گلقند : بي ﺣﺴﺎﺏ رياضيءَ جو پرچو

شبير احمد قريشي

بي ﺣﺴﺎﺏ رياضيءَ جو پرچو
نوٽ : هر سوال تي 10 مارڪون رکيل آهن
وقت : سڄي زندگي

سوال نمبر هڪ :
ﺑﺠﻠﻲ ﻫﺮ ﺍﮄ ڪﻼڪ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﻭﭸﻲ ۽ ڪﻼڪ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﺍﭼﻲ ، ﺣﺴﺎﺏ ڪﺮﻱ ﭔﮅﺍﻳﻮ تہ 24 ڪﻼڪﻦ ۾ بجلي ڪل ﮔﻬﮣﺎ ڪﻼڪ ﻭﻳﻨﺪﻱ؟

سوال نمبر ٻہ :
ﻫﻔﺘﻲ ۾ گٽرن ﺟﺎ ﺍﮂﺍﺋﻲ ﮂڪﮡ ﻣﻮﺍﻟﻲ ﭼﻮﺭﻱ ڪﻦ ﭤﺎ، ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ڪﻴﺘﺮﺍ ﮂڪﮡ ﭼﻮﺭﻱ ﭤﻴﻨﺪﺍ، ﺟڏﻫﻦ تہ ڪﻞ 13 ﻣﻴﻦ ﻫﻮﻝ ﺁﻫﻦ؟

سوال نمبر ٽي :
ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﺎڙي وﺍﺭﺍ ﮔﻬﺮن ﺟﻮ ﮔﻨﺪ ﭔﺎﻫﺮ گهٽيءَ ۾ ﺍﮀﻼﺋﻴﻦ ﭤﺎ، ﻫﺮ ﮔﻬﺮ ﺟﻮ ﮔﻨﺪ ﺍﮂﺍﺋﻲ ﻓﻮٽﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﮑڙﺟﻲ ﭤﻮ، ٻڌايو تہ  20 ﻓﻮٽ ﺭﻭڊ ڪﻴﺘﺮﻥ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﮂڪﺠﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ، ﺟڏﻫﻦ تہ ﭘﺎڙﻱ ۾ ڪل ﭘﻨﺠﺎﮪ ﮔﻬﺮ ﺁﻫﻦ؟

سوال نمبر چار :
پڪي ﺳڙڪ ﺗﻲ ڪﻞ ﺳﺖ ﻣﻴﻦ ﻫﻮﻝ ﺁﻫﻦ، ﻫﺮ ﻣﻴﻦ ﻫﻮﻝ ۾ ﺭﻭﺯﺍنو ٻہ ﻣﻮٽﺮ ﺳﺎﺋﻴڪﻞ ﺳﻮﺍﺭ ڪﺮﻱ ٽﻨﮕﻮﻥ ڀڃائين ﭤﺎ ، ﭔﮅﺍﻳﻮ تہ ﭘﺎڙﻱ جا ڪﻞ 87 ﻣﻮٽﺮ ﺳﺎﺋﻴڪﻞ ﺳﻮﺍﺭ ڪﻴﺘﺮﻥ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﭴﻨﮕﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﻣﺤﺮﻭﻡ ﭤﻴﻨﺪﺍ؟

سوال نمبر پنج :
ﻟﻮڊ ﺷﻴﺪﻧﮓ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﮔﻴﺲ ﺟﻲ ﮔﻬٽ ﭘﺮﻳﺸﺮ ڪﺮﻱ ﻫڪ ﻣﺎﻧﻲ 13 ﻣﻨٽﻦ ۾ ﭘﭽﻲ ﭤﻲ تہ هڪ ڪﻠﻮ ﺍٽﻮ ڪﻴﺘﺮﻭ ﻭﻗﺖ ﻭﭠﻨﺪﻭ، ﺟڏﻫﻦ تہ ﻫڪ ڪلو ﻣﺎﻥ ڪل 13 ﻣﺎﻧﻴﻮﻥ ﭘﭽﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮﻥ؟

سوال نمبر ڇھ :
ﻣﻴﻤﮡ ﮘﻮﭞ واري ﺑﺲ ﮬﺮ ﺍﺳٽﺎﭖ ﺗﻲ 2 ﻣﻨٽ ﺑﻴﻬﻲ ﭤﻲ ۽ ﻫﺮ ﭔﻦ ﻣﻨٽﻦ ﺑﻌﺪ هڪ ﺍﺳٽﺎﭖ ﺁﻫﻲ، ڪﻞ 10 ڪﻠﻮ ﻣﻴٽﺮ ﭘﺮﻱ ﻣﻠﻴﺮ ﺁﻫﻲ ، ﻣﺎﻥ ساڍي يارنهن وڳي ﺑﺲ ۾ ﻭﻳﻬﺎﻥ تہ حساب ڪري ٻڌايو تہ  ﻣﻠﻴﺮ گهڻي وڳي پھچندس؟

سوال نمبر ست :
ﮐﻴﺮ ﻭﺍﺭﻭ ﻫﺮ ﻣﻬﻴﻨﻲ ﻟٽﺮ ﮐﻴﺮ ﺗﻲ 10 ﺭﻭپيا ﻭﮄﺍﺋﻲ ﭤﻮ ، مان ﻫﺮ ﻣﻬﻴﻨﻲ ﺍﮄ ﭘﺎﺀُ ﮐﻴﺮ ﮔﻬٽ ﻭﭠﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﺎﻥ ﭤﻮ . ڏﻳﮃ ﻟٽﺮ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﻟٽﺮ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ . ﺍﻧﻬﻲ ﺭﻓﺘﺎﺭ ﺳﺎﻥ ﻗﻴﻤﺖ ﻭﮄﻧﺪﻱ ﺭﻫﻲ ۽ ﻣﺎﻥ ﮐﻴﺮ ﮔﻬٽﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﺲ تہ ٻڌايو ڪﻴﺘﺮﻱ ﻭﻗﺖ ۾  آئون ﺳﻠﻴﻤﺎﻧﻲ ﭼﺎﻧﮫ پيئڻ واري حالت کي پھچندس؟

سوال نمبر اٺ :
ﭼﺎﻧﻮﺭﻥ ۾ ﭘﭥﺮﻳﻮﻥ ۽ ﭔﻴﻮ ﮔﻨﺪ ﺍﻳﺘﺮﻭ آهي ﺟﻮ ﮔﻬﺮ ۾ انھن جي ﺻﻔﺎﺋﻲ ڪﻨﺪﻱ ﺍﮄ ڪﻼڪ لڳي ٿو، ﺍﻫڙﺍ ﭼﺎﻧﻮﺭ ڏﮪ ڪﻠﻮ ﮔﻬﺮ ۾ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ، ﺟڏﻫﻦ تہ ڏﻳﮃ ﭘﺎﺀُ ﭼﺎﻧﻮﺭ ﺭﻭﺯ ﭼڙﻫﻦ ﭤﺎ ، ﭔﮅﺍﻳﻮ تہ ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ چانورن هر ﺻﻔﺎﺋﻲءَ ﺗﻲ ڪﻴﺘﺮﻭ ﻭﻗﺖ ﺧﺮﭺ ﭤﻴﻨﺪﻭ؟

سوال نمبر نو :
ﭘﺎڙﻱ ۾ "ڪﺮﻡ ﻣﺎﻧﮕﺘﺎ ﻫﻮﻥ، ﻋﻄﺎ ﻣﺎﻧﮕﺘﺎ ﮨﻮﻥ” ﻻﺋﻮڊ ﺗﻲ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺍﻳﻤﺒﻮﻟﻴﻨﺲ ﺗﻲ ﭼڙﻫﻲ ﭘﻨﮡ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ ، ﻫﺮ ﺭﻭﺯ ٻہ ﮔﺎڏﻳﻮﻥ ﺍﭼﻦ ﭤﻴﻮﻥ ﺟڏﻫﻦ تہ ﺟﻤﻌﻲ ڏينھن ﭼﺎﺭ گاڏيون اچن ٿيون، ﺁﺳﺎﻥ ﺣﺴﺎﺏ ﻟﮙﺎﻳﻮ تہ ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ﮔﻬﮣﻴﻮﻥ ﮔﺎڏﻳﻮﻥ ﺍﭼﮡ ﮔﻬﺮﺟﻦ، ﺟڏﻫﻦ تہ ڪﻞ ﮔﻬﺮ ﭘﻨﺠﺎﮪ ﺁﻫﻦ؟

سوال نمبر ڏھ:
ڪﺎﺳﺎﺋﻲ ڪﻠﻮ ﮔﻮﺷﺖ ﺗﻲ ڏﻳﮃ ﭘﺎﺀُ ﻫڏﻱ ۽ ﻭَﮪ ﻣﻼﺋﻲ ڏﺋﻲ ﭤﻮ . ﮔﻬﺮ ﭘﻬﭽﻨﺪﻱ ﭘﺮﻳﺸﺮ ﺧﺘﻢ ٿيڻ ۽ ﭘﺎﮢﻲ ﻧڪﺮﻱ وڃڻ سبب ﮔﻮﺷﺖ ﻫڏﻱءَ ﺳﻤﻴﺖ ﺳﺎﮂﺍ ٽﻲ ﭘﺎﺀُ ﺭﻫﺠﻴﻮ ﻭﭸﻲ، ﮄﻭﺋﮡ ۽ ﺻﻔﺎﺋﻲ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺑﺎﻗﻲ ٽﻲ ﭘﺎﺀُ ﺻﺎﻓﻲ ﮔﻮﺷﺖ ﺑﭽﻲ . ﻫڏﻱ تہ ڪﻢ جي نہ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ڪﻞ 13 ﭔﻮٽﻴﻮﻥ ﺑﭽﻦ ﭤﻴﻮﻥ . ﺣﺴﺎﺏ ﻟﮙﺎﺋﻲ ڏﻳﻮ تہ ﻫڪ ﭔﻮٽﻲ ﮔﻬﮣﻲ ۾ ﭘﺌﻲ، ﺟڏﻫﻦ تہ ڪﻠﻮ ﻫڏﻱءَ ﻭﺍﺭﻭ ﮔﻮﺷﺖ 600 ﺭﻭﭘﻴﺎ ڪﻠﻮ ﺁﻫﻲ؟

ﺟﻮﺍﺏ ﺿﺮﻭﺭ ڏﻳﻨﺪﺍ، ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺟﻮ ﻭﻗﺖ ﺷﺮﻭﻉ ٿئي ﭤﻮ ﻫﺎﮢﻲ…..!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close