(ولیم سڊني پورٽر (11 ستمبر 1862 – 5 جون 1910) ، جيڪو او ھينري جي قلمي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. مختصر ڪھاڻين جي هن آمريڪي اديب جون ڪھاڻيون پنھنجي ڇرڪائيندڙ ۽ غير متوقع انجام سبب مشھور آھن.)
هڪ ڊالر ستاسي سينٽ ڪل گڏ ڪيل موڙي هئي. انهن مان به ست سينٽ ننڍن سِڪن جي صورت ۾ هئا. اهي به پائي پائي ڪري، وڏيءَ تڪليف سان گڏ ڪيا ويا هئا. ”ڊيلا“ ٽي ڀيرا ڳڻيا، اُهي ئي هڪ ڊالر ستاسي سينٽ ٿيا. ٻئي ڏينهن ڪرسمس هو.
اهڙي وقت ڀلا انسان ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهي، سواءِ انهيءَ جي ته ڪوچ تي ڪري پئجي ۽ پنهنجي قسمت کي چئجي! انهيءَ ڪري ”ڊيلا“ به ائين ئي ڪيو. اُنهيءَ مان هن اهو نتيجو ڪڍيو ته زندگي اصل کان ڏکن سورن ۽ ٽُهڪڻ سان ڀرپور آهي. پر کلڻ ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿيندو آهي ۽ سڏڪڻ ۽ پچڻ هميشہ لاءِ!
گهر ڌڃاڻي انهيءَ وقت گهر جي اندران نڪري اڱڻ ۾ داخل ٿي رهي آهي. هن جي گهر کي اسين ڪنهن فقير جو آستان نٿا چئي سگهون، پر آهي اصل انهيءَ جهڙو.
ٻاهر در وٽ خطن جي پيتي آهي، جنهن ۾ خط وڃي نٿو سگهي. هڪڙو گهنٽيءَ جو بٽڻ آهي، جنهن کي ڪا انساني آڱر وڄڻ لاءِ مجبور ڪري نٿي سگهي. انهيءَ سان گڏوگڏ هڪ تختي ٽنگيل آهي، جنهن تي لکيل آهي:” جيمس ڊلنگهام ينگ“
اهو ته هو نالو لکيل، پر جڏهن”جيمس ڊلنگهام ينگ“ شام جو پاڻ گهر ايندو هو ته سندس زال، مسز ڊلنگهام ينگ، کيس ”جم“ ڪري سڏيندي هئي، مسز جيمس ڊلنگهام ينگ جي سڃاڻپ مٿي ”ڊيلا“ جي نالي سان اڳ ۾ ئي ٿي چڪي آهي.
’ڊيلا‘ روڄ راڙو ختم ڪيو ۽ پنهنجن ڳلن کي پائوڊر جي تهه سان تازو ڪيو. دريءَ ۾ بيهي، هوءَ هڪ ناسي رنگ جي ٻليءَ کي گهمندي ڏسي رهي هئي. سڀاڻي ڪرسمس آهي. ”ڊيلا“ کي ”جم“ جي لاءِ هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽن مان هڪ سوکڙي خريد ڪرڻي هئي. هوءَ مهينن کان وٺي بچت ڪري رهي هئي، تڏهن مس مس وڃي وٽس ايتري بچت ٿي هئي. ويهه ڊالر به ڪا هفتي جي ڪمائي آهي، جنهن مان بچت ڪري سگهجي. خرچ ته آمدنيءَ کان هميشہ وڌيل هوندو آهي. ”جم“ جي سوکڙي لاءِ فقط هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽ…! منهنجي پياري ”جم“ لاءِ!“ هن ڪيتريون ئي خوشيءَ جون گهڙيون انهيءَ سوچ ويچار ۽ ارمان ۾ وڃائي ڇڏيون. شئي ڪا سٺي نفيس هئڻ گهرجي جيڪا سندس شان وٽان ته هجي.
”ڊيلا“ دريءَ جي ميري شيشي ۾ پنهنجو منهن ڏٺو. ان ۾ منهن چٽو ته ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، پر ڪڏهن ڌنڌليل مان به مقصد پورو ٿي ويندو آهي. سندس اکيون اڳئين وانگر چمڪي رهيون، پر منهن جو رنگ انهن ويهن سيڪنڊن ۾ پيلو ٿي ويس. هن يڪدم پنهنجا ڊگها وار کڻي کوليا، جي هيٺ لڙڪي پيا.
انهن ٻنهي زال مڙسن وٽ رڳو ٻه شيون ڏاڍيون قيمتي هيون، جن تي کين فخر هو. انهن مان هڪڙي ’جم‘ جي سوني واچ هئي، جيڪا کيس پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي، ۽ ٻي شئي هئي ’ڊيلا‘ جا ڊگها ۽ سهڻا وار. جيڪڏهن شيبا جي راڻي به سندن گهر جي ڀرسان رهندي هجي ها، ۽ ’ڊيلا‘ رڳو پنهنجن وارن کي ڇوڙي در کان گهڙي کن ويهي سُڪائي ها، ته سندس جواهرن جو به جوهر جهڪو ٿي وڃي ها.
خير، ’ڊيلا‘ پنهنجا سهڻا ۽ ڊگها وار ڇوڙي ڇڏيا، جي لڏندا ۽ لهرائيندا سندس گوڏن کان به هيٺ تائين پهچي ويا ۽ هن لاءِ ڄڻ پوشاڪ جو ڪم ڏيئي رهيا هئا. پر هن يڪدم انهن کي ٻڌي ڇڏيو. گهڙي پلڪ لاءِ سندس منهن ملول ٿي ويو؛ ۽ تيستائين اداس بيٺي رهي، جيستائين ٻه ڳوڙها ڳڙي، سندس ڳلن تان وهندا، ڪمري ۾ پيل ڳاڙهي غاليچي ۾ جذب نه ٿي ويا.
هوءَ پنهنجو ناسي جئڪيٽ پائي ۽ پراڻي ٽوپي مٿي تي رکي، پنهنجي چمڪندڙ اکين سان تڪڙي تڪڙي ڏاڪڻ تان لهي، هيٺ اچي پهتي.
جنهن دڪان جي اڳيان هوءَ وڃي بيٺي، انهيءَ تي بورڊ لڳل هو، جنهن تي لکيل هو ”بلئنڊم سوفروني، وارن جا نازڪ ۽ خوبصورت نمونا هتان خريد ڪيو.“ هن همٿ ڪري هڪڙو قدم دڪان ۾ اندر رکيو ۽ هڪ اڇي مٿي واريءَ عورت کي مخاطب ٿي چوڻ لڳي:
”توهين منهنجا وار وٺنديون؟“ڊيلا پڇيو.
”ها، وٺنديس،“ مئڊم سوفروني چيو،”توهين پنهنجو ٽوپلو لاهيو ته وارن کي ٿورو ڏسان ته سهي….!“
ڊيلا پنهنجا وار کولي ڇڏيا.
”ويهه ڊالر،“ مئڊم پنهنجي آزمودگار هٿن سان وارن کي ڏسندي چيو.
”پئسا ڏيو، دير نه ڪيو.“ ڊيلا چيو.
قصو ڪوتاهه، سودو ٿي ويو.
انهيءَ کان پوءِ ٻه ڪلاڪ کن ”ڊيلا“ کي مختلف دڪانن تي سامان کي ڏسندي ڏسندي، گذري ويا. آخرڪار کيس اها شئي هٿ اچي ويئي. اها شئي خاص طور ’جم‘ لاءِ ٺهيل آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي لاءِ، ها، اُها شئي پلئٽينم جي سهڻي ۽ چمڪندڙ واچ جي زنجير هئي. ان جي ڏسڻ سان ئي پتو پئجي ٿي ويو ته وڏي قيمت واري آهي. رڳو سجارٽ ۽ سونهن سبب نه، پر سٺيءَ شئي جي خوبي به اِها آهي. جهڙي عاليشان واچ هئي، اُهڙي ئي زنجير ملي ويئي. هوءَ ڏسڻ سان ئي سمجهي ويئي ته ’جم‘ جي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪا به سوکڙي ٿي نه ٿي سگهي. هو به انهيءَ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو. ٻئي شيون وڻندڙ هيون. هن دڪاندار کي يڪدم ايڪيهه ڊالر ڪڍي ڏنا ۽ باقي ستاسي سينٽ ۽ زنجير گهر کڻي موٽي.
”جم“ هيءَ زنجير پائي جنهن به محفل ۾ ويندو ته سڀني جون نگاهون انهيءَ تي ڄمي وينديون. واچ ته بيشڪ لاجواب هئي، پر پراڻي چمڙي جي پٽي هجڻ سبب ڳالهه ئي ڪانه ٺهندي هئي. اهو پٽو هو زنجير جي بدران ڪم آڻيندو هو.
گهر پهچڻ کان پوءِ هن جو جوش ڪجهه جهڪو ٿيو ۽ هوءَ سوچ ۾ ٻڏي ويئي. محبت ۾ فياضيءَ جيڪو سندس وارن تي ظلم ڪيو هو، انهيءَ جي پورائيءَ جي خيال سان پنهنجن وارن ۾ ڪانٽا وجهي، ويهي گهنڊيون ٺاهڻ لڳي. پر منهنجا دوستو، اها ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي، هرڪنهن جي حاجت نه آهي….
چاليهن منٽن جي محنت کان پوءِ هن پنهنجي وارن ۾ اهڙيون ته گهنڊيون ٺاهي ڇڏيون، جو هوءَ اسڪول جو ڇوڪرو معلوم ٿيڻ لڳي. هوءَ گهڻي وقت تائين پاڻ کي آئيني ۾ جاچيندي ۽ تڪيندي رهي.
”’جم‘ جيڪڏهن پهرينءَ نظر پوڻ سان مون کي ماري نه ڇڏيو،“ هن پنهنجي منهن چيو، ” ته ٻيءَ نظر وجهڻ سان هو مون کي ايترو ضرور چوندو ته مان ناچ گهرن ۾ ڳائڻ جهڙي ڇوڪري لڳي رهي آهيان. پر مان ڇا ڪيان، هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽن مان ڀلا ڇا خريد ٿي سگهيو ٿي.“
ستين بجي هن ڪافي تيار ڪئي، ۽ فراءِ پان چلهه تي رکي، چاپون تيار ڪرڻ لڳي.
جم ڪڏهن به دير سان گهر نه ايندو هو. ”ڊيلا“ اها زنجير پنهنجي هٿ ۾ ٻيڻي ڪري انهيءَ دروازي جي سامهون جنهن مان ”جم“ روزانو اندر ايندو هو، هڪڙيءَ ميز جي ڪنڊ تي چڙهي ويهي رهي. اتي هن کي ڏاڪڻ تي سندس قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. پهرين ته سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. هوءَ ننڍڙين ۽ معمولي ڳالهين لاءِ به هر وقت دعائون گهرڻ تي هريل هئي. انهيءَ ڪري هينئر به هوءَ دعائون گهرڻ لڳي: ”يا خدا! سندس دل ۾ اهو خيال وجهه ته مان اڃا به سهڻي ۽ خوبصورت لڳي رهي آهيان.“
در کليو ۽ ”جم“ اندر آيو. پوءِ دروازو بند ڪري ڇڏيائين. هو ڏاڍو منهن چڙيل ۽ ملول نظر اچي رهيو هو. سندس عمر ٻاويهه سال هئي. ۽ انهيءَ ئي عمر ۾ سندس مٿان گهر ٻار جو بار اچي پيو هو. کيس اوور ڪوٽ جي ضرورت هئي ۽ وٽس دستانا به ڪونه هئا. پر اهي اچن ڪٿان!
”جم“ اندر آيو، پر اُتي ئي بت بنجي بيهي رهيو. سندس نظرون ”ڊيلا“ تي ڄمي ويون ۽ انهن نظر سان هن ڄڻ ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو؛ جيڪو ’ڊيلا‘ سمجهي نه سگهي. ۽ ڊڄي ويئي. اهو ڪهڙو ويچار هو، ڪاوڙ به نه هئي، عجب به نه هو ۽ ناراضگي به نه هئي. دهشت يا خوف نه هو، ۽ نه وري اهڙن جذبن مان ڪو ٻيو جذبو هو، جنهن لاءِ ”ڊيلا“ پاڻ کي اڳ ۾ ئي تيار رکيو هو. هو رڳو کيس غور سان ڏسي رهيو هو.
”ڊيلا“ همت ڪري ميز تان اٿي هن وٽ ويئي.
”پيارا جم!“ هن رڙ ڪئي، ”مون کي اهڙين نگاهن سان نه ڏس. مون پنهنجا وار ڪٽائي ڇڏيا آهن. مان توکي ڪرسمس تي ڪا سوکڙي ڏيڻ بنا رهي نه ٿي سگهيس. هي وار ته وري به وڌي ويندا. اميد ته تون انهيءَ کي در گذر ڪري ڇڏيندين. ۽ دل ۾ نه ڪندين. مون انهيءَ ڪري ائين ڪيو، جو منهنجا وار تمام جلدي وڌندا آهن… جم، هاڻي ڪرسمس جي مبارڪ ڏي. ۽ خوشي ڪر. توکي خبر آهي ته تنهنجي لاءِ ڪهڙي عاليشان سوکڙي آندي آهي.“