ٿر ۾ کوھن جي کوٽائي جو روايتي هنر ۽ اونڌو ٻانڌو

سنگت ميگ ٽيم

اونڌو ٻانڌو- ٿر ۾ کوهن جي کوٽائيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن جي شروعات ٿرپارڪر ضلعي ۾ تعلقي ڇاڇري جي هڪ ڳوٺ راوتسر جي رهاڪو مولوي عبدالحق چانڊيي (1939-1874ع)  نوَ تيرهي سِرن جي ايجاد سان ڪئي. هن اهو ڪم ٿر جي رهواسين جي مشڪل آسان ڪرڻ خاطر ڪيو هو، جن لاءِ پاڻيءَ جو حصول هميشه هڪ مشڪل عمل رهيو آهي.

پراڻي زماني ۾ ٿر جا ماڻهو کوھ وڏي مشڪل سان گهڻي خرچ ۽ گهڻي مدت ۾ تيار ڪندا هئا، شروع ۾ تمام ڪشادا کوھ کوٽيندا هئا، ڪماڻين سان جهلي پاڻي تائين کوٽي ويندا هئا ۽ پوءِ تري کان سرن يا پٿرن سان مٿي ٻڌڻ شروع ڪندا هئا، جنهن ۾ وڏي تڪليف ۽ جان جو به جوکو هوندو هو. ان کان سواءِ انھن ۾ افرادي قوت، وقت ۽ محنت جو بہ وڌيڪ درڪار هوندو هو.

ان ڏکيائيءَ کي ڏسندي مولانا عبدالحق چانڊيي هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو، جنهن جو نالو ”اونڌو ٻانڌو“ رکيائين. ان جي سرن جو ڪارب مولانا عبدالحق 13×9 -انچ- تيار ڪرايو. هن سر جي ڊيگهہ 13 انچ ۽ ويڪر 9 انچ هئي.

اها جڏهن کوهن جي اندر گول دائري ۾ چونڊبي آهي ته هن جو 9 انچ وارو پاسو اندرين ۽ 13 انچ وارو پاسو ٻاهرين طرف ايندو آهي، جنهن ڪري کوھ مضبوط ٿئي ٿو ۽ آسانيءَ سان اوساري توڙي مرمت ڪري سگهجي ٿي.

مولانا عبدالحق پنهنجي هٿن سان اهڙو کوھ، مسجد راوت سر لڳ اوڀر پاسي ٺاهيو، جيڪو اڄ به موجود آهي. ان کان پوءِ مولانا صاحب ٿر ۾ اهڙا ٻيا به ڪيترائي کوھ ٺهرايا، جيڪي ”اونڌَي ٻانڌَي“ کوھ جي نالي سان ياد ڪيا وڃن ٿا.

هن قسم جو کوھ هڪ مهيني ۾ کوٽجي تيار ٿئي ٿو. اڳ ۾ ٽي سال کوھ جي کوٽائيءَ ۾ لڳي ويندا هئا، هاڻي گهٽ خرچ، گهٽ وقت، گهٽ تڪليف ۽ گهٽ ماڻهن سان هن قسم جا کوھ ٺهي سگهن ٿا.

کوھ تيار ڪرڻ

ٿر جي زمين وارياسي آهي، اها کوٽي جڏهن هيٺ سخت زمين ايندي آهي، اوستائين پهچندا آهن. ٽن چئن پرهن تائين جي سخت زمين اچي ته ڊهڻ جو ڊپ ڪونهي، پر جي اڃا به اونهو کوٽڻو پوي، ته پوءِ ويڪرو کوٽي پاسن کان ڪاٺين جا ٽڪر ڇپٿرا ڪري گول دائري ۾ ڏيندا ويندا، جن کي ”ڏوئيون“ چئبو آهي. ڪاٺيءَ جي ٽڪر جي هڪ ڇيڙي ۾ ٽنگ ڪندا، ٻيو ڇيڙو سنهو ڪري ان ۾ اٽڪائيندا ويندا. اهڙيءَ طرح قابو ڪري جڏهن سخت زمين (روھ) تي ويندا، تڏهن اتان پڪين سرن سان اوساري شروع ڪندا. هن ڪم لاءِ سرون ”نو تيرهي“ ڪم آڻيندا، جن جو هڪ پاسو ويڪرو ۽ هڪ پاسو سوڙهو آهي، جيئن گول اوساريءَ ۾ سهوليت ٿئي. جيئن جيئن اوساري مٿي ٿيندي ويندي تيئن تيئن پاسن کان ڏنل ڪاٺيون ڪڍي واريءَ سان ڀرتي ڪندا ويندا. سٺي اوساري منهن تائين پوري ڪري پوءِ هيٺئين سخت پٿر (روھ) کي رُڪ جي مضبوط اوزارن، جن کي ”هنسو“ چئبو آهي، سان ٽاڪي کوھ کڻندا ويندا.

جتي ٽن–چئن پرهن تي روھ ايندو آهي، اتي پاسن کان ڪاٺين ڏيڻ جو ضرور ڪونهي. اتان اوساري (ٻانڌو) اُٿاريندا آهن، ۽ منهن تائين تيار ڪري پوءِ روھ ٽاڪيندا آهن. اڃا به ڪڍي واري گهڻيري هيٺ هوندي ته پوءِ ”اونڌو ٻانڌو“ شروع ڪندا آهن، يعني هيٺئين پاسي ٿوري ٿوري واري ڪڍندا ويندا ۽ هڪ هڪ سر هيٺان ڏيندا ويندا. جڏهن هڪڙي ڦيرڻي پوري ٿيندي، تڏهن ٻي ان جي هيٺان شروع ڪندا ۽ نڪتل واري ”ڪِيڻ“ ۾ وجهي ٻاهر ڪڍندا ويندا. جيستائين پڪي تي پهچن. پڪي روھ اچڻ بعد ٻڌڻ جو ضرور ڪونهي. اهو ٽاڪي تر تائين يا جيستائين هلي اوستائين پهچندا آهن. وچ ۾ جي ڪٿي ڪچي زمين آئي ته وري پڪين سرن سان ٻڌڻو پوندو آهي. اهڙيءَ طرح تَر تي پهچڻ بعد اتي ”چرک“ هڻندا آهن. وڏا ڪنڊي جا وڻ وڍي ان جي ٿڙن مان ننڍا ننڍا گولائيءَ تي ٽڪر تيار ڪري گاڏيءَ جي ڦيٿي وانگر تيار ڪندا آهن. ائين ڇھ – ست ڦيٿا هڪٻئي مٿان رکندا آهن، جنهن کي چرک چوندا آهن. اهي ڪاٺيون تر ۾ رکندا آهن، جيئن انهن وچان سم سان پاڻي به پيو اچي ۽ ٻاهريون گند به اندر نه اچي.

کوهن جي تڪليف ۽ خرچ، اونهائي ۽ زمين جي نرمي ۽ سختيءَ تي مدار رکن ٿا.کوھ جي منهن تي ڪاٺين جو چورس چوڪ ٺاهي رکندا آهن، جنهن کي ”ڦرهيڙي“ چون. ڪي اهو چوڪ سيمينٽ جو ٺاهيندا آهن. کوھ جي هڪ پاسي ٿوري ٿوري وٿيءَ تي ٻه ڪاٺيون کوڙي، ٽئين ٿلهي ڪاٺي، جا ٻيڙهانگي (ٻسانگي) هوندي آهي، ان جو هيٺيون ٿلهو پاسو زمين تي رکي، ٻيڙهن جا ڇيھ انهن ڪاٺين سان اٽڪائي قابو ڪندا آهن، اُن کي ”ڪوهڙ“ چون. ڪوهڙ جي پاسن کان ٿورو وريل يعني ڪمان وانگر ڪاٺين جا ٽڪر ڪلن سان قابو ڪندا آهن، جن کي ”مڪڙا“ چون. انهن جي وچ ۾ ساڳي سنوت ۾ ٽنگ ڪندا آهن، جن ۾ ڀوڻ جي وچئين ڪاٺي، جنهن کي ”اوڙاڪَ“ چون، سا وجهي قابو ڪندا آهن، جيئن ڀوڻ گول ڦري سگهي. پاڻي ڪڍڻ مهل ورت پوڻ تان هيٺ لاهيندا آهن. ڪوس ڀري ورت ڇڪي سامهون هلبو آهي، جيستائين ڪوس نڪري ۽ وڃي دنگ ٿئي. انهيءَ سڄي رستي کي ”سارڻ“ چوندا آهن.

حوالو: هن مضمون لاءِ انسائيڪلوپيڊيا آف سنڌيانا ۽ رائچند هريجن جي ڪتاب تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيو) تان مواد کنيو ويو آهي، جنھن لاءِ ادارو سندن ٿورائتو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close