وڃايل وجود  (ڪھاڻي)

قائم علي

ھن جي مون سان محبت نہ ھئي، ڀلا ھجي بہ ڪيئن ھا….! مان عام شڪل صورت واري ڇوڪري جو ٿيس.. رنگ ڪڻڪائون، تيل سان ڀريل وار، ٽي گز جي اجرڪ ويڙھيل،  لکيل پڙھيل ھجڻ جي باوجود پراڻن خيالن جي مالڪ… جڏھن تہ منھنجي مقابلي ۾ ھُو (منھنجو مڙس) سمارٽ ۽ خوش شڪل ھو.

اھو تہ منھنجي امان ھنن کي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جو آئون ماسيءَ جي ڀيڻ جي ڌيءَ ھيس… چيائين: ڪٿي پراون ۾ وڃي ڌڪا ٿاٻا کائيندين… سو شادي تہ ٿي وئي پر منھنجي مڙس مون کي محبت جي نظر سان ڪڏھن بہ ڪونہ ڏٺو.

سڄو ڏينھن گھر جي ڪم ۾ مصروف.. سس، سھري جي دل جان سان خدمت ڪريان.. بس جيئن پٿر جو بت ھجان ۽ بس!
منھنجي مڙس جي بي رخي مسلسل رھي، بلڪ آھستي آھستي اھا بيرخي  وڌندي ويئي. ھو بہ گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان بيزار ٿي چڪو ھو.

سندس ماءُ جي مرڻ جي دير ھئي بس، جلدي ٻي شادي ڪري آيو. مون ڪو بہ احتجاج نہ ڪيو. ڪريان بہ ڀلا ڪيئن ها! ڇالاء روئان ۽ ڪنھن جي لاء روئان، جو ڪو ٻڌڻ وارو بہ تہ نہ ھو.. بس سڀ ڪجهہ ڏسندي بہ خاموشيءَ سان سھي ويس..

ٻي زال جي اچڻ سان ئي منھنجو مڙس  پنھنجي دنيا ۾ مست ٿي ويو.. پارٽيون، ھنگاما، سير و تفريح.. ھن جي زندگي ئي بدلجي ويئي ھئي.

ھڪ ڏينھن منھنجي ڪمري جي اڳيان گذريو ۽ شايد ڪجھ ٻڌي ورتائين.
مان پنھنجي جيجل سان ڳالھائي رھي ھيس،
چيم: امان ڪھڙيون ٿي ڳالھيون ڪرين، جيجل منھنجو ڪھڙو حق ٿو پڄي جو ڪو احتجاج ڪريان!  مان ڄاڻان ٿي تہ زبردستيءَ جي شادي ايئن ئي ٿيندي آھي.. اهو ڇا گھٽ آھي جو ٻي شادي ڪرڻ کان پوءِ بہ مون کي پاڻ سان گڏ رھايو اٿس.. پنھنجي ماءُ کي ڏنل وعدو پورو پيو ڪري. منھنجي گوڙ ڪرڻ تي جيڪڏھن ھن مون کي ڇڏي ڏنو، تہ ٻڌايو تہ منھنجو ڇا ٿيندو!؟ جيجل، تنھنجا تہ آخري پساھ وڃي بچيا آھن، مون کي ڪير سھارو ڏيندو ڀلا!؟
سر تي نہ پيءُ جو ھٿ، نہ وري ڀاءُ جو، جو ڪو کڻي منھنجي حمايت ڪري!
……..۽ ھي مرد جي محبت جو ڇاھي، ھيءَ تہ نفل نماز جيان ھوندي آھي، پڙھي تہ ثواب، نہ پڙھي تہ ڪو گناھ ڪونھي..
مان سڏڪن تي قابو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾…
منھنجو مڙس ڪو سڄي ڳالھ دروازي جي ڀر ۾ بيھي ٻڌي رھيو ھو.

منھنجو ڏوھ صرف بدصورت هجڻ هو ۽ ان جرم جي سزا ڪٽي رھي ھيس.. ﷲ کان پوء جنھن کي منھنجو سھارو ٿيڻ گھرجي ها،  اھو ئي مون کي ڌڪاريندو رھيو  بظاھر ھڪ پھاڙ جيڏا حوصلا رکڻ واري آئون، اندران صفا ڀورا ڀورا ٿي ٽٽي پيئي ھيس.. خبر ناھي، پاڻ کي ڪيئن سنڀالي رکيو ھئم.

بدصورتيءَ جي ناقابل معافي جرم جي سزا ڪاٽي رھي ھيس. جنھن تي مون کي ناز ڪرڻ گھرجي، ان کان ئي ڊنل ۽ ڊپ ۾ ورتل ھيس.. بي سھارا ٿيڻ جي خوف کان پنھنجي وجود سان ڳالھيون ڪرڻ، منھنجو معمول ٿي چڪو ھو.

ھو گم سم بيٺو دروازي جي ڀر ۾ سڀ ڪجھ ٻڌي رھيو ھو، بي اختيار هو اندر لڙي آيو ۽ ھن جا قدم مون ڏانھن وڌيا.
ھن کي ويجھو ايندي ڏسي، آئون ته صفا ڏڪي ويئي ھيس.. منھنجو منھن تي ڄڻ تہ هئڊ هارجي وئي هئي.

هن منھنجي ويجهو اچي، منھنجا ٻئي ھٿ پنھنجي هٿن ۾ پڪڙيا، پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀيڪوڙي، وڏي پيار ۽ حجت واري لھجي ۾ چيائين:
جيڪي عزت ڪندا آھن، انھن جو ڀرم رکبو آھي، شيري!

مون کي ياد آھي، تہ ڪنوار جي جوڙي ۾ مون کي شيري جي نالي سان سڏيو هئائين ۽ وري اڄ شيري پيو چوي..

يقين سان ھن جو شيريءَ جي نالي سان مون کي سڏڻ، مون کي تمام گھڻو پسند ھو، پنھنجي پر ۾ سوچيندي بہ ھيس، تہ ھن منھنجو نالو شيري ڇو دل تان وساري ڇڏيو آهي؟

حيرت سان مون کي ڏٺائين، ھن پنھنجو سر جھڪائي، مون کي چيو: يار! مون کي معاف ڪر ھاڻي!

ھو پنھنجي غلطين جو اعتراف ڪري چڪو ھو، آخرڪار اوڇنگار ڏيندي، ھن پنھنجو سر منھنجي ڪلھي تي رکي ڇڏيو…

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close