ﮔﻠﻮﺑﻞ ﺩﻧﻴﺎ ﮐﻲ ڪﻴﺌﻦ ڏﺳﺠﻲ؟

ڊاڪٽر ﻏﻔﻮﺭ ﻣﻴﻤﮡ

ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﻟﻨڪﻦ ﭼﻴﻮ ﻫﻮ, تہ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭤﻮﺭﻱ ﺩﻳﺮ ﻻﺀِ ﺑﻴﻮﻗﻮﻑ ﭠﺎﻫﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ، ڪﺠﻬﮧ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺑﻴﻮﻗﻮﻑ ﭠﺎﻫﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻﺀِ ﺑﻴﻮﻗﻮﻑ ﻧﭥﻮ ﭠﺎﻫﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ. ﺑﻠڪﻞ ﺍﻫڙﻱءَ ﻃﺮﺡ ﮔﻠﻮﺑﻞ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﻣﺎرڪيٽ ۽ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺳﺎﻣﺮﺍﺟﻲ ﺗﺼﻮﺭ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﺩﻭﮐﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﺗﻪ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻟﮙﻮ، ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ئي ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ٽﻴڪﻨﺎﻟﻮﺟﻲءَ ﺟﻮ ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﻟﺒﺮﻟﺰﻡ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ  ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻻﺀِ ڪيترو ﻫﺎﭸﻴڪﺎﺭ ﺁﻫﻲ.

ﺩﻧﻴﺎ ۾ 1930ﻉ ﮐﺎﻥ ٽﻲ ﺍﻫﻢ ﻧﻈﺎﻡ ٽڪﺮﺍﺀَ ۾ ﺍﭼﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ، ﻫڪ ﻓﺎﺷﺰﻡ، ﭔﻴﻮ ﻟﺒﺮﻟﺰﻡ ‏(ﺟﻤﻬﻮﺭﻳﺖ ۽ ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪﺍﺭﻱ) ۽ ٽﻴﻮﻥ ڪﻤﻴﻮﻧﺰﻡ. 1945ﻉ ۾ ﻓﺎﺷﺰﻡ ﮐﻲ ﺷڪﺴﺖ ﺍﭼﻲ ﻭﻳﺌﻲ، ﺩﻧﻴﺎ ﭔﻦ ڪﺌﭙﻤﻦ ۾ ﻭﺭﻫﺎئجي ﻭﻳﺌﻲ. ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﺍﮄ ﺩﻧﻴﺎ ﺳﻮﺷﻠﺴٽ ڪئمو ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻲ ﻭﻳﺌﻲ. ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪﺍﺭ ﮐﻲ ﺍﻫﻮ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﭤﻴﻮ، ﺗﻪ ﺟﻨﮓ ﺳﻨﺪﺱ ﻓﺎﺋﺪﻱ ۾ ﻧﺎﻫﻲ، جيڪڏھن ٽﻲ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺟﻨﮓ ﻟﮙﻲ تہ سڄي ﺩﻧﻴﺎ ڪﻤﻴﻮﻧﺴٽ ڪﺌﻤﭗ ۾ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ. ﺍﻧﻬﻲءَ ڪﺮﻱ ﻫﻨﻦ ﺳﺮﺩ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ڪﺌﻲ. ﺟﺪﻳﺪ ٽﻴڪﻨﺎﻟﻮﺟﻲءَ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻔﺎﺩ ﻻﺀِ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻴﻮ. 1980ﻉ ﮐﺎﻥ ڪﻤﭙﻴﻮٽﺮ ﺟﻲ ﺍﻳﺠﺎﺩ، ﺍﻧٽﺮ ﻧﻴٽ ۽ ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﺟﻲ ﺍﻳﺠﺎﺩ. ﺳﻮﻭﻳﺖ ﻳﻮﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻻﺀِ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ﺟﻮ ﻧﺌﻮﻥ ﺩﻭﺭ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻴﻮ. ﭔﺌﻲ ﻃﺮﻑ ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪﺍﺭﻱءَ جي ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﺳﻮﺷﻠﺴٽ ﺩﻧﻴﺎ ﭘﻮﺋﺘﻲ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﺌﻲ.

1995ﻉ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺻﺮﻑ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪﺍﺭﻱ ﺟﻮ ﻧﻈﺎﻡ ﻭﭸﻲ ﺭﻫﻴﻮ. ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻟﺒﺮﻟﺰﻡ ﺟﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﻧﻌﺮﻱ ۾ ﻭﻳڙﻫﻲ ﺳﺎﻣﺮﺍﺝ ﺩﻧﻴﺎ ﺗﻲ ﺣﺎﻭﻱ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ. ﺍﻫﺎ ﺋﻲ ﺟﻤﻬﻮﺭﻳﺖ ﺟﻴڪﺎ ﺳﺎﻣﺮﺍﺟﻲ ﻗﻮﺗﻦ ﻻﺀِ ﺧﻄﺮﻧﺎڪ ﻫﺌﻲ، ﺍﻫﺎ ﺭﻭﺡ ﺭﻭﺍﻥ ﭤﻲ ﻭﻳﺌﻲ. ﺍﻧٽﺮﻧﻴٽ ﺟﻲ ﺳﻬﻮﻟﺖ ﺳﭵﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﻋﺎﻡ ﭤﻲ ﻭﻳﺌﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺭﻭﺯ ﮘﺎﻧﮃﺍﭘﻲ ﻻﺀِ ﻧﻮﺍﻥ ﺳﺎﻓٽ ﻭﻳﺌﺮ ﭠﻬﮡ ﻟﮙﺎ . ﻓﻴﺲ ﺑڪ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ٽﻴﻮٽﺮ، ﻭﺍٽﺲ ﺍﭖ، ﻳﻮ ٽﻴﻮﺏ ۽ ٽڪ ٽاڪ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﺳﺎﻓٽ ﻭﻳﺌﺮ ڪﻤﺎﺋﻲءَ ﺟﻲ ﻣﻴﺪﺍﻥ ۾ ﺍﭼﻲ ﻭﻳﺎ.

ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﻩ ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪﺍر ﻣﺎﺭڪﻴٽ ۾ ﺗﻴﺰﻱ ﺳﺎﻥ ﻧﻴﻮﻥ ﺷﻴﻮﻥ آڻڻ لڳو ۽ ﺍﻳﺠﺎﺩﻥ ﺟﻲ ﭜﺮﻣﺎﺭ ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻲ. ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ﺷﻴﻮﻥ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ۾ ﺍﭼﮡ ﻟﮙﻴﻮﻥ، ﺟﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺑﻪ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﺫﻫﻦ ۾ ﻧﺎﻫﻲ، ﻧﻪ ﻭﺭﻱ ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ﺷﻴﻮﻥ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ڪﺎ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﺁﻫﻦ، ﭘﺮ "ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي” مان بدلجي ﻣﺎﺭڪﻴٽ ﺟﻮ نئون ﺗﺼﻮﺭ ﺍﻫﻮ ﻭﭸﻲ ﺑﻴﭡﻮ ﺗﻪ "ﺍﻳﺠﺎﺩ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﺟﻲ ﻣﺎﺀُ ﺁﻫﻲ” يعني ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺷﻲﺀِ ﺍﻳﺠﺎﺩ ڪﺮﻳﻮ، ﭘﻮﺀِ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ۾ ﺁﮢﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﺑﻨﺎﻳﻮ. ان کان علاوه گلوبل سامراج ڪيفيت بدران مقدار جي مارڪيٽ تي يقين ڪرڻ لڳا. شين جا انبار مارڪيٽ ۾ آڻجن، جن جو ڪوبہ معيار نه هجي، استعمال گهٽ کان گهٽ وقت ڪري سگهجن، تہ جيئن ماڻهو مارڪيٽ ڏانهن جلد رجوع ڪن ۽ مارڪيٽ ۾ روز نيون ايندڙ شيون سندن ڌيان ڇڪي سگهن.

ﻧﺘﻴﺠﻮ ﺍﻫﻮ ﻧڪﺘﻮ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ﺟﻲ ﻭﺱ ۾ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ، ﻳﻌﻨﻲ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ﺫﻫﻦ ﻫﻴڪ Hack ﭤﻲ ﻭﻳﻮ. ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ﭼﻮﻱ ﺗﻴﺌﻦ ڪﺮﮠ ﻟﮙﻮ. ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲءَ ۾ ﮔﻠﻮﺑﻞ ﺩﻧﻴﺎ ﺳﻨﺪﺱ ﺫﺍﺗﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺧﺘﻢ ڪﺮﻱ ﮀڏﻱ. ﻧﻪ ﺻﺮﻑ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﭘﺮ ﺑﺎﻳﻮ ٽﻴڪﻨﺎﻟﻮﺟﻲ ۽ ﺍﻧﻔﻮ ٽﻴڪﻨﺎﻟﻮﺟﻲ ﻫﺎﺋﺒﺮڊ ﺩﻧﻴﺎ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﺋﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﮐﺎﮄﺍ ﺑﻪ ﻫﺎﺋﺒﺮڊ، ﭔﺞ ۾ ﻫﺎﺋﺒﺮڊ، تصور بہ هائبرڊ ادب ۽ آرٽ بہ هائبرڊ تہ نسل بہ هائبرڊ

ﻫﺎﺋﺒﺮڊ ﭔﺠﻦ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺯﺭﺍﻋﺖ ﺗﺒﺎھ ۽ ﺑﺮﺑﺎﺩ ڪﺮﻱ ﮀڏﻱ، ﺯميندار ڪﻤﺎﺋﻲءَ ﺟﻲ ﻫَﻮَﺱ ۾ ﻫﺎﺋﺒﺮڊ ﭔﺞ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻨﺪﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺍﺻﻠﻲ، ﺩﻳﺴﻲ ﭔﺞ ﻭﭸﺎﺋﻲ ﻭﻳﭡﺎ. ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻫڪ ﺗﻪ ﺯﻣﻴﻨﻮﻥ ﻃﺎﻗﺖ ﮀڏﻱ ﻭﻳﻮﻥ ۽ ﭔﻴﻮ ﻫﺎﺋﺒﺮڊ ﻣﻠٽﻲ ﻧﻴﺸﻨﻞ ڪﻤﭙﻨﻴﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺯﺭﺍﻋﺖ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﺱ ۾ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ. ﻫﺎﮢﻲ ﻫﺎﺭﻳﻦ ﻭٽ ﭔﺞ ﺗﻪ ﺁﻫﻦ ﺋﻲ ڪﻮﻧﻪ، ﺍﺳﺎﻥ ﮐﺎﮄﻱ ﺟﻲ ﻻﺀِ ڪﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﺎ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﭤﻲ ﭘﻴﺎﺳﻴﻦ. ﻫﺎﮢﻲ ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺍﻫڙﻭ ﺑﻪ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﺟﻮ ﻣﻠٽﻲ ﻧﻴﺸﻨﻞ ڪﻤﭙﻨﻴﻮﻥ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﻏﻼﻡ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﺭﮐﮡ ﻻﺀِ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺮﻃﻦ ﺗﻲ ﭔﺞ ڏﻳﻨﺪﻳﻮﻥ.

ﮔﻠﻮﺑﻞ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ٽﻴڪﻨﺎﻟﻮﺟﻲءَ ﺟﻲ ﭜﺮﻣﺎﺭ ۽ ﺣﻘﻴﻘﺖ Reality ﮐﺎﻥ ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ ﺣﻘﻴﻘﺖ Virtuality ئي ﻣﻌﻴﺎﺭ ﺁﻫﻲ، ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺻﺮﻑ ﺗﺼﻮﺭ ﺍﭜﺎﺭﻳﻮ، ﻣﻴڊﻳﺎ ﺫﺭﻳﻌﻲ ﺍﻧﻬﻲ ﺟﻲ ﺍﺷﺘﻬﺎﺭ ﺑﺎﺯﻱ ڪﺮﻳﻮ ۽ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ﻓﺘﺢ ڪﺮﻳﻮ. ﻫﺎﮢﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﻫﻴﺮﻭ ﭤﻴﮡ ﻻﺀِ اوﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﻳﺎ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﻧﺎﻫﻲ، ﺻﺮﻑ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﺎﻟﺒﺎﺯﻱءَ ﺟﻲ ﺫﺭﻳﻌﻲ پنھنجي ﺍﺷﺘﻬﺎﺭ بازي ڪﺮﻳﻮ، ﺍﻟﻴڪٽﺮﺍﻧڪ ۽ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺟﻲ ﺫﺭﻳﻌﻲ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ ڪﺮﻳﻮ، ﻣﺜﺒﺖ ﻳﺎ ﻣﻨﻔﻴﺖ ﮐﻲ ﻭﺳﺎﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ، اوﻫﺎﻥ ﺻﺮﻑ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ۾ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﭤﻴﻮ، اوهان جي ﻣﺎﺭڪﻴٽ ﭠﻬﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ. ﺍﻫﻮ ﺁﻫﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮐﺎﻥ ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ.

ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﭼﻴﻦ ﺍﮘﺘﻲ ﻧڪﺮﻱ ﻭﻳﻮ ۽ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ڪﻨﺪﻭ ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺁﻣﺮﻳڪﺎ جي ﺳﭙﺮ هجڻ واري ﺗﺼﻮﺭ ﻻﺀِ ﺧﻄﺮﻭ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ. ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﺒﺐ ﺍﻫﻲ، ﺟﻮ ڊﻭﻧﺎﻟڊ ٽﺮﻣﭗ ﺁﻣﺮﻳڪﻦ ﻧﻴﺸﻠﺰﻡ ﺟﻮ ﻧﻌﺮﻭ ﻟﮙﺎﻳﻮ. ڏﭠﻮ ﻭﭸﻲ ﺗﻪ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻳﻮﺭﭘﻲ ﻳﻮﻧﻴﻦ ﮐﺎﻥ ﮄﺍﺭ ﭤﻴﮡ، ﺁﻣﺮﻳڪﺎ ۾ ﻧﻴﺸﻠﺰﻡ ﺟﻮ ﻧﻌﺮﻭ ﻟﮙﮡ ﮔﻠﻮﺑﻞ ﻭﻟﻴﺞ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻐﺎﻭﺕ ﺁﻫﻲ.

ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﻫﺮ ﻃﺮﻑ ﮐﺎﻥ ﺩﻧﻴﺎ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﭤﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ، ﻫﻲ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﻋﺒﻮﺭﻱ ﺩﻭﺭ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﻧﺴﻠﻲ ﺗﺒﺪﻳﻠﻲ ﺍﭼﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ، ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺟﺎﮔﺮﺍﻓﻲءَ ﺟﻲ ﺗﺒﺪﻳﻠﻲ ﺍﭼﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ، ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺳﻤﺎﺝ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﭘﻴﺎ ﭤﻴﻦ، ﺍﺧﻼﻕ، ﻗﺪﺭ، ڪﻠﭽﺮ ﺳﭛ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﭤﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ. ﮀﻮ ﺗﻪ ﺩﻧﻴﺎ ﻫڪ ﻧﺌﻮﻥ ﺭﻭﭖ ﻭﭠﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮﻥ ﺍﭼﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ، ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺩﻧﻴﺎ ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﻳﺎ ﻧﻈﺮﻳﻮ ﺑﻪ ﻧﺌﻮﻥ ﻫﺌﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ، ﻳﺎ ﺩﻧﻴﺎ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺑﻪ ﻧﺌﻮﻥ ﻫﺌﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ.

ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻤﺎﺝ ۾ ﻧﺌﻴﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺭﻭﭖ ﮐﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮ ﻋﺎﻡ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﺁﻫﻲ. ﺟﺪﻳﺪ ٽﻴڪﻨﺎﻟﻮﺟﻲ ﻣﺎﻥ 20 ﺳﻴڪڙﻭ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ ﻓﺎﺋﺪﻭ ﻧﻪ ﻭﭠﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ. ﭔﻲ ﻃﺮﻑ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﺍﻧﻔﺎﺭﻣﻴﺸﻦ ۽ ﺧﺒﺮﻥ ﺟﻲ ﭔﻮڏ ﺍﭼﻲ ﭼڪﻲ ﺁﻫﻲ. ڪﻮ ﻭﻗﺖ ﻫﻮ ﺟڏﻫﻦ ﺭﻳڊﻳﻲ ﺗﺎﻥ ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ٽﻲ ﺩﻓﻌﺎ ﺧﺒﺮﻭﻥ ﺍﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ، ڪﻲ ﺷﻮﻗﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺳﻲ ﭔﮅﻧﺪﺍ ﻫﺌﺎ، ﭘﺮ ﺍﭲ ﮔﻬﺮ ۾ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﭼﻴﻨﻞ ﻫﺮ ﻟﻤﺤﻲ ﺑﺮﻳڪﻨﮓ ﻧﻴﻮﺯ ﺟﻲ ﭔﻮڏ ۾ ﭰﺎﭤﻞ ﺁﻫﻦ.

ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺍﺷﻬﺘﺎﺭ ﺑﺎﺯﻱءَ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﺣﺪ ﮐﺎﻥ ﺑﻪ ﻭﮄﻱ ﻭﻳﺌﻲ ﺁﻫﻲ. ﺍﻧٽﺮ ﻧﻴٽ ﺗﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ ﺟﻲ ﭔﻮڏ، ٽﻲ ﻭﻱ ﭼﻴﻨﻠﺰ ﺗﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ ، ﺧﺒﺮﻥ ۽ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻣﻦ ﺟﻲ ﭔﻮڏ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ Reality ﮐﺎﻥ ﭘﺮﻱ ﺭﮐﮡ ﻻﺀِ ڪﺎﻓﻲ ﺁﻫﻲ، ﮀﻮ ﺗﻪ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺗﻴﺰﻱءَ ﺳﺎﻥ ﻧﻪ ﺑﺪﻟﺒﻲ ﺁﻫﻲ. ﻓﻄﺮﺕ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﻓﻄﺮﺕ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﻧﻈﺎﻡ ﻫڪ ﻣﺼﻨﻮﻋﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﭠﺎﻫﻲ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺼﻨﻮﻋﻲ ﻣﺎﺣﻮﻝ ۾ ڪﻮڙ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺭﻫﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺟﻲ ﭔﻮڏ ﻫﺎﮢﻲ ﺍﻫڙﺍ ﺗﻪ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﭘﻴﺶ ڪﺮﻱ ﭤﻲ، ﺟﻦ ﺟﻮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺳﺎﻥ ڪﻮ ﺑﻪ ﺗﻌﻠﻖ ﻧﺎﻫﻲ ، ﻣﺜﺎﻝ طور ﻫڪ ﻣﻮﻟﻮﻱ ڪﻤﭙﻴﻮٽﺮ ﮐﮣﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ﺟﻮ ﺣﺎﻝ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﭤﻮ، ﺟِﻨﻦ، ﭘَﺮﻳَﻦ ۽ ﺩَﻳﻮَﻥ ﺗﻲ ڊﺍڪﻴﻮﻣﻴﻨٽﺮﻳﻮﻥ، ﺍﺳٽﻴﺞ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ، ﻣﻮﺳﻴﻘﻲءَ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ جنسي گدلاڻ ﭰﻬﻼﺋﮡ، ﭘﻴﺎﺭ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ ﻓﺤﺎﺷﻲ ﻳﺎ ﻫڪ ٻئي ﮐﻲ ﺑﻴﻮﻗﻮﻑ ﺑﻨﺎﺋﮡ ﺟﺎ ﮔُﺮ، ﺳﻴﺎﺳﻲ ڪڪڙﻥ ﺟﻲ ﻭﻳڙھ ﻳﺎ ﻭﺭﻱ ﻇﺎﻟﻢ ﮐﻲ ﻣﻈﻠﻮﻡ ﺑﻨﺎﺋﮡ، ﻣﻈﻠﻮﻡ ﮐﻲ ﻇﺎﻟﻢ ﺑﻨﺎﺋﮡ، ڪﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﮗ ﻻﻫﮡ، ڪﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻴﺮﻭ ﭠﺎﻫﮡ، ڪﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻠﻴڪ ﻣﻴﻞ ڪﺮﮠ، ﺟﻨﻬﻦ ﺧﺒﺮ ﮐﻲ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﺗﻪ ﺍﻫﺎ ﺑﺮﻳڪﻨﮓ ﻧﻴﻮﺯ ﺑﻨﺠﻲ. ﻭﺭﻱ ﻣﻈﻠﻮﻡ ﮐﻲ ﺍﻧﺼﺎﻑ ﻣﻠﻲ ﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﺮ ﺧﺒﺮ ﭘﺮﺍﮢﻲ ﭤﻲ ﻭﻳﺌﻲ ﺗﻪ ﺧﺘﻢ، ﻭﺭﻱ ﻧﺌﻴﻦ ﺑﺮﻳڪﻨﮓ ﻧﻴﻮﺯ ﮐﭙﻲ.

ﻫﺎﮢﻲ اهڙي ﺩﻧﻴﺎ ۾، ﺟﺘﻲ ﻫﺮ ﻃﺮﻑ ﻣﻔﺎﺩﻥ ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ﻫﺠﻲ، ﻫﺮ ﻃﺮﻑ ﺍﻧﻔﺎﺭﻣﻴﺸﻦ ﺟﻲ ﭔﻮڏ ﻫﺠﻲ، ﻫﺮ ﻃﺮﻑ ڪﻮڙﻳﻮﻥ ۽ ﺳﭽﻴﻮﻥ ﺧﺒﺮﻭﻥ ﻫﺠﻦ، ﻣﺎﮢﻬﻮءَ ﺟﻮ ڪﻨﻔﻴﻮﺯ ﭤﻴﮡ ﻓﻄﺮي ڳالھ ﺁﻫﻲ. ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﻧﺴﻞ ﺑﻪ ﺑﻠڪﻞ ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ڪﻨﻔﻴﻮﺯڊ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺭﻭﺯ ﮘﺮﺍ ﻟﻔﻆ ﺑﻲ ﻣﻌﻨﻲٰ ﻣﻘﺼﺪ ﮐﮣﻲ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ، ﻣﺜﺎﻝ ﺳﺎﺋﺒﺮﮒ، ﭘﺮﻭﺳﻴﻮﻣﺮ، ﺑﺎﻳﻮ ٽﻴڪ، ﺍﻧﻔﻮ ٽﻴڪ ، ﺑﻠﻴڪ ﭼﻴﻦ، ﻫﭥﺮﺍڌﻱ ﺫﻫﺎﻧﺖ، ﺳﺎﺋﺒﺮ ڪﺮﺍﺋﻴﻢ ﻭﻏﻴﺮﻩ

ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﻧﺴﻞ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻣﻴﺪﺍﻥ ﭘﺮﺍﮢﻮ ﺁﻫﻲ، ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺍﭖ ڊﻳٽ ﻧﺎﻫﻦ. ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﮐﻲ ﺻﺮﻑ ﺍﻫﻮ ﭔﮅﺍﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ، ﺗﻪ ﺟﻠﺪﻱ ڪﺎ ﺳﮣﭝﻲ ﻧﻮڪﺮﻱ ﻫﭣ ڪﺮﮢﻲ ﺁﻫﻲ، ﭜﻠﻲ ڪﺠﻬﮧ ﺑﻪ ڪﺮﻳﻮ. ﺿﻤﻴﺮ ﻭڪﮣﻮ، ﻋﺰﺕ ﻭڪﮣﻮ، ﺍﺣﺴﺎﻥ ﻓﺮﺍﻣﻮﺷﻲ ڪﺮﻳﻮ، ﭘﺮ ﺍﺳٽﻴٽﺲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻳﻮ،ﺩﻭﻟﺖ ڪﻤﺎﻳﻮ، ﺷﻴﻮﻥ ﻭﭠﮡ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ڪﺮﻳﻮ. ﺍﻫڙﻱ ﺻﻮﺭﺕ ﺣﺎﻝ ۾ ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻮ ﺳﺮﭼﺸﻤﻮ ﻋﻮﺍﻡ ﻧﺎﻫﻲ، ﺑﻠڪ ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﭼٽﺎﺋﻲ (power of clarity) ﺁﻫﻲ، ﻫﺎﮢﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﺍﻫڙﺍ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﮐﭙﻦ، ﺟﻴڪﻲ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ﮐﻲ ﺻﺮﻑ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ ﻧﻪ ڏﻳﻦ، ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ﭔﮅﺍﺋﻦ ﺗﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ ڪﻬڙﻱ ﺁﻫﻲ؟ ﺍﻫﻮ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﺗﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﺧﺒﺮ ڪﻬڙﻱ ﺁﻫﻲ؟ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺟﻮ ڪﻢ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﮐﻲ ﭔڏﺗﺮ ﻣﺎﻥ ڪﮃﻱ، ﭘﺮ ﺍﻫڙﻱ ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ﻭﺍﺭﻭ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﻧﺎﻫﻲ.

ﭔﺌﻲ ﻃﺮﻑ ﺟﻤﻬﻮﺭﻳﺖ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪﺍﺭ ﺟﻮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺫﺭﻳﻌﻮ ﺁﻫﻲ. ﺟﻤﻬﻮﺭﻳﺖ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲٰ ﺁﻫﻲ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮءَ ﮐﻲ ﮀڙﻭﺍﮖ، ۽ ﻻﻗﺎﻧﻴﺖ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻭﭠﻲ ﻭﭸﺠﻲ. ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮءَ ﮐﻲ ﺍﻳﺘﺮﻭ ڪﺮﭘٽ ڪﺠﻲ، ﺟﻮ ﻫﻮ ڪﺮﭘﺸﻦ ﮐﻲ ﺣﻖ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻟﮙﻲ، ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻮ ﺍﺧﻼﻗﻲ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﻧﻈﺎﻡ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﭤﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ. ﻫﺎﮢﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮءَ ﻭٽ ﺭﺷﺘﻦ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﻭﭸﻲ، ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ﻗﺪﺭ ﭘﻮﺋﺘﻲ ﻫﻠﻴﺎ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ. ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪﺍﻧﻦ ﺟﻮ ﺻﺮﻑ ﺍﻳﺘﺮﻭ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻴﺎﺳﺖ ڪﺮﻱ ﺻﺎﺣﺐ ﺍﻗﺘﺪﺍﺭ ﭤﻴﮣﻮ ﺁﻫﻲ ۽ ڪﺮﭘﺸﻦ ﺟﻮ ڪﻮ ﺑﻪ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻫﭥﺎﻥ ﻧﺎﻫﻲ ﮀڏﮢﻮ، اسان جا سياستدان صرف عوام تي رعب وجهيو، ترقياتي ڪمن جي بجيٽ کايو ويٺا آهن. ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻧﻪ ﻣﻠڪ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﺁﻫﻲ ﻧﻪ ﻭﺭﻱ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﭤﻴﻨﺪڙ ﺳﻤﺎﺝ ﺟﻲ!

ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮ ﺩﻭﺭ ﺭﻭﺯ ﺟﻮ ﻧﺌﻮﻥ ﺩﻭﺭ ﺁﻫﻲ، ﺗﻮﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﺍﻫﻮ ﻳﺎﺩ ﺭﮐﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ ﺗﻪ ﻋﺎﻟﻤﮕﻴﺮ ﮔﻬﮡ ﻗﻮﻣﻲ ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻧﺸﻮﻧﻤﺎ ﻻﻗﺎﻧﻮﻧﻴﺖ ۾ ﺁﻫﻲ. ﺳﻤﺎﺝ ۾ ﺍﻧﺎﺭڪﻲ، ڏﻭھ، ﻣﻔﺖ ﺟﻮﻥ ﺩﺷﻤﻨﻴﻮﻥ، ﺍﺳڪﻴﻨڊﻝ، ﺭﺷﻮﺕ ﺧﻮﺭﻱ، ﻗﺘﻞ ﻭ ﻏﺎﺭﺕ ، ﭼﺎﭘﻠﻮﺳﻲ ۽ ڏﻳﮑﺎﺀَ ﭘﺮﺳﺘﻲ ﻳﺎ ﺍﺳٽﻴٽﺲ ﺟﻲ ﻫﻮﺱ ﭘﺮﺳﺘﻲ ﻋﺎﻟﻤﮕﻴﺮ ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻻﺀِ ﺍﻧﺘﻬﺎﺋﻲ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺁﻫﻲ.

ﺟﺘﻲ ﺁﺩﻣﺸﻤﺎﺭﻱ گهڻي ﺁﻫﻲ، ﺍﺗﻲ ﺧﺮﻳﺪﺍﺭ ﻭﮄﻳڪ ﺁﻫﻦ. ﺟﺘﻲ ﺟﻬﺎﻟﺖ ﻭﮄﻳڪ ﺁﻫﻲ، ﺍﺗﻲ ﺧﺮﻳﺪﺍﺭﻱءَ ۾ ﭠﮙﻲ ﻭﮄﻳڪ ﺁﻫﻲ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﮕﻴﺮﻳﺖ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﺟﻮﻫﺮ ﺋﻲ ﻻﻗﺎﻧﻮﻧﻴﺖ ۾ ﺁﻫﻲ. ﺍڪﺜﺮ ﺍﻫﻮ ﭔﮅﻧﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ، ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﻗﻮﻡ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﻧﻪ ڪﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ. ﺍﺳﺎﻥ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭠﮗ ﺁﻫﻦ، ﺑﺪﻣﻌﺎﺵ ﺁﻫﻦ، ﭔﻪ ﻧﻤﺒﺮ ﺁﻫﻦ ﻳﺎ ﻭﺭﻱ ڏﻭﻫﺎﺭﻱ ﺩﻣﺎﻍ ﺟﺎ ﺁﻫﻦ، ﭘﺮ ﺍﺻﻞ ۾ ﺍﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ. ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﭥﺮﺍﺩﻭ ﺍﻫڙﻭ ﭠﺎﻫﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ. ﺗﻮﻫﺎﻥ ﭤﻮﺭﻭ ﻏﻮﺭ ڪﺮﻳﻮ، ڪﻴﺌﻨٽ ﺍﻳﺮﻳﺎ ۾ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﻭﭸﻲ ﻣﻮٽﺮ ﺳﺎﺋﻴڪﻞ ﺟﻮ ﺳﺎﺋﻠﻨﺴﺮ ڪﮃﻱ ﻫﻼﺋﻲ ڏﻳﮑﺎﺭﻳﻮ، ﺭﻭڊ ﺗﻲ ڪﭽﺮﻭ ﺍﮀﻼﺋﻲ ڏﻳﮑﺎﺭﻳﻮ، ﮔﺎڏﻱ ﺍﺳﭙﻴڊ ۾ ﻫﻼﺋﻲ ڏﻳﮑﺎﺭﻳﻮ يا ڪﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﺭﻱ ڪﺮﻱ ڏﻳﮑﺎﺭﻳﻮ، ﻓﻮﺭﻥ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺣﺮڪﺖ ۾ ﺍﻳﻨﺪﻭ. ﭘﺮ ﭔﺎﻫﺮ ﺟﺘﻲ ﻋﻮﺍﻡ ﺁﻫﻲ، ﺍﺗﻲ ڪﻮﺑﻪ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﻧﺎﻫﻲ. ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ڊﺭﺍﺋﻴﻮﺭ ﺳﻌﻮﺩﻱ ﻋﺮﺏ ۾ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ڪﺮﻱ ﭤﻮ، ڊﺭﺍﺋﻴﻮﻧﮓ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﭘﺮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ۾ نہ ٿو ڪﺮﻱ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﻣﻠٽﻲ ﻧﻴﺸﻨﻞ ڪﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ﺁﻫﻴﻮﻥ، ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻥ ﺣڪﻮﻣﺖ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺍﺩﺍﺭﺍ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ۾ ﺁﺀِ ﺍﻳﻢ ﺍﻳﻒ، ﻭﺭﻟڊ ﺑﺌﻨڪ، ڊﺑﻠﻴﻮ ٽﻲ ﺍﻭ، ﺍﻳﻦ ﺟﻲ ﺍﻭﺯ، ﻭﺭﻟڊ ٽﺮﻳڊ ﺁﺭﮔﻨﺎﺋﺰﻳﺸﻦ ، ﻧﻴٽﻮ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺟﻴڪﻲ ﺭﻳﺎﺳﺘﻦ ﮐﺎﻥ ﻣﭥﺎﻧﻬﺎﻥ ﺍﺩﺍﺭﺍ ﺁﻫﻦ، ﻭﺭﻱ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺎﻓﻴﺎﺋﻮﻥ ﺍﭸﺎ ﺍﻟﮗ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﻦ ﭤﻴﻮﻥ

ﮀﻮ ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ڪﻮ ﻧﻈﺮﻳﻮ ﻧﺎﻫﻲ، ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ڪﺎ ﺁئڊﻳﺎﻟﻮﺟﻲ ﻧﺎﻫﻲ، ﺳﭻ ﻳﺎ ڪﻮڙ ﺟﻲ ﭘﺮﮎ ﻧﺎﻫﻲ، ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﻋﻠﻢ ﻧﺎﻫﻲ ﺟﺪﻳﺪ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭘﺮﮎ ﻧﺎﻫﻲ، ﻧﻮﻥ ﭼﺌﻠﻴﻨﺠﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﮡ ﻻﺀِ ڪﺠﻬﮧ ﺑﻪ ﻧﺎﻫﻲ، ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ﻧﺎﻫﻲ.

ﺳﻨﮅﻱ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭤﻮﺭﻭ ﻏﻮﺭ ڪﻦ، ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ 2050ﻉ ۾ ڪﭥﻲ ڏﺳﻦ ﭤﺎ؟

(هي مضمون عوامي آواز ۽ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي ٿورن سان شايع ڪيو ويو)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close