افغانستان ، خطو ۽ آمريڪي سامراج جي ”ٽيڪٽيڪل ريٽريٽ“

مسرور شاھ

هن مضمون جي لکڻ وقت طالبان افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۽ صدارتي محل جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي ، افغان صدر اشرف غني ملڪ ڇڏي تاجڪستان ڀڄي ويو آهي ،آمريڪا سميت ٻيا ملڪ پنهنجي سفارتخانن کي خالي ڪري حساس دستاويزن کي ساڙي رهيا آهن ،ڪابل شهر ۾ اهم ماڻهن جي رش ايئرپورٽ ڏانهن ڀڄي رهي آهي ، پورو شهر هڪ بيچيني جي ڪيفيت ۾ آهي .هڪڙي پاسي طالبان اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سڀني ماڻهن جي زندگي محفوظ رهندي ۽ هو هن دفعي نئين عالمي معيارن مطابق بهتر طرز حڪمراني متعارف ڪرائيندا ته ٻئي پاسي هزارين افغان ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڪابل ائيرپورٽ جي ٻاهر بيٺل آهن جن ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڳوڻي حڪومت ۾ ڪم ڪيو آهي.طالبان ڏانهن پرامن اقتدار جي منتقلي کانپوءِ دوها ۾ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون جاري آهن.سڀني تجزين ۽ انٽلجنس رپورٽن جي برعڪس ،جن مطابق طالبان کي هڪ عرصي جي خانا جنگي ۽ مزاحمت کانپوءِ ڪجهه مهينن ۾ ڪابل تائين پهچڻو هو ، طالبان ڪجهه هفتن اندر 4 لک افغان فورس ۽ آمريڪي فضائي طاقت جي ڪنهن به مزاحمت کانسواءِ ڏاڍي سولي انداز ۾ ڪابل پهچي ويا.ياد رهي ته 13 آگسٽ تائين طالبانن وٽ اڃان 11 صوبائي راڄ ڌانيون ۽ اهم شهر هئا پر صرف ٻن ڏينهن ۾ اهو انگ 26 تي پهچي ويو جنهن ۾ مزار شريف جهڙو افغانستان جي نارڌن اتحاد جو مرڪز ۽ افغان فورسز پاران محفوظ بڻايل شهر هو. ان مان ظاهر آهي ته اپريل ۾ صدر بائيڊن پاران سيپٽمبر 11 تائين غير مشروط مڪمل آمريڪي فوجي انخلاء جي اعلان کانپوءِ طالبان ڏانهن پرامن اقتدار جي منتقلي جي خفيا ڊيل ٿي چڪي هئي.ظاهر آهي جڏهن انخلا غير مشروط هئي ته پوءِ اها ڊيل به ڪنهن معنيٰ ۾ حيرت ۾ وجهڻ جهڙو معاملو ناهي. ياد رهي ته فيبروري 2020ع ۾ آمريڪا ۽ طالبان جي معاهدي مطابق آمريڪا ۽ اتحادين کي سلسليوار فوج جي واپسي ڪرڻي هئي جيڪو سلسلو 1 مئي 2021ع ۾ پورو ٿيڻو هو ۽ ان جي بدلي ۾ طالبان هڪ ته گارنٽي کنئي هئي ته افغانستان جي سرزمين آمريڪا خلاف دهشتگرد حملن لاءِ استعمال نه ٿيندي ۽ ٻيو ته طالبان کي ان عرصي دوران افغان حڪومت سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪرڻو هو جنهن ۾ مستقبل جي افغان حڪومت بابت فارمولو طئي ٿيڻو هو.آمريڪا ته فوج سلسلي وار واپس ڪندو رهيو پر آمريڪي پريشر باوجود طالبان نه صرف افغانستان ۾ ڪاروايون جاري رکيون ،پنهنجا اهم ڪمانڊر ڇڏايا بلڪي افغان حڪومت سان به ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ڪيون. ان ئي ڪري صدارتي اليڪشن دوران صدر بائيڊن جي اها پوزيشن هئي ته آمريڪا نئين سر ان معاهدي کي ڏسندي ۽ بهتر معاهدي تائين افغانستان نه ڇڏيندي پر اپريل 2021ع ۾ صدر بائينڊن بنا ڪنهن شرط جي فوجي انخلا جو اعلان ڪيو هو.ان ڏينهن کان وٺي بائيڊن سرڪار جو اهو ئي موقف آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ صرف القائده کي ختم ڪرڻ لاءِ ويو هو باقي افغانستان جي “قومي تعمير” آمريڪا جو ڪم ناهي ،اهو افغاني پاڻ ڄاڻن! طالبان خلاف جيڪڏهن افغان پاڻ نٿا وڙهي سگهن ته پوءِ آمريڪي فوج آخر ڪيستائين انهن جو دفاع ڪندي ! ان سڄي تاريخي ۽ ڊرامائي صورتحال جا خطي تي ڪهڙا اثر پوندا ،ان جو مجموعي خاڪو ٺاهڻ لاءِ اسان کي تاريخ ۾ وڃڻو پوندو ۽ موجوده آمريڪي سامراج ۽ ٻين ريجنل طاقتن جي حڪمت عملي تي نظر ڦيرائڻي پوندي.
.ٻين عالمي جنگ کانپوءِ دنيا ۾ آمريڪي آرڊر وجود ۾ آيو يعني آمريڪي فوجي طاقت ۽ ان جي ٺاهيل گهڻ قومي لبرل ادارن جي سربراهي ۾ پوري سرمائيداري دنيا متحد ٿي .1970ع ۽ 1980ع واري ڏهاڪن ۾ جڏهن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ معاشي بحران آيو ته انهن فلاحي سرمائيداري کي ختم ڪري آزاد مارڪيٽ يا نيولبرل پاليسي لاڳو ڪئي جنهن تحت نه صرف ڏيهي طور پبلڪ ادارن ۽ سهولتن کي مڪمل طور نجي هٿن ۾ ڏنو ويو ،منظم مزدور يونينز کي ختم ڪيو پر ان سان گڏ سرمائي جي گردش کي آزاد ڪيو ويو .آمريڪا پنهنجي عالمي مالياتي ادارن جي هڪ هٽي سان اسٽرچرل ايڊجسٽمنٽ پروگرامن ذريعي ٽين دنيا جي ملڪن لاءِ به اهو ضروري ٺاهي ڇڏيو ته هو پنهنجي معيشت کي عالمي سرمائي لاءِ کولين ۽ نجڪاري جي پاليسي کي لاڳو ڪن.90ع ۾ ڪميونسٽ بلاڪ جي ٽٽڻ کانپوءِ ماضي جي ڪميونسٽ خطن جهڙوڪ وچ ايشيا ،اوڀر يورپ ۽ چين کي به ان عالمگيريت جو حصو ٺاهيو ويو .ائين آمريڪي فوجي ،مالياتي ۽ ادارتي سربراهي ۾ عالمگيريت پچي راس ٿي جنهن کي “واشنگٽن ڪنسيسس” ، نيو ورلڊ آرڊر،يوني پولر ورلڊ يا فوڪو ياما جي “تاريخ جي انت” جي اصطلاحن سان سمجهو وڃي ٿو.انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو هو ته انسان ذات هڪڙي ئي سلطنت (Empire) هيٺ زنده هئي.آمريڪا دنيا جي سرمائيداري آرڊر جي عالمي استحڪام ڏيندڙ طاقت (Global stablizing Force) ٿي اڀريو.ٻين عالمي جنگ کان هن وقت تائين سرمائيداري ملڪن ۾ ڪا وڏي جنگ نه ٿيڻ جو سبب به سرمائي جي انٽگريشن ۽ آمريڪي سلطنت جي صورت ۾ اها استحڪام ڏيندڙ قوت آهي.
1998ع ۾ ڊاڪٽر ازبگنف برزنيسڪي “گرانڊ چيس بورڊ” جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو هو. هينري ڪسينجر کانپوءِ آمريڪي رياست جو عالمي امور تي اهم ذهن ڊاڪٽر ازبگنف برزينسڪي (Zbigniew Brzezinski) آهي جنهن کي ڊيموڪريٽڪس جو ڪسينجر به چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته برزينسڪي صدر جمي ڪارٽر جو 1977 کان 1981ع تائين قومي سلامتي جو صلاحڪار رهيو آهي ۽ افغان جهاد جو ماسٽرمائينڊ هو.ان ڪتاب ۾ برزنيسڪي جو اهو موقف هو ته سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ پهريون دفعو آمريڪا ،يورپين اتحادن سان گڏ، دنيا جو اڪيلو سپرپاور ٿي چڪو آهي جنهن جي فوجي طاقت ۽ سندس ٺاهيل عالمي ادارن جي صورت ۾ سندس سياسي سربراهي هيٺ دنيا جو سياسي معاشي نظام هلي رهيو آهي. ليکڪ مطابق ان اڪيلي طاقت کي طوالت ڏيڻ لاءِ “يوريشين خطو” سڀ کان اهم آهي ۽ “يوريشين خطو” يعني يورپ جي اوڀر کان ويندي وچ ايشيا ۽ برصغير تائين جي خطي تي انحسار ٿو ڪري ته آمريڪا پنهنجي ان طاقت کي بحال رکي سگهي ٿو يا نه. اهو اهو ئي دور هو جنهن ۾ آمريڪا وچ ايشيا جي اڳوڻي سوويت رياستن ۾ پنهنجا فوج اڏا قائم ڪرڻ کانپوءِ انهن ملڪن جي تيل ،گيس ۽ مجموعي معيشت تي روسي هڪ هٽي ختم ڪرڻ (ڇاڪاڻ ته ان وقت پوري وچ ايشيا جا وسيلا روسي پائپلانين ۽ رستن تي دارومدار ڪندا هئا) ۽ وچ ايشيا کي افغانستان ۽ پاڪستان جي سامونڊي رستن ذريعي دنيا سان ڳنڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو. اهو ئي 1998ع جو سال هو جڏهن طالبان حڪومت سفارتي ڳالهين کانپوءِ آمريڪي تيل ڪمپني يونوڪول سان هڪ پراجيڪٽ سائن ڪيو هو.اهو گيس تيل پائپلائن جو پراجيڪٽ هو جنهن تحت ترڪمنستان جي گيس ۽ تيل کي افغانستان ۽ پاڪستان جي سامونڊي پورٽ ذريعي دنيا سان ڳنڍڻو هو.اهو پراجيڪٽ پهريان هڪ ارجنٽينا جي ڪمپني برداس جو هو پر آمريڪي دٻاءَ ۽ سفارت ڪاري جي نتيجي ۾ ،جنهن تحت طالبان ليڊرشپ کي واشنگٽن جو سير به ڪرايو ويو هو ، اهو پراجيڪٽ يونوڪول کي مليو.پر 1998ع ۾ ئي ڪينيا ۾ آمريڪي سفارتخاني تي اسامه بن لادن جا دهشتگرد حملا ٿيا جنهن کانپوءِ ڪلنٽن سرڪار عربي سمنڊ مان پاڪستاني هوائي حدن ذريعي افغانستان ۾ دهشتگرد ڪيمپن تي بيلسٽڪ مزائل فائر ڪيا.ائين طالبان سان معاملا به ڪشيده ٿي ويا ۽ اهو پراجيڪٽ به اڌ ۾ رهجي ويو.2001ع ۾ جڏهن دهشتگردي ۽ القائده جي خطري کي وڌائي چڙهائي پيش ڪري ۽ افغانستان جي “قومي تعمير” جي نالي ۾ آمريڪا افغانستان ۾ آيو(ان حوالي سان بي بي سي جي محقق فلمساز ايڊم ڪرٽس جون دستاويزي فلمون “پاور آف نائيٽ ميرز ” ۽ “بٽر ليڪ ” ضرور ڏسڻ گهرجن) ته ان دور جي اهم آمريڪي اڳواڻن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي بيانن ۽ لکڻين کي پڙهجي ته ان ۾ واضع اشارو ملي ٿو ته آمريڪا جي افغان جنگ ۽ فوجي موجودگي هڪ ته روس ،ايران ۽ چين تي نظر رکڻ لاءِ هئي ۽ ٻيو اڳوڻي سوويت رياستن جي معيشت کي روسي اثر مان ڪڍي ان جي معدني وسيلن کي آمريڪي لبرل آرڊر سان ڳنڍڻ هئي.آمريڪا افغانستان ۾ 20 سالن جي عرصي ۾ هندستان ،جنهن کي خود وچ ايشيا تائين آسان رسائي گهرجي ، جو ڪابل ۾ اثر وڌايو ۽ ان جي اتحاد ۾ وچ ايشيا جي پوري دنيا سان جوڙڻ جا مختلف پراجيڪٽ متعارف ڪرايا.ان ڏس ۾ “نيو سلڪ روڊ ” منصوبو هو جنهن جو باضابطا اعلان 2011ع ۾ هيلري ڪلنٽن انڊيا ۾ ڪيو.اهو منصوبو سينٽرل ايشيا جي معيشت کي افغانستان ،پاڪستان ۽ ڀارت ۽ دنيا سان ڳنڍڻ جو معاشي منصوبو هو جيڪو اڄ ڏينهن تائين عمل ۾ نه اچي سگهيو.خود ترڪمنستان،افغانستان ،پاڪستان ،انڊيا (TAPI) گيس پائپلائن جو هلندڙ پراجيڪٽ اڃان اڌورو آهي ۽ رولڙي جو شڪار آهي.چوڻ جو مطلب ته آمريڪا پنهنجي 20 سالن جي افغانستان ۾ موجودگي باوجود يوريشين خطي کي پنهنجي لبرل آرڊر سان ڳنڍڻ ۾ ناڪام ويو.ان جو سبب طويل طالبان انسرجنسي هئي جنهن کي پاڪستان ۽ خود ٻيا پاڙيسري ملڪ پنهنجي مفادن ۽ آمريڪا کي ڊسٽرب رکڻ لاءِ استعمال ڪندا رهيا ۽ جنهن سبب افغانستان ۾ قائم آمريڪي نواز افغان حڪومت پنهنجا پير پختا نه ڪري سگهي. ٻيو ته يوريشين خطو تاريخي طور آمريڪا سان معاشي ،سياسي ۽ جاگريافيائي طور به جڙيل ناهي رهيو.
انهن ويهن سالن جي عرصي ۾ عالمي آرڊر ۾ به وڏيون تبديليون آيون ۽ سڀ کان وڏي تبديلي آمريڪي لبرل آرڊر جي ڪک مان چين جو اڀرڻ آهي جنهن جي ڪري اڄ عالمي آرڊر تي گهري نظر رکندڙ ماڻهو متفق آهي ته دنيا يونيپولرٽي مان “اسيمٽرڪ بائپولرٽي” (asymetric bipolarity) ۾ داخل ٿي چڪي آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته دنيا اڃان مڪمل طور ٻن طاقتن يا نظامن ۾ ورهايل ناهي پر موجود آمريڪي لبرل آرڊر جي ڪک مان سرمائيداري جو ٻيو مرڪز اڀري رهيو آهي جيڪو معاشي ، سياسي ۽ جيواسٽريجڪ طور ان لبرل آرڊر کي چيلنج ڏئي رهيو آهي ۽ آمريڪي استحڪام ڏيندڙ قوت کي ڪمزور ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اها آمريڪي عالمگيريت جي پاليسي هئي جنهن تحت 80ع واري ڏهاڪي ۾ چين کي عالمي معيشت ۾ انٽيگريٽ ڪيو ويو ۽ چين ان انٽيگريشن مان معاشي ترقي ماڻي نه صرف عالمي مينفڪچرنگ جو مرڪز ٿيو ۽ ٻين وڏي معيشت ٿي اڀريو آهي پر جاپان ۽ جرمني جي برعڪس (جن خود ٻين عالمي جنگ کانپوءِ آمريڪي مارشل پلان ۽ انٽيگريشن جي نتيجي ۾ معاشي ترقي ڪئي ) چين ان معاشي ترقي کي هاڻ عسڪري ۽ جيواسٽريجڪ ڦهلاءُ ۾ استعمال ڪري رهيو آهي. .2008ع واري عالمي معاشي بحران کانپوءِ چين کلي طور آمريڪي آرڊر کي چينلج ڪرڻ شروع ڪيو. 2012ع ۾ زي جنپنگ جي اچڻ کانپوءِ چين ”گوئنگ آئوٽ آف اسٽريٽجي“ تي ڪم ڪري رهيو آهي.ان جو هڪڙو محرڪ ته معاشي آهي.چين اندر خود هاڻ اضافي سرمائي جو بحران پيدا ٿي چڪو آهي .نتيجي ۾8 کرب ڊالرن تي مشتمل بيلٽ ۽ روڊ منصوبو (BRI)، جنهن جو ڪم يورپ،ايشيا ۽ آفريقا کي انفراسٽرڪچر ۽ اربنائزيشن جي وسيلي ڳنڍڻ آهي. بنيادي طور تي چين لاءِ مالياتي سرمايي، صنعتي جنسن ۽ انساني پورهئي جي صورت ۾ سرمايي جي اضافي ارتڪاز کي منافعي بخش گس ڏيڻ جو اهم ذريعو آهي.پر چين جي اها حڪمت عملي صرف ڪاروباري ناهي بلڪہ جيواسٽريٽجڪ ۽ عالمي اڳواڻي جي دعوا سان جڙيل آهي.ان پراجيڪٽ جي ذريعي چين ايشيا ، يورپ ۽ آفريقا جي اهم جڳهن تي نه صرف پنهنجي عسڪري موجودگي قائم ڪري رهيو آهي پر پنهنجو ترقي جو ماڊل متعارف ڪرائي ٽين دنيا جي ملڪن کي پنهنجي مالياتي ادارن ۽ سرمائي جي ڄار ۾ پڻ ڦاسائي رهيو آهي.هن وقت چين پنهنجي فوجي طاقت کي به جديد ٺاهيو آهي ۽ ان طاقت ذريعي پنهنجا ڀرپاسي وارا علائقا جهڙوڪ ڏکڻ چيني سمنڊ ،تائوان ، هانگ ڪانگ ۽ لداخ کي ”قومي نئين سر وحدت“ جي نالي ۾ پنهنجي ٽريٽري ۾ ضم ڪري رهيو آهي.ايئن چين ايشيا پيسيفڪ ۾ آمريڪي فوجي آرڪيٽيڪچر کي چيلنج ڪري رهيو آهي. هن وقت چين جي اهم ترين پيش رفت ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ آهي. چين گهڻي عرصي تائين صرف دنيا جي مينيوفيڪچرن جو مرڪز رهيو آهي جڏهن ته ٽيڪنالاجي جو مرڪز اولھہ رهيو آهي . چين جي صنعت ۾ روبوٽڪس، مصنوعي ذهانت ۽ ٻئي ٽيڪنالاجي جي کوٽ رهي آهي ۽ سستي انساني پورهئي تي گهڻو انحصار ڪندڙ آهي.چين جي مينيفڪچرنگ صنعت ۾ 60 سيڪڙو ٽيڪنالاجي، فني طريقا ۽ ڊزائن ٻاهران ايندا رهيا آهن. چين ”ميڊ ان چائنا 2025“ ۽ ”ڊجيٽل سلڪ رُوٽ(Digital Silk Route)“ جي نالي سان پراجيڪٽس تي ڪم رهيو آهي جنهن جو مقصد چين کي ٽيڪنالاجي جو مرڪز ٺاهڻ، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي کي جوڙڻ ۽ پنهنجي جديد ٽيڪنالاجي جو ڄار دنيا ۾ ڦهلائڻ آهي.چين هن وقت ڊجيٽل سلڪ رُوٽ ،جيڪو روڊ بيلٽ پراجيڪٽ جو حصو آهي، جي پراجيڪٽ تحت فائيوجي 5G انٽرنيٽ جو انفراسٽرڪچر دنيا ۾ ڦهلائي رهيو آهي جنهن سان اولھ کي اهو خطرو لاحق ٿيو آهي ته چين پنهنجو انٽرنيٽ نيٽورڪ ڦهلائي پنهنجي سيڪيورٽي سرشتو قائم ڪرڻ،ملڪن جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۽ چيني سختگير ماڊل دنيا ۾ لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو.

ان ئي چيني ڦهلاءُ جو تسلسل اسان کي يوريشين خطي ۾ نظر اچي ٿو ،جتي آمريڪا ويھہ سالن جي افغانستان ۾ موجودگي باوجود يوريشين خطي کي پنهنجي اثر ۾ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ، اتي چين نه صرف پاڪستان جي سامونڊي علائقن کي سيپيڪ جي ذريعي معاشي طور وچ اوڀر ۽ ٻي دنيا سان ڳنڍي رهيو آهي بلڪي روس جي مدد سان اڳوڻي سوويت رياستن کي به پنهنجي معاشي اثر ۾ آڻي ويو آهي. چين جو بيلٽ ۽ روڊ منصوبي جي روڊن جو وڏو حصو وچ ايشيا کان يورپ طرف وڃي ٿو جڏهن ته سامونڊي لنگهہ جي حساب سان پاڪستان ۽ ايران جا سامونڊي علائقا اهم آهن جيڪي چين کي وچ اوڀر ۽ باقي دنيا ڏانهن آسان رستو ڏين ٿا. هن وقت چين جو وچ ايشيا سان ڪاروبار پنجاھ ارب ڊالر کان مٿي آهي ۽ وچ ايشيا چين جي تيل ۽ گيس جي کپت جي جو ويھہ سيڪڙو کان به مٿي پورو ڪري ٿي.ان کان علاوه چين سينٽرل ايشيا جي انفرا اسٽرڪچر تي اربين ڊالر سيڙپ ڪري چڪو آهي جڏهن افغانستان مان نڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جو وچ ايشيا کي مالي مدد ڏيڻ جو سلسلو تمام گهٽ ٿي ويو آهي.چين جو يوريشين خطي ۾ اهو وڌندڙ معاشي اثر روس جي جيواسٽريجڪ اثر کي به وڌائي ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته وچ ايشيا ۾ روس جي اڄ به فوجي موجودگي چين جي انهن معاشي لنگهن کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ افغانستان اندر آمريڪا جي موجودگي ۽ پنهنجي فوجي طاقت ذريعي طالبان ۽ جھادين کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ مجموعي خطي جي اسٽيٽسڪو کي بحال رکڻ جو عمل ته چين کي فائدو ڏئي رهيو هو جيڪو آساني سان پنهنجي معاشي ڄار کي وڇائي رهيو آهي . بائيڊن جڏهن چئي ٿو ته افغانستان جو دفاع ۽ قومي تعمير افغانين جو ڪم آهي ته هو سادي لفظن ۾ هي چوڻ چاهي ٿو ”افغانستان جي گند کي کربين ڊالر خرچ ڪري اسان ضابطي ۾ رکون ۽ خطي جي استحڪام جو معاشي فائدو وري چين ۽ روس وٺي جيڪي چپ چاپ سان پوري يوريشين خطي کي پنهنجي اثر ۾ ڪري ويا آهن“
ڊسمبر 2017ع ۾ آمريڪا پهريون دفعو سرڪاري طور چين کي هڪ اهڙي اڀرندڙ قوت (Revisionist Power) قرار ڏنو آهي جيڪا پنهنجو معاشي ماڊل دنيا ۾ پکيڙي عالمي آرڊر کي پنهنجي مفادن تحت تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هند پسيفڪ خطي ۾ آمريڪي اڳواڻي کي ختم ڪري هڪ اهڙو خطو تشڪيل ڏيڻ چاهي ٿو جنهن جي اڳواڻي چين وٽ هجي. نيشنل سيڪيورٽي اسٽريٽجي جو اهو سرڪاري دستاويز 2017ع ۾ آمريڪي ڊيفينس ڊپارٽمينٽ شايع ڪري پهريون دفعو سرڪاري سطح تي چين کي آمريڪي آرڊر جو حريف قرار ڏنو . چين جي ان وڌندڙ خطري، آمريڪي آرڊر جي ڪمزوري ۽ آمريڪا جي اندروني سياسي معاشي بحران ،جيڪو ڪووڊ کانپوءِ سنگين ٿيو آهي ، سبب هاڻ آمريڪي جي واضح پاليسي آهي. هڪ ته سڀ کان گهڻو فوڪس پنهنجي اندروني معيشت ته ڏجي .ٻيو ته عالمي محاذ تي معاشي ،سفارتي ۽ جيواسٽريجڪ طريقن سان چين جي روڪٿام ڪجي.ٽيون ته انهن جنگن ۽ عسڪري تڪرارن کان ٻاهر نڪرجي جتان آمريڪا کي ڪو فائدو ناهي ۽ انهن تڪرارن کي پاڙي وارن جي منهن ۾ هڻي انهن خطن اندر آف شور بيلنسنگ _(offshore balancing) يعني ٻاهران کان پنهنجون حڪمت عمليون لاڳو ڪجن. اهو عمل صدر ٽرمپ جي دور کان شروع ٿي چڪو هو پر ٽرمپ ”آمريڪا فرسٽ“ جي قومپرستاڻي پاليسي سبب انهن عالمي محاذن ۽ ادارن تان به هٿ کڻي رهيو هو جيڪي آمريڪي هيجيمني لاءِ لازمي آهن جهڙوڪ نيٽو ۽ ٻيا عالمي ادارا. بائيڊن سرڪار مٿين پاليسي بابت بلڪل واضح آهي.
افغانستان مان آمريڪي فوجن جي غيرمشروط انخلا، آمريڪا پاران طالبانن کي پرامن طريقي اقتدار منتقل ڪرڻ واري حڪمت عملي ۽ خطي جي توازن ۽ اسٽيسٽڪو کي يڪدم تبديل ڪرڻ واري حڪمت عملي پويان اها مٿي ٻڌايل پاليسي آهي جنهن کي فائينشل ٽائمز جي هڪ آرٽيڪل هن عنوان سان بيان ڪيو “سلطنتن جو قبرستان هاڻ چين کي سڏي ٿو!” (Afghanistan : the graveyard of empires now calls China) آمريڪا جي ان حڪمت عملي کي مان ٽيڪٽيڪل ريٽريٽ سمجهان ٿو .آمريڪا ۽ اتحادين جي هاڻ اها ڀرپور ڪوشش هوندي ته طالبان ۽ پاڙيسرين جي تضاد کي وڌائجي ۽ افغانستان جي سرزمين تان ڦٽندڙ تشدد جي لهر پاڙيسرين خاص ڪري چين جي معاشي رستن کي ڊسٽرب ڪري.ان حوالي سان سڪيورٽي ڪائونسل جي اداري ايناليٽيڪل سپورٽ ۽ سينڪشنز مانيٽرنگ ٽيم جي افغانستان بابت ٻارهين رپورٽ ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿي جنهن ۾ ٻين شين سان گڏ مختلف جهادي گروپن جهڙوڪ ترڪستان اسلامڪ پارٽي ،جيڪا چين جي زنجيانگ ۾ جهاد ڪندي آهي ، ٽي ٽي پي ، جنهن جو ٽارگيٽ پاڪستان آهي ، داعش ، وچ ايشيا ۽ روس ۾ وڙهندڙ جهادي تنظيمن جي بابت ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي ريت اهي گروپ افغانستان ۾ طالبان جي مدد سان موجود آهن ۽ طالبان انهن کي پاڙيسري ملڪن خلاف بارگينگ ڪارڊ طور به استعمال ڪندو آهي. آمريڪا ۽ هندستان جي ڪوشش انهن گروپن کي استعمال ڪرڻ هوندي جنهن جو عملي اظهار پاڪستان ۾ داسو جهڙن واقعن ۾ ٿي چڪو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ چين ، پاڪستان، ايران ۽ وچ ايشيا جا ملڪ آمريڪا جي نڪرڻ کان پوءِ بيچيني جو شڪار آهن. هڪڙي پاسي اهي ملڪ طالبان سان ڳالهيون ڪري پنهنجي مدد آڇڻ سان گڏ اهي شرط به رکي رهيا آهن ته طالبان اهڙن جهادي گروپن کي پاڙيسرين خلاف استعمال نه ڪندو جيئن ڪجهہ ڏينهن اڳ چين ۾ طالبان نمائيندن کي چين اهو واضح ڪيو ته هو ترڪستان اسلامڪ پارٽي کي پنهنجي صفن مان ڪڍن. پاڪستان جي پاور ڪاريڊور ۾ به ساڳي صورتحال آهي جتي هڪڙي اسٽبلشمنٽ جي انتهاپسند ونگ جا نمائنده ته جشن ملهائي رهيا آهن ۽ هن وقت انهن جو اثر به وڌندو پر ٻئي پاسي عسڪري قيادت نه صرف افغانستان جي بارڊر کي بند ڪري ڇڏيو آهي پر ان ۾ هڪ بيچيني واري ڪيفيت آهي جتي چين سان سهڪار جي ڪري پهريان کان موجود عالمي دٻاءَ جي پسمنظر ۾ نه مڪمل طالبان جي حمايت ڪري رهي آهي نه مڪمل مخالفت.ان کي اهو خطرو محسوس ٿي رهيو آهي ته هاڻ افغان سرزمين پاڪستان خلاف وڌيڪ استعمال به ٿيندي ۽ خود ملڪ اندر انتهاپسندي هڪ وڌيڪ خطرو ٿي اڀرندي.ان سان گڏ هاڻ آمريڪا جي به پاڪستان جي سهڪار جي ضرورت مڪمل ختم ٿي چڪي آهي
طالبان ته هن وقت سڀني عالمي ۽ ريجنل طاقتن سان ڳالهائي ۽ سڀني جي مفادن جي تحفظ جو يقين ڏياري وڏي سفارتي مهارت سان اقتدار وٺي ويا آهن پر مستقبل قريب جو افغانستان ٻيهر هڪ بفر زون هوندو جتي طاقتون پنهنجا مهرا استعمال ڪنديون ۽ هن دفعي پاڙيسري ۽ خاص ڪري چين هوندو جنهن کي اهو گند صاف ڪرڻ لاءِ افغان ڄار سان انگيج ٿيڻو پوندو.ان ڪري ساڳي برزينسڪي ڪجهہ عرصو اڳ هڪ ٻيو ڪتاب “اسٽريجڪ وزن ؛آمريڪا ۽ ڪرائسز آف گلوبل پاور” لکيو آهي ۽ ان ۾ واضح ڪيو اٿئين ته آمريڪا پنهنجي اڪيلي سلطنت کي ڊيگهہ ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آهي ۽ هي دور لبرل آرڊر ۽ استحڪام ڏيندڙ قوت (Global stabilizing force) جي پوئتي هٽڻ جو دور آهي پر جيڪڏهن آمريڪا ان مان ٻاهر نه نڪري سگهيو ته 2025ع کان پوءِ وري دنيا چيني يا ايشيائي دنيا نه پر ڀڃ ڊاھ وري دنيا هوندي.آمريڪا جو افغانستان ۽ خطي مان پوئتي هٽڻ شايد ان ڀڃ ڊاھ ۽ انتشار جي شروعات آهي جيڪا اسان جي خطي کان ٿي رهي آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close