ھند جي عائشہ کان پوءِ سنڌ جي ناھيد!

محمد خان دائود

موت، موت آھي.. پوءِ اھو ھند جي عائشہ جو ھُجي يا سنڌ جي ناھيد جو، پر جيترو شور ھند جي عائشہ جي موت تي ٿيو، ايترو سنڌ جي ناھيد جي موت ٿي نہ ٿيو!ٻنھي مرڻ کان پھرين ھڪ ھڪ وڊيو ڪلپ آن ائير ڪئي. ٻنھي جي وڊيو ڪلپ ۾ درد آھي، پيڙا آھي.. ٻئي ھن سماج ھٿان ڏکويل آھن، ٻئي دانھي رھيون آھن تہ انھن سان ڇا وارتا ڪئي وئي آھي ۽ مٿن ڪھڙا ويل وهايا ويا، پر جيترو ھند جي عائشہ جي وڊيو ڪلپ وائرل ٿي، ايترو ڌيان اھا ناھيد نہ لھي سگھي، جيڪا پنھنجي وڊيو ڪلپ ۾ ان جو ذڪر بہ ڪري رھي آھي جنھن ناھيد جي زندگيءَ سان راند ڪئي ۽ وري ناھيد کي ايئن اڇلائي ڇڏيائين جيئن ناھيد ڪا انسان نہ، پر ڪو رانديڪو ھو.. جنھن رانديڪي سان کيڏجي ۽ پوءِ جڏھن دل ڀرجي وڃي، تہ ان کي لت ھڻي ڇڏجي!

انھن وڊيوز ڪلپز ۾ ھند جي عائشہ اذيت ڀري مرڪ مرڪي رھي آھي، جڏھن تہ سنڌ جي ناھيد دانھي رھي آھي پنھنجن سمورن لڙڪن سميت!

پر عائشہ جي مرڪ ۾ بہ ھڪ پيڙا آھي، ھڪ درد آھي، ھڪ سور آھي! نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آھي، تہ جڏھن درد حد کان وڌي وڃي، تہ ان درد تي ڳوڙھا نہ ڳڙندا آھن.. انسان ڪيتري بہ ڪوشش ڪري تہ ھو روئي، ڳوڙھا ڳاڙھي، پر ھو ان ڪيفيت ۾ ھليو ويندو آھي، جتي روئڻ ۽ ڳوڙھا وھائڻ سندس وس ۾ نہ رھندو آھي.. کيس سمجھ ۾ نہ ايندو آھي، تہ ھو ڇا ڪري رھيو آھي؟ ڇا چئي رھيو آھي؟ ۽ اڳيان ڇا ٿيندو؟

جڏھن تہ سنڌ جي ناھيد جي اھڙي حالت ھُئي، جنھن ۾ هوءَ روئي بہ سگھي پئي، مرڪي بہ سگھي پئي، ھنجون بہ ھاري سگھي پئي، پاڻ سان ڪيل وارتا ٻڌائي بہ سگھي پئي، پنھنجو درد، پنھنجو سور بيان بہ ڪري سگھي پئي!

ھند جي عائشہ اھڙي حالت تي پھتي، جو ھو پنھنجي سڄڻ کي ڏوراپو بہ نہ پئي ڏئي سگھي، جڏھن تہ سنڌ جي ناھيد جي اڃان اھڙي حالت نہ ٿي ھُئي جو ھو پنھنجي محبت واري دشمن کي ڪو ڏوراپو نہ ڏئي سگھي!

ھند جي عائشہ مرڪندي مرڪندي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي، پاڻي ٿي وئي!

”تون بہ پاڻي
مان بہ پاڻي،
اچ!
تہ پرچون پاڻ ۾!!!“

۽ ايئن ھند جي عائشہ پاڻيءَ سان ملي پاڻي ٿي وئي…

جڏھن تہ سنڌ جي ناھيد نہ پاڻي ٿي، نہ پاڻيءَ سان ملي، نہ مرڪي، نہ کلي… هوءَ تہ زخم ھُئي، پنھنجي جسم تي لوڻ ملي سنڌ ۾ سمائجي وئي..

ھند جي عائشہ سان تہ اھو ٿيو، جيڪو اڪثر شادي شده ڇوڪرين سان ٿيندو رھيو آھي، تہ اھي پنھنجي گھران پئسا آڻين! ڇو جو عائشہ شادي ڪئي ھُئي.  هن کي سندس مڙس ۽ مڙس جا گھر وارا ان ڪري ٽارچر ڪندا ھُئا تہ عائشہ غريب ھُئي ۽ هن وٽ ڏيج نہ ھو، هوءَ خالي ھٿين  پنھنجي گھران آئي ھُئي، ڏيج لعنت بڻيو ۽ عائشہ کلندي کلندي پاڻيءَ ۾ سمائجي وئي!

اتي عائشہ جي زندگيءَ جو باب بند  ٿيو ۽ ھڪ ٻي بحث جاءِ والاري تہ

”ڏيج لعنت آھي يا اھو ڇوڪرين کي ملڻ گھرجي!؟“

اگر ڏيج لعنت ناھي ۽ اھو والدين ھٿان ڇوڪرين کي ملڻ گھرجي تہ انھن ڇوڪرين جو ڇا ٿيندو جن جي گھرن ۾ ڪي ڪونھي!؟

۽ اگر ڪا ڇوڪري گھران ڏيج نٿي آڻي تہ پوءِ انھن ڇوڪرين سان ڪھڙو رويو رکيو ويندو؟

اھي سوال تہ ھند جي عائشہ ۽ انھن تمام ڇوڪرين سان لاڳاپيل آھن، جيڪي شادي بھ ڪن ٿيون پر غربت ھُئڻ ڪري خالي ھٿين پنھنجي والدين جي گھران وڃن ٿيون ۽ موت جي نديءَ سان ملن ٿيون!ڪي جليل، ڪي ڦٽيل، ڪي سڙيل!

پر سنڌ ۾ ھند جي عائشہ جھڙو تہ حال ڪونھي.. ھتي تہ ناھيد جھڙين نارين جو  حال آھي جيڪي وڊيو ڪلپ ۾ اھا سڄي وارتا بيان ڪن ٿيون ۽ ٻئي ڏينهن تي پاڻ بہ ماضيءِ جو قصو ٿي وڃن ٿيون..

پر ڇا مائرن ناھيد جھڙين نارين کي بس ان لاءِ ڄڻيو ھو تہ اھي ماضيءَ جو قصو ٿي وڃن!؟
۽ سنڌ انھن مَردن کان بلڪل بہ پُڇاڻو نہ ڪري، جيڪي مرد ناھيد جھڙي ناريءَ سان رات جي اونداھيءَ ۾ محبت جي نالي ۾ هوس جي راند ڪندا رھيا، انھن جي نفيس خوشبو ڀريل جسم سان کيڏ ڪندا رھيا، انھن جي سياه زلفن ۾ پنھنجا ناپاڪ ھٿ وجهندا رھيا، ڪوڙن دلاسن عيوض انھن جي خوابن ۾ رنگ ڀرڻ جي بدران زھر ڀريندا رھيا، انھن کي ٺڳيندا رھيا، انھن جي جسمن مان لذت وٺندا رھيا، انھن کي رات جي شروعاتي پھرن ۾ ريپ ڪندا رھيا، انھن کي رنگين سپنا ڏيکاريندا رھيا، انھن جي جسمن کي نھوڙيندا رھيا، نپوڙيندا رھيا….

جڏھن سنڌ جي ناھيد انھن سپنن ۾ رنگ ڀرڻ لاءِ چئي تہ ڌڪاري وڃي! جڏھن ھو پنھنجي سپنن جي ساڀيان لاءِ سنڌ جي مرد کي منٿ ڪري تہ هن جي زندگيءَ کي زھر ۾ بدلايو وڃي!

جڏھن سنڌ جي ناھيد پنھنجي محبت لاءِ منٿ ڪري پنھنجي پوتي ان جي پيرن ۾ رکي تہ ان کي اھو جواب ملي تہ ان پوتيءَ سان ڦاھو کائي مري وڃ!

اھڙي حالت ۾ سنڌ جي ناھيد ڇا ڪري ھا؟

سنڌ جي ناھيد بہ اھو ئي ڪيو، جيڪو ھند جي عائشہ ڪيو..

فرق بس سرحدن جو ھو

دلين جو نہ ھو، ڏوراپي جو نہ ھو

عائشہ پاڻ کي پاڻيءَ حوالي ڪيو، جڏھن تہ ناھيد اھو ئي ڪيو جيڪو سنڌ جون اڪثر ونيون محبت جي مٺاس زهر ۾ بدلجڻ تي ڪنديون آھن، ناھيد وڏي پوتيءَ سان ننڍي وڻ ۾ ڦاھي کائي پنھنجي زندگيءَ جو انت آندو..

زندگي، زندگي ھُئي جيڪا ھاڻ نہ رھي

ھند ۾ عائشہ لھرن ۾ لڙهندي رھي
ھيڏاھن سنڌ ۾ ناھيد وڻ جي سڪل ٽاريءَ سان ٽنگيل رھي..

نہ ھند ۾ ان مرد جو ڪجهہ بگڙيو، جنھن ڏيج نہ ھُئڻ ڪري عائشہ جي زندگيءَ عذاب ڪئي، نہ وري سنڌ ۾ ان مرد جو ئي ڪجهہ بگڙجندو جنھن محبت ۾ دغا بازي ڪري ناھيد سان ڪيئي ڀيرا ريپ ڪيو ۽ پوءِ ناھيد مان ھٿ ئي ڪڍي ويو..

سڄڻو!
ھاڻي اوھان کان پڇڻو اهو آھي تہ
”عدالتن ۾ ريپ جي تہ سزا تجويز ڪيل آھي
پر ڇا محبت ۾ دغا بازي، فراڊ، دوکي بازيءَ جي بہ ڪا سزا تجويز ڪيل آھي!؟“

اگر آھي تہ ان مرد کي بہ ڦاھيءَ تي ٽنگي ڇڏيو، جنھن ناھيد جي جيون کي قبر ڀيڙو ڪيو آھي

۽ مرڻ کان اڳ ناھيد پنھنجي مختصر وڊيو ڪلپ ۾ روئي روئي سڀ بيان ڪيو آھي!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close