پنجاب جي ھڪڙي دانشور طرفان (متوقع) افغان پناهگيرن جي ھمدردي ۽ حمايت ۾ لکيل ڪالم بابت مون (بنا نالي وٺڻ جي) ھڪ مختصر پوسٽ سنڌ جي مفادن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي رکي تہ سنڌ ۾ موجود دانشور جا حمايتي چڙي پيا ۽ بداخلاقي تائين ھليا ويا.
ڪن اھو به لکيو تہ اسان کي انگريزي پڙهڻ ۽ سمجھڻ نہ ٿي اچي ان ڪري مون ضروري سمجھيو ته سنڌ جي قومي وجود سان واسطو رکندڙ پناھگير مسئلي بابت ان ڪالم جي تفصيلي صورتحال سنڌي ماڻھن جي اڳيان رکان، ڇاڪاڻ تہ اھي (سنڌي ماڻھو) ئي بھتر فيصلو ڪري سگھن ٿا.
پاڪستان جي وڏي انگريزي اخبار (ڊان) ۾ 6 آگسٽ 2021ع تي عاصم سجاد اختر طرفان لکيل ان ڪالم جو تت اهو آهي تہ "پناھگير ويچارا مسڪين ڏتڙيل ۽ اڪثر ڪري جنگ جا ماريل ھوندا آھن، تنھن ڪري انھن خلاف ڪجھ نه ڳالهايو، انھن کي بي گھر ڪندڙ اصلي قوت حڪمران آھن، انھن خلاف جنگ ڪريو.” ھو مسئلن ۽ معاملن کي ڪيئن ٿو رکي ان جا ڪجهہ مثال ٿا وٺون.
ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته، "مونکي بلوچ، سنڌي ۽ ٻين نسلي، لساني ماڻھو (Ethnic_linguistic people) سان ھمدردي آھي، جيڪي ڊيموگرافڪ (آباديءَ جي) تبديلين سبب پنھنجي مستقبل بابت فڪرمند آهن، پر رياستي نظريي جي نالي ۾ يا مادي وسيلن جي کوٽ جي خيال کان بہ نفرت وڌائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو،” پھرين ڳالھ تہ سنڌي بلوچ ماڻھو (يا قومون) جن کي آباديءَ جي تناسب ۾ تبديليءَ جي ڪري پنھنجي مستقبل بابت ڳڻتي آھي، انھن سان معزز ليکڪ کي صرف ھمدردي آھي، جڏھن تہ کيس وڌيڪ ڳڻتي پناھگيرن جي مسئلي جي آھي، ٻيو تہ آبادي تبديلي سبب قومي مستقبل بابت ڳڻتي ۽ وسيلن جي کوٽ جي ڳالھ کي رياستي نظريي ھيٺ نفرت سان ڀيٽ تو ڏي. ھڪ طرف رياستي نظريي کي سڀني مسئلن لاءِ ذميوار قرار ڏنو ٿو وڃي، پر پناھگيرن جي ھمدرديءَ ۾ رياستي نظريي سان بہ ھمدردي ٿيو وڃي.
موصوف لکي ٿو: "پيدائش کان اسان کي سيکاريو وڃي ٿو تہ پاڪستان اسلام جو قلعو آھي جيڪو خاص ڪري ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي تہ جيئن مسلمان پنھنجي وطن ۾ محفوظ رھن، پر اڄوڪي پاڪستان ۾ پناھگيرن کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو باوجود ان جي تہ انھن جي وڏي اڪثريت مسلمان آھي.” مطلب تہ جڏھن مسلمان جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي صورت ۾ اسلام جو قلعو ٺاھيو ويو تہ پوءِ مسلمان پناھگيرن کان نفرت ڇو؟ اتي مارڪسي دانشور کان اھو سوال ڪرڻ جي جسارت ڪجي ٿي تہ ڇا ھو رياست جي ان مذھب تي ٻڌل بيانيي کي درست سمجھي ٿو يا ان سان اتفاق ڪري ٿو؟
پناھگيرن جي محبت ۾ ليکڪ موصوف کي رياستي بيانيي تي ٻڌل نصابي ڪتاب بہ سٺا ٿا لڳن، جنھن تي ھونءَ ھو پاڻ تنقيد ڪندو رھندو آھي. لکي ٿو ته، ” اھي ماڻھو جن کي افغان پناهگيرن خلاف زهريلي نفرت کان سواءِ ڪجهہ ھٿ نٿو اچي انھن کان ڇا پاڪستان اسٽڊيز جا اھي سبق وسري ويا آهن، جن ۾ اسان کي پڙھايو ويندو ھو تہ ورھاڱي سبب ڪيئن نئين ٺھندڙ ملڪ پاڪستان ۾ لکين پناھگير آيا؟” سنڌي ۽ بلوچ محبِ وطن ماڻھن تہ ڪڏھن ان نصاب کي ان لائق نہ سمجھيو آھي ته ان جي بنياد تي پنھنجو موقف مرتب ڪن، ڇا ليکڪ سرڪاري نصاب کي ايتري اهميت ڏي ٿو؟ ۽ ڇا ھو ورھاڱي وقت پناھگيرن جي آمد کي درست سمجھي ٿو؟
افغان پناهگيرن جي "ڏک ڀري” ڪھاڻي کڻندي ليکڪ ڪراچيءَ پھچي ٿو، اھو مڃيندي تہ ڏھاڪن کان ڪراچي افغان پناهگيرن جي تنازعي جو مرڪز آھي، ھو چوي ٿو، "اڄ ڪجھ سنڌي ۽ مھاجر قومپرست افغان پناهگيرن جي نندا ڪندي انھن کي ملڪ جي سڀ کان وڏي شھر لاءِ مصيبت قرار ٿا ڏين اڪثر ڪري طالبان جھڙي بي شڪل ٽولي کي افغانن سان ملائي پيش ٿا ڪن.” پوءِ چوي ٿو تہ، "اسان کي ياد رکڻ کپي ته ڪراچي ۾ ڪيترائي پناھگير گروھ رھن ٿا لکين روھنگيا ۽ ٻيا برمي ماڻھو ھاڻي ڪراچي کي پنھنجو گھر ٿا چون.” 1971ع ۾ پاڪستان جي علحدگيءَ جي ورثي طور اٽڪل ڏھ لک بھاري پنجاھ سالن کان گندگيءَ ۾ گذارن ٿا.”
ان تي في الحال ڪون ٿا ڳالھايون ته مارڪسي دانشور مھاجرن کي بہ سنڌين وانگر ئي قومپرست سمجھي ٿو، کيس اھو به ڏک آھي ته افغان پناهگيرن کي طالبان سان ڇو ٿو ملايو وڃي. شايد ويچاري کي خبر ڪانھي تہ افغان طالبان جي امير ملان اختر ۽ ٻين ڪيترن ليڊرن جا شناختي ڪارڊ ڪراچي جا ٺھيل آھن ۽ انھن جون ڪروڙن جو ملڪيتون بہ ڪراچيءَ ۾ آھن، جن جا ڪيس ڪورٽن ۾ ھلي رھيا آھن. ان کان پوءِ اھا ڳالھ تہ "لکين برمي پناھگير ڪراچي کي پنھنجو گھر ٿا سمجھن.” پر ڌرتي ڌڻي سنڌي تہ انھن کي ڌاريو ۽ پنھنجي قومي شناخت لاءِ خطرو ٿا چون، پوءِ؟ پر پوءِ بہ ليکڪ کي تہ پناھگيرن جو فڪر آھي، ڌرتي ڌڻي سنڌي سان ۽ ان جي مفادن سان سندس ڇا وڃي. ساڳي طرح سان ڏھ لک بھارين کي اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جو "ورثو” چئي انھن کي بي ڏوھي ۽ انھن جي موجودگيءَ کي اڻ سڌي طرح سان جائز قرار ٿو ڏئي. کيس اھو به ڏک آھي تہ بھاري ويچارا گندگيءَ ۾ ٿا رھن، عالمي صورتحال تي نظر رکندڙ ليکڪ کي ٻي ھر شي خبر آھي پر اھا خبر نه اٿس ته ساڳين پنجاھ سالن کان سنڌ جي ھر گھٽي ۽ ھر گھر مان اھو آواز اٿندو رھيو آھي "بھاري نه کپن.”
اڃان اڳتي لکي ٿو: "انھن سڀني” پناھگيرن ماڻھن سان اڪثر پاڪستاني حقارت وارو ورتاءُ ڪن ٿا. ان جي بجاءِ اسان کي انھن "پناھگيرن” سان ھمدردي ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي ڪاوڙ پنھنجي ملڪ جي ۽ انھن حڪمرانن طبقن تي ڪڍڻ گھرجي، جيڪي قومي مفاد جي نالي ۾ ڪيل جنگين جي نتيجن کي منھن نٿا ڏين.” ان جو مطلب ته جيڪڏھن ڪو امير ماڻھو ڪنھن بيروزگار کي پئسا ڏي اسان جي گھر يا ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ موڪلي تہ اسان کي ان ماڻھو سان ھمدردي ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ ھو ويچارو تہ بيروزگار آھي، اسان کي ته ان امير سان جھيڙو ڪرڻو آھي..!
مختصر ذڪر اھو به ته سنڌين ۽ بلوچن لاءِ قوم جو لفظ لکڻ کان لوائيندڙ ليکڪ کي اھو فڪر آھي تہ پاڪستان کي ھڪ قوم بنائڻ واري منصوبي لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي.
ھن سڄي جائزي مان ٻين سان گڏ اھا ڳالھ به آڏو اچي ٿي تہ افغان پناهگيرن جي مخالفت ڪندڙن کي رياستي نظريي سان گڏ ھلڻ جا طعنا ڏيندڙ دانشور پاڻ پنھنجي پناھگيرن جي ھمدرديءَ واري موقف کي جائز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رياستي بيانيي جي مدد وٺڻ تي مجبور نظر ٿو اچي.
آخر ۾ مان اميد ٿو ڪريان تہ سنڌ ۾ رھندڙ ليکڪ جا حمايتي ۽ ھمدرد گارين سان گڏ پنھنجو موقف به ڏيندا تہ اھي ليکڪ جي موقف سان ڪيترو متفق آھن.