دنيا ۾ ھر سال سنت ابراھيمي جي پيروي ڪندي، سڄي دنيا جا لکين مسلمان، 10 ذوالحج کان 12 ذوالحج (ٽن ڏينھن تائين)، اللہ جي راھ ۾ ڪروڙين جانور قربان ڪري، عقيدت ۽ احترام سان عيدالاضحيٰ ملھائيندا آھن. جتي ان مذھبي رواج جي ڪري دنيا مان بک Hunger ۽ غذائي کوٽ Malnutrition خلاف قدم کڻڻ جو عملي درس ملي ٿو، اتي ان قرباني جا اڻ ڳڻيا سماجي ۽ معاشي فائدا به آھن.
پاڪستان ۾ به غربت ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي ۽ ڪيترائي غريب سڄو سال، قربانيءَ جي عيد جو انتظار ڪن ٿا، پر اسان جا ڪجهہ قرباني ڪندڙ مسلمان، دنيا کي ڏيکارڻ خاطر ”قرباني“ ته ڪن ٿا پر صرف پنھنجا ڀڀ ڀرڻ خاطر، گوشت جا انبار گڏ ڪري به رکن ٿا. جنھن جي ڪري، غريبن کي گوشت ملڻ ته پري جي ڳالھ، پر قربانيءَ جي جانور جي ”کل“ به ناھي ملي سگھندي.
گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال ڪجهہ وڌيڪ جانور قربان ٿيندا، ڇاڪاڻ ته 2019ع جي سال، عيد کانپوءِ چين مان سڄي دنيا کي پريشان ڪندڙ ننڍڙو جيتامڙو ”ڪورونا وائرس“ ظاھر ٿيو، جنھن جي ڪري دنيا ۾ مختلف قسمن جا لاڪ ڊائون لڳا ۽ عالمي ڪاروباري مَنڊيءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسيا ته 2020ع ۾ آيل عيدالاضحيٰ تي به انجا وڏا اثر پيا ۽ قربانيءَ جي عيد ۾ ذبح ٿيندڙ جانورن جي تعداد به گھٽ ٿيو. ياد رھي ته پاڪستان ۾ جانورن جي ڳڻپ ڪرڻ ھڪ ڏکيو ڪم آھي. ان سلسلي ۾ 1996ع ۾ ٿيل سڄي ملڪ ۾ جانور شماري کي بنيادي ڊيٽا Baseline Data سمجھي، لاڳاپيل ادارا صرف ”اندازا“ لڳائي، اٽڪل وارا انگ اکر ئي ٻڌائيندا آھن. ان ڏس ۾ ھر سال قربان ٿيل جانورن جي تعداد بابت ڪجھ ڀروسي جوڳا انگ اکر صرف جانورن جون کلون وٺندڙ ۽ انجو ڪاروبار ڪندڙ ادارن وٽان ئي ملندا آھن.
پاڪستان ۾ جانورن جي کلن جي صنعت جي ايسوسيئيشن يعني پاڪستان ٽينرس ايسوسيئيشن (PTA) جي ترجمان آغا سعيدين ھڪ پرڏيھي خبرن جي اداري کي جيڪي انگ ٻڌايا ان مطابق 2019ع ۾ 8.1 ملين جانور ذبح ٿيا، جن ۾ 3 ملين ڳئون، 4 ملين ٻڪريون ۽ ھڪ لک اٺ شامل ھئا. جڏھن ته 2020ع ۾، ڪورونا جي لاڪڊائون کانپوءِ ان ۾ 28 سيڪڙو گھٽتائي اچڻ جي ڪري، پاڪستان ۾ 1 بلين رقم جي، ڪل 5.86 ملين جانورن جي قرباني ڪئي وئي، جن ۾ 2 ملين ڳئون، 3 ملين ٻڪريون ۽ 60 ھزار اٺ شامل آھن. عيدالاضحيٰ جي ڪري، پاڪستان ۾ ڪروڙين رپين جو ڪاروبار ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته جانورن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ، انھن جي کلن مان به پاڪستان سوين ڊالر ڪمائي ٿو. ان ڏس ۾ پاڪستان جي درآمد جو وڏو گراھڪ يورپ آھي. جانورن جي کلن جو ڪاروبار به ڪورونا جي ڪري بيحد متاثر ٿيو آھي. يورپ ۾ وقفي وقفي سان سخت لاڪڊائون لڳايا ويا، جنھن جو پاڪستان جي درآمد ۽ برآمد تي سڌو سنئون اثر پيو. پاڪستان جڏھن کان آزاد ٿيو آھي، تڏھن کان وٺي، جانورن جي کلن مان سٺو ناڻو ڪمائيندو پئي آيو. 2020ع کان اڳ ڪڏھن به قربانيءَ جي جانورن جي کلن جي روانگي جي ڪاروبار ۾ ايڏي گھٽتائي نظر نه آئي، جيڪا ڪورونا وبا جي ڪري، 2020ع جي عيدالاضحيٰ دوران رڪارڊ ٿي. بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي انگن اکرن متعلق پاڪستان ۾ ڪورونا وبا جي ڪري، جانورن جي کلن مان ٺھندر چمڙي جي درآمد ۾ 27 سيڪڙو گھٽتائي نظر آئي آھي. ھن سال اھا اميد ڏيکاري پئي وڃي ته ان ڪاروبار جي انگن اکرن ۾ واڌارو ٿيندو. ڇوته گذريل سال جي ڀيٽ ۾، ھن سال جي صورتحال مان صاف ظاھر آھي ته، 2021ع جي عيدالاضحيٰ ۾ وڌيڪ جانورن جون قربانيون ٿينديون، پر ان ڳالھ کان به انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ھن سال في الحال اسانجي قوم، باوجود سوين ”ناياب“ انساني زندگيون وڃائڻ جي، ڪورونا وائرس کان ”بي ڊپي“ لڳل آھي، ڇاڪاڻ ته حڪومت پاران مختلف ادارا کولڻ کانپوءِ درگاھون، مندر ۽ بازارون به ”وبا کان اڳ وارن ڏھاڙن“ وانگر کولي وري انھن مان تفريحي ماڳن ۽ انڊور ڊائننگ کي مرحليوار بند ڪرڻ جا حڪم به جاري ٿي رھيا آھن.
حڪومت جا ڪٿي قابل تعريف ڪم آھن ته ڪجھ ڪوتاھيون به آھن. مٿان وري عوام به SOPs تي عمل ڪرڻ بدران، ان وائرس کي صرف ھڪ ”ڊرامو“ سمجھي نطرانداز ڪري رھي آھي. اھڙي ماحول ۾ جتي ڪورونا جي ڇوٿين لھر پنھنجو عروج حاصل ڪرڻ طرف روان دوان ھجي، اتي عيدالاضحيٰ جو اچڻ يقينن ڳڻتيءَ جو سبب آھي. اھرين حالتن کي منھن ڏيڻ ڪارڻ، ھن سال عيدالاضحيٰ جي موقعي تي، وفاقي سرڪار پاران ھڪ ھدايت نامون به جاري ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ڪورونا وبا دوران عيد کي محفوظ طريقي سان ملھائڻ لاءِ مختلف احتياطي قدم بيان ڪيل آھن. جن تي سختيءَ سان عمل نه ڪرايو ويو ته ڪنھن مھل به انجا نتيجا خراب ٿي سگھن ٿا. ڇاڪاڻ ته اڄڪلھ ھڪ ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا B.1.617.2 يعني ”ڊيلٽا“ جي نئين شڪل ۾، ھڪ ڀيرو ٻيھر، دنيا جي مختلف ملڪن، جھڙوڪ روس، آمريڪا، برطانيه وغيرہ ۾ راڱا جاري آھن، ٻيو ته چوماسي جي وسڪارن جي ڪري به، حالتون اھڙيون ٿي رھيون آھن، جو عيدالاضحيٰ جون سڀ رسمون مڪمل SOP تحت ادا ڪرڻ سان ئي، وبا جي ڦھلجڻ جي خطري کان بچي سگھجي ٿو.
حڪومت پاڪستان جي ھيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن وزارت پاران 29 جون 2021ع تي جاري ڪيل ان ”ھدايت نامي“ ۾ اھا ڳالھ پڌري ڪئي وئي آھي ته ڪورونا جون تبديل ٿيل شڪليون، دنيا ۾ ان وبا جون نيون لھرون آڻي رھيون آھن، عيد جھڙن وڏن مذھبي ميڙاڪن ۾ ئي ڪورونا وڌڻ جا خطرا لاحق آھن. جنھن جي ڪري عوام کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ کانپوءِ ئي، گھرن کان ٻاھر وڃڻ کپي. ان ڏس ۾ گھٽ ۾ گھٽ 2 ميٽرن جي سماجي وٿيءَ سان مال جي پڙين ۾ جانورن جي ڏي وٺ ڪري سگھجي ٿي. ان سان گڏوگڏ اھو به عوام لاءِ ضروري آھي ته بخار، زڪام، کنگھ ۽ گلي ۾ سور جي تڪليف جي صورت ۾ ڪنھن به بازار يا ميڙاڪي ۾ وڃڻ کان پاسو ڪري، گھر ۾ ئي ويھي رھجي. ھڪ عالم دين ٻڌايو ته نماز کانپوءِ ھر ھڪ ماڻھوءَ سان ھٿ يا ڳلو ملائڻ به عيد ۾ ضروري ناھي. انڪري ننڍڙن ٻارن ۽ 60 سالن کان وڏي عمر وارن ماڻھن کي عيدگاھ نه وڃڻ کپي. اھڙيءَ ريت قربانيءَ جي جانورن جي منڊيءَ ۾ وڃڻ مھل به ماسڪ ۽ سينيٽائزر جو استعمال ڪجي. جانورن کي ذبح ڪرڻ وقت به سخت احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. اھڙن احتياطي تدبيرن ۾ جانورن کي کلي عام روڊن ۽ رستن تي ذبح ڪري، سندن رت وھائي گند ڪچرو روڊ تي اڇلڻ بدران، ھٿن جا گلوز، ماسڪ ۽ سينيٽائزر استعمال ڪندي، ڪنھن واڙيل جڳھ يا گھر جي اندر، ڪنھن تجربيڪار ڪاسائيءَ کان جانور ذبح ڪرائي، انجي فضول ڇيڇڙن ۽ جھٻن کي شڪاري پکين لاءِ ڪنھن ڪنڊ ۾ رکجي يا وري بارش جي صورت ۾ زمين ۾ دفن ڪري ڇڏجي. جيتوڻيڪ ڪورونا جي لڳل ويڪسين، موجودہ ڪورونا وائرس جي ”ڊيلٽا“ صورت کان مڪمل طور بچائي نه ٿي سگھي، پر تنھن ھوندي به ماھرن بقول ڪورونا جي ويڪسين لڳل انسانن ۾، ڪورونا ڊيلٽا جي حملي کانپوءِ جلدي مرڻ جي شرح، نه ھجڻ برابر ڏٺي وئي آھي. انڪري، قربانيءَ جي عيد ۾ شامل ھر ماڻھوءَ جي ويڪسين ٿيڻ لازمي آھي. قربانيءَ جو گوشت گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري بند ڪمري بدران ھوادار ۽ کُليل جڳھ تي ورھائجي. گوشت ورھائڻ مھل ھڪ ھڪ ڪري آيل فقير کي گوشت ڏجي. جانور ذبح ٿيڻ ۾ استعمال ٿيل ڪاتيون، اڏيون ۽ ٻيا سامان فورن صاف پاڻيءَ سان ڌوئي رکجن. اھو به ضروري آھي ته ننڍڙن ٻارن کي ان سڄي مرحلي کان پري رکجي ۽ گھرن ۾ ايندڙ سڀني مھمانن کي، ماسڪ ۽ سينيٽائزر استعمال ڪرائي، ڪنھن ھوادار ڪمري يا اڱڻ ۾ ويھارجي ته جيئن ڪورونا وائرس کان بچي سگھجي.
حڪومت طرفان جاري ڪيل ھدايتن تي ڪير ڪيترو عمل ڪندو، اھو ته ايندڙ وقت ئي بڌائي سگھي ٿو، پر ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اسان مان ھرھڪ ماڻھو پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي جان جي حفاظت ڪرڻ خاطر احتياط ڪري، ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن مٿين ڳالھين ۾ ڪنھن به قسم جي ڪا لاپرواھي ڪئي وئي ته انڊيا وانگر، پاڪستان ۾ به ڪورونا جو نئون روپ ”ڊيلٽا“ ڪا به وڏي تباھي آڻي سگھي ٿو. اھو به ممڪن آھي ته انساني مخالفت ۽ ويڪسين جي رد عمل بعد، ڪورونا ۾ اڃا به ڪا نئين ”ميوٽيشن“ Mutation پئدا ٿي سگھي ٿي، جنھن لاءِ ان جي حياتياتي چڪر مان پروڙ پوي ٿي ته وائرس کي پنھنجو وجود بچائي، واڌ ويجھ ڪرڻ لاءِ ڪو ”بھانو“ ئي کپي!