها مقدر پرستي البته ميني فيسٽو ۾ نه هئي جو آئيڊيلزم واري زرعي سماج کان پوءِ جي سماجن ۾ غرق ٿيڻ شروع ٿيندي آهي.
سچي ڳالهه اها آهي ته شاهه لطيف انقلابين جي جنون کي وڌائي ٿو ۽ عشق کي معنيٰ ڏئي ٿو. شاھ لطيف کي پڙهڻ کان پوءِ ئي مون مست توڪلي کي سمجهيو هو. شاهه مونکي اُهو نور ڏنو جنهن سان مون مست توڪلي ۽ عاشقن جي دنيا کي ڏسڻ شروع ڪيو. شاھ ڪمٽمنٽ جو ديوتا آهي، وطن دوستي جي جذبي جو لطف وٺڻو هجي ته شاھ لطيف جي رسالي ڏانهن موٽي وڃو. شاھ لطيف ته مينهن جي مُنهن ۾ بِين ڏئي ٿو. هو عام ماڻهوءَ جون ڳالهيون سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڪري ٿو. اُن کي اُنهن جي سادي ٻوليءَ ۾ زندگي گذارڻ جو ڍنگ سيکاري ٿو.
اسان شاهه لطيف، شاه عنايت ۽ مست توڪلي کي هڪ طرفي طور رحمدل بڻائي ڇڏيو؟ زندگي جو پاسبان ’سڀني‘ جي حياتيءَ جو خير ڪيئن گهرندو؟ زندگي جو پاسبان ، زندگي جي دشمن جي قتل کانپوءِ ئي زندگي جو پاسبان بڻجندو آهي.ڪڻڪ جي هڪ داڻي کي پُورڻ واري تقريب کان وٺي پوري مَڻ جي وصال تائين هر هاري مزاحمت جي پوري سلسلي مان گذرندو آهي. موسمن جي حوصلي هارئيندڙ شدت جي خلاف، پنهنجي هميشه جي دوست سُستي جي خلاف، من وسلويٰ جي فلسفي جاگيرداريءَ جي خلاف ۽ گند ڪچري ۽ فصل دشمن ڪيڙن جي خلاف، هي اسان سڀني جو پالڻهار وڙهي ٿو.اسانجي مانيءَ جو هڪ هڪ گرھ، اسپري سان هزارين لکين ڪيڙن جي قتل کانپوءِ ملي ٿو.. پوءِ اسان کان هي توقع ته اسان ڪپھ جا خالق به بڻجون ۽ آمريڪي سنڊي جي ڄمار جي ڊيگھ جون دعائون به گهرون، هڪ چٿر بڻجي ويندو آهي! ڪهڙو شطرنج جو رانديگر هوندو جيڪو ڪائنات جي بادشاھ، انسان کي شھ مات کان بچائڻ لاءِ پيادن، گهوڙن ۽ هاٿين جي قرباني نه ڏيندو آهي؟ جيڪڏهن هو پڪل فصل تان لکين بٽيرن ۽ جهرڪين کي نه ڀڄائيندو ته ڇا هو انسان هوندو؟ نٽھڻ اُس ۾ ماڪ جي موت به هوندي آهي پر ڪڻڪ جي سنگن ۾ رزق به تيار ٿيندو آهي. ڪنهن هاريءَ کي ماڪ جي موت تي ويهي روئندو ڏٺو آهي؟ لپاٽ هڻن واري کي، ٻيو ڳل پيش ڪرڻ واري گهڻا قتل ڪيا هئا، اُن جو ڪو حساب آهي؟ فريسين جي روزي روڪي اُنهن جو قتل…sermon on mountain سان سڄي نظام جو قتل،يسوع، جيڪو نئين نظام جو خالق هو، اڳوڻي نظام جو قاتل به ته هو.پر مونکي پڪ آهي ته اسانجي ولين جي مزاحمت واري فلسفي کي اُن وقت تائين مونجهاري جي طوفان ۾ لڪائي رکيو ويندو جيستائين انصاف لاءِ اُٿي کڙو ٿيڻ واري عوامي قوت توانا نه ٿيندي.
لطيفي فلسفي جي مالڪ عوام آهي،حاڪم ته هن فلسفي جا ترميم پسند آهن. اُنهن حاڪمن جو حصو بڻجڻ جي مزاحمت ڪرڻ ئي لطيف جي پيروي آهي. شاھ لطيف جو سڄو فلسفو جدوجهد، همت وڌائڻ، جرئت ڪرڻ ۽ حوصلي منديءَ جو فلسفو آهي. شاھ لطيف مروج جي مخالفت جي ساراھ ۾ سڀئي سرحدون پارڻ ڪري ويو آهي ۽ محبت تي پابندي جاگيرداري سماج جو سڀني کان وڏو رواج هوندو آهي. لطيف، عشق تي پابنديءَ جي خلاف ورزي کي نه رڳو واکاڻيو پر اُن بغاوت جي سرواڻي به ڪئي. شاھ جو فڪر تقليد جو ضد آهي ۽ تقليد جو ضد ته فلسفو هوندو آهي، بهرحال شاھ لطيف فلسفي هو. اسان الائي ڪيئن ضياالحق سرڪار کي هيڏي وڏي انسان کي ’تارڪ الدنيا‘ جي سانچي ۾ رکڻ ڏنو؟ شُڪر آهي اڃا تائين شاھ لطيف چالاڪ ماڻهن جي جٿي جي هٿ نه چڙهيو، اُن جي نالي جو ڪو مذهبي مسلڪ يا فرقو جڙي نه سگهو، سرزمين ۽ انساني سماج کان اُنکي ڪٽڻ جون ڪوششون ناڪام ويون، اُنکي اشرافيه جو ترجمان نه بڻائي نه سگهيا، شاھ کي معجزن کان هٽي ڪري ڏسڻ وارن ۾ گهٽتائي نه آندي وئي، شاھ کي اُن وقت جي حالتن جي پسمنظر ۾ ڏسڻ وارن جي ڳاڻيٽي ۾ گهٽتائي آڻي نه سگهيا.. شُڪر صد شُڪر. پر ساڳئي وقت هي به حقيقت آهي ته اُن کي يوٽوپيائي فلسفين جي جماعت ۾ شامل ڪرڻ کان لنوائڻ واري رَوِش به عام رهي. پاڻ روشن فڪر احباب و اڪابرن جي هٿان به اُنکي بهرحال عقيدن جي پاڪ ۽ برڪت واريون چادرون اوڍايون ويون. چادرون ڀلي وطن ۽ قوم پرستيءَ جون هجن يا خالص سائنسي انداز جون هجن ’آئيڊيلزم‘ جي ڌپ کان آجيون نه هونديون آهن. شاھ جي پيغام ۾، روحاني خوشي ڳولھڻ ته شرابي جي مسرت جھڙي آهي ۽ اسان سڀ سائنسي تحقيق جي هام هڻڻ وارا نه پيئندي به انهيءَ مڌ ۾ مدهوش رهيا آهيون. اسانکي هن ڊپ ۽ رومانويت مان پنهنجي رسي ٽوڙائڻي پوندي. خوف ، شاھ لطيف جي فلسفي جو سڀني کان وڏو دشمن آهي.خاص طور تي شاھ لطيف کان خوف، ان جي ڪرامت کان خوف، اُنجي ناراضگي جو خوف، اُنجي بد دعا جو خوف…محبت ۽ خوف ٻئي گڏ ڪڏهن به نٿا رهي سگهن، قاتل آهن هڪ ٻئي جون.
هيءَ ڳالهه درست آهن ته جيستائين سماج ۾ محنت ڪرڻ وارو انسان ٻني ٻاري سان واڳيل رهندو شاھ لطيف سان ڪرامت ۽ تقدير پرستي سلهاڙيل هوندي. هڪ صنعتي سماج ئي ان قابل هوندو آهي ته فلسفين ۽ مفڪرن کي مڙني تعصبن کان هٽي ڪري پرکي. هي به حقيقت آهي ته فلسفين سان زور زبردستي نٿي ڪري سگهجي. هڪ مُنجهيل ۽ اڻ اُسريل سماج ۾ جسماني طرح حيات نه رهڻ وارن مفڪرن جي درجه بندي سخت انداز ۾ ڪرڻ به نه گهرجي، اسان به نه ڪئي پر اسان اُن جي فڪر کي بيٺل ۽ نه چُرندڙ عقيدو بڻائڻ وارن کان ڌار رستو ورتو آهي، عقيدي بدران فڪر کي اُن جي تازگي ۽ زمينيت جي بنياد تي پرکيو آهي اُنکي وليءَ بدران فلسفي جي رُوپ ۾ ڏٺو آهي. اسان اُن سان پنهنجي وابستگي اڻ ڳڻين فڪري لاڙن جي طور تي ڏٺيون. ۽ هي سچ آهي ٻين اڻ ڳڻين يوٽوپيائي ڪمونسٽن جيان شاھ لطيف جي پيغام جو وڏو حصو ڪيترين ئي صدين تائين بني نوع انسان لاءِ ڍڪيل ئي رهندو..