زندگيءَ جو بار ڀي نہ سگهياسين کڻِي،
۽ مري وڃڻ جو حوصلو ڀي نہ مليو..
رهياسين يا عمر سفر ۾ هيڪلا،
راھ ۾ ماڳ ڏي ڪو قافلو ڀي نہ مليو..
نفرتن جي نگر ۾ محبتن جو مٺا،
تھمتن کان سوا ڪو صلو ڀي نہ مليو..
رهبرن، رهزنن جيان لُٽيو ۽ ڪُٽيو،
هن ڀونء کي واهرو، ڀرجهلو ڀي نہ مليو..
فرياد کي داد ڪو، نہ سڏ کي ڪا بہ ورندِي،
ڏاڍ جي ڏيھ ۾ حق جو فيصلو ڀي نہ مليو..
مليا تہ رڳو جواب جا سوالي سوال مليا،
پنهنجي عروج تي پھتل ڪي زوال مليا..
اکين کي فقط هٿين خالي مفلس خواب مليا،
۽ اسان جي اڃ کي صحرائن جا سراب مليا..
هاڻ ويھِي ڪجي بہ ڪھڙو ملال، گذري ويو
ايئن زندگيءَ جو هڪ ٻيو بہ سال گذري ويو.