ٻوڙن اڳيان، گونگن دانهون!
اصغر مھرائي
رڻن ۾ راڪاس رڙي رهيا آهن،
گونگن، ٻوڙن اڳيان دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن.
ايوانن ۾ انڌن، سڄن جون آڱريون ڪَٽَي،
ڌرتيءَ جي نظارن کي
ڪارن ناگن وارا ڏنگ هڻِي
صحيون ڪري ڇڏيو آهن!
ووٽن کي نوٽن تي سمھاري، مٿن مُٽيو ويو آهي.
بحريا ۾ بلائن جو عجائب خانو بڻائي،
جهنگلي جيوت گڏ ڪئي ويئي آھي
۽ ڌرتيءَ کي
بين الاقومي يتيم خانو بڻائڻ جو
هڪ وڏو پلان جوڙيو ويو آهي.
زرخيز زمينن کي بنجر بڻائي
مٿن ڪانڊيرن جا وڻ پوکيا ويا آهن.
وڻجارن جي وٿاڻن تي ولر ڪڙڪا ڪري وريا آهن،
وڻجارين جي ڪنن مان ڦليون،
نڪن مان والا، بي رحم هٿن زوري کسي ورتا آهن،
منجهائن اندر جو رت ريهون ڪري
آسمان واري ڏانهن دانهي ٿي ويٺو آهي.
مهاڻن جا ٻار، ٻيڙيءَ ۾
ماٺ ۾ ماٺ جون ننڊون ڪري رهيا آهن،
ڪنهن وقت به، سمونڊ
کين پنهنجي هنج ۾ سمهاري ويندو.
سمونڊ جا ڪنارا
ڪارا ڪلور ڪري، ڪارا ٿِي
روز لهندڙ سج کي الوداع ڪري
پاڻ به ٻڏي ويندا آهن.
مسڪين ماروئڙن جي مٽن تان ڪرندڙ ڳوڙها تاريخ جي هڪ وڏي ڪلور تي ماتم ڪري رهيا آهن!