مختلف پيچرن تان ٿيندا اسان ٻگهاڻ، کاروڇاڻ روڊ کان ڍانڍي شهر پهتاسين. هتي ڪنهن دور ۾ ڍنڍ هوندي هئي، جيڪا هاڻي موجود نه آهي.ان ڍنڍ جي ڪري هي علائقو ”ڍانڍو“ طور مشهور ٿيو. ٽيهه سال اڳ جڏهن ڍانڍو ۽ ”سڄڻ واري“ ۾ منهنجي سئوٽن ۽ ڀاڻيجن جا ”گلاب“ ۽ ”پان“ جا فارم هوندا هئا ته، هتي زندگي هئي. ڪيلن ۽ پپيتن جا باغ هئا. هاڻي هر پاسي ويراني هئي. وڏن شاهي وڻن جي جاءِ تي ديوي جهڙو بي فيض وڻ هو. ڍانڍو کان اسان اتر اوڀر پاسي ڳوٺ غلام حيدر شاهه پهتاسين، جتي اسان شاهه حسين تقوي جا مهمان هئاسين.اتي اسان جي مانَ ۾ پلي جي دعوت رکيل هئي. اهي سائين خدا ڏنو شاهه جا مائٽ آهن. درگاهه شاهه حسن، پورٽ قاسم جا گادي نشين پڻ آهن. هي ڳوٺ ديهه ٻيٽ ميهار ۾ آهي. يونين ڪائونسل به ٻيٽ ميهار آهي. ”سڄڻ واري“ به هن يونين ڪائونسل ۾ آهي. دوستن سان ڪچهري ٿي. پوري ڊيلٽا جا سور ساڳيا هئا. پاڻيءَ بابت ٻڌايو ويو ته، ٽن مهينن کانپوءِ، هفتو کن اڳ آيو آهي. هنن ماڻهن جي زندگيءَ مان ڄڻ مٺو پاڻي نڪري ويو آهي، ۽سندن زندگين جا پساهه کاري پاڻيءَ سان جُڙي ويا آهن. سنڌوءَ ۽ سنڌوءَ جي ڦاٽن ۾ جڏهن لڙاٽيل پاڻي ايندو آهي ته، اها خوشي انهن لاءِ عيد کان گهٽ نه هوندي آهي. حڪمرانن جي غلط رٿابنديءَ کي به قبول ڪري هي خاموش رهن ٿا.
”پلي“ جي شاندار دعوت دوران ميزبانن ٻڌايو ته، اڳ ۾”پلو“ ملاحن جو روزگار هو، هاڻي ”پلي“ جي شڪار تي وڏيرن ۽ ٻين بااثر ماڻهن جو قبضو آهي.
”پلو“ کائڻ به هڪ هنر آهي. اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. تاريخ ۾ ڪٿي پڙهيو هوم ته، ”سونڊا“ ۾ سلطان محمود تغلق لاءِ مشهور آهي ته، ملاحن هن کي پلو کارايو هو. پلي جو ڪنڊو نڙيءَ ۾ ڦاسڻ ڪري هو سونڊا ۾ مري ويو. اها ڳالهه ياد ڪري مون به کائڻ مهل گهڻو احتياط ڪيو هو.
شاهه حسين ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي ڍانڍو جي ويران بازار مان گذري اسان ڍانڍو پتڻ تي آياسين، جتي حيدر شاهه جو دوست منور بلوچ ۽ چاچي عيسيٰ ڪاتيار کي جڏهن خبر پئي ته هو پنهنجي ڳوٺ، حاجي يوسف ڪاتيار آٿرڪيءَ مان مونسان ملڻ آيو. چاچي عيسيٰ منهنجو ڪتاب ”سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ“ پڙهيو هو ۽ جڏهن چاچي عيسيٰ ان ڪتاب کي پسند ڪرڻ جو انعام منهنجا هٿ ”چمي“ مون کي ڏنو هئو، ته سچ پڇو سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جي سفر جا سڀ ٿڪ لهي ويا هئا. چاچي عيسيٰ ۽ منور بلوچ گهڻو زور ڀريو ته، کاروڇاڻ ۽ سوکي بندر هلي رات رهون. اسان کين چيو ته جلد، جڏهن ٻيٽن جو وري سفر شروع ڪنداسين ته، هڪ نه پر ٻه راتيون رهنداسين.
ڍانڍي وارو پتڻ به ڍانڍي وانگر اُجڙي چڪو هو. هڪ هوڙو هتي بيٺل هو، جنهن ۾ سامان رکيل هو. قديم زماني کان وٺي هاڻوڪي دور تائين مختلف ڦاٽن، درياهي وهڪرن ۽ ڍنڍن ۾ پتڻ هئا ۽ اڄ به آهن، انهن پتڻن تان ماڻهو مال ۽ سامان ٻئي پار کڻي ويندا هئا. مسافرن لاءِ به اها ئي سواري هوندي هئي. جهرڪن وارو پتڻ، سوکي پتڻ، سجاول لڳ درياهه تي جهاز تان ماڇين وارو پتڻ، کاروڇاڻ پتڻ، اوچتي درياهه وارا پتڻ ۽ ٻيا مشهور هئا.
سنڌو درياهه آڳاٽن وقتن ۾ ننڍن ننڍن ڦاٽن ۽ واهن مان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جنهن جي لٽ جي ڪري ڪيترائي ٻيٽ ٺهيا ۽ ڊيلٽا وجود ۾ آيو. انهن شاخن تي هر دور ۾ ماڻهن پنهنجا نالا رکيا آهن. هر ڦاٽ تي مختلف هنڌن تي مختلف نالا آهن. پراڻا نالا هاڻي ملن ئي نٿا.
سنڌو درياهه صدين کان آزاد، بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي مٿان کان هيٺ، آهستي آهستي سرڪندو پنهنجو رُخ تبديل ڪندو رهيو آهي. انهيءَ تبديلي ڪري گهڻا علائقا ۽ بندر ويران ٿي ويا ۽ گهڻا نوان علائقا آباد ٿيا، پر جڏهن سنڌوءَ کي ڊيمن وسيلي قيد ڪيو ويو ته، ڦاٽن ۾ پاڻي اچڻ بند ٿي ويو، جنهن ڪري پورو ڊيلٽا کارين ۾ تبديل ٿي ويو.
اسان ڍانڍو پتڻ تي دوستن کان موڪلائي ڳوٺ حاجي علي بخش مرگهر لاءِ روانا ٿياسين، جتي تاريخ جو ڄاڻو ۽ ادب دوست ماڻهو، عبدالله مرگهر اسان جي انتظار ۾ هو. ڍانڍو کانپوءِ کاٻي هٿ تي ”سڄڻ واري“ آهي.انجي ڏکڻ پاسي ڦاٽ وهي کاروڇاڻ جي اوڀر پاسي ڦري وڃي ٿو. سوکي بندر سنهڙي ۽ ميرواهه (پراڻي نقشي ۾ اهو نالو ”ميريواري“ لکيل آهي) جي وچ ۾ هوندو هو. سوکيءَ جي اولهه ۾ ”گابار“ ڦاٽ آهي. ڪنهن دور ۾ هتي ڪسٽم آفيس به هئي. سوکيءَ جو تفصيلي ذڪر ٻئي ڀيري.
ديهه ڍولو شولاڻيءَ جي، ڳوٺ حاجي علي بخش مرگهر ۾ عبدالله مرگهر، حاجي احمد مرگهر ۽ ڳوٺ جي نوجوانن اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. عبدالله مرگهر ٻڌايو ته، سائين انور پيرزادو به سائين خدا ڏني شاهه سان هتي آيو هو. عبدالله مرگهر ۽ حاجي احمد مرگهر سان سنڌ جي ڊيلٽا، ڦاٽن، ڇڇن ۽ کارين تي ڪچهري ٿي. پوري ڊيلٽا جا سور ساڳيا هئا. هي ڳوٺ يونين ڪائونسل، ٻيٽ ميهار (ديهه ڍولو شولاڻي) ۾ آهي. ديهه ڍولو شولاڻي جن ديهن سان لڳي ٿو، انهن ۾ ديهه جهالو، ديهه پير ڪجرو، ديهه ٻاٻيهو، مورڇڏائي، ديهه ميريواري ۽ ديهه ٻيٽ ميهار آهن. مور ڇڏاڻي ديهه ”مور شولاڻي“ جي نالي سان آهي. هتي مور شولاڻي ڪاٺ لڳل وهٽن کي چورن کان ڇڏايو هو ته، علائقو ”مور ڇڏاڻي“ مشهور ٿيو، انڊو واهه به ڍولو شولاڻي مان گذري ٿو. هن علائقي ۾ شاهي وڻ هئا، جن جي واڍيءَ جو ڪم جاري آهي. آباد تڙن ۽ پتڻن جي جاءِ تي هاڻي ڪوئلي جون کوريون هيون.
نئين ضلعي سجاول ٺهڻ کانپوءِ کاروڇاڻ،کي تعلقي سجاول ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ کاروڇاڻ شهر ضلعي ٺٽي ۾ آهي.
ڊيلٽا واري علائقي جي هن سفر ۾ ماهيگيرن جي اڳواڻ محمد علي شاهه جي وڇوڙي جو ڏک اسان هر جاءِ تي محسوس ڪيو.
هي علائقا مٺي پاڻيءَ جي ڪري آباد هئا. مٺي پاڻيءَ جي نه اچڻ ڪري زمينون تباهه ٿي رهيون آهن. سمنڊ لڳاتاراڳتي وڌي رهيو آهي ۽ زمينون ڳڙڪائي رهي آهي. ماڻهو پنهنجا گهرگهاٽ ڇڏي سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن.
ڊيلٽا پنهنجي هڪ جدا ڪلچر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مٺي لهجي سبب مشهور آهي. هتي ڦاٽن، ڇڇن ۽ ڍنڍن ڪناري هڪ دنيا آباد هئي، جنهن جي پنهنجي تهذيب ۽ زندگي هئي. اڄ هي علائقو ڪربلا جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. اچو ته سڀ گڏجي سنڌ جي هن خوبصورت تهذيب کي بچايون.
(پورو ٿيو)
نوٽ: گل حسن ڪلمتي جو ھي مضمون (ٻين قسط) آچر 12 سيپٽمبر 2021 تي ڪاوش دنيا ۾ ڇپيو ھو، ڪاوش دنيا ۽ ڪاوش اخبار جي ٿورن سان ھتي شايع ڪيو ويو. پھرين قسط هن لنڪ تي پڙهي سگهو ٿا
_________________